Thursday, November 10, 2022

ڪاري رات، ڪارا منهن - دريا خان شنباڻي

ڪاري رات، ڪارا منهن

(فلئش فڪشن)

دريا خان شنباڻي



هونئن ته هو رات جو يارهين وڳي کان پهريان اچي هن گهر جي مالڪياڻي سان ملاقاتون ڪري، ٻارهين وڳي کان پهريان پهريان نڪري ويندو آھي جو گهر جو مالڪ سڄو ڏينهن رلي پني فڪس ٻارهين وڳي گهر ايندو آھي. کيس خبر آھي ته، سندس زال جا تعلقات ۽ ٻکن ۾ ٻک ڪنهن پئسي واري سان آھن. هن گهر ۾ ڪُل چار ڀاتي، گهر مالڪياڻي، مالڪياڻي جو گهر وارو، ڇهن سالن جو ننڍڙو پُٽ ۽ سترهن ارڙھن سالن جي هڪ نياڻي!


اڄ ڏينهن جو هن گهر جو دروازو کڙڪايو ته گهر مالڪياڻي دروازي وٽ آئي ۽ اچي دروازو کوليائين ته، پنهنجي يارڙي کي ڏسي ڪجھ پريشان ٿي پر پاڻ سنڀاليندي پڇيائينس؛ “تون!!!”

“ڇو ڀلا، مان رڳو رات جو اچڻ جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا!؟”

مرڪندي چيائينس؛ “نه نه..... اهڙي ڳالھ ته.........” هوءَ هٻڪڻ لڳي.

“اندر اچڻ لاء به چوندينءَ يا رات جو جيئن گهر جي پويان کان ايندو آھيان هينئر به تيئن اچان!!” مرڪندي چيائينس.

“اچ!”

ٻئي اندر داخل ٿيا ۽ هن کي اچي کٽ تي ويهارڻ لاء چيائين ۽ هو کٽ تي ويٺو ته، گهر مالڪياڻيء پڇيس “چانھ پيئندين!؟”

“ڏينهن جو ڪجھ ٻيو کارائيندينء پياريندينء ته ٻڌاء!!” هن چيو.

هن جي ان ڳالھ تي هوء ڪجھ شرمائجي پئي ۽ چيائين “ڇڏ هاڻي اهي ڳالهيون، تون ٻڌاء چانھ پيئندين نه!”

“ها پر، تون هتي ڀرسان ويھ، اڄ چانھ پيئندس مومل جي هٿن جي”

هن مومل کي سڏيو ۽ مومل ڪمري مان نڪتي ته ماڻس چيو “مومل ڌيءُ، چاچهين لاء چانھ ٺاهيندينء؟!”

مومل چانھ ٺاهڻ لاء چلهي ۾ وئي ته هن گهر مالڪياڻي ڏانهن نهاريندي چيو “تو سان اڄ هڪ ڳالھ ڪرڻ آيو آھيان”

“اها ڪهڙي ڳالھ آھي جو ان جي ضرورت ڏينهن جو پئي آھي!!”

“او چري، ڏينهن جا معاملا نبرندا آھن ۽ رات جو محبتون ونڊبيون آھن”

“ها ها، هاڻ ڇڏ کڻي، تون ڳالھ ڪر”

“مان هڪ اميد کڻي آيو آھيان”

“توکي ڪڏھن نااميد ڪيوسين جو اڄ اميد کڻي آئين”

“بس اڄ هڪ ٻي اميد”

“ڪهڙي!!”

“مومل منهنجي پٽ لاء ڏي!!”

“مومل!!!”

“ها مومل کي پنهنجي گهر جي راڻي بڻائڻ ٿو چاهيان”

“اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي!!”

“ڇا!!”

“هيڏانهن پنهنجي ياري، ۽ هوڏانهن مومل تنهنجي ننهن ٿيندي، اها ڳالھ ٺهي ٿي؟!”

“هاء هاء چري، دنيا ۾ الاء ڇا ڇا پيو ٿئي، تون منهنجي نڪاح ۾ ته ناهين جو جائز ناهي”

تيستائين مومل ٻن پيالن ۾ چانھ کڻي آئي ۽ ٻنهي کي چانھ ڏئي هلي وئي.

“مومل به راضي ٿيندي الاء نه؟!”

“چري! راضي ڪرينس نه، تون ماءُ آهينس ۽ ڀلا منهنجي گهر ۾ ڪنهن شيء جي ڪمي ته ناهي.”

“ڏسان ڀلا، ڇا ٿي چئي”

ٻنهي چانھ پيتي ۽ هو اٿي گهر مالڪياڻي کان موڪلائي روانو ٿي ويو ۽ گهر مالڪياڻي مومل جي ڀرسان اچي ويهي رهي.

“مومل! توکي خبر آھي ته هو ڇو آيو؟”

“الائي امان”

“هو پنهنجي پٽ لاء توکي ٿو گُهري”

“امان جيئن تنهنجي مرضي”

“بس هاڻي گنج ٿيو، اهو مُئو پڻھين توکي رکيل بڻائي ويٺو آھي ٻلو......”

مومل ڪنڌ هيٺ ڪيو ته ماڻس چيو “ڀلا گهر جي ٻلي مان ته جان ڇُٽندي، هُن جي ڌيءُ نه ڄڻ ڪا پاڙي واري ڇوڪري هجين، بيغيرت کي سمجهائي سمجهائي ٿڪي آھيان ۽ روز کيس ٿُڪون به هڻندي آھيان پر مُڙي ئي ڪونه ٿو”

“بس امان جتي ڪٿي اهي ٻلا ئي ته آھن”

“ها امڙ، ڀلا پيءُ جهڙي ٻلي کان ته جان ڇٽندئي، وڃي پنهنجي گهر ڀيڙي ته ٿيندينء”

“مون چيو نه ته امان، ٻلا جتي ڪٿي آھن”

“تون الائجي ڇا ٿي چوڻ چاهين!”

“بس امان، نه پڇ”

“نه ٻڌاء، ڇا ڳالھ آ”

“اهو جيڪو پنهنجي پٽ لاء مون کي گهري ٿو نه، اهو ٻلو ٽين رات توکي ڇڏي اچي مون سان سُتو ۽ اچي پنهنجو ڪارو منهن ڪيائين!!”

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي ٽائيم وال تان ۱۰ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment