Thursday, November 24, 2022

ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ناول ڪتا جو جائزو - حسن مجتبيٰ

ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ناول (ڪتا) جو جائزو

ڪتا انسان کي خدا سمجهندا آهن!

حسن مجتبيٰ



“جيئڻ سکو ته وقت کان سکو، جيڪو ڪڏهن نه ٿو مري. وقت جهڙو فلسفي، ڏاهو ۽ حڪيم ڪير به نه آهي. وقت فلسفي جو بادشاھ آهي، وڻيس ته ڪنهن کي قبول ڪري، نه وڻيس ته قتل ڪرائي. وقت ڏاهپ کي آڱر کان پڪڙي گڏ گهمائيندو آهي ۽ هر منزل جي ڏاهپ ان دور جي ڏاهپ هوندي آهي پر وقت ڪتي کان شڪست کائي ٿو. ڪتو وقت کي نه مڃندو آهي. ان وٽ ڪلھ، اڄ ۽ سڀاڻي ۾ ڪو فرق نه آهي، سڀ ڏينهن هڪ جهڙا آهن. ڪتا واچ نه پائيندا آهن! ڪلينڊر نه ٺاهيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو انسان جيان گذريل وقت تي افسوس نه ڪندا آهن. حال جي پرواھ نه ڪندا آهن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي نه ٺاهيندا آهن.”


ڊاڪٽر رسول ميمڻ ايڪويهين صديءِ ۾ هڪ اهڙي ناول جو بنياد رکيو آهي، جيڪو تاريخ ۾اهڙي نموني سان نٿو ملي پر اهڙي روايتن سان ملندڙ جلندڙ ڪهاڻي يا ناوليٽ جهڙا ڪتاب ملن ٿا جيئن ويهين صديِءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ننڍڙو ڪهاڻي ڪتاب “گڏھ” ۽ اهڙي ريت ڪرشن چندر جو ڪتاب “گڏھ جي واپسي” ملي ٿو. پر اهڙي فلسفي مڪمل ناول جو بنياد ڊاڪٽر رسول ميمڻ رکيو آهي.

هڪ اهڙو سوال انهن ڪتابن کي پڙهي اُڀري ٿو ته اهڙا وڏا ۽ ڏاها ليکڪ اهڙي موضوعن تي آخر ڇو ٿا لکن؟ ان جو جواب آءُ ڏيندو هلان ته

جڏهن انسان جو فلسفو ڪنهن غلط رستي سان هلي ٿو ۽ انهن جو تعداد وڌي وڃي ٿو ته هڪ ليکڪ انهن کي صحيح فلسفي ڏانهن واپس ورائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

رسول ميمڻ جو ناول “ڪتا” جيڪو به پڙهي ٿو ته ان کي گهڻا نوان خيال ۽ نوان رستا ملن ٿا. رسول ميمڻ جا ڪيترائي ناولَ آهن پر ان جو ڪتا ناول سڀني ناولن جو خدا آهن. اهڙي ريت جا ناول يا ڪهاڻيون بنيادي حوالي سان انساني فلسفي کي وڌيڪ ظاهر/ روشن ڪن ٿيون.

ناول کي رچيندڙ اگر ڪو فلاسافر آهي ته اهو گهٽ لفظ ۾ وڌيڪ ڳالھ ڪندو آهي. اهڙي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته ڊاڪٽر جو هي ناول گهٽ ۽ ٿورن لفظ ۾ گهڻو ڪجھ آهي، نه ته اهڙن موضوعن تي طويل لکي سگهي ٿو. رسول ميمڻ جي ناول ڪتا ۾ پيش لفظن ۾ ناول جو گهڻو پسمنظر ملي ٿو.

رسول ميمڻ جي ناول جي ارپنا “سڌي ليڪ نالي” آهي آخر اهو فلسفو ڇا آهي؟ سولو/ آسان ته ليکڪ پاڻ ٻڌائي سگهي ٿو پر اگر ڪنهن وٽ لفظ جي آرٽ آهي ته اهو ان کي بنيان ڪري سگهي ٿو. ان سڌي ليڪ جو مطلب آهي انسان جي ايسيجي ليڪون آهن جيڪي سڌي هلڻ سان موت جو سبب بڻجي ٿي.

(ليکڪ تصور جي ڪائنات خلقي ٿو.) پيش لفظن ۾ رسول ميمڻ انساني فلسفي کي ظاهر ڪندي لکي ٿو ته؛

وقت جهنگلي جانور آهي. ماضي ڪتو، حال گهوڙو ۽ مستقبل شينهن آهي.

جڏهن ڪتن کي ياد ڪيو ته انهن پويان ڪيترائي چهرا ياد آيا.

مون ڪتن تي لکڻ پئي چاهيو پر انسانن تي لکجي ويو.

ڌرتيءَ تي  پهريون صحيفو ڪتن جي ٻوليءَ ۾ هيو پوءِ ماڻهن جيئن لفظ ٺاهيا ته اهي ان صحيفي کان پري ٿيندا ويا. ڪتا اڄ به ان صحيفي تي عمل ڪن ٿا. انهن جو مذهب انسان دوستي ۽ مالڪ جي حفاظت آهي.

ڪٿي مون ڪتن جي صدقي ماڻهن جي تعريب ڪئي آهي. انسان کي محنت جي سلي ۾ ڪا مڃتا نه ٿي ملي. هو سڄي زندگي ڀوڳي ٿو. ڀوڳنائڻ جو ڪو قدرت نه آهي نفرتون ان جو نصيب آهن.

اهي انساني فلسفي جون نوٽ ٿيل سٽون آهن. ڊاڪٽر ڪٿي ڪٿي مذهب جي خلاف به وڃي ٿو ان تي تفصيل سان ڳالهائبو ته خلافيت کڻي ٿي ويندي ۽ اڳئي مذهب کي ڌنڌي جو روپ ڏنو ويو آهي. هن دور ۾ مذهب تي ڳالهائڻ ڪوڙ کي کٽائڻ جي ڪوشش آهي، پر سچ مُور نه مرڻو آ.

ڊاڪٽر رسول ميمڻ فني حوالي سان نثر جو ماڻهو آهي. ان جون ڪهاڻيون ۽ ناول ان جو ثبوت آهن. ڊاڪٽر جو هيءُ ناول “ڪتا” کان بنا گهڻن موضوعن ۾ پکڙيل آهي جيئن مذهب، انسانيت، سياست، ۽ ٻين حوالن سان پکڙيل آهي.

مان پهريان ڳالھ ڪري آيو آهيان ته اهڙا ناول انسانيت تي لکيا ويا آهن ناول جون ڪجھ نوٽ ٿيل سٽون جيڪي “ڪتي ۽ انسان” جي فلسفي تي آهن اهي هيٺ ڏيندو هلان ٿو:

هو ٻار پيدا ڪندو ۽ ڪمائيندو. محنت مزدوري ڪندو، پوءِ ٻار وڏا ٿي محنت مزدوري ڪندا ۽ هو اپاهج ٿي ويندو. ڪتي جيان در تي پيو هوندو، ڳڀي جو محتاج هوندو، کنگهندو ۽ ڀونڪندو.

جڏهن ڪتو موجود هيو ته انسان جو ڪهڙو ضرور هيو؟!.

ڪتن جا مقابلا ماڻهن جي ويڙھ کان انڪري بهتر هوندا آهن جو ڪتن جي مقابلي ۾ مون ڪڏهن ڪتو مرندي مرندي نه ڏٺو ۽ ماڻهن جي مقابلي ۾ ماڻهو ائين مرندا آهن جيئن ڪتو مري ويو.

ڪتا انسان کي خدا سمجھندا آهن.

ڪتو انسان سان هريل نه آهي، انسان ڪتي سان هريل آهي.

جنهن ڏينهن ماڻهن ڪتا کائڻ شروع ڪيا ته انهن ۾ به برڪت پئجي ويندي، جن ملڪن ۾ ڪتا کاڌا وڃن ٿا، انهن ملڪن جا ماڻهو پنهنجي نظام سان وفادار آهن.

تخليق سان گڏ ڪتو ۽ انسان گڏ نسريا آهن، ان ڪري ٻنهي جون عادتون هڪ ٻئي ۾ منتقل آهن.

ڪتي جيان انسان جا به نسل آهن ڪتو انسان مان پيدا ٿيل آهي ۽ انسان ڪتي مان.

چون ٿا ڪنهن ڪتي هڪ سياڻي جو لکيل ڪتاب غلطيءَ سان کاڌو ۽ پوءِ ڳوڙها ڳاڙيندو اڪيلو سمنڊ جي ڪناري تي ويهي سوچڍڻ لڳو.

هي انسان ۽ ڪتي جي فلسفي جو ڪجھ نوٽ ٿيل پوائٽيون آهن. اگر اهي موجوده دور جي انسان ۾ ڏسجن ته ڪتي واري خاصيت انسان ۾ موجود ملي ٿي.

ائين مذهبي حوالي سان هن ۾ ڪجھ ڳالهيون آهن جيڪي فلسفي ۽ مذهب جي خلاف ۽ ڪجھ حقيقت به آهن.

مذهب انسان جون شڪليون ڦيري ڇڏي ٿو.

بابو ڪتي اڳيان گرھ ائين اڇلائيندو هيو جيئن قسمت کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.

ماڻهو خدا کان گهٽ، ڪتي کان وڌيڪ ڊڄندا آهن.

منهنجو عقيدت تي ويساھ نه آهي پر عيد جي نماز پڙهندو آهيان.

مون ڪڏهن ڪتن جو قبرستان نه ڏٺو آهي. سواءِ هڪ قبر جي جيڪا ڪوهستان ۾ آهي ۽ ان قبر ۾ ڪتن جو نبي دفن ٿيل آهي.

انسانيت ڪڏهن به انسانن جو مذهب نه رهيو آهي.

هي آهن مذهبي نوٽ ٿيل سٽون.

ڊاڪٽر رسول ميمڻ آخر ايڏو گهرائي ۾ وڃي ڇو ٿو لکي؟ ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ ڪتا ناول نه پر ان جون ڪهاڻيون، ناولَ ۽ فلسفي جا ڪتاب به ڏکي تشبيھ سان لکيل آهن اهو ان ڪري ته ڊاڪٽر گهڻ پڙهيل ۽ ڏاهو آهي.

هن ناول ۾ ٻي خاصيت اها به آهي ته هميشه ڪتن کي مالڪ جو وفادار ڏٺو آهي پر هن ۾ مالڪ ڪتن سان وفادار آهي. اهو هڪ وڏو فلسفو چئي سگهجي ٿو.

رسول ميمڻ سان منهنجي هڪ ملاقات آهي ڪراچي ۾. مون گهڻي ڀاڱي هن ناول کي پڙهڻ کان پوءِ ڊاڪٽر کي ويجهي کان سمجهيو آهي.

بنيادي طور تي ڪتا ناول انساني فلسفي تي لکيو ويو آهي، هن ناول ۾ ڊاڪٽر ڳالھ ڪري ٿو جيڪا يقينن ڇرڪائيندڙ آهي ته ڪتن جي بيماري ۾ ڊاڪٽر جو پنهنجو وڏو فرزند ڪتن سان پيار ڪندي ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٿئي ٿو ۽ بيماري سان جنگ نه وڙهيندي ۽ سڌي ليڪ جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ان ڳالھ جو ثبوت ڊاڪٽر جي ڪهاڻين جي ڪتاب “فونو” ۾ ملي ٿو.

ان ڳالھ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ڊاڪٽر رسول ميمڻ وڏو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڏاهو ۽ فلاسافر سان گڏوگڏ پنهنجي طبيعت ۾ انتهائي نفيس ۽ ڏنگو شخص رهيو آهي.

***

۱۷ نومبر ۲۰۲۲ع

 

(حسن مجتبيٰ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۴ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment