Friday, November 25, 2022

نئين پارٽي - جبار آزاد منگي

نئين پارٽي

فلئش فڪشن

جبار آزاد منگي



چيائين: اصولي اختلاف رکي پارٽيءَ مان نڪري آيو آهيان.

پڇيومانس: ڪھڙا اصولي اختلاف آهن؟

چيائين: ليڊر کي چيم ته ڪلھ ڪنگال هئين، اڄ ارب پتي آهين، اها دولت ڪٿان آئي آهي؟

پڇيم: پوءِ ڇا ٿيو؟

چيائين: ان کان اڳ جو هو غداري ءَ جو الزام هڻي پارٽيءَ مان ڪڍن مان پاڻ استعيفا ڏئي نڪري آيو آهيان!


پڇيومانس: هاڻي ڇا ارادو آهي، سياست ڪرڻ جو؟

چيائين: سنڌ کي هڪ سگهاري پارٽيءَ جي ضرورت آهي، سو نئين پارٽي ٺاهڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان!

چيومانس: سنڌ ۾ هڪ نئين ديڳڙيءَ جو اضافو ٿيڻ پيو وڃي!

چيائين: تون ڇا به سمجهين پر هن وقت سنڌ کي هڪ سگهاري پارٽيءَ جي واقعي سخت ضرورت آهي.

چيومانس: نئين پارٽيءَ جو مقصد ڪھڙو هوندو؟ جهنڊو ۽ فڪر ڪھڙو هوندو؟

ورندي ڏنائين: جهنڊو به ساڳيو، فڪر به ساڳيو هوندو ۽ مقصد؟ مقصد اهو ئي جيڪو زور شور سان جاري آهي!

چيومانس: مطلب ته تنھنجو به ڪک پتيءَ مان ڪروڙ پتي بڻجڻ جو مقصد آهي؟

چيائين: ڏاڍو حرڪتي آهين! شطرنج جي سڀني چالن کي سمجهين ٿو، پر صاف چوڻ کان ڪترائين ٿو! اهي به بادشاهي خيال.

ائين فرمائي هو نئين پارٽي ٺاهڻ لاءِ مونکي اڪيلو ڇڏي هليو ويو!

 

(جبار آزاد منگي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment