Sunday, October 16, 2022

پڙاڏو سو ئي سڏ - محبوب سنڌي

پڙاڏو سو ئي سڏ!

محبوب سنڌي



“مردم ولايت سند... هر گز شبي از ترس ميرزا محمد باقي بفراغت نرفه بود...”

ترخان نامي: جو منصف لکي ٿو ته؛ ”سنڌ جا ماڻهو مرزا باقيءَ جي دور ۾ هڪڙي رات به سک سان نه ستا”... جئين ئي ارغوني دوُر جي بربريت پڇاڙي ڏانهن ڌڪجڻ لڳي ته ترخاني دوُر جي شروعات ئي مرزا باقي جي ظلم جي انتها سان ٿئي ٿي. جنهن جي اونداهي تاريخ الائي ته ڪيترن ئي سنڌي جوڌن، جوانن، ٻاگهلن ۽ عالمن، اديبن جي بيگناھ رت سان لکيل ملي ٿي. هيءُ هڪ اهڙو غلامي وارو دوُر هو، جيڪو ڄام نظام الدين سمون جي وفات کان پوءِ ستت ئي ڄام فيروز جي نااهل پاليسن جي ڪري سنڌي ماڻهن کي ڏسڻو پيو. سراج جي اها هڪ وڏي وٿ آهي، جو هن ارغوني، ترخاني دور کان پوءِ مغلن جي شروعاتي دور تائين رهزني جي کوڙ سارن منظرن جي عڪاسي سان گڏ سنڌ جي دلير پٽن جو پاڻ ملهائڻ وارن انيڪ مثالن کي پڻ پنهنجي هن ناول “پڙاڏو سو ئي سڏ” جي ڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي. سراج جو هيءُ ناول سنڌ جي ڪلاسيڪل ناولن ۾ پنهنجي هڪ جداگانه اهميت رکي ٿو.


هن ناول جي مهاڳ ۾ ناليوارو عظيم ڪهاڻيڪار جمال ابڙو لکي ٿو ته، “سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جو دوُر اونداهو ۽ بربريت جو دوُر هو، حالانڪ هو مسمان هئا، هنن به اسلام جو حربو استعمال ڪيو هو، سنڌ تي جڏهن سنڌ جي ماڻھن جي حڪومت هئي، تڏهن ارغونن طرفان پهريائين مذهبي عالم تبليغ لاءِ روانا ڪيا ويا، جن اهو نعرو ڏنو ته مسلمان سڀ ڀائر آهن ڪو به قنڌاري ۽ سنڌي ناهي(ص ۱۳)

ناول جا واقعا ارغونن ۽ ترخانن جي طرح طرح جي ظلمن ۽ ستمن سان ڀريل ملن ٿا، جيڪي انسانيت کي لڄائي ڇڏين ٿا، جن کي ڏسندي موت جي سزا به معمولي لڳي ٿي، ناول جي ڪک ۾ سنڌي ماڻهن سان پيش آيل هيءُ واقعو ارغونن ۽ ترخانن جي رهزني کي هن ريت وائکو ڪري ٿو ته فارسي مدرسن ۾ نه پڙهائڻ تي عالمن توڙي شاگردن جو زبانون ڪٽيون ويو ۽ کين ڦاهيون ڏنيون ويون.

”جڏهن ڦاهي تيار ٿي وئي، تڏهن امير خان، آخوند صالح جي اڳيان اچي بيهي رهيو، ۽ چيائين آخوند توکي ماريندي مونکي خوشي ڪانه ٿي ٿئي، اڃان به مڙي وڃ، پنهنجي مدرسي ۾ قنڌاري مولوين هٿان فارسي پڙهائڻ جو رضانامو لکي ڏي ته توکي ڇڏي ڏيندس، نه ته..“ (ص ۹۴)

آخوند صالح جو ڦاهيءَ کي قبولڻ، شاگردن جو پنهنجون زبانون ڪٽائڻ، سنڌيت جي عشق جو اسرار آهن، جن پنهنجي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ سر جو سانگو به لاهي ڇڏيو، اهڙي سنڌين جي سرهائي هن ناول جي واقعن سان ڀريل ملي ٿي جنهن مان حب الوطني جو هڳاءُ ملي ٿو، هن ناول جا مک ڪردارَ سوڍل، سنگھار ۽ دادن پرتوو آهن، ڌرتي جي انهن دلير، جوڌن جو جن جوانن وٽ اهميت جو اهڃاڻ صرف پنهنجي ڌرتيءَ کان سواءِ ڪجھ ناهي، جنهن طرح سان ناول اندر ڪردارنگاريءَ سان نڀايو ويو آهي، اها سراج جي فن جي عظيم ڪاريگري آهي، جو ڪردارن جو جڙيل تسلسل ڪٿي به ڪهاڻيءَ کان پري يا منجهيل نه ٿو لڳي، بلڪي هر ڪردار پنهنجي وطن جو عاشق لڳو بيٺو آهي، جيئن پاڻ هڪ ننڍڙي ڪردار روپي تي نظر وجهون ٿا ته خبر پوي ٿي هو به وطن مٿان سر ڏئي سرهو ٿو ٿئي.

”مون چيو ڪو نه ٿي ته منهنجي مٺائي کائيندڙ کڻي ارغون هجي يا ترخان تڏهن به منجهس ماڻهپو موٽي ايندو، روپي ماءُ ڏس ته سهي ته ڪهڙيون سوکڙيون مليون آهن، روپي ماءُ صندل وٽ اچي وڏي ڊاڪون جو پڙ مٿي کنيو، ۽ پوءِ هڪ دل ڏاريندڙ ڪيڪ ڪري اتي ئي ڏندڻجي ڪري پئي، روپي جي پيءُ ۽ سنگھار به ڏٺو، روپي جي وڍيل سِسي سڌي سنئين، ڍاڪونءَ جي پڙ تان انهن ڏانهن نهاري رهي هئي“ (ص ۴۳)

هڪ ننڍڙي ڪردار ۾ سنڌيت جو عشق ڦوڪي سراج، پنهنجي شاھ ڪاريگريءَ جا جوهر ڏيکاري سگهي ٿو ته ناول جي مک ڪردارن سان ته هيءُ خوب نڀائڻ ڄاڻي ٿو، انهيءَ ڪري هيءُ ناول، پلاٽ، ڪردارن، منظر نگاري کان ويندي ٻولي جي اعليٰ مهارت، لاڀائتي مقصديت جو به هڪ بهترين نمونو آهي، جيڪو فني ۽ فڪري لحاظ کان ٻه تمام مٿاهون بيٺل آهي، يا ڏسجي ته حافظ آخوند جي مدرسي ٻاهران هڪ پوڙهي سنڌي سان ليکڪ ڪيڏي نه شجاعت دليريءَ سان ڳالهايو آهي ته جيڪو ترخانن جي سپاهين کان ڊنل هرگز نه ٿو اچي. ”چڱو هاڻ در کول.. امير خان خفي ٿيندي چيو.“ هيءَ مدرسو آهي، علم جو گهر، هن ۾ هٿيار پھري اچڻ ڪبيرو گناھ آهي، ۽ هنن سپاهين جو وري علم سان ڪهڙو واسطو، هيءُ دروازو دين جي عالم سڳورن لاءِ بيشڪ کلندو، پر هن سپاهين لاءِ هر گز نه کلندو (ص ۹۰)“ ان پوڙهي شخص جيان هن ناول ۾ ڌارين لاءِ جوڌن جو ڌڌڪارون ۽ للڪارون به ملن ٿيو ته طرح طرح جون قربانيون به جيئن جئين جانڻ جي ڳوٺ واري قصي کي ڏسون فصل ۾ لاڀارا پيا پون، مٿان امير ڪوڪلتاش ارغون جا سپاهي اچي چون ٿا ”هي زمين امير ڪوڪلتاش جي جاگير آهي سو پيدائش مان اڌ اُن جو آهي(ص ۸۵) “ ڳوٺ جا پوڙها مڙس انهن جي اهڙي ڳالھ تي راضي ٿين ٿا پر نوجوانن جو جذبو هن ريت ڏسي سگهجي ٿو ”بابا اسان جي جيئري جي ترخان اَنُ کڻي وڃڻ ته اهڙي حياتي تي حيف آهي(ص ۸۵)“ پوءِ نوجوان عمر ۽ ٻين ڳوٺاڻن ترخانن جي سپاهين جا ڪنڌ ڪهاڙين وڊهي رکيا. جتي ناول ۾ سنڌي ماڻهن جي دليري جي انتها ملي ٿي اتي پڻ قربانين ڏيڻ کان ڪين نه ڪيٻائيندي نظر اچن ٿا ايتري قدر جو مرزا باقي جي درٻار ۾ سنڌي ماڻهن جي جيئري کل لاهڻ جا منظر دل ڏاڙيندڙ آهن پر همت جذبو اهو آهي ته ته انهن جي زبان مان اُف به ٿي ڪري، شاگرد پنهنجي زبانن کي ڄڀن سان ڪپائڻ پسند ڪن ٿا پر فارسي پڙهڻ کان انڪاري لڳا بيٺا آهن، دادن جي بهادري کي ڏسندي جڏهن هڪ مغلن جو سپھ سالار مجاهد خان پنهنجي ڌيءُ زيبا جو سڱ ڏيڻ لاءَ راضپو ٿو ڏيکاري، محبت جو من ۾ مچ ٻرندي ٻه اهو جواب ٿو ڏئي ته منهنجي سنڌ ترخانن وٽ جڪڙيل آهي جيستائين آجي نه ٿي ٿئي مان شادي نه ٿو ڪري سگهان، هيءُ حب الوطني جي ڇڪ آهي، جنهن سان ناول جي سٽ سٽ کي سراج امر ڪري ڇڏيو آهي، هيءُ سنڌ جو عظيم ليکڪ آهي، جنهن جي هن لکڻي جو محور ڌرتي ڌڻين جي آجپي سان سلهاڙيل آهي، ٺٽي جي هر ڳلي سنڌين جي بيگناهن رت سان رنڱيل ڏسي هو لڇيو آهي، سنڌي ناڻين کي ايذايو ويو، اهو درد سراج جي سيني ۾ ان سنڌ کي خوشحال ڏسڻ لاءِ هن سوڍل جي ڪردار ۾ ساھ ڦوڪي دولھ درياھ خان ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن جي جرئت، همت ۽ بهادري کان ارغونن، ترخانن يا پوءِ آيل مغلن جو ذنل نظر اچن ٿا ۽ آخرڪار هي سوڍو سيستان جي قلعي تي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سان وڙهندي ساٿين سميت شهيد ٿي هميشه لاءِ سرخرو ۽ زندھ ٿي پوي ٿو، ٽئين سنگھار ٻه پنهنجي رنگين طبعت جو مالڪ هوندي به مٽيءَ جو مانُ ملهائيندي ترخان امير خان هٿان پنهنجي اکين جو نور به کسرائي ويهي ٿو، پر آخر تائين سوڍل سان ساٿ ۾ رهي ٿو.

جنگي حالتن ۾ به سنڌي ماڻهن وٽ عورت جو احترام رهيو آهي، جڏهن انسان کي سڀ کان وڏو دشمن سامهون ۽ مارڻ ۾ سولو اچي وڃي ته هو دير نه ڪندو، ڀلي حالات ڪهڙا به هجن پر سنگھار وٽان ليکڪ عورت جو احترام ڏيکاري سنڌ جي ثقافت جو مانُ مٿاهون هن ريت ڪيو آهي. ”پوءِ هو آهستي آهستي رسيءَ جي ذريعي هيٺ لهڻ لڳو، هيٺ پھچڻ تي هن جيڪي ڪجھ ڏٺو، ان لاءِ هو بلڪل تيار نه هو، اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي هن قاتل تي حملو ڪرڻ به هن کي ڪانئرتا نظر آئي“ (ص ۱۳۱)

هر لحاظ کان سراج جو هي ناول هڪ ڪامياب ناول آهي، جيڪو سنڌ جي مهانتا کي ظاهر ڪري ٿو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۶ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment