Friday, November 25, 2022

تنقيدي نظريا ۽ ادبي تنقيد - ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

تنقيدي نظريا ۽ ادبي تنقيد

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو



تنقيدي نظريو ڇا آهي؟ تنقيدي نظريو اسان ۾ پنهنجي اندروني توڙي بيروني دنيا کي هڪ نئين نظر سان ڏسڻ ۽ سمجھڻ جي سگھه ۽ صلاحيت پيدا ڪري ٿو. اهو اسان کي سوچ جي اهڙين طاقتن ۽ طريقن سان روشناس ڪرائي ٿو، جيڪي اسان جي زندگي جي سڀني شعبن تي اثرانداز ٿين ٿا. مثال طور اسان والدين توڙي استاد جي حيثيت سان ٻارن جي تربيت ڪيئن ڪندا آهيون؟ اسان ٽيليويزن تي رات جون خبرون يا مزاحيه پروگرام ڪھڙيءَ ريت ڏسندا آهيون؟ اسان پاڻ ووٽرن توڙي گراهڪن طور ڪيئن هلندا آهيون؟ اسان سماجي، مذهبي ۽ سياسي اختلافن جي صورت ۾ ڪھڙيءَ ريت ۽ ڪهڙو ردِعمل ڏيکاريندا آهيون؟ ۽ اسان پنهنجن محرڪن، خوفن ۽ خواهشن کي ڪيئن سمجھندا آهيون ۽ انهن کي ڪھڙيءَ ريت منهن ڏيندا آهيون؟ جيڪڏهن اسان اهو سمجھون ته انساني پيداواري شيون جهڙوڪ نه رڳو ادب پر فلم، موسيقي، فن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعميرات وغيره انساني احساسن ۽ تجربن مان ڦٽي نڪتا آهن ان ڪري اهي انساني خواهشن، تضادن ۽ صلاحيتن جي عڪاسي ڪندڙ پڻ آهن ته پوءِ ان صورت ۾ اسان مٿين انساني پيداوارن جي باري ۾ بهتر ڄاڻ ۽ سمجھه رکي سگھون ٿا. تنقيدي نظريا توهان ۾ شين کي ڏسڻ ۽ سمجھڻ جون اهي طاقتون ۽ صلاحيتون پيدا ڪندا ۽ توهان کي انهن اوزارن سان ليس ڪندا جيڪي توهان کي نه رڳو داخلي توڙي خارجي دنيا کي نين نظرن سان ڏسڻ ۽ سمجھڻ جي سگھه عطا ڪندا، پر توهان کي منطقي سوچ ۽ بصيرت جي نئين جهان سان پڻ آشنا ڪرائيندا.


ھر ھڪ تنقيدي نظريو ڄڻ ته اکين تي پائڻ وارو هڪ چشمو ھوندو آھي، جيڪو ھن دنيا متعلق ڪجھه تصورن ۽ عنصرن کي فوڪس ڪري چٽو ڏيکاريندڙ ھوندو آھي. جڏھن ته ساڳئي وقت اھو چشمو ٻين گھڻن تصورن ۽ عنصرن کي ڌنڌلو بڻائي پسمنظر ۾ ڌڪي ڇڏيندو آھي. ڇا ھن آخري خيال ۾ توھان ڪجھه وقت لاءِ اٽڪي بيٺا؟ گھٽ ۾ گھٽ مون کي ته اھڙي پڪ ھئي. آخر ڪنھن ڳالههه يا تصور تي توجھ مرڪوز ڪرڻ لاءِ ڪجھه شين کي پسمنظر ۾ ڇو ٿو ڌڪڻو پوي؟ ڇا اھا ڳالهه ان ڏانھن اشارو نه ٿي ڪري ته ڪو به نظريو پنھنجو پاڻ ۾ ڪامل نه ھوندو آھي ۽ ھر ھڪ نظريو دنيا جي جامع حقيقت يا ھڪ وڏي تصوير جو فقط ھڪ حصو يا ھڪ رخ ڏيکاريندڙ ھوندو آھي! مثالطور سائنس ۽ مذھب اڪثر ڪري ھڪٻئي جا مخالف يا ابتڙ سمجھيا ويندا آھن؛ اھو ان ڪري نه آھي جو اھي حقيقت ۾ ھڪ ٻئي جا ابتڙ آھن پر اھو ان ڪري آھي جو اھي اسان جي توجھ اسان جي تجربن ۽ محسوسات جي مختلف پھلوئن ڏانھن ڇڪائيندا آھن. اسان جي سوچ ۽ سمجھه، اسان جي تصورن ۽ راين، اسان جي انفرادي توڙي اجتماعي روين ۽ عملن جي پٺيان ڪي نه ڪي تنقيدي نظريا ضرور ڪارفرما ھوندا آھن. چاھي اھي شعوري سطح تي ھجن يا لاشعوري سطح تي ھجن! ٻين لفظن ۾ اسان جي ھر وضاحت ڪنھن نه ڪنھن نظرئي سان سلهاڙيل ھوندي آھي ۽ ڪا به وضاحت اھڙي نه ھوندي آھي جيڪا ڪنھن نظرئي سان جڙيل نه ھجي.

زندگي جي ڪار ونھوار سان گڏ ادبي تنقيدي نظريا اسان کي ڪنھن ادبي لکت کي پرکڻ جا نظريا يا چشما آھن، جن وسيلي ان لکت جي تعمير ۽ جوڙجڪ ۽ ان جي خوبصورتي ۽ مطلب جي وضاحت ڪئي ويندي آهي. جڏھن اسان ڪنھن ادبي لکت جي وضاحت ۽ تشريح ڪري رھيا ھوندا آھيون ته اسان اصل ۾ ادبي تنقيد ئي ڪري رھيا ھوندا آھيون. پر جڏھن اسان پنھنجي ڪيل وضاحت ۽ تنقيد جا ھڪ مخصوص نظرئي ھيٺ پيمانا ۽ معيار جانچيندا آھيون ته ان وقت اسان اھو تنقيدي نظريو گھڙي رھيا ھوندا آھيون. سادن لفظن ۾ اھو کڻي چئجي ته ادبي تنقيد اصل ۾ ڪنھن ادبي فن پاري تي تنقيدي نظرئي جو اطلاق آھي، جنھن ۾ اھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي ته متعلقه اديب ان نظرئي کان ڪيتري قدر آشنا آھي ۽ ان جي سلهاڙيل تصورن کي پنھنجي فن پاري ۾ ڪيتري حد تائين جڳھه ڏئي سگھيو آھي. ھن وقت تائين ڪيترائي ادبي تنقيدي نظريا سماجي توڙي ادبي ميدان ۾ اچي چڪا آھن. انھن مان مشھور ترين ھي آھن: فرائيڊ جو نفسياتي يا تحليل نفسي وارو تنقيدي نظريو (ھن تحت ھڪ فرد جي داخلي دٻيل ۽ غير تسڪين ٿيل جنسي خواهشن جو خوابن وسيلي اڻ چٽي يعني لاشعوري اظھار جي تشريح ڪئي ويندي آھي، ان کان سواءِ ھڪ فرد مٿان سندس ڪنھن غالب گھر ڀاتيءَ يا ٻئي ماڻھو جھڙوڪ والد/والدہ، استاد/آفيسر طرفان استحصال جي ان فرد جي سوچ، روين ۽ ڪردار تي پوندڙ اثرن ۽ انھن جي مختلف نفسياتي اظهارن جي اپٽار ڪئي ويندي آھي)؛ ڪارل مارڪس جو مارڪسزم وارو تنقيدي نظريو (ھن تحت معاشي ترقي کي بنياد بڻائي ھڪ خاندان، قبيلي يا قوم کي توڙي ھڪ اداري کي ظالم ۽ مظلوم طبقن طور ٽوڙي ۽ سندن اميري ۽ غريبي کي انھن طبقن جي الڳ الڳ ڄارن سان جوڙيو ويندو آھي)؛ فيمينزم وارو تنقيدي نظريو (ھي نظريو اصل ۾ انسانن ۾ جنس جي بنياد تي مارڪسزم جو اطلاق آھي، ھن ۾ پدراڻي نظام ھيٺ مردن جي عورتن مٿان حڪمراني ۽ فوقيت مڙھڻ وارن شعوري توڙي غيرشعوري حربن، ھٿڪنڊن ۽ ڄارن جي اپٽار ڪئي ويندي آھي)؛ آفريڪن آمريڪن تنقيدي نظريو (ھي پڻ مارڪسزم جو انسانن تي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي اطلاق آھي، ھن ۾ اڇي چمڙيءَ وارن يا آمريڪي ماڻھن جي ڪاري چمڙيءَ وارن مٿان ھٿ ٺوڪي حڪمراني ۽ فوقيت مڙھڻ وارن شعوري توڙي غيرشعوري حربن، ھٿڪنڊن ۽ ڄارن جي اپٽار ڪئي ويندي آھي)؛ ليسبين گي ٽرانسجينڊر باءِ سيڪسيوئل ڪيئر وارو تنقيدي نظريو (ھن ۾ روايتي مرد ۽ عورت جي جنسي رجحانن کان ھٽيل جنسي لاڙا رکندڙ مردن، عورتن، ٽين جنس وارن ۽ ٻٽي جنس يا اڻمڪمل جنس رکندڙن يعني ٽرانسجينڊرن سان سماجي اڻبرابري وارن روين جي اپٽار ڪئي ويندي آھي. ) ڳالهه جو ڳر اھو آھي ته زندگي چاھي داخلي ھجي يا خارجي ھجي، انفرادي ھجي يا اجتماعي ھجي، تنقيدي نظريا ۽ ادبي تنقيد اسان کي نه رڳو پنھنجن ادبي فن پارن جي تشريح ۽ توضيح ڪرڻ ۾ مددگار آھن پر اھي اسان کي پنھنجي زندگي ۽ دنيا کي نه رڳو مختلف زاوين کان ڏسڻ ۽ سمجھڻ جي سگھه عطا ڪندا آھن پر انھن کي بھتر ۽ خوبصورت بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آهن!

(ھي مضمون گھڻو تڻو ھيٺئين ڪتاب جي صفحي ۲-۷ تائين ڪجھه ٽڪرن جو ترجمو آھي:

Lois Tyson, 2006. Critical Theory Today: A User-friendly guide. 2nd Ed. Routledge, New York-London)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment