Sunday, November 20, 2022

هڪ عاشق جو قصو - ڪليم ٻُٽ

هڪ عاشق جو قصو

(افسانو/ فلئش فڪشن)

ڪليم ٻُٽ



ڪلهه فقيرو ملڻ آيو ته سمجهي نه سگهيس هو حيران هو يا پريشان.....! پر هن جي اهڙو اوچتو اچڻ مون کي پريشان ڪري ويو. مونکي لڳو فقيرو روز جيان ساڳيو ئي محبوبه کي ڦاسائڻ جا هزار آسان نسخا نالي ڪتاب، جيڪو هڪ اهڙي عاشق جو لکيل هو جنهن کي عشق ۾ ست ڀيرا ناڪامي ملي ۽ نيٺ همراهه ڇڙو ئي مري ويو، مان ٽي چار سو نسخا پڙھي ٻڌائيندو ۽ بيزار ڪري ويندو. مان مٽڪي جهڙي پيٽ واري اڌ گنجي ۽ ٽيڏين اکين واري فقيري کي، ڊرائنگ روم ۾ وٺي آيس ۽ پڇيومانس: ”ڏي خبر فقيرا...!“


"نيٺ هن ها ڪري ڇڏي," فقيري مرڪي چيو.

اهو ٻڌي مونکي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ سوچڻ لڳس آخر پيليءَ، هن ڀالو نما انسان ۾، اهڙو ڇا ڏسي ورتو جو ها ڪري وئي. پڪ سان هوءَ گولڊ ڊگر آھي ۽ فقيري جي ملڪيت ۾ اکيون اٿس. پوءِ ياد آيو؛ فقيرو ته ڪنگلن جي گروهه جو بي تاج بادشاهه آھي ۽ خرچ ڪڍڻ لاءِ  شام جو ٽڪڻ تي ٿالهه رکي، پڪوڙا وڪڻندو آھي. ان ڪري اهو خيال دل مان تڙي ڪڍي ڇڏيم ۽ لڳم متان دنيا ۾ آخري مرد فقيرو ئي بچيو هجي...!

”واهه فقيرا واهه.... اهو ته ڪمال ٿي ويو.... نيٺ تو وارو نسخن جو ڪتاب ڪم اچي ويو نه...!“

”ڪمال وري ڌوڙ جو..... ڳالهه ته پوري ٻڌ....!“

مان ويتر حيران ٿي ويس ۽ وائڙن جيان فقيري کي ڏسندي چيم: ”ها ٻڌاءِ؟!؟!...“

”اڄ دل جهلي پڇيومانس ته سچ سچ ٻڌاءِ! تون ڪنهن ٻئي سان پيار ڪندي آھين....!“ فقيري آهه ڀريندي ٻڌايو: ”ان تي چيائين ’ها....!‘ ۽ مونکي ڇڏي، ڪلاسن ڏانهن هلي وئي. مڙي به ڪو نه ڏٺائين....“

 

(نوٽ ف ب جي هڪ وڊيو مان متاثر ٿي لکيل)

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ نومبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment