Tuesday, November 29, 2022

اڻپال جي ڇڪ - مشتاق جروار

اڻپال جي ڇڪ

مشتاق جروار



ادبي دنيا ۾ عالمي ادب جي وڏي اھميت رھي آھي تنھن ڪري ھر قوم ۽ ملڪ جا اديب، عالم ۽ ڏاھا ٻين ڌارين ٻولين ۾ لکيل ڪتابن کي تمام گھڻو پڙھن ٿا ۽ انھن جا ترجما پنھنجي ٻولي ۾ ڪن ٿا، عالمي جي ادب جي ڪتابن جي ترجمي سان ھڪ ته پنھنجي ٻولي جي ادب ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته پڙھندڙ دنيا جي خيالن، سوچن، حالتن ۽ ثقافت کان واقف ٿئي ٿو. سنڌي ۾ به ھن وقت سٺا ڪتاب ترجما ٿي ۽ ڇپجي رھيا آھن جن ۾ ڪي کوٽون ضرور آھن پر اھي سٺي مقدار ۾ ترجمو ٿي رھيا آھن پر اھڙا ترجما گھٽ ھوندا آھن جن کي پڙھندي محسوس ٿيندو آھي ته ھي ڪتاب لکيل ئي سنڌي ٻولي ۾ آھي. تازو “ريکائون ميگزين” جي آگسٽ واري شماري ۾ آمريڪي ليکڪ “جئڪ لنڊن” جي ناول The call of the wild جو مڪمل ترجمو ڇپيو آھي، جنھن کي سليم نور حسين ترجمو ڪيو آھي جنھن جي ٻولي ۾ ڪا به اوپرائپ محسوس نه ٿي ٿئي يقينن ھي شاھڪار ترجمو آھي. ھي ناول بظاھر ۾ ھڪ ڪتي بڪ جي پنھنجي پاڻ کي زندھه رکڻ لاءِ ڪيل جدوجھد جي ڪھاڻي بيان ڪيل آھي پر ليکڪ جو اصل ۽ اھم نقطو ارتقا کي بيان ڪرڻ آھي. ھن ناول کي پڙھندي بلڪل محسوس نٿو ٿئي ته ليکڪ ڪو ارتقا جا اصول ۽ ان جو پروسيس بيان ڪري رھيو آھي پر جڏھن پڙھندڙ ارتقا جي نظريئي کي اڳيان رکي ھن ناول جي انت کان شروعات تائين سڄي ڪھاڻي تي سوچي ٿو ته بلڪل ھڪ ڪتي ارتقا جي ڪھاڻي لڳي ٿو. ھن ناول جي شروعات ۱۸۹۷ع ۾ ساموندي پٽي وارن ملڪن ۾ آيل ھڪ وڏي تبديلي کان ٿئي ٿي. جنھن جو اثر ماڻھن سان گڏوگڏ ڪتن تي پوي ٿو. ان تبديلي کي ليکڪ ھنن بھترين لفظن ۾ پيش ڪيو آھي “بڪ (ڪتي جو نالو) اخبار ڪو نه پڙھندو ھو نه ته کيس خبر ھجي ھا ته نه رڳو ھن تي پر ھر سامونڊي ڪپر واري تر سان لاڳاپيل جانٺين مشڪن ۽ ڊگھن گھاٽن وارن واري ڪتي، پيوجيسٽ سائونڊ کان ڊائيگو تائين مصيبت ڪڙڪڻ واري ھئي ڇاڪاڻ ته ماڻھن قطبي اونداھه ۾ ھٿوراڙيون ھڻي ھڻي ھڪ ھئڊو ڌاتو ڳولي لڌو ھو ۽ ڇاڪاڻ ته آڳٻوٽن ۽ اچ وڃ واريون ڪمپنيون انھي لڀ مان ڪمائي جي ڪڍ ھيون ۽ ھزارين ماڻھو اتر پار ڏانھن ڌوڪيندا ٿي ويا انھن ماڻھن کي ڪتا کپندا ھئا کين ڳرا ڪتا کپندا ھئا جانٺين مشڪن وارا ڪتا، جيڪي جاگوڙي سگھن. بشڪن واري کل سان ڪتا ته جيئن پاري جي سٽ سھي سگھن.” ايئن ناول جي ابتدا ٿئي ٿي ۽ ھن ناول جو مرڪزي ڪردار ڪتو بڪ ھڪ ماڻھو جج ملر جي گھر ۾ ھڪ پالتو ڪتي جيان ئي رھي ٿو جتي ھن جي زندگي بلڪل انسان جھڙي ھوندي آھي ۽ ان جو ماحول اڄ جي تھذيب يافته دور جو ھوندو آھي جتي ھو جج ملر جي ٻارن سان راند کيڏي ٿو سوئمنگ پول ۾ تري ٿو، پر اچانڪ جج ملر جي گھر جو مالھي بڪ کي ھڪ ڪتن جي واپاري وٽ وڪڻي ڇڏي ٿو جتان بڪ جي ڏکن جي زندگي جي شروعات ٿئي ٿي جتان بڪ برفاني علائقن جي ٻن سرڪاري عملدارن وٽ وڪيو وڃي جيڪي ڪتن کي برف گاڏي ڇڪڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن بڪ جي ھن دور کي ليکڪ ارتقا جو وچ وارو ڏاڪو ڏيکاريو آھن جنھن ۾ انسان جهنگلي علائقن ۽ برفاني علائقن ۾ رھندا ھئا ۽ انھن جانورن کي پنھنجي معاشي ڪمن ۾ استعمال آڻڻ لاءِ ۽ انھن کي پنھنجي طابع رکڻ لاءِ انھن جي تربيت ڪرڻ شروع ڪئي. ۽ ھتي بڪ تمام ڏکيا ڪشالا ڪڍيا، ھتي ھي وڏيون بکون ڪاٽي ٿو برفاني علائقن ۾ ھتي ھن زندگي جا وڏا سبق سکي ٿو جيڪي ھن ريت آھن.

جھنگ ۾ اھا جيوت زندهه رھي سگھي ٿو جيڪا طاقتور آھي جنھن ۾ پنھنجي پاڻ کي محفوظ رکڻ جي صلاحيت آھي باقي ڪمزور ۽ صلاحيت کان محروم جيوت زندھه نٿي رھي سگھي. جيئن ھن ناول ۾ ڪتن جي ويڙھه دوران ڏٻري ۽ ڪمزور ڪتي ڪرلي ھڪ ئي ويڙھه ۾ پورو ٿي ويندي آھي يا بڪ ۽ ھڪ ٻئي جي ڪتي سپٽز جي ويڙھه دوران بڪ سپٽز کي ماري وجھي ٿو ۽ ڪتن جي لوڌ جو اڳواڻ ٿي وڃي ٿو.

زندگي جي ھن سفر دوران بڪ اھو پڻ سکي ٿو ته ھتي صرف گھوٻاٽي ۽ ڏند جو قانون ھلي ٿو تنھن ڪري جنھن وٽ گھوٻاٽو آھي اھو قانون ٺاھيندڙ حڪمران آھي ۽ جنھن وٽ مضبوط ڏند آھن اھو ئي زندهه رھي سگھي ٿو ۽ پنھنجو بچاءِ ڪري سگھي ٿو نه ته ان کي ڪرلي جيان ڪنھن نه ڪنھن جي ھٿان موت اچي ويندو آھي. جيئن ھڪ ھنڌ ليکڪ لکي ٿو ته “بڪ بي رحم ھو ھن گھوٻاٽي ۽ ڏند جو قانون ھئين سان ھنڊايو ھو ۽ نه ڪنھن سرسي مان فائدو وٺڻ کان ڪيٻائيندو ۽ نه ئي اھڙي دشمن کي ڇڏي پٺتي ھٽندو ھو جنھن کي موت جي واٽ تي پير کڻايو ھئائين ھن سپٽز کان ۽ پوليس ۽ ٽپال وارن جي مکيا ويڙھاڪ ڪتن کان پرايو ھو ۽ خبر ھئس ته ڪو وچ وارو رستو ڪونھي. ھو پاڻ مٿانھون ٿئي يا پاڻ کان مٿانھون ٿيڻ ڏي جڏھن ته ڪھل ڪرڻ ڪمزوري ھو. مول جيوت ۾ ڪھل جو وجود ڪونه ھو، ان کي ڀئو سمجھيو ٿي ويو ۽ اھڙيون غلط فھميون موت آڻينديون آھن، مار يا مارجي وڃ، کاءُ يا کاڄي وڃ، اھو قانون ھو ۽ ھُو وقت جي قانونن جي بجا آوري ڪندو ھو.”

ان کانسوا ھن ناول ۾ ليکڪ ان نقطي کي به بحث ھيٺ آندو آھي ته اوائلي زماني ۾ جڏھن ھن ڌرتي تي رھندڙ جيوت تي جڏھن فطرتي مصيبتون، آفتون ۽ تڪليفون آيون ٿي ته ان پنھنجي پاڻ جو ڪيئن بچاءُ ڪيو ٿي ۽ ان جيوت ان دور ۾ ھڪ ٻئي جي تجربن مان ڪيئن پرايو ٿي. ھن ناول ۾ ليکڪ ارتقا جي ان نقطي کي پڻ آندو آھي ته ڪنھن به جيوت تي ماحول ڪيئن ۽ ڪيترو اثر پوي ٿو ۽ اھا جيوت ڪيئن حالتن مطابق پاڻ کي تبديل ڪندي ۽ پنھنجي پاڻ کي ماحول ۾ ڪيئن ڍالي ٿو ۽ جيڪڏھن ڪنھن جيوت ۾ پنھنجي پاڻ ۾ تبديل ڪرڻ واري خاصيت ناھي ته اھا فنا ٿي ويندي آھي تنھن ڪري جيوت لاءِ پنھنجي پاڻ ۾ ماحول مطابق تبديلي لازمي آھي جيئن ھن ناول جو مرڪزي ڪردار ڪتو بڪ پنھنجي پاڻ کي ماحول ۾ ڍالي رھي ٿو، اھو ساڳيو ڪتو جڏھن جج ملر جي گھر ۾ ھڪ پالتو ڪتو ھو تڏھن ھن کي کاڌي لاءِ ڪا به جفاڪشي نٿي ڪرڻي پئي نه ئي ھي ڪو ويڙھو ڪتو ھو پر جڏھن بڪ جھنگ ۾ رھڻ لڳي ٿو ته ھن کي پنھنجي کاڌي لاءِ مالڪن جي کاڌي مان چوري ڪرڻي پوي ٿي ته پنھنجي بچاءُ لاءِ ويڙھو ٿيڻ پوي ٿو.

فرانس ۽ پرئل کان پوءِ بڪ ھڪ شڪاري جان ٿارنٿن وٽ وڪيو وڃي ٿو ليکڪ بڪ ھن دور کي انسان جي ارتقا دوران آيل شڪار وارو دور ڏيکاري ٿو جنھن ۾ انسان جانورن کي پنھنجي پالتو جانور جيان رکڻ لڳو ھو ۽ انھن کي پنھنجي شڪار جي حاصلات لاءِ استعمال ڪرڻ لڳو ھو. ھتي مرڪزي ڪردار بڪ جي زندگي تمام گھڻي سولي گذرڻ لڳي ٿي ھتي ھن کي ٿارنٿن جو پيار ملي ٿو ھتي بڪ جي پنھنجي مالڪ سان محبت واري حس جاڳي پوي ٿي ھتي ھن جي انسان سان وفا واري حس جاڳي پوي ٿي ھتي بڪ جي پراڻي سگھه، پراڻي طاقت موٽي اچي ٿي ۽ ھو واڳ گاڏي ڇڪڻ جي ھڪ مقابلي جان ٿارنٿن کي پئسا ڪمائي ڏي ٿو، ھتي بڪ جي پنھنجي اباڻي شڪار ڪرڻ واري حس موٽي اچي ٿو ۽ ھو ھاڻي جھنگ پنھنجي مرضي سان جانورن، پکين جي شڪار ڪري سگھي ٿو ھُو جھنگ ۾ پنھنجي آزاد زندگي گذاري سگھي ٿو ھن کي ڪنھن به انسان جي ضرورت نٿي پئي جنھن جي سھاري ھو زندهه رھي سگھي کاڌو حاصل ڪري سگھي پر ھن کي انسان محبت جي ڇڪ وري به ٿئي تنھن ڪري ھُو ڪڏھن ڪڏھن جان ٿارنٿن جي ڍاٻي تي پڻ وڃي ٿو ايئن ھي پنھنجي زندگي وڻن، ٻيلن ۽ جانورن جي وچ ۾ گذارڻ لڳي ٿو، بڪ جي ھن زندگي کي ليکڪ ارتقا جو پھريون ڏاڪو ڪري پيش ڪري ٿو ۽ بڪ جيڪو ارتقا جي ھاڻوڪي ڏاڪي تي ھڪ ڪتو آھي جيڪو انسان جي سنڀال ھيٺ رھي پيو اھو وري پنھنجي ارتقا جي پنھنجي ڏاڪي ۾ جھنگ ۾ رھڻ ۽ بگھڙن جي وچ ۾ رھڻ ڪري ھڪ بگھڙ ٿي بگھڙن واري زندگي گذارڻ لڳي ٿو ايئن ناول جي پڄاڻي اچي ٿي ۽ بڪ جي ڪھاڻي پوري ٿئي. جيئن ته ليکڪ ھڪ ناول نگار سان گڏوگڏ سماج وادي ھو تنھن ڪري ھو ھن ارتقا جي ڏکئي موضوع کي ناول جي صورت ۾ تمام دلچسپ انداز سان پيش ڪيو آھي ۽ ھن جو ترجمو به لاجواب آھي پڙھندڙ کي ھي ناول پنھنجي گرفت ۾ جڪڙي وٺي ٿو. تنھن ڪري ناول ادب ۽ ارتقا سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي ھي ناول ضرور پڙھڻ گھرجي.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۹ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment