Tuesday, November 1, 2022

سُکَ وندي - غلام عباس - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سُکَ وندي

(ريخته ڪھاڻي - سال ۱۹۴۰ع)

غلام عباس

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ميونسپل وارن جو اجلاس وڏي اوج تي ھيو. ھال ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ نه ھئي. وري معمول جي خلاف، ھڪ ميمبر به غير حاضر نه ھيو. ميونسپل جو بحث ھيٺ مسئلو ھيءُ ھيو ته بازاري عورتن کي شھر مان تڙي ڪڍجي، ڇو جو انھن جو وجود، انسانيت، شرافت ۽ تھذيب جي دامن تي ھڪڙو بدنما چُٽو آھي.

ميونسپل جو ھڪڙو وزنائتو ميمبر، جيڪو ملڪ ۽ قوم جو سچو خيرخواھ ۽ دردمند سمجھيو ويندو ھيو، ڏاڍي فصيح تقرير ڪري رھيو ھيو.



”ٻيو وري منھنجا سائين اوھان ايڏانھن به ڌيان ڏيو ته انھن جي رھائش، شھر جي اھڙي حصي ۾ آھي، جيڪو نه صرف شھر جي وچئون وچ عام وڏي واٽ آھي بلڪ شھر جو سڀ کان وڏو تجارتي مرڪز پڻ آھي. جنھنڪري ھر شريف ماڻھوءَ کي، نه چاھيندي به، اتئون ئي لنگھڻو ٿو پوي. ان کان علاوھ اشراف خاندانن جي پاڪدامن نياڻين سياڻين کي، ان بازار جي تجارتي اھميت سببئون، اتي اچڻ ۽ اتئون سودو سلف وٺڻ کان سواءِ ٻي واھ ئي ناھي. منھنجا سائين اھي عزتدار ۽ ست سيل واريون، اڌ اگھاڙين وئيشائن جي ٺاھ ٺوھ کي پڻ ڏسن ٿيون ته قدرتي طور تي سندن دل ۾ به ھار سينگار ۽ دلڪشيءَ جا اڻ ڄاتل جذبا ۽ اميدون ڪَرُ کڻن ٿيون. پوءِ اھي پنھنجي مسڪين مڙسن کان ڀانت ڀانت جي پائوڊرن، سرخين، زريءَ تي چمڪندڙ ساڙھين ۽ قيمتي زيورن جون فرمائشون ڪرڻ ٿيون لڳن. نتيجو اھو ٿو نڪري جو سندن خوشين ڀريو آکيرو، سندن سڪون وارو آکاڙو سدا لاءِ جھنم جو نمونو ٿيو وڃي.“

”ٻيو ته منھنجا سائين پوءِ اوھان اھو به ڌيان ڌريو ته اسان جي قوم جا ننڍڙا ٻچڙا جيڪي درسگاھن ۾ علم پيا پرائين ۽ سندن اڳتي جي ترقين ۾ قوم جون اميدون واڳيل آھن ۽ گمان آھي ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن قوم جي ٻيڙي کي ڪُنَ مان ڪڍڻ جو سھرو سندن سر تي سَجندو، انھن کي به صبح شام، انھيءَ بازار منجھئون اچڻو وڃڻو ٿو پوي. اھي ڪسبياڻيون ھر وقت سورھن سينگار ڪيو، سندن رستي تي پنھنجن اڻ ڍڪيل نيڻن ۽ پنبڻين جا تير، ترارون ۽ نيزا، مٿن وسائينديون ۽ کين حسن جي دعوت ڏينديون ٿيون رھن. ڇا کين ڏسي، اسان جا ٻالا ڀولا، اڻ آزمادگار، جوانيءَ جي نشي ۾ ڌُت، نفعي نقصان کان بي پرواھ، قوم جا ٻچڙا پنھنجي جذبن، خيالن ۽ اعليٰ سيرت کي گناھ جي قاتل اثرن کان محفوظ رکي سگھندا؟ دوستو! ڇا انھن جو حسن، جيڪو زاھدن کي به راھئون رلائي ڇڏي، اسان جي قوم جي ٻچڙن کي سڌي راھ تان ھٽائي، سندن دلين ۾ گناھن جي پر اسرار لذتن جي اڃ پيدا ڪري ھڪ بيچيني، ھڪ بيقراري، ھڪڙو ھيجان پيدا نه ڪري ڇڏيندو ھوندو.“

انھيءَ موقعي تي ھڪڙي بلدياتي ميمبر، جيڪو ڪنھن زماني ۾ استاد رھي چڪو ھيو ۽ انگن اکرن سان وڏي دلچسپي رکندو ھيو، تنھن چئي ڏنو؛

”دوستو! اھا به خبر ھجيوَ ته امتحانن ۾ ناپاس ٿيڻ وارن شاگردن جو پوين پنجن سالن ڀيٽ ۾ ڏيڍوڻو ٿي ويو آھي.“

ھڪڙو ميمبر، جنھن کي چشمو چڙھيل ھيو ۽ ھفتي وار اخبار جو اعزازي ايڊيٽر ھيو، تقرير ڪندي چيو؛ ”سائين منھنجا! اسان جي شھر مان ڏينھون ڏينھن غيرت، شرافت، مردانگي، نيڪوڪاري ۽ پرھيزگاري وڃي ٿي کڄندي ۽ ان جي جاءِ تي بي غيرتي، نامردي، بزدلي، بدمعاشي، چوري ۽ ٺڳي ٺوڙي وڃي ٿي وڌندي. منشيات جو واھپو وڌي ويو آھي. خونريزي ۽ ڌاڙا ڦريون، خودڪشي ۽ ڏيوالي نڪرڻ جون وارداتون وڌنديون ٿيون وڃن. ان جو سبب، فقط انھن بازاري عورتن جو پليد وجود آھي. ڇو جو اسان جا ٻالا ڀولا شھري، انھن جي ونگيندڙ زلفن جا اسير ٿي، ھوش ۽ سمجھ وڃائي ٿا ويھن ۽ انھن جي محل سرا تائين پھچڻ جي گھڻي کان گھڻي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ ھر جائز ۽ ناجائز طريقي سان زر حاصل ڪن ٿا. ڪڏھن ڪڏھن ته اھي انھيءَ ڪوشش ۾، ماڻھپي کان ئي ٻاھر نڪري ٿا وڃن ۽ ڪڌا ڪرتوت ڪري بيھي ٿا رھن. پوءِ نتيجو اھو ٿو نڪري ته اھي پنھنجي پياري جان تان ھٿ ڌوئي ٿا ويھن يا چاوڙين ۾ پيا سڙندا ٿا رھن.“

ھڪڙو پينشن تي لٿل وڏي عمر وارو ميمبر، جيڪو عيالدار ھئڻ سان گڏ دنيا جون گرميون سرديون ڏسيو ويٺو ھيو ۽ ھاڻ حياتيءَ جي ڪشمڪش کان ٿڪجي باقي عمر، آرام ڪرڻ ۽ پنھنجي اھل عيال کي پنھنجي ڇپر ڇانءَ ھيٺ پلجندو ڏسڻ جو تمنائي ھيو، سو تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو.. سندس آواز ۾ ڏڪڻي ھئي ۽ لھجي جو انداز فريادين وارو ھيس. چيائين؛ ”دوستو! سڄي سڄي رات انھن ماڻھن جي طبلن جي وڄت، انھن جا ھوڪريا، سندن عاشقن جي ويڙھاند، گاريون گند، شور شرابو، ھا ھا ھا، ھو ھو ھو، ٻڌي ٻڌي اوسي پاسي ۾ رھڻ وارن شريفن جا ڪن ئي پچي پيا آھن. رات جي ننڊ حرام ته ڏينھن جو سڪون برباد آ. ان کان علاوھ سندن ويجھڙائپ سبب، اسان جي نياڻين سياڻين جي اخلاق تي جيڪو اثر پوي ٿو، تنھن جو اندازو ھر ٻچڙيوال پاڻ ڪري سگھي ٿو.“ آخري جملو چوندي، سندس آواز گھوگھرجي ويو ۽ ان کان اڳتي ڪجھ ڳالھائي ئي نه سگھيو. بلديا جي مڙني ميمبرن کي ساڻس ھمدردي ھئي، ڇو جو بدقسمتيءَ سان سندس گھر ان بازارِ حسن جي بلڪل وچ تي ٺھيل ھيو. کانئس پوءِ ٻيو بلدياتي ميمبر، جيڪو جھوني تھذيب جو علمبردار ھيو ۽ قديم آثارن کي ٻچڙن کان وڌيڪ پيارو سمجھندو ھيو، تنھن تقرير ڪندي چيو؛

”سائين منھنجا! ٻاھرئون جيڪي سياح ۽ اسان جا دوست دڙا ھن مشھور تاريخي شھر کي ڏسڻ لاءِ ايندا آھن. جڏھن اھي ھن بازار منجھئون گذرندا آھن ۽ ان متعلق پڇا ڪندا آھن ته يقين ڪيو ته اسان جي مٿئون مَٽَ پاڻين جا پُريٽجي ويندا آھن.“

ھاڻ بلديا جو صدر، تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو. ڀلي قد ھلڪو ھيس ۽ ھٿ پير ننڍڙا ھيس، مگر مٿو وڏو ھيس. جنھن جي ڪري بردبار ماڻھو پئي لڳو. لھجي ۾ حد کان وڌيڪ ٿڌائپ ھيس. چيائين؛ ”منھنجا سائين! مان ان ڳالھ ۾ اوھان سان بلڪل متفق آھيان ته ان طبقي جو وجود اسان جي شھر ۽ اسان جي تھذيب ۽ رھڻي ڪھڻيءَ جي لاءِ سؤ ڀيرا شرمساريءَ جو سبب آھي. ليڪن ڏکيائي اھا آھي ته ان جو تدارڪ ڪيئن ڪجي. اگر انھن ماڻھن کي مجبور ڪجي ته اھي پنھنجو نيچ پيشو ڇڏين ته سوال ٿو پئدا ٿئي ته اھي ماڻھو کائيندا ڪٿان؟“

ھڪڙي ھمراھ چئي ڏنو؛ ”اھي عورتون، پرڻا ڇو نه ٿيون ڪن؟“

ان تي ھڪڙو وڏو گندو ٽھڪار ٿي ويو ۽ ھال جي ماتمي فضا ۾ ھڪدم کل مذاق جا آثار پيدا ٿي ويا. جڏھن ويٺلن ۾ ٺاپر ٿي ته صدر صاحب ڳالھايو؛ ”منھنجا سائين! اھا تجويز ڪيترا ئي ڀيرا، انھن جي آڏو رکي چڪا آھيون. ان لاءِ انھن جي طرفان ھيءُ جواب ڏنو ٿو وڃي ته آسودا ۽ عزت وارا خانداني ماڻھو، عزت ۽ ناموس جي خيال کان، کين گھر ۾ پير پائڻ نه ڏيندا. جڏھن ته ڀينگين ۽ ڪريل طبقي وارن ماڻھن کي، جيڪي محض انھن جي دولت لاءِ ساڻن شادي ڪرڻ تي مائل ٿين، ھي عورتون به ويجھو اچڻ ڪو نه ڏينديون.“ 

ان تي ھڪڙي ھمراھ چيو؛ ”بلديا کي، انھن جي ذاتي معاملن ۾ پوڻ جي ضرورت ناھي. بلديا جي آڏو ته ھيءُ مسئلو آھي ته اھي ماڻھو ڀلي کڻي جھنم ۾ وڃن، پر ھن شھر کي خالي ڪري وڃن.“

صدر چيو؛ ”دوستو! اھو به ڪو سولو ڪم ناھي. انھن جو ڳاڻيٽو ڏھ ويھ ناھي بلڪ سون تائين پھتل آھي. ٻيو ته منجھانئن ڪيترين ئي عورتن جا ته پنھنجا ذاتي گھر ورتل آھن.“

اھو مسئلو، مھينو کن ته بلديا جي بحث ھيٺ رھيو ۽ نيٺ مڙني ميمبرن جي اتفاق راءِ سان اھا ڳالھ بيٺي ته بازارِ حسن جا مملوڪہ/ والاريل گھر خريد ڪيا وڃن ۽ کين رھڻ لاءِ شھر کان گھڻو پري، ڪو الڳ ٿلڳ علائقو ڏنو وڃي. انھن عورتن، بلديا جي انھيءَ فيصلي جي خلاف سخت احتجاج ڪيو. ڪن ته نافرماني ڪري، وڏا ڏنڊ به ڀريا ۽ قيد به ڪاٽيا، مگر بلديا جي مرضيءَ آڏو سندن ھڪ به نه ھلي ۽ لاچار ٿي، صبر ڪري ئي ويھي رھيون.

ان کان پوءِ ڳچ عرصي تائين ته انھن بازاري عورتن جي مملوڪہ گھرن جون فھرستون ۽ نقشا تيار ٿيندا رھيا ۽ گھرن جي لاءِ گراھڪ پيدا ڪيا ويندا رھيا. ڪيترن گھرن کي نيلاميءَ ذريعي وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انھن عورتن کي ڇھ مھينا پنھنجي پراڻن گھرن ۾ ترسڻ جي اجازت ڏني وئي ته جيئن ان عرصي ۾ اھي نئين علائقي ۾ گھر وغيرھ ٺھرائي سگھن.

انھن عورتن لاءِ جيڪو علائقو چونڊيو ويو، سو شھر کان ڇھ ڪوھ پري ھيو. پنجن ڪوھن تائين ته پڪو رستو ھيو ۽ ان کان اڳتي ڪوھ کن ڪچو رستو ھيو. ڪنھن زماني ۾ اتي ڪا وسندي ھوندي، مگر ھاڻ ته کنڊرن کان سواءِ ڪجھ نه بچيو ھيو. جن ۾ نانگن ۽ چمڙن جو واسو ھيو ۽ ڏينھن ڏٺي جو ته چٻرا پيا ٻوليندا ھيا. ان علائقي جي پسگردائيءَ ۾ ڪجھ ڪچن گھرن وارا ننڍا ننڍا ڳوٺ ھيا. مگر ڪنھن جو مفاصلو به اتئون ٻن اڍائي ميلن کان گھٽ نه ھيو. انھن ڳوٺن ۾ رھڻ وارا ھاري، ڏينھن جي وقت پوکي راھي ڪندا ھيا، يا ائين ئي گھمندي ڦرندي ھتي به اچي پھچندا ھيا. ور نه ته عام طور تي ھن ويران شھر ۾ آدم ذات جي ڪا صورت به نظر نه ايندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن ته ڏينھن جي روشنيءَ ۾ گدڙ به ان علائقي ۾ رلندي ڏٺا ويا ھيا.

پنج سؤ کان مٿي وئيشائن منجھان فقط چوڏھن اھڙيون ھيون، جيڪي پنھنجي عاشقن جي واسطيداريءَ يا خود پنھنجي دليئون يا ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري، شھر جي ويجھو آزاد رھڻ تي مجبور ھيون ۽ پنھنجي دولتمند چاھيندڙن جي مستقل مالي مدد جي ڀروسي تي نه چاھيندي به انھيءَ علائقي ۾ رھڻ تي مائل ٿي ويون. ور نه ته باقي عورتن، اھو سوچي ڇڏيو ھيو ته يا ھن ئي شھر جي ھوٽلن تي پنھنجي رھائش رکنديون يا ظاھري طور نيڪن جو لباس پائي، شھر جي شريف محلن جي ڪُنڊن پاسن ۾ وڃي لڪنديون. يا ته ھن شھر کي ئي موراڳو ڇڏي، ڪنھن ٻئي پاسي ھلي وينديون.

اھي چوڏھن ئي وئيشائون، گھڻيون مالدار ھيون. انھيءَ تي شھر ۾ جيڪي والاريل گھر ھين، تن جو اگھ کين وڏو ملي ويو ھيو ۽ ان علائقي ۾ زمين جي قيمت نالي ماتر ھئي. ٻيو ته مڙني کان موچاري اھا ڳالھ ٿي ته وٽن اچڻ وارا، دل ۽ جان سان سندن مالي مدد ڪرڻ لاءِ آتا ھيا. تنھنڪري ھنن، انھيءَ علائقي ۾ دل کولي وڏا وڏا عاليشان گھر ٺھرائڻ لاءِ رِٿائون سِٽيون. ھڪڙو مٿانھون ۽ ھموار ھنڌ، جيڪو ٽٽل ڦٽل قبرن کان پرڀرو ھيو، سو چونڊيو ويو. زمين جا ٽڪرا صاف ڪرايا ويا ۽ ھوشيار آرڪيٽيڪٽس کان نقشا جوڙايا ويا ۽ ٿورن ڏھاڙن ۾ اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو. سڄو ڏھاڙو سرون، مٽي، چونو، شھتير، گارڊر ۽ ٻيو عمارتي سامان گاڏين، ڇڪڙن، خچرن، گڏھن ۽ ماڻھن تي کڄي ھن وسنديءَ ۾ پيو اچي ۽ منشي مڙا حساب ڪتاب جون ڪاپيون بغلن ۾ وجھيو، اھو ڳڻائي ۽ ڪاپين ۾ داخل پيا ڪن.... انجيئر، رازن کي ڪم متعلق ھدايتون پيا ڏين. رازا، مزدورن کي دڙڪا داٻ پيا ڏين، مزدور وري پيا ھيڏانھن جو ھيڏي پيا ڀڄن ڊڪن. مزدورڻين جا رڙيون ڪري ڪري نالا پيا وٺن ۽ پاڻ سان ڪم ڪرڻ لاءِ پيا سڏين. مطلب ته سڄو ڏھاڙو ھڪڙو ھل ھنگامو ھيو. وري سڄو ڏھاڙو اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ڳوٺاڻا، پنھنجي ٻني ٻاري ۾ ۽ ڳوٺاڻيون پنھنجن گھرن ۾، ھوا جي جھونڪن سان گڏ، پري کان ايندڙ کٽ کٽ جا ھلڪا ھلڪا آواز پيا ٻڌن.

انھيءَ وسنديءَ ۾ ھڪ جاءِ تي مسجد جا آثار ھيا ۽ ان جي ويجھو ھڪڙو کوھ ھيو، جيڪو ڦٽل ھيو. اڏيندڙن ھڪ ته پاڻي کڻڻ لاءِ ۽ ٻيو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ۽ ٽيون ٿورو ثواب ڪمائڻ ۽ پنھنجي نمازي ڀائرن جي عبادت ڪرڻ جي خيال کئون، سڀ کان پھرين ته ان جي مرمت ڪئي. جيئن ته اھو فائدو ڏيندڙ ۽ ثواب جو ڪم ھيو، جنھن ڪري ڪنھن به اعتراض نه واريو. قصو ڪوتاھ، ٻن ٽن ڏينھن ۾ مسجد تيار ٿي وئي.

ڏينھن جو ٻارھين وڳي، جيئن ئي مانيءَ جي موڪل ملي، ٻه اڍائو سؤ رازا، مزدور، انجنيئر، منشي ۽ انھن وئيشائن جا مائٽ يا ڪمدار ڪاراوا، جيڪي اڏاوت جي سنڀال تي بيٺل ھيا، سي ان مسجد جي اوس پاس ۾ اچي ڪٺا ٿين ته ڄڻ ميلي وارو رنگ ٿي وڃي.

ھڪ ڏھاڙي، ھڪڙي ڳوٺاڻي ڪراڙي، جيڪا ڪنھن ويجھي واري ڳوٺ جي رھاڪو ھئي، سا ھن وسنديءَ جي سُڌِ پوڻ تي اچي ھتي پھتي. ساڻس ھڪڙو ننڍو ڇوڪرو به ھيو. ٻنھي مسجد جي ويجھو ھڪ وڻ جي ھيٺئون، سگريٽن، ٻيڙين، ڀڳڙن ۽ ڳڙ مان ٺھيل مٺائين جو ٿالھ اچي رکيو. ڪراڙيءَ کي آئي اڃا ٻه ڏينھن به نه گذريا ھيا جو ھڪڙو ڪراڙو ھاري، ڪٿئون ھڪڙو مٽ کڻي آيو ۽ کوھ جي پاسي ۾ سرن جو ھڪڙو ننڍڙو ٺيھو اڏي، پئسي ۾ ٻه ٻه شربت جا گلاس وڪڻڻ لڳو. ھڪڙي باگڙيءَ جو خبر ٻڌي، سو ھڪڙو کارو گدرن جو ڀري آيو ۽ ٿالھ واري ڪراڙيءَ جي ڀر ۾ ويھي؛ ”وٺو وٺو گدرا! ماکيءَ کان به زور مٺا گدرا“ جا ھوڪا ڏيڻ لڳو. ھڪڙي ھمراھ ڇا ڪيو جو گھرئون منڍي پاوا رڌائي، ديڳڙيءَ ۾ وجھي، ٿالھ جي مٿان رکي، ٿوريون مانيون، ٺڪر جا ٻه ٽي پيالا ۽ ھڪڙو جستي گلاس کڻي اچي پڳو ۽ انھيءَ وسنديءَ جي ڪَمين کي جھنگ ۾ گھر جي ڪُنيءَ جھڙي وَٽَ وٺائڻ لڳو.

ٻپھريءَ ۽ ٽپھريءَ جي وقت، انجنيئر، منشي، رازا ۽ ٻيا ماڻھو، مزدورن کان کوھ منجھئون پاڻي ڪڍائي ڪڍائي وضو ڪندي نظر ايندا. ھڪڙو ھمراھ، مسجد ۾ وڃي ٻانگ ڏيندو، وري ھڪڙي کي امام کڻي ٺاھبو ۽ ٻيا ماڻھو ان جي پويان بيھي نماز پڙھندا. ڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪڙي ملي کي جو سڻس پئي ته فلاڻي مسجد ۾ امام جي ضرورت آھي، سو ٻئي ڏينھن ئي صبح مرادن جو ھڪڙي سائي ٿيلھيءَ ۾ قرآن شريف، رحل ۽ مسئلن مسائلن سکڻ جون چوپڙيون کڻي اچي ڪڙڪيو ۽ ھن مسجد جي امامت باقاعدي طور تي سندس حوالي ڪئي وئي.

ڏھاڙي ٽيپھريءَ ڌاري، ھڪڙو ڪبابي مٿي تي پنھنجي وکر جو کارو کنيو ايندو ۽ ٿالھ واري ڪراڙيءَ جي ويجھو پٽ تي چلھو ٺاھي، ڪباب، جيرا، دل ۽ بڪيون سيخن تي پچائي، وسنديءَ وارن کي ويچيندو. ھڪڙي باٺارڻ جو اھو حال ڏٺو ته پنھنجي مڙس کي ساڻ وٺيو مسجد جي سامھون، اس کان بچڻ لاءِ گاھ پلال جو ھڪڙو ڇپرو ٺاھي، اچي تنور تپائڻ لڳي. ڪڏھن ڪڏھن ھڪڙو نوجوان ڳوٺاڻو نائي، ڦاٽل ساٽل پراڻي ڪسبت ڳچيءَ ۾ لڙڪايون، بوٽ جي ٿُڏن سان رستي جا پٿر ٿُڏيندو، ھتي ڦيراٽا ڏيندو نظر ايندو.

انھن وئيشائن جي گھرن جي اڏاوتن جي نگراني سندن مائٽ يا ڪارندا ته ڪندا ئي ھيا، پر ڪنھن ڪنھن ڏينھن تي اھي به ٻيپھريءَ جي مانيءَ کان وانديون ٿي، پنھنجي عاشقن سان گڏجي، پنھنجي سر پاڻ پنھنجن پنھنجن گھرن کي جڙندو ڏسڻ اينديون ۽ سج لڙئي کان اڳي اتان نه موٽنديون. انھيءَ موقعي تي فقيرن ۽ فقيرياڻين جا ٽولن جا ٽولا، الائي ته ڪاٿان اچي سھڙن ۽ جيستائين خير نه وٺن تيستائين ڪھاتن سان وٺي شور ڪن ۽ کين ڳالھائڻ ئي نه ڏين. ڪڏھن ڪڏھن شھر جا رول ۽ واندا ڇورا، واندي ويھڻ کان ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ جي نيت سان، شھرئون پيرين پنڌ نڪري وئيشائن جي ھن نئينءَ وسنديءَ جو واءُ سواءُ لھڻ اچن ۽ جي ان ڏينھن تي وئيشائون به آيل ھجن ته سندن عيد ٿيو وڃي. اھي کانئن ٿورو پرڀرو ٿي سندن چوڌاري ويٺا چڪر ڏين. گفتا ڪڍن، اڻ ٺھندڙ ٽھڪار ڏين. عجيب عجيب شڪليون ٺاھين ۽ چرين واريون حرڪتون ڪن. ان ڏھاڙي ته ڪبابيءَ جي کپت به ٺاھوڪي ٿئي.

ان علائقي ۾، جتي ڪجھ ڏينھن اڳ پکيءَ پير نه ھوندو ھيو، ھاڻي چوڌاري ھڪڙي وٺ وٺان ۽ چھل پھل نظر اچڻ لڳي. شروع شروع ۾، ھن علائقي جي ويرانيءَ ۾ انھن وئيشائن کي، ھتي اچي رھڻ جي حساب سان، جيڪا وحشت ٿيندي ھئي، سا وڏي حد تائين ھلي وئي. ھاڻ اھي ھر دفعي خوش خوش، پنھنجي گھرن جي سينگار ۽ پنھنجي پسند جي رنگن متعلق رازن کي زور ڀري وينديون ھيون.

وسنديءَ ۾ ھڪ ھنڌ ھڪڙي ٽٽل ڦٽل مزار پڻ ھئي، جيڪا آڳاٽي ڪنھن بزرگ جي لڳندي ھئي. جڏھن اھي گھر، اڌ کان مٿي جڙي ويا ته ھڪ ڏھاڙي، وسنديءَ جي رازن مزورن ڇا ڏٺو ته مزار جي ويجھو، دونھون پيو اٿي ۽ ھڪڙو لال لال اکين وارو ڊگھو ڏُوت مست فقير، گوڏ ٻڌيو ڀروون به ڪوڙايو ھن مزار جي چوڌاري پيو ڦري ۽ پٿريون کڻي کڻي پيو پري اڇلي. ٻيپھريءَ ڌاري اھو فقير ھڪڙو دلو کڻي کوھ تي آيو ۽ پاڻي ڀري ڀري مزار تي کڻي وڃڻ ۽ ان کي ڌوئڻ لڳو. ھڪ دفعي جو آيو ته کوھ تي ٻه ٽي رازا مزدور بيٺا ھيا. ھو اڌ پاڳل ۽ اڌ ھوش جي عالم ۾ کين چوڻ لڳو: ”خبر اٿو! اھا ڪنھن جي مزار آھي؟ پير ڪڙڪ شاھ بادشاھ جي! منھنجا ابا ڏاڏا سندس مجاور ھيا.“ ان کان پوءِ کلي کلي ۽ اکين مان ڳوڙھا ٽمائيندي، پير ڪڙڪ شاھ جون ڪجھ جلالي ڪرامتون پڻ انھن رازن مزدورن کي ٻڌايائين.

شام ڌاري اھو فقير ڪٿئون پٽي سٽي، ٺڪر جا ٻه ڏيئا ۽ سرنھ جو تيل وٺي آيو. پير ڪڙڪ شاھ جي قبر جي سيرانديءَ ۽ پيرانديءَ کان ڏيئا ٻاري ڇڏيائين. رات جي پوئين پھر، ڪڏھن ڪڏھن ان مزار مان، الله ھوءَ جا مست نعرا ٻڌڻ ۾ ايندا.

ڇھ مھينا نه گذريا ھوندا جو اھي چوڏھن ئي گھر جڙي راس ٿي ويا. اھي سموري جا سمورا، ٻه منزلا ھيا ۽ لڳ ڀڳ ساڳي طرز تي ھيا. ست ھڪ پاسي کان ۽ ست ٻئي پاسي کان. وچ ۾ ويڪرو شاھي رستو ھيو. ھر گھر جي ھيٺئون چار چار دڪان ھيا. گھر جي مٿين منزل ۾، رستي واري طرف کان ڪشادو ورانڊو ھيو. ان جي اڳيان ويھڻ لاءِ ٻيڙي نما بيٺڪ ٺھرايل ھئي. جنھن جي ٻنھي پڇڙن تي يا ته سنگ مرمر جا نچندڙ مور ٺاھيا ويا ھيا يا وري جل پرين جا مجسما تراشي ٺاھيا ويا ھيا، جن جو اڌ ڌڙ مڇيءَ جو ۽ اڌ انسان جو ھيو. ورانڊي جي پويان جيڪو وڏو ڪمرو ويھڻ لاءِ ھيو، ان ۾ سنگ مرمر جا نازڪ نفيس ٿنڀا ٺھيل ھيا. ڀتين تي وڻندڙ چٽسالي ڪيل ھئي. فرش چلڪڻي پٿر جا ٺاھيا ويا ھيا. جڏھن سنگ مرمر جي ٿنڀن جا عڪس انھيءَ بلوري فرش تي پوندا ھيا ته ائين لڳندو ھيو ڄڻ سفيد براق جي پرن وارن ھنس پکين، پنھنجيون ڊگھيون ڊگھيون ڳچيون ڍنڍ ۾ ٻُڏائي ڇڏيون آھن.

اربع جو ڀلارو ڏِڻُ، ان وسنديءَ ۾ اچڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. ان ڏھاڙي ان وسنديءَ مڙني وئيشائن پاڻ ۾ گڏجي ھڪڙو وڏو نياز ڪرايو. وسنديءَ جي کلئي پٽ تي، زمين جي صفائي ڪرائي شاميانا لڳرايا ويا. ديڳين کڙڪڻ جا آواز ۽ گوشت ۽ گيھ جي خوشبوءِ، ويھن ويھن ڪوھن فقيرن ۽ ڪتن کي، ڇڪي کڻي آئي. ٻيپھري ٿيندي ٿيندي پير ڪڙڪ شاھ جي مزار وٽ، جتي لنگر ورھايو ويندو ھيو، ايترا ته فقير فقراءَ ڪٺا ٿيا جيترا عيد جي ڏھاڙي تي ڪنھن وڏي شھر جي جامع مسجد وٽ به نه ٿيا ھوندا. پير ڪڙڪ شاھ جي مزار جي باقاعدي صفائي ڪرائي، وري ڌورايو ويو ۽ ان تي گلن جون چادرون چاڙھيون ويون ۽ ان مست فقير کي نئون جوڙو سبرائي پارايو ويو، جيڪو ھن پائيندي شرط ڦاڙي ڇڏيو.

شام ڌاري شاميانن جي ھيٺان، کير جھڙو چلڪندڙ فرش ڪيو ويو. ٽيڪ وھاڻا، پان دان، ٿوڪ دان، ڊگھين نڙين وارا حقا ۽ گلاب ساڻ رکيا ويا ۽ راڳ رنگ جي محفل مچائي وئي. پري پري کان ڪيترين ئي وئيشائن کي سڏايو ويو، جيڪي سندن سنگتياڻيون يا برادريءَ جون ھيون. انھن سان گڏ انھن جا ڪيترا ئي ملڻ وارا پڻ آيا، جن جي لاءِ ھڪڙي جداري شامياني ۾ ڪرسين جو بندوبست ڪيو ويو ۽ انھن جي سامھون واري پاسي کان چِکون لڙڪايون ويون. بيشمار گولن جي روشنيءَ سان ھيءَ جاءِ شمشان وانگر بڻجي وئي ھئي. انھن وئيشائن جا ڍِڍَ-نڪتل شيدي سازيندا، زري لڳل ۽ ريشمي ڪپڙن جون شيروانيون پائي، عطر ۾ ٻڏل ڪپھ جا ٻڙا ڪنن ۾ رکي، ھيڏي ھيڏي مُڇن کي تاءُ ڏيندا پئي ڦريا ۽ چلڪندڙ لباسن ۽ پوپٽن جي پرن کان به سنھين ساڙھين ۾ اوڙھيل، پائوڊرن ۽ خوشبوئن ۾ وھنتل نازنينيون آڪڙيون پئي ڦِريون. سڄي رات ناچ ۽ سرود جو ھنگامو برپا رھيو ۽ جنگل ۾ منگل ٿي ويو.

ٻن ٽن ڏھاڙن پڄاڻان، جڏھن انھيءَ جشن جا ٿڪ لٿا ته اھي وئيشائون ساز ۽ سامان پھچائڻ ۽ گھرن جي سجاوٽ کي لڳي ويون. شمعدان، فانوس، شيشي جا ٿانءَ، ماڻھوءَ جيڏا آئينا، نھوري کٽون، تصويرون ۽ سونھري قطعا فريمن ۾ بند، آندا ويا ۽ وڏي ٺاھ ٺوھ سان ڪمرن منجھ لڳايا ويا. اٺن ڏھارن کن ۾ وڃي اھي گھر، ڪلي ڪوڪي سان سجائجي پورا ٿيا. اھي عورتون ڏينھن جو ڳچ حصو ته استادن کان رقص ۽ سرود جي تعليم پرائڻ، غزل ياد ڪرڻ، ڌُنِ ويھارڻ، سبق پڙھڻ، پٽي لکڻ، سُبڻ پوئڻ، ڀرت ڀرڻ، گراموفون ٻڌڻ، استادن سان پتي راند ڪرڻ ۽ ڪيرم کيڏڻ، چرچو چٿر، ٽوڪ طنز سان دل وندرائڻ يا سمھڻ ۾ گذارينديون ھيون. پوءِ ڏينھن جي ٽئين پھر ۾ وھنجڻ خانن ۾ وھنجڻ وينديون، جتي سندن نوڪرن نلڪن مان پاڻي ڪڍي ڪڍي ٽپ ڀري رکيا ھوندا. ان کان پوءِ اھي ھار سينگار ۾ لڳي وينديون.

جيئن رات جي اوندھ پر پکيڙيندي، تيئن ئي ھي گھرَ، گولن جي روشنين ۾ چمڪاٽ ڪندا، جيڪي ھنڌ ھنڌ تي سنگ مرمر جي اڌ-ٽڙيل ڪنولن ۾ انتھائي صفائيءَ سان لڪائي رکيل ھوندا. ٻيو ته انھن گھرن جي درين ۽ دروازن جي طاقن جا شيشا، جيڪي گلن ۽ پنن جي نموني تي ڪٽي جوڙيل ھيا، تن جي انڊلٺي رنگن جون روشنيون پري کان جھرمر جھرمر ڪندي، انتھائي سھڻيون پيون لڳنديون. اھي وئيشائون، ھار سينگار ڪري ورانڊن ۾ ٽھلنديون، اوسي پاسي وارن سان ڳالھيون ڪنديون، کلنديون، کجڪار ڪنديون. جڏھن بيٺي بيٺي ٿڪجي پونديون ته اندر ڪمري ۾ وڃي چانڊوڪن فرشن تي ٽيڪ وھاڻن سان ٽيڪجي ويھنديون. سندن سازيندا، ساز ملائيندا رھندا ۽ ھيءُ سوپاريون ڪترينديون رھنديون. جڏھن رات ٿوري ٿڌيري ٿيندي ته سندن ملڻ وارا ٽوڪرن ۾ شراب جون بوتلون ۽ ڀانت جا ڦل فروٽ کنيو، پنھنجي دوستن سان موٽر گاڏين يا ٽانگن ۾ ويھي پھچندا. ان وسنديءَ ۾، جن جي پير پائيندي سان ھڪڙي خاص قسم جي گھما گھمي ۽ چھل پھل ٿيڻ لڳندي. نغما ۽ سرود، ساز جا سُرَ، رقص ڪندڙ نازنينن جي گھنگھرن جو آواز، صراحيءَ جي ڳُٽ ڳُٽ ڪندڙ آواز سان ملي ھڪ عجيب سرور جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏيندا. عيش ۽ مستيءَ جي انھن ھُلَ ھنگامن ۾، خبر به نه پوندي ته رات گذري وئي.

انھن وئيشائن کي ان وسنديءَ ۾ آئي ڪجھ ئي ڏينھن ٿيا ھيا جو دڪانن جا ڪرايي دار پيدا ٿي پيا. جن جو ڪرايو، ھن وسنديءَ کي وسائڻ جي خيال کئون ڏاڍو گھٽ رکيو ويو ھيو. سڀني کان پھرين جيڪو دڪاندار آيو، سا اھا ئي ڪراڙي ھئي، جنھن سڀني کان پھرين مسجد جي سامھون وڻ ھيٺان ٿالھ رکيو ھيو. دڪان کي ڀرڻ لاءِ، ڪراڙي ۽ سندس ڇوڪرو، سگريٽن جا گھڻا دٻا کڻي آيا ۽ انھن کي ڏاڪڻ-ڪرسيءَ جي خانن ۾ سجائي رکي ڇڏيائون. بوتلن ۾ رنگ ڏنل پاڻي ڀري ڇڏيائون ته جيئن خبر پوي ته شربت جون بوتلون آھن.

ڪراڙيءَ پنھنجي وت آھر، ڪاغذ جي گلن ۽ سگريٽ جي پاڪيٽن منجھان جوڙيل زنجيرن سان دڪان جي سجاوٽ به ڪئي، ڪن اداڪارن ۽ اداڪارائن جون تصويرون به پراڻن رسالن مان ڪڍي ڀتين تي لئيءَ سان چنبڙائي ڇڏيون. دڪان جو اصل مال ٻن ٽن قسم جي سگريٽ جي ٽن ٽن پاڪيٽن، ٻيڙين جي اٺ ڏھ جُوڙين يا اگر بتين جي اڌ ڊزن پاڪيٽن، مُٺِ پان جي پنن، پيئڻ جي تماڪ جي ٽن چئن ڳوٽين ۽ ميڻ بتين جي اڌ پاڪيٽ کان به وڌيڪ نه ھيس. 

ٻئي دڪان ۾ ھڪڙو واڻيو، ٽئين ۾ حلوائي ۽ کير وارو، چوٿين ۾ ڪاسائي، پنجين ۾ ڪبابي ۽ ڇھين ۾ باگڙي اچي ويٺا. باگڙي اوس پاس جي ڳوٺن مان سستي اگھ تي چئن پنجن قسمن جون سبزيون وٺي اچي، ھتي چڱي نفعي تي کپائيندو ھيو. ھڪ اڌ ٽوڪرو ڦل فروٽ جو به رکندو ھيو، جو دڪان چڱو ڪشادو ھيس. ھڪڙو گلن وارو به سندس ڀائيوار اچي ٿيو. اھو سڄو ڏينھن گلن جا ھار، گجرا ۽ ڀانت ڀانت جا زيور جوڙيندو رھندو ھيو ۽ شام ڌاري اھي پنڊي ۾ وجھي ھڪ ھڪ گھر تي کڻي ويندو ۽ نه صرف گل ئي کپائي ايندو پر ھر ھنڌ ھڪ ٻه گھڙي ويھي، سازيندن سان ڊاڙو ٺڪاءُ به ھڻي ايندو ۽ حقي ڦوڪ به ڀري ايندو. جنھن ڏھاڙي تي تماشائين جي ڪو ٽولو سندس موجودگيءَ ۾ ڪوٺي تي چڙھي ايندو ۽ گانو بجانو شروع ٿيو ته ھيءُ به، سازيندن جي منھن خراب ڪرڻ جي باوجود، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اٿڻ جو نالو ئي نه وٺندو. مزي مزي سان گانن جي سر تي ويٺو ڪنڌ ڌوڻيندو ۽ بيوقوفن وانگر ھر ھڪ جو چھرو تڪيندو. جنھن ڏھاڙي رات گھڻي گذري وئي ۽ ڪو ھار بچي پيس ته اھو پنھنجي ڳچيءَ ۾ پائيندو ۽ وسنديءَ جي ٻاھرئون نڙي ڦاڙي پيو ڳائيندو وتندو.

ھڪ ڏينھن ھڪڙي وئيشا جو پيءُ ۽ ڀاءُ، جيڪي درزڪو ڪم ڄاڻندا ھيا، ھڪڙي سلائي مشين رکي اچي ويٺا. ٿيندي ٿيندي ھڪڙو حجم به اچي ويو ۽ پاڻ سان گڏ ھڪڙي کٽيءَ کي به ورتيون آيو. سندس دڪان جي ٻاھران تار تي ٽنگيل، طرح طرح جا رنگين روا، ھوا ۾ جھومندي اکين کي ڏاڍا وڻندا ھيا.

ٿورا ڏينھن ئي گذريا ھيا جو ھڪڙو گھٽ موڙيءَ وارو دڪاندار، جنھن جو دڪان شھر ۾ نه ھلندو ھيو، بلڪ دڪان جو ڪرايو به ڳچيءَ ۾ ھوندو ھيس، تنھن به شھر ڇڏي، ھن وسنديءَ جو رخ رکيو. ھتي ته سندس وڏو مان ٿي ويو. نموني نموني جا عطر، ڀانت ڀانت جا پائوڊر، صابڻ، ڪنگا ڦڻيون، بٽڻ، سئي ڌاڳا، ڪھيون، فتيلون، سرھا تيل، رومال، مساڳ وغيرھ وغيرھ جام وڪامڻ لڳس.

ھن وسنديءَ جي رھاڪن جي سرپرستيءَ ۽ انھن جي پياري سلوڪ جي ڪري ائين ئي ٻئي ٽئين ڏھاڙي تي ڪو نه ڪو ٿورڙي سيڙپ ڪرڻ وارو دڪاندار، ڪو ڪپڙي جو واپاري، ڪو پنساري، ڪو حقن ٺاھڻ وارو، ڪو نانوائي، ٻاڙائيءَ سبب يا شھر جي وڌندڙ ڪراين کان گھٻرائجي، ھن وسنديءَ ۾ اچي پناھ وٺندو ھيو.

ھڪڙو بزرگ، جنھن کي حڪمت جي چڱي سڦري ڄاڻ ھئي ۽ سندس دل شھر جي ڳتيل آبادين ۽ دواخانن جي گھڻ کئون بيزار ھئي، سو پنھنجي شاگردن کي ساڻ وٺي شھر مان لڏي آيو ۽ ھن وسنديءَ ۾ ھڪڙو دڪان ڪرايي تي اچي ورتائين. سڄو ڏھاڙو بزرگ ۽ سندس شاگرد دوائن جي دٻن، شربت جي بوتلن ۽ مربي، چٽڻي، آچار جي برنين کي المارين جي خانن تي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي رکندا رھيا. ھڪڙي خاني ۾ طب اڪبر، قرابادين قادري ۽ ٻئي ۾ طبي ڪتاب ڀِچائي رکي ڇڏيائون. طاقن جي اندرئين طرف ۽ ڀتين سان جيڪي جڳھيون خالي بچيون تن تي ھنن پنھنجي خاص الخاص مجرباتن جا اشتھار ڪاري مس سان چٽن ۽ وڏن اکرن ۾ لکي گتن تي چنبڙائي ٽنگي ڇڏيا. ھر ڏھاڙي صبح جو وئيشائن جا ملازم، گلاس کنيو اچي بيھندا ھيا ۽ شربت بزوري، شربت بنفشہ، شربت انار ۽ اھڙا ئي ٻيا مزيدار، فرحت بخش شربت ۽ عرق، خميره گائوزبان ۽ طاقت ڏيڻ وارا مربا، نقره جي ورقن سميت، وٺي ويندا ھيا.

جيڪي دڪان رھجي ويا، تن ۾ وئيشائن جي مٽن مائٽن ۽ سازيندن پنھنجيون کٽون رکي ڇڏيون. سڄو ڏھاڙو اھي ماڻھو، انھن دڪانن ۾ چؤباز پتي راند ۽ شطرنج کيڏندا، بت تي تيل مالش ڪرائيندا، سائڙي گھوٽيندا، ٻٽير ويڙھائيندا، تترن کان ”سبحان تنھنجي قدرت“ جو ورد ڪرائيندا ۽ گھڙا/ دلا وڄائي پيا ڳائيندا.

ھڪڙي وئيشا جي سازيندي، ھڪڙو دڪان خالي ڏسي، پنھنجي ڀاءُ کي جيڪو سازن جي مرمت ڄاڻندو ھيو، وٺي اچي ويھاريو. دڪان جي ڀتين تي ھڪ سِڌَ ۾ ڪليون ٺوڪي، ٽٽل ڦٽل مرمت طلب سارنگيون، سِتارَ، طنبورا، سُرندا وغيرھ ٽنگي ڇڏيائين. ھي ھمراھ سِتار وڄائڻ جو به ڪاريگر ھيو. شام ڌاري ھو پنھنجي دڪان اندر سِتار وڄائيندو ھيو ته ان جي مٺڙي آواز تي اوسي پاسي جا دڪاندار به پنھنجن دڪانن تان اٿي ايندا ھيا ۽ چڱي جھٽ گھڙي بيھي سِتار ٻڌندا ھيا. ان سِتار نواز جو ھڪڙو شاگرد ھيو، جيڪو ريلوي جي آفيس ۾ ڪلارڪ ھيو. ان کي سِتار سکڻ جو وڏو شوق ھيو. جيئن ئي آفيس کان موڪل ٿيندي ھيس، تيئن سائيڪل تي واچ-مينھن ڪندو، سڌو ھن وسنديءَ جو رخ رکندو ھيو ۽ ڪلاڪ ڏيڍ دڪان ۾ ويھي مشق ڪندو رھندو ھيو. مطلب ته سِتار نواز جي اچڻ سان ھن وسنديءَ ۾ چڱي خاصي رونق پڻ رھڻ لڳي.

مسجد جو ملان، جيستائين ھيءَ وسندي اڏاوت ھيٺ رھي، رات ڌاري ڳوٺ پنھنجي گھر ھليو ويندو ھيو. مگر ھاڻ جڏھن کيس ٻنھي وقتن تي سڻڀيون ٽڪيون ججھائيءَ سان ملڻ لڳيون ته اھو به رات جو اتي ئي رھڻ لڳو. ھلندي ھلندي ڪن وئيشائن جي گھرن جا ٻار به مسجد ۾ پڙھڻ لاءِ اچڻ لڳا، جنھن سان ملان کي ڏوڪڙ پئسي جي به آوند ٿيڻ لڳي.

ھڪڙي شھر شھر گھمندڙ، ڪريل درجي جي ٿيٽريڪل ڪمپنيءَ کي جڏھن زمين جي چوٽ چڙھندڙ ڪراين ۽ پنھنجي سڃائيءَ سبب، شھر اندر ڪاٿي به جڳھ نه ملي ته ان به ھن وسنديءَ جو رخ رکيو ۽ انھن وئيشائن جي گھرن کان سڏ پنڌ تي ميدان ۾ تنبو طولان کوڙي، اچي پَڙاءُ ڪيو. ان جا اداڪار، اداڪاريءَ جي فن کئون ڪورا ھيا. سندن ڊريسون پراڻيون ھيون جن جون گھڻيون تڻيون سَتارون به ڇڻي چڪي ھيون ۽ ٻيو اھي ھمراھ تماشو به پراڻي دؤر جو ڏيکاريندا ھيا. مگر ان جي باوجود به ھيءَ ڪمپني ھلي پئي. ان جو سبب اھو ھيو ته ٽڪيٽ سستڙي ھئي. شھر جا مزدور مڙا، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ غريب غربا، جيڪي ڏينھن جي ھڻ وٺ واري محنت ۽ مشقت جي ڪسر، شور شغل، خرمستيءَ ۽ ڪريل عياشين مان ڪڍڻ چاھيندا ھيا، پنجن پنجن ڇھن ڇھن جا ٽولا ٺاھي، ڳچيءَ ۾ گلن جا ھار وجھيون، کلندا ڳالھائيندا، بانسريون ۽ بينون وڄائيندا، راھ ويندن تي چرچا چٿرون، گاريون گند ڪندا، شھر مان پيرين پنڌ ھلي ٿيٽر ڏسڻ ايندا ھيا ۽ رونگ ۾ بازارِ حسن جو به چڪر ڏنيون ويندا ھيا. جيستائين کيل شروع نه ٿيندو، تيستائين ٿيٽر جو ھڪڙو مسخرو، تنبوءَ جي ٻاھران ھڪڙي اسٽول تي بيھي، ٻنڊڻ پيو لوڏيندو، ڪڏھن واڇون پيو ڇڪيندو، ڪڏھن اکيون پيو ڦِرڙائيندو، عجيب عجيب حياءَ کان نڪتل حرڪتون ڪندو، جن کي ڏسي، ھي ماڻھو زور زور سان ٽھڪ ڏيندا ۽ گارين جي صورت ۾ داد ڏيندا.

آھستي آھستي ٻيا ماڻھو به ھن وسنديءَ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا. اھڙيءَ طرح شھر جي وڏن وڏن چؤنڪن منجھ ٽانگن وارا به ٻاڪارڻ لڳا؛ ”اچو! ڪي نئين وسنديءَ ڏي!“ شھر کان پنجن ڪوھن تائين جيڪو پڪو روڊ ويندو ھيو، ان تائين پھچڻ ۾ ٽانگن وارا سوارين کان انعام حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ يا انھن جي فرمائش تي، ٽانگن جي گوءِ ڪرائيندا. وات سان ھارون وڄائيندا ۽ جڏھن ڪو ٽانگو اڳ ڪڍي ويندو ته سواريون ھوڪرين سان آسمان مٿي تي کڻي ڏينديون. ان گوءِ ۾، گگدام گھوڙن جو حال برو ٿي ويندو ھيو ۽ سندن ڳچين منجھ پيل گلن جي ڳانن منجھان، بجاءِ سرھاڻ جي، پگھر جي ڌپ پئي ايندي ھئي. رڪشن وارا، ٽانگن وارن کان پوئتي ڪيئن رھن. سي کانئن گھٽ ڪرايي تي سواريون کڻي، ڊيھاڙ ڪندا ۽ گھنگھرو وڄائيندا، ھن وسنديءَ ڏانھن ھلڻ شروع ٿيا. ان کان علاوھ ھر ڇنڇر جي شام جو، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد، ھڪ ھڪ سائيڪل تي ٻه ٻه ڄڻا چڙھيا، ٽولن جا ٽولا ٿيو، ھن پر اسرار بازار جو درشن ڪرڻ ايندا ھيا، جنھن کان، سندن خيال جي مطابق ته سندن وڏڙن، خواھ مخواھ کين محروم ڪري ڇڏيو ھيو.

آھستي آھستي ھن وسنديءَ جي شھرت چؤطرف ڦھلي ۽ گھرن ۽ دڪانن جي ضرورت ٿيڻ لڳي. اھي وئيشائون، جيڪي اڳي ھن وسنديءَ ۾ اچڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيون، ھاڻ ھن جي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ ترقي ڏسي، سي به پنھنجي بيوقوفيءَ تي ھٿ ھڻڻ لڳيون. ڪيترين عورتن ته جھٽ پٽ ۾ کڻي پٽ پلاٽ وٺي، انھن وئيشائن جي طرز تي مٿن گھر اڏائڻ شروع ڪيا. ان کان علاوھ شھر جي ڪن سودخور سيٺين ھن وسنديءَ جي اوس پاس ۾ سستي اگھ زمينون وٺي وٺي، ڪرايي تي چاڙھڻ لاءِ ننڍيون ننڍيون ڪيتريون ئي جايون جوڙائي ڇڏيون. نتيجو اھو نڪتو جو جيڪي رنڊيون ھوٽلن ۽ شريف محلن ۾ وڃي لڪيون ھيون، سي به تڏين ماڪوڙن وانگر پنھنجين ٻِرن منجھان ٻاھر نڪري آيون ۽ انھن گھرن ۾ اچي آباد ٿيون. ڪن ننڍن گھرن ۾ ھن وسنديءَ جا اھي دڪاندار اچي ويٺا، جيڪي عيالدار ھيا ۽ رات جو دڪانن منجھ سمھي نه ٿي سگھيا.

ھن وسنديءَ ۾ آبادي ته خاشي ٿي وئي ھئي مگر اڃا تائين بجليءَ جي روشنيءَ جو انتظام نه ٿيو ھيو. جنھنڪري انھن وئيشائن ۽ وسنديءَ جي مڙني رھاڪن طرفان، سرڪار ڏي بجليءَ لاءِ درخواست موڪلي وئي، جيڪا ٿورن ڏھاڙن ۾ منظور ٿي وئي. ان سان گڏوگڏ ھڪڙي پوسٽ آفيس پڻ کولي وئي. ھڪڙو جھونو مڙس، پوسٽ آفيس جي ٻاھرئون ھڪڙي پيتڙيءَ ۾ لفافا، ڪارڊ، قلم ۽ مس-ڪُپڙي رکي، اچي وسنديءَ جي ماڻھن جا خط پَٽ لکڻ لڳو.

ھڪ دفعي وسنديءَ ۾ شرابين جي ٻن ٽولن ۾ ڦشاد ٿيو، جنھن ۾ سوڍا واٽر جي بوتلن، چاقن ۽ سِرن جو دل تي استعمال ٿيو، جنھنڪري ڪيترا ئي ماڻھو زخمي ٿيا. انھيءَ تي سرڪار کي خيال آيو ته ھن وسنديءَ ۾ ھڪڙو ٿاڻو به کولي ڇڏڻ گھرجي.

ٿيٽريڪل ڪمپني ٻن مھينن تائين رھي ۽ پنھنجي وس آھر، خاشي ڪمائي ڪري وئي. ان شھر جي ھڪڙي سئنيما مالڪ سوچيو؛ ڇو نه ھن وسنديءَ ۾ به ھڪ سئنيما ھال کولجي. اھو خيال اچڻ جي دير ھئي، جو ھن جھٽ ۾ ھڪڙو موقعي جو پَٽُ تاڙي خريد ڪيو ۽ تڪڙو تڪڙو مٿس اڏاوت جو ڪم شروع ڪرائي ڇڏيائين. چند مھينن ۾ سئنيما ھال جڙي ويو. ان جي اندر ھڪڙو ننڍو باغيچو پڻ لڳرايائين ته جيئن تماشبين اگر فلم شروع ٿيڻ کان اڳ پھچن ته آرام سان باغ ۾ ويھي سگھن. ان کان علاوھ ماڻھو ائين ئي دل وندرائڻ يا ديدار درشن ڪرڻ جي ارادي سان به اچي ويھڻ لڳا. اھو باغيچو به خاشو تفريح جو ھنڌ بڻجي ويو. آھستي آھستي بھشتي به ڪٽورو کڙڪائيندو ھن باغ ۾ اچڻ ۽ اڃين جي اڃ اجھائڻ لڳو. مٿي جي تيل مالش وارا، انتھائي سادي قسم جو تيز خوشبو واري تيل جون شيشيون واسڪوٽيءَ جي کيسن ۾ ٽُنبيون، ڪلھن تي ميرا سيرا ٽوال رکيون، دلپسند ۽ دلبھار مالش جا ھوڪا ڏيندا، مٿي جي سور جي مريضن کي پنھنجون خدمتون پيش ڪرڻ لڳا.

سئنيما جي مالڪ، سئنيما ھال جي ٻاھرئين طرف کان ھڪ ٻه گھر ۽ ڪيترا ئي دڪان پڻ ٺھرائي ڇڏيا. گھر ۾ ته ھوٽل کلي وئي، جنھن ۾ رات جو ترسڻ جي لاءِ ڪمرا پڻ ملي سگھيا ٿي ۽ دڪانن ۾ ھڪڙو سوڍا واٽر جي فيڪٽريءَ وارو، ھڪڙو فوٽوگرافر، ھڪڙو سائيڪلن جي مرمت وارو، ھڪڙو ڌوٻي، ٻه پان وڪڻڻ وار، ھڪڙو بوٽن جو دڪاندار ۽ ھڪڙو ڊاڪٽر پنھنجي دواخاني سميت اچي ويٺا. ٿيندي ٿيندي ويجھي ئي ھڪڙي دڪان ۾ گُھتي کولڻ جي پرمٽ ملي وئي. فوٽوگرافر جي دڪان جي ٻاھران ھڪ ڪنڊ ۾ ھڪڙي گھڙين جي مرمت واري مستريءَ اچي ٺيھو ٺاھيو ۽ ھر وقت آرتي شيشو اکين تي چاڙھيون گھڙين جي ڪل پرزن جي کولڻ بند ڪرڻ ۾ غرق رھڻ لڳو.

ان کان ٿورن ڏينھن پڄاڻان وسنديءَ ۾ نلڪن، روشنيءَ ۽ صفائيءَ جي باقاعده انتظام ڏانھن ڌيان ڏنو وڃڻ لڳو. سرڪاري عملدار ڳاڙھيون جھنڊيون، دستانا ۽ ھيٺ-مٿانھين ڏسڻ وارا اوزار کڻي اچي پھتا، ماپون ڪري رستن ۽ گھٽين کي سڌو ڪيائون ۽ وسنديءَ جي ڪچن رستن تي پٿرن کي پريس ڪرڻ وارا رولر ھلڻ لڳا.

ان واقعي کي ويھارو سال گذري چڪا آھن. ھيءَ وسندي، ھاڻ ھڪ ڀريل تريل شھر ٿي پئي آھي، جنھن کي پنھنجي ريلوي ٽيشڻ به آھي ۽ ٽائون ھال به، ڪورٽ به ۽ جيل به. آبادي اڍائي لکن جي لڳ ڀڳ ٿيندي. شھر ۾ ھڪڙو ڪاليج، ٻه ھاءِ اسڪول، ھڪڙو ڇوڪرن جي لاءِ ته ھڪڙو ڇوڪرين جي لاءِ ۽ اٺ پرائمري اسڪول آھن جن ۾ ميونسپل جي طرفان مفت تعليم ڏني ويندي آھي. ڇھ سئنيمائون آھن ۽ چار بئنڪون جن مان ٻه ته دنيا جي وڏين وڏين بئنڪن جون شاخون آھن.

شھر مان ٻه ڏھاڙي، ٽي ھفتي وار ۽ ڏھ ماھانه رسالا ۽ ڊائجسٽ شايع ٿيندا آھن. انھن ۾ چار ادبي، ٻه اخلاقي ۽ معاشرتي و مذھبي، ھڪ صنعتي، ھڪ طبي، ھڪ عورتن لاءِ ۽ ھڪ ٻارن جو رسالو آھن. شھر جي مختلف حصن ۾ ويھ مسجدون، پندرھن مندر ۽ ڌرم شالائون، ڇھ يتيم خانا، پنج گمشده ٻارن جا ادارا ۽ ٽي وڏيون سرڪاري اسپتالون آھن، جن مان ھڪ ته صرف عوتن لاءِ خاص آھي.

منڍ منڍ ۾ ڪيترن سالن تائين ھيءُ شھر پنھنجي رھڻ وارن جي نالي جي نسبت جي ڪري ”حُسن آباد“ جي نالي سان سڏيو ويندو ھيو. مگر بعد ۾ ان کي نامناسب سمجھي، منجھس ٿورڙي ترميم ڪئي وئي. يعني بجاءِ ”حُسن آباد“ جي ”حَسن آباد“ سڏرائڻ لڳو. مگر اھو نالو جٽاءُ ڪري نه سگھيو، ڇو جو عام ماڻھو حُسن ۽ حَسن ۾ فرق نه ڪري سگھندا ھيا. آخر وڏن وڏن جھونن ڪتابن جا پنا اٿلايا ويا ۽ پراڻين لکيتن جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ان جو اصلي نالو ڳولي لڌو ويو، جنھن سان ھيءَ وسندي، اڄ کان سوين سال اڳ ڦٽڻ کان پھرين سڏبي ھئي ۽ اھو نالو ھيس ”سُکَ وندي.“

ھونئن ته سڄو شھر ڀريل تريل، صاف سٿرو ۽ وڻندڙ آھي مگر مڙني کان خوبصورت، مڙني کان رونق وارو ۽ تجارتي مرڪز، اھا ئي بازار آھي، جنھن ۾ بازاري عورتون رھن ٿيون.

سُکَ ونديءَ ميونسپل جو اجلاس وڏي اوج تي آھي. ھال ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ به نه آھي. وري معمول جي خلاف، ھڪ ميمبر به غير حاضر نه آھي. ميونسپل جي بحث ھيٺ مسئلو ھيءُ آھي ته بازاري عورتن کي شھر مان تڙي ڪڍيو وڃي، ڇو جو انھن جو وجود، انسانيت، شرافت ۽ تھذيب جي دامن تي ھڪڙو بدنما چُٽو آھي.

ھڪڙو فصيح البيان مقرر، تقرير ڪري رھيو آھي؛ ”خبر ناھي اھا ڪھڙي مصلحت ھئي، جنھن جي اثر ھيٺ، ھن ناپاڪ طبقي کي، اسان جي آڳاٽي ۽ تاريخي شھر جي بلڪل وچ ۾ رھڻ جي اجازت ڏني وئي.“

ھن دفعي انھن عورتن جي لاءِ جيڪو علائقو چونڊيو ويو، سو شھر کان ٻارھن ڪوھ پري ھيو.


(ماھوار ھمسري حيدرآباد جي نومبر ۲۰۲۲ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment