Thursday, November 3, 2022

ڇرڪ ۽ ڪتڪتايون - پير عبيد راشدي

ڇرڪ ۽ ڪتڪتايون

(مختصر ڪهاڻي)

پير عبيد راشدي



دوستاڻي ماحول ۾ ٿورا گهڻا تڪرار ٿيڻ ڪا نئين ڳالھ نه آهي. دوستي آهي ڇيڙيل ماکي ۽ ڇيڙيل ڏينڀوءَ جو ڇتو ۽ مانارو. پر دوستي آهي ڪٿي؟ وڃي نالو رهيو آهي. منهن تي هر ڪو مٺو، بلڪه ميان مٺو ۽ پر پُٺ؟ هر ڪنهن کي خبر آهي ته ڇا ڳالهايو ويندو آهي ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. دوستي، سڱ سياڪو پاڻيءَ وارو نار، جتي جر وهي ٿو جال! هاڻ ته جر جال ڪو نه ٿو وهي. انهيءَ جي نار ڪنگرين ۾ موتي جهڙو مٺو پاڻي ته وڃي ٿي ڳالھ، هاڻ ته مالها ۾ کارو پاڻي، ڪٿي نار وارو پاڻي عربي ٻولي وارو لفظ نار ته نه ٿي پيو آهي!؟


دوستيءَ جو نار، هلي نه هلي وٺ رينگٽ کي. آرٽ ڪائونسل جي ڪيفي گل رنگ جو هڪ ترنگ، دوستن جي سنگ، ادبي گڏجاڻيءَ جو ست رنگو رنگ. ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جا اُڌما، شام جا لڙيل پاڇا ۽ احساس، آسمان. ٽيبلن تي منرل واٽر جون بوتلون، ڪتاب ۽ نوٽ بُڪ. منرل واٽر اُڃ لاهي ٿو يا مَن کي اڃا وڌيڪ رُڃ، سُڃ، اُڃ ۾ روليو ٿو ڇڏي. ’پيئان، نه ڍاپان‘ واري ڪرت. هڪ لفظ هڪ سِٽ ۾ تانگھ اڻ پورن پنڌن جون ڪيفيتون. اوچتو کيس ڇِرڪ پيا، پر هن ڪنهن کي محسوس ٿيڻ نه ڏنو، شايد ڀر ۾ ويٺل مظفر محسوس ڪيو. مظفر کي سندس ڇرڪ ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ ڳڻپ دوران کيس ڪو ڪسو نوٽ هٿ لڳو هجي.

ٽيبلن هيٺان ٻلا، ٻليون ۽ ٻلونگڙا ڊوڙندڙ، ڪنهن مهل ٽيبلن هيٺان ته ڪنهن مهل موسمي گُلن جي ٻارين ۾ لڪي وڃي آسائتا ٿي ٿيا. پريان ٻين ٽيبلن تي آرٽس ڪائونسل جا ميمبر، ڊائريڪٽر، اداڪار ۽ اداڪارائون ۽ ڪنهن هڪ ٽيبل تي گِٽار جي سُرن تي ڇيڳرن ۽ ڇيڳرين جون مُرڪون ۽ ڪنڌ ڌوڻڻ. ڇا اها مُرڪ ۽ ڪنڌ ڌنئڻ اصلي آهي؟ يا جيئڻ جا جتن!

ڪجھ ڏينهن پهرين هو آرٽ ڪائونسل جي آڊيٽوريم مان رات جي وڳڙي ۾ ڪنهن دوست سان ساڳئي آسمان هيٺ، ساڳي ٽيبل تي ويٺو هو.

”زندگيءَ جي هڻ وٺ، ڇتڪُتائي، مُرڪ ونڍڻ، تاڙا ملائڻ به وڏي دل گُڙدي جي ڳالھ آهي.“

تڏهن هن پنهنجي دوست سان ڀڻڪاٽ ڪيو هو.

دل سان مُرڪڻ به موڪلائي ويو. اڄوڪي گڏجاڻيءَ ۾ به ساڳيو ماحول هو. گِٽار جي سُرن ۾ مُظفر کيس چيو: ”مُرڪ ڪٿي رهي آهي؟ نه مُرڪ، نه سچائي.“

مظفر جو مُک اهڙو آهي جو نه به مُرڪي يا ڪنهن تخليق تي تنقيد به ڪري، تڏهن به ڄڻ پيو مُرڪندو آهي. ڪِن هڪ ٻن جا شوڊلر بيگ، ٽيبلن هيٺ ٽائل جي لَسي فرش تي رکيل هئا. بيگن ۾ ڇا هو؟ ڪتاب، ڪاپيون، جن ۾ ڊگهي پنڌ، اوسيئڙي جي وارتا ۽ ٿڌا يخ ساھ، ساھ اوسارا ۽ ساھ مُٺ جون مالهائون گهٽائون ٽانڪيل هيون. ساھ مُٺ جي ڪيفيت به اڌ مُئو ڪري ڇڏيندي آهي. ياد جي ڪا ڪَڪري مٿس هميشه وسندي رهندي آهي. جا هو اڃا لکي نه سگهيو آهي.

شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ڪنهن ڪانفرنس ۾ ويٺل هو جو اوچتو فون وڳي هيس ۽ ڪانفرنس هال مان ٻاهر نڪري ويو هو.

”مان اچان ٿي!“ پريان هن جو ڳالهائڻ.

”رات جي وڳڙي ۾ ڪٿي رهندين؟ يونيورسٽيءَ جي ريسٽ هائوس ۾ اڪيلو ته ناهيان، سڄي سنڌ لٿل آهي.“

”آئون لاڙ، وچولي سنڌ جو ماڻهو، اُتر اڳي ئي قبيلائي جهيڙن ۾، مارائي ڇڏيندين!“

”مون لاءِ رات، ڏينهن برابر. رات جي اوجهڙ اونداهي ڇا ڪندم، گهر ۾ وري ڪهڙي پناھ اٿم!؟“

 فون تي هن جي ساھ جو ڌڌڪو هو، رکي چيائين: ”پوءِ صبح ساجهر نِڪرجانءِ، رسول آباد مان ڪال ڪجانءِ، اسٽاپ تي ناظِر بيٺل هوندو، ناشتو ڪري اڳتي وڃجانءِ.“

ايلاز هئس يا چاڳ ڌاٻو. ڪلاڪ ڏيڍ ۾ هو، هن جي شهر، سندس گهر ڀر، ڪنڀرن جي اوطاق ۾ ايئن ويٺو هو، ڄڻ ڪنڀار جي آويءَ تي جُڙندڙ، ڀُرندڙ ٿانوَ. اوچتو وري ڊوڙندڙ ٻليون پيرن ۾اچي ويٺس ته ڇرڪ ڀريائين.

”ٻِليون هريو مِريو وڃن، گهر ڀاتي ٿيو وڃن.“ مظفر هوريان ڳالهايو.

”ڪِن ٻلين جو ساٿ اگر بتيءَ واس جيان وقتي ته ڪي عمر ڀر گڏ هلنديون آهن.“ هن ٿڌو ساھ ڀري وراڻيو.

ڊوڙندڙ ٻليون، ويٺل ٻليون ۽ گُلن ڦلن ۾ لڪندڙ ٻليون.

”انسانن ۽ جانورن جون صورتون هڪ ٻئي سان ملنديون آهن.“

”تڏهن ته چوندا آهيون، صفا ڪو ٻلو آهين! اکيون طوطي وانگر نه ڦيراءِ!“

”اکيون رب رکيون، شل مالڪ سبحان ڏسڻ واري اک ڏئي.“

مظفر جي ڳالھ تي کيس اُهو دوست ياد پيو، جو گُل رنگ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو، ڦُٽ پاٿ تي ڪاڳرن هيٺان ٽڙيل پکڙيل انسانن جون ڪهاڻيون کڻي اچي پڙهندو هو، پر پوءِ کيس نه سٺو ويو ۽ اجاين ڀوڳن تي اچڻ ڇڏي ڏنو هئائين.

ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان هر وقت ڀوڳ، اڍنگي روش جي ڪري ويجها به پري ٿيو وڃن.

”تنهنجي ڪنڌ ڇاتيءَ تي نه ڄاڻ ڪيترين ٻلين چاڳ ڪيا، ڪي ننڊ پيون، ڪي شولڊر بيگ ۽ رات راڻي ول جيان پيون رهيون.“

مظفر جي اکين ۾ پُڇا هئي، هن مُرڪي ڏنو ۽ کيس ٺونٺ هڻي هيٺ ڏسڻ جو سُرٻاٽ ڪيو. هيٺ پيل شولڊ بيگ کي ٻلي ماسٽر بيڊ سمجهي ننڊ پئي هئي. هن ٻليءَ کي ڏٺو، ٻليءَ جون اکيون ڪنهن عورت جهڙيون هيون.

”ڇرڪ ڪڍائڻ، ويجهو پوڻ ۽ ڪتڪتايون ڪڍڻ، وڃي اِنهن ۾ رهيو آهي.“

”ڪُرسين ۽ صوفن تي ويهڻ واريون، ڪهڙي ڪم جون؟“

هن کِلندي وراڻيو؛ ”ويگن ۽ ٽرين جي جيب ڪترن جو خالي نالو.!“

هنن ٻنهي هڪ ٻئي جي کِيسن کي ڏسي مُرڪي ڏنو. سندن شَرٽن جي کِيسن ۾ ڦُر جون وارداتون ڀريل هيون. مظفر جي رب رکين اکين تي چڙهيل چشمي کيس وڌيڪ سنجيده ٿي ڪيو. هن جي اکين ۾ اباڻي ملڪيت جي اڻ ڌُري ورڇ ۽ لاڙ پَٽن جي مدرسن جي ٻوساٽيل ماحول جي اونداهي هئي يا آفيس جي ٽَڪي ٽَڪي، هزارن، لکن، ڪروڙن جي ڳڻپ واري ٿَڪاوٽ ڏيندڙ ڪيفيت هئي. هو سڀ ڪجھ ڇڏي آيو هو. ڪراچي يونيورسٽي، فاطمه جناح روڊ جي ڇانوَ ۾ ٿانيڪو نه ٿي سگهيو. لياري ۾ الاءِ جي ڪيئن ٿو گذاري.

”ڪي سفيد، ڀوريون ۽ ڪاريون ٻليون فارم هائوس، آرٽس ڪائونسل جي ڊريسنگ رومن ۾ سورنهن سينگار ڪري رات سانت ۾ گڏ، ۽ پوءِ سج اڀريو ناهي اوپريون ٿيون ناهن.“

مظفر هيٺ ٻليءَ تي هٿ آڱريون ٿي ڦيرايون، ٻليون پيرن ۽ شولڊر بيگ کي پنهنجي اسٽيٽ بڻايو ويٺيون هيون.

”دوستو هاڻ ڌيان ڏيو، دستوري گڏجاڻي شروع ٿا ڪيون، اڄ اسان وٽ تڪرار، ضد ۽ عجب ڳالھ آهي. جو دوست ڪهاڻيڪار آهي، اهو نظم جو شاعر آهي سو ڪهاڻي پڙهندو، ڪُل ست اٺ اسم آهن. سيڪريٽري صاحب ڳَلو صاف ڪري، ڀٽ ڌڻي بادشاھ جو بيت پڙهيو. هو ته ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جو حافظ، پر ڳالهائيندي ڀُلي ويو، وچ واري دوست کيس مصرع پڙهي ٻڌائي.

معيد حسن ڪهاڻيءَ جا ڪاڳر سنڀاليا، ’دل ڪترو‘ معيد حسن ڪهاڻي پڙهي، انهيءَ وچ ۾ دوستن ڀُڻ ڀُڻ ڪئي؛

”ويچاري وٽ آهي هڪ دل سا به ٿو ڦُرائي، موسميات، سچل ڳوٺ صدر تائين پهچندي ماڻهو ويگن ۾ الاءِ ڇا ڇا وڃائي ڇڏيندا آهن، هي دل ڦُرائي ويٺو ته ماتم ٿو ڪري. ماڻهو دل وڃائيندو آهي، تڏهن ته وڃي سُٺو شاعر يا ڪهاڻيڪار ٿيندو آهي.“

معيد حسن جي ڪهاڻي پوري ٿي.

”ادا هي اڇي مٿي ۾ نظم ’ڪتڪتايون ۽ ٿڌڙا‘ پڙهندو، اڇي مٿي ۾ ٿڌڙن جو ڪهڙو ڇهاءُ ڪهڙو جادو؟“

سيڪريٽري صاحب ڳالهايو: ”پهريون ڀيرو نظم لکيو اٿئي ڇا!؟“

هن ڪاڳر هٿ ۾ ڪيو، ٻلين وري ڪتڪتائي ڪڍيس، ڇرڪ پيس، نظم پڙهڻ کان پهرين مختصر ڳالهايائين:

”نظم ۾ ٻاروتڻ، اين جي وي، ماما پارسي اسڪول جي اوسيئڙي جي ڪيفيت آهي، جا شهر جي هيوي ٽريفڪ ۽ وڪٽوريا گاڏيءَ جي ٽاپ ٽاپ ۾ لڪي نه سگهي. ۽ ڄامشوري جي هوائن ۾ هيڪاري، ڀنڀٽ ڪري ڇڏيو. دوستن کي خبر هجي ته لکڻ جي شروعات نظم سان ڪئي هيم.“

”نظم ۾ ته ٿڌڙا ڪتڪتايون، پر تنهنجي ڪهاڻي ۾ ڇا هي؟“ دوستن مان ڪنهن پڇيو.

”لوهارڪو ڌڪ، سريي تي ڄڻ هٿوڙو!“ هن وراڻيو.

سندس وراڻي وضاحت تي عبدالغفور مُرڪي پيو. اوچتو ٻلي پيرن مان ٽِپ ڏيئي هنج ۾ ويٺس ۽ هن هيٺ ڏٺو، شولڊر بيگ تي ٻي ٻلي ننڊ پئي هئي. هن هڪ هٿ ڊگهو ڪري ٻليءَ کي پري ڪرڻ چاهيو.

”ڇڏينس ڀلي آسيس وٺي، خواب ڏسي.“ مظفر هوريان ٺونٺ هڻندي چيس.

”خراب نه ڪن، پوءِ ڪُلهي ڪيئن ڪندس؟“

”ڪُلهي ۽ گود ۾ ٻليون نه ڪرين ها ته ليکڪ ڪيئن ٿئين ها، شڪاگو ۽ هوسٽن مان ورتل واليٽ بيگ ته ورهائي ڇڏيئي، اهو شولڊر بيگ ته زم زمان پٺاڻن واري بازار مان ورتل اٿئي. پٺاڻن ڀلي ستن پاڻين سان ڌوتو ۽ صاف ڪيو هجي پر آمريڪين ۽ يورپين جي گند ۾ اَٽيل آهي.“ مظفر چيو.

”هون.... اسان جا چڱا خاصا ۽ سياست ڪار آمريڪين ۽ يورپين جي مُٽ ۾ تِرڪندا آهن تڏهن وڃي سُرخاب جا پر لڳندا اٿن.“

هن مختصر نظم پڙهي ورتو. سڀ کان پهرين عبدالغفور ڳالهايو. هن جي ڳالهائڻ ۾، گُلقند جي خوشبوءِ هئي.

”واھ واھ، ماما پارسي، اين جي وي اسڪول، بندر روڊ، روڊ تان گذرندڙ ٽرام، وڪٽوريا گاڏيءَ جي ٽاپ ٽاپ. ڇا ته سُهانو زمانو هو، پُر سڪون شهر هو.“

عبدالغفور هو ته لوھ جي بٺيءَ جو ماڻهو، پر سندس اکين ۾ پراڻي شهر جي ياد سانوڻ ڪڪريءَ جيان لٿل، ۽ زبان تي گُلقند جي خوشبوءِ هئي.

 

(سعيد لغاريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment