Friday, November 25, 2022

ڪھاڻي ڪتاب - ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالھ

جمن احمداڻيءَ جي ڪھاڻين ۾ جديديت پُڄاڻان صورتحال ۽ ڪجهه ڪمزور فني ۽ فڪري زاويا.

تجزيو ۽ تنقيدي جائزو.

خليق ٻگھيو



تازو جمن احمداڻيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو بعنوان ”ڦاھي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه!“ نظر مان گذريو. ھيءُ ڪتاب نومبر ٻه ھزار ايڪويھ ۾ ”مُرڪ پبليڪيشن“ شايع ڪيو آھي. خوبصورت ٽائيٽل رکندڙ، ايڪيتاليھ ڪھاڻين تي مشتمل ھِن ڪھاڻي مجموعي جو مھاڳ ناليواري تجزيه نگار ۽ نقاد ڊاڪٽر غفور ميمڻ جَن لِکيو آھي ۽ بئڪ پيج سينئر ڪھاڻيڪار رزاق سھتي لِکيو آھي. اُنھيءَ کان سواءِ ھِن مجموعي ۾ شاعر دوست مرتضيٰ لغاريءَ جي پبلشر نوٽ سميت، خود ڪھاڻيڪار پاران ڪجهه ڳالهيون پڙھندڙن سان پڻ اُوريون ويون آھن. ھِن کان اڳ به جمن احمداڻيءَ جا ٻه ڪھاڻي ـ ڪتاب ھڪ ”اداس موسمن جو شھر ۽ ٻيو ”اڪيلو ماڻھو پڻ شايع ٿي چُڪا آھن. ادبي ساخت جي لحاظ کان جمن احمداڻيءَ جي ھِن ڪھاڻي مجموعي جون اڪثر ڪھاڻيون مائڪرو ڪھاڻيون آھن ۽ ڪي مختصر ڪھاڻيءَ جي روايتي فن تي سرجيل آھن. فني لحاظ کان مائڪرو ڪھاڻي ٽي سئو لفظن کان گھٽ واري ڪھاڻي سمجھي ويندي آھي، پر ھڪ صفحي کان چند لفظن تائين به محدود ٿي سگھي ٿي. مائڪرو فڪشن خود فليش فڪشن جي ھڪ ماتحت شاخ آھي. سنڌي جديد ڪھاڻي، جيڪا مختصر ڪھاڻيءَ جي ھيئت ۾ ٿئي ٿي، سا ابتدا، وچ ۽ انجام تي ٻڌل ھوندي آھي. اردوءَ ۾ پنجاھ لفظن يا ھڪ صفحي تائين مائڪرو ڪھاڻي لکڻ جا اڪثر تجربا ڪيا ويا آھن. ھيئتي لحاظ کان مائڪرو ڪھاڻي، سولن سادن لفظن ۾ واقعي جي عڪاسيءَ بعد، ھڪدم ڪردار جي حرڪتن ۽ روين وسيلي حادثي جي نتيجه خيز پڄاڻيءَ طرف وڌندي آھي. ھن قسم جون ڪھاڻيون پڙھندڙ جو وقت بچائي کين جلد ڪلائيمڪس ڏيندڙ ٿين ٿيون. ھڪ ڪامياب مائڪرو ڪھاڻي سرجڻ لاءِ لفظن جي طاقت تي ڀروسو ڪري سگھجي ٿو ۽ تخيل جي بلندي اُن جي ڪاميابيءَ جي ضمانت ھوندي آھي. ڪن ناقدن موجب، نثري نظم ۽ افساني جي وچ واري صورت مائڪرو فڪشن آھي. جمن احمداڻيءَ جي ھِنن ڪھاڻين جي شڪل به ٻوليءَ جي مستعمل لھجي مان نظماڻي ثابت ٿئي ٿي ۽ پيشڪش جي لحاظ کان (سواء ھڪ ڪھاڻيءَ جي) اُھي نثري ھيئت ۾ آھن. سندس ڪھاڻين جي ٻولي علامتي، استعاراتي ۽ تجريدي آھي. مائڪرو ڪھاڻي جي تشخيص جو ھڪ رخ تجريدي ٻولي به ھوندو آھي. ڪن تاريخ نويسن موجب ھن کان اڳ جپان ۾ ھائيڪو ۽ نثر کي گڏي مختصر لِکڻ جا تجربا پڻ ڪيا ويا ھئا.


جمن احمداڻيءَ جا موضوع سرمايادارانه تھذيب جا موضوع آھن. خاص طور ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۽ فردن جا رويا سندس عڪسن ۾ آھن. صنعتي اوسر جي ترقي پذير توڙي ترقي يافته سماجن جي اندر ماڻھو ڪيئنءَ ٿو ڀوڳي؟ ۽ ھڪ ڪنزيومر سوسائٽي جي اُڀرڻ بعد انساني رشتا تبديل ڪيئَن ٿا ٿين؟ اھو سندس تخليقي فڪر جو پسنديده مضمون آھي. ائينءَ لڳي ٿو ته ھُو ڊجيٽلائيزڊ دنيا ۾ آدرشي خوابن جو ڪوھيڙو ڳولڻ نڪتو آھي، جنھن ۾ سندس سڀ وسيلا ڪھاڻيءَ کان شروع ٿي، ڪھاڻيءَ تي ئي ختم ٿين ٿا. ڪھاڻيءَ جو وسيلو استعمال ڪندي، ھُو شعوري بتيون ٻارڻ جي جستجوءَ ۾ رُڌل نظر اچي ٿو. جمن احمداڻيءَ جون ڪھاڻيون غير رُومانوي آھن، ڇاڪاڻ ته اُنھن ۾ زندگيءَ جا تلخ تجربا ۽ ڪڙا سچ آھن. خوش فھميءَ تي ٻَڌل پيار ڪھاڻيون ڪونھن. پر پڙھندڙ سندس ڪھاڻين کي پڙھندي موجوده دنيا جي ڊسٽوپيا روپن کي پَسي سگھي ٿو. ماضيءَ ۾ جيڪو به فلسفو آيو ۽ جيڪي به ادبي تحريڪون اُڀريون ھُيون، سي ڪنھن نه ڪنھن طرح پنھنجي نوعَ توڙي فڪري سمتن ۾ جمالياتي ھيون ۽ اُميد پرستيءَ واري روحانيت خلقيندڙ ھيون. انھيءَ ڪري ڪي ناقد جديديت جي تحريڪ ۾ روحانيت ڏسن ٿا ۽ جديديت پُڄاڻان کي غير روحاني سڏين ٿا. ھڪ رايو ھيءُ به آھي ته جديديت پُڄاڻان فلسفو جمالياتي تحريڪن کان منڪر آھي. اُن ماڻهوءَ جي آدرشي خاڪن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪئي آھي ۽ ماڻهوءَ کان مرڪزيت ۽ ترتيب ڦري ورتي آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي، جو ھاڻوڪي دنيا ۾ اڳ موجود سمورن فلسفن کان انڪار جي صورت نظرياتي ڪشمڪش کي جنم ڏنو آھي.

ھاڻي دنيا بقول بوڊريلارڊ نقل در نقل Simulations جي شڪار ٿي وئي آھي. جين بوڊريلارڊ جو ٿيوري Simulacrum theory اُنھيءَ ڏس ۾ جديديت پڄاڻان جي معاشي، ثقافتي، ميڊيائي دنيا بابت ڪافي ڄاڻ مھيا ڪري ٿي. ھُو سمجهائي ٿو ته اصليت جي جاءِ نقليت ڪيئن ورتي آھي؟ ھاڻي دنيا ماڊلس ۽ نشانين جي نقل ۾ ڪيتري گرفتار آھي. ميڊيا وسيلي اصل شين ۾ بگاڙ پيدا ڪري، حقيقتن کي لڪائي نقل کي ڪھڙيءَ طرح اُڀاريو وڃي ٿو؟ جمن جي ڪھاڻي، بعنوان ”آخري ڪھاڻي“ ۾ به جين بوڊريلارڊ جي نظرئي Simulation جي ڪجهه جهلڪ نظر اچي ٿي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي ته ھڪ ڪھاڻيڪار پنھنجي ڪھاڻي ڪمپيوٽر تي اپ لوڊ ڪرڻ وقت وقت، تاريخ ۽ پنھنجو نالو لکڻ وساري ويھي ٿو ۽ پاڻ ابدي ننڊ سمھي پوي ٿو. نتيجي ۾ سندس ڪھاڻيءَ کي ھر ڪو پنھنجو نالو ڏَئي اپ لوڊ ڪري ٿو، جيڪو به شخص اُھا ڪھاڻي اپ لوڊ ڪري ٿو. اُھو ڪھاڻيءَ جو نقل ڪري پنھنجي نالي سان رکي ٿو ۽ پاڻ گم ٿيڻ لڳي ٿو. سندس ڪھاڻي اپ لوڊ ٿيڻ کان پوءِ ھڪ ئي وقت سموري دنيا جي ڍانچي ۾ ڏار پوَڻ جو شديد خطرو پيدا ٿي وڃي ٿو. منھنجي خيال موجب، جمن جي ھيءَ ڪھاڻي موجوده دنيا بابت ھڪ ته اُھو شعور بخشي ٿي ته ھاڻي سماجن ۾ اصلوڪي سماجي ترقيءَ جي برعڪس رڳو اشوز جي ٺڳيءَ ۾ ڦريو وڃي ٿو ۽ اُھو به پڌرو ڪري ٿي ته ڊجٽ دَور جا ڪھڙا نقصان آھن؟ قاري ھن ڪھاڻي بابت پاڻ کان سوال ڪري سگھي ٿو ته ڇا اھڙي ڪھاڻي ٿي سگھي ٿي، جيڪا اپ لوڊ ٿيڻ بعد سموري دنيا ھڪ ئي وقت خطري سان ھمڪنار ٿي وڃي؟ اُھو ناممڪن پلاٽ آھي ۽ انھيءَ ڪري ناممڪن پلاٽ آھي جو ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته ان شخص جي اُھا ڪھاڻي، ھر ھڪ ماڻھوءَ جي ميڄالي ۾ ڪرنٽ جيان لڳي ٿي. ھر ھڪ پڙھندڙ، ان شخص جي ڪھاڻيءَ کي پنھنجي ئي نالي سان اپ لوڊ ڪري ٿو ۽ جيڪو به اپ لوڊ ڪري ٿو، سو گُم ٿي وڃي ٿو. ناممڪن ۽ غير امڪاني پلاٽ جو اھو رواج به جديديت پڄاڻان دَور جو رواج بڻيل آھي. جديديت پُڄاڻان ادب اھڙن بي اعتبار بيانن unreliable تي مشتمل ٿئي ٿو. ، جنھن ۾ حقيقت به اھڙي ته گَھڙيل ھوندي آھي، جو اُن تي حقيقي ھجڻ جو شَڪ ٿيندو آھي. اُھا حقيقتن جي ابتڙ ماورايت Hyper reality آھي. جمن احمداڻيءَ جي ھڪ ٻي ڪھاڻي ” ڌرتي تان ڪچرو ھٽايو پيو وڃي“ به جديديت پُڄاڻان جي دَور جي معاشي بدلجندڙ صورتحال جي نمائندگي ڪري ٿي. جنھن صورتحال ۾ صارفي ڪلچر آھي. جديد ڪمرشلائيزيشن آھي. ميڊيا وسيلي ھائپر رئيل دنيا پيدا ڪئي وئي آھي ۽ جيڪو واپار انھيءَ وھڪري ۾ شامل نٿو ٿئي، سو معاشي زوال جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته ھن دَور ۾ سيٺ سليمان نالي ھڪ ڪنجوس واپاري پنھنجي واپار کي ڊجيٽلائيزڊ ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. اوچتو وائرس جي ڦھلاءَ ڪري مارڪيٽون بند ٿي وڃن ٿيون. روڊ رستا ويران ٿي وڃن ٿا. نتيجي ۾ سيٺ سليمان جو غريب ٿي وڃي ٿو ۽ احساس ڪفالت ۾ نالو لکرائڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ جديديت پُڄاڻان جي گلوبلائيزڊ دَور ۾ اليڪٽرانڪ رشتن جي اھميت واضح ڪئي وئي آھي ۽ ڪھاڻيءَ ۾ ان تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته عالمي سرماياداري نظام پاران وائرس جا مصنوعي اشوز کولڻ جو مقصد، درصل دنيا کي سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي جي ڄار ۾ ڦاسائڻ واري سازش آھي. منھنجي خيال ۾ اُھو وائرس جو اِشو عارضي اشو رھيو آھي. اُن موضوع کي ”مستقل سماجي موضوع “ ڪري پيش ڪيو ويو آھي، جيئن موجوده گلوبل وليج واري تصور رکندڙ دنيا ۾ غير رسمي/ غير رواجي بيانيي Unconventional Narrative جي عڪس بندي ڪري سگھجي.

 جڏھن علميت، عقليت ۽ سائنسي ايجادن جي بنياد تي دنيا ۾ ترقيءَ جو نعرو ھڻي انسانيت کي ڌوکو ۽ فريب ڏنو ويو، تڏھن کان علم، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ جي رفتار ۽ ڪارج جي پت وائکي ٿي وئي ۽ جديديت جي تحريڪ ۽ روشن خياليءَ واري تحريڪ جي رٿابندي شڪن جي ور چڙھي وئي. جديديت پُڄاڻان جي اھڙي صورتحال جي نشاندھي جن اھم فلسفين ڪئي، تن ۾ جين فرانسس ليوٽارڊ جو نالو پڻ اھم آھي. ساڳي صورتحال جو ھُن تُز تجزيو ڪيو آھي. ھُن پنھنجي فلسفي وسيلي پڌرو ڪيو ته علم ھاڻي مارڪيٽ جي جنس آھي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ سماجي معاشي ۽ثقافتي زندگيءَ جي قدرن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي. ليوٽارڊ جو اھو موقف اسان موجوده دنيا مان ثابت ڪري سگھون ٿا. رڳو موجوده سنڌي سماج جو تجزيو ڪري ڏِسجي ته سائنس ۽ انٽرنيٽ، جتي شھري ۽ ڳوٺاڻي تھذيبن کي سائنسي فائدا ڏنا آھن، اتي وڏا نقصان به ڏنا آھن. مثال طور جديد ميڊيا جي پھچ بعد انساني رشتا پنھنجي اصليت ۽ فطرت کان پري ٿيل نظر اچن ٿا. ھڪ گھر جا ماڻھو به سائنسي ايجادن ۾ ايترا ته گُم آھن، جو کين پنھنجي زنده ھجڻ جي تصديق لاءِ به ھاڻي وقت ڪونھي . جمن انھيءَ ڏسا ۾ ڪھاڻين جي صورت ۾ جيترو به تخليقي پورھيو ڪيو آھي. سو پنھنجو ڪارج رکي ٿو. ھُن سنڌي ڪھاڻين وسيلي سنڌي سماج جي معاشي حالتن جي بھترين عڪاسي ڪئي آھي. ھُن جي ڪھاڻين مان سُڌ پوي ٿي ته اڄ جي سماج ۾ ميڊيا ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري نام نھاد ترقيءَ اسان کي ڪھڙي نه ڪلچرل زوال ڏانھن ڌڪي ورتو آھي؟ سندس ھڪ ڪھاڻي ” نگاھن جو پوسٽ مارٽم “ اھڙيءَ ئي لقاءَ کي پيش ڪري ٿي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي ته جڏھن ھڪ شخص ڪنھن دڪاندار کان نيون اکيون خريد ڪري لڳائي ٿو، تڏھن کيس سڀ ماڻھو اگھاڙا، وحشي، باندر ۽ ڳِجھن وانگر نظر اچن ٿا ۽ ھُو ڏِسي ٿو ته اُھي ماڻھو بکَ ۽ وحشت ڪري ڪُتن وانگر ھڪ ٻئي تي حملو ڪري رھيا آھن. ھيءَ ھڪ بھتر علامتي ڪھاڻي آھي، ساڳئي موضوعَ تي اڳ به سنڌي ڪھاڻيون لِکيون ويون آھن. ائينءَ سندس ڪھاڻي” ڊجيٽلائيزڊ ماڻھو“ ۾ زال مڙس موبائيل فون ۾ ايترا گم نظر اچن ٿا، جو جيئري ئي ھڪ ٻئي لاءِ مُئل آھن ۽ ڄڻ ته ٻئي ھڪ ئي قبر ۾ داخل آھن. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ طرف سائنسي ايجادن جي ڪري ماڻھن جي فطرت کان دُوري ظاھر ڪئي وئي آھي. ته ٻئي طرف جديديت جي تحريڪ کي ناڪام ڪندڙ عالمي سرمايادارانه نظام جي انساني ترقيءَ واري کوکلي نعري کي بي نقاب ڪيو ويو آھي. سندس ھڪ ٻي ڪھاڻي ” ڪرامتي بنگلو“ ھڪ عوامي نمائندي تي سنجيده انداز ۾ طنز ۽ جديد شھري سماج جي جديد حِس New sensbilty جو ڇُھاءُ پيش ڪري ٿي.

جمن جون اڪثر ڪھاڻيون شھري سماج جون عڪاس ڪھاڻيون آھن، جن ۾ سنڌي سماج اندر موجود نيم سرماياداري اوسر جي نتيجي ۾ وڌندڙ بيرزوگاريءَ ۽ ڪرپشن جي بدمعاش صورتحال کي عڪس بند ڪيو ويو آھي. شَھري سماج ۾ مارڪيٽ جي حوالي سان سرجيل سندس ڪھاڻي ” شارٽ ڪٽ “ به ھڪ سٺي اصلاحي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ پيغام پوشيده ته اڌ ڇڏي سڄي ڏانھن وڃبو ته اڌ به ختم ٿي ويندو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ٻھراڙيءَ کان آيل ٻه نوجوان ھول سيل مارڪيٽ ۾ ٻه نمبري شيون وڪڻي گرفتار ٿين ٿا ۽ آخر مجبور ٿي ڳوٺ واري رھيل ٻنيءَ جا ٽُڪر وڪڻي پوءِ آزاد ٿين ٿا. سندس ڪھاڻي” پلاسٽڪ سرجري“ به گلوبل سماج جي صورتحال کي پيش ڪندي اُھو ظاھر ڪري ٿي ته وائرس جي زماني ۾ ماسڪ لڳائي ماڻهو ڪيئن نه خوش آھن؟ ڪھاڻيءَ ۾ اُھي ماسڪَ، ھڪ ماڻھوءَ کي نقلي نڪَ لڳن ٿا. ڪھاڻيءَ ۾ اھو ماڻھو ماسڪ لڳائڻ جي ڪري سخت خفي ۽ پريشانيءَ ۾ ورتل آھي. اُن ڪردار جي دماغي خلل کي ڪھاڻيءَ ۾ پُوئي اُھو تاثر ڏنو ويو آھي ته اُن صورتحال ۾ فردَ لاشعوري حملن جي زد ۾ اچڻ ڪري ذھني انتشار جي ور چڙھي وڃي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ جي برعڪس موضوعي اضافيت يا حد کان زياده مبالغه آرائيءَ کان ڪم ورتو ويو آھي، جنھن جو ٿلهي ليکي مقصد شايد ادب ۾ نج پڻي جي بدران شين جي افسانويت واري تصور کي اُڀارڻ آھي. جديديت پڄاڻان جي ناقدن موجب شيون ۽ حقيقتون نج خالص پڻو نٿيون رکن، پر حقيقت ملاوتي ۽ گھڙيل ھوندي آھي. ان جو وڏو مثال ميڊيا جي ڪارگردگي آھي. ميڊيا، جيڪا نج پڻو ختم ڪري شين جي ماورائي حقيقت پيدا ڪري بيوقوف بڻائي ٿي. سندس ڪھاڻي ”ماڊرن دھشتگرد“ ۾ زرد صحافت کي بي نقاب ڪيو ويو آھي ۽ تاثر ڏنو ويو آھي ته زرد صحافت ڪندڙ ڪيئن نه معاشرتي ڏوھن ۾ ملوث ھجن ٿا. . ؟ جديديت پُڄاڻان فلسفين ۽ نقادن موجب، اڄڪلهه ميڊيا منطقيت ۽ محرڪ جو ڪوڙو ويس به ڍڪي ٿي. ھِنن موجب دنيا ۾ ميڊيا جو ڪردار غير جانبدارانه نه آھي، پر اھا گھڻو ڪري سرمايادرانه نظام جي حق ۾ استعمال ٿئي ٿي، جنھن ڪري ڪنھن به سچ جي تصديق نٿي ٿئي. حقيقت، تصديق، عقيدن ۽ اخلاقي رشتيداريءَ جو دَور ڄڻ ته ختم ٿي ويو آھي. جمن احمداڻيءَ جي ھيءَ ڪھاڻي به دنيا ۾ شين کي شڪ جي نگاھ سان ڏسڻ جو ھڪ تجرباتي سعيو آھي. ڇاڪاڻ ته ٻي مھاڀاريءَ بعد علم ۽ شين کي شڪ ۽ گُمان Skepticism جي نگاھ سان ڏسڻ جو دَور شروع ٿي ويو آھي، جيئنءَ ڪُليت ۽ قطعي سچ جا پئرا کڻي سگھجن، ڇاڪاڻ ته قطعي سچ ۽ ڪليت جي تصور جي دوکي ۾ انسان دشمن سماج جي اڏاوت ڪئي وئي آھي، ھاڻي جديديت جي بعد واري دَور ۾ اُھو ماضيءَ وارو عمل انسانيت سان ڌوکو جي برابر سمجهيو وڃي ٿو. سموري دنيا ۾ ھاڻي غير يقيني آھي. آدرشن جي موقوفي آھي. ۽ ڪامل معنائن جو عدم استحڪام آھي. ھڪ بي ترتيبيءَ ۽ بي اصوليءَ Randomness جو دَور ھلي رھيو آھي.

بحيثيت ڪھاڻيڪار جي جمن جي ڪھاڻين جي بنيادي مقصد به جديديت جي تحريڪ کان پوءِ معاشي ۽ سماجي آفتن جي عڪاسي ڪرڻ نظر اچي ٿي. جيئنءَ سندس ڪھاڻي ” موبائيل فون جي ور چڙھي ويل رشتا “ ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته ھِن جديديت پُڄاڻان جي دَور ۾ اليڪٽرانڪ ۽ مصنوعي رشتا ڪيئَن نه رت جي رشتن مٿان سوڀ ۽ حاڪميت رکي رھيا آھن؟ ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ” اڄ جو ڪوڙ “ ڏيکاريل آھي . ٺڳيءَ جي دَور کي بي نقاب ڪيو ويو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ پُيءُ لاءِ پُٽ دوا وٺڻ جي اُبتڙ پنھنجي موبائيل ۾ بيلئنس وجهائي ٿو ۽ بيمار پيءُ سان ڪوڙ ڳالهائي ٿو ته اسٽورَ بند ھئا. جمن جا ڪردار اڄ جي شھري سماج جي جديديت پُڄاڻان جا اھڙا ڪردار آھن، جيڪي معاشري جي عام وھڪري ۾ وھي وڃن ٿا. اِھڙا غير نظرياتي ڪردار، جن وٽ بُري ڀلي جي تميز ڪانھي. فطري حياتيءَ کان ڪَٽيل ۽ سائنسي ايجادن جي موھَ ۾ ورتل ڪردار، جَن وٽ زندگيءَ جي ھار جيت جو ڪو به واضح تصور نه آھي ۽ جَن جي مٿان گلوبل ۽ جديديت پُڄاڻان صورتحال جو خول چڙھيل آھي.

جمن جي ٻي ڪھاڻي ” ڄمڻ کان مرڻ تائين جو سفر “ به ھڪ علامتي ڪھاڻي آھي، اُن ڪھاڻيءَ ۾ به جديديت پڄاڻان جي صورتحال آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته زندگيءَ جي ريل جي سفر ۾ رشتيدار ڪيئَن نه ھڪٻئي تي ڪاوڙيل ھوندا آھن؟ مائٽن کي به عزتون ۽ عھدا ملڻ تي ناخوش ٿين ٿا ۽ ھيءُ معاشرو ڪيترو نه اَڻ سھپ ۽ اذيت پرستيءَ جو شڪار ٿي ويو آھي، جو ساڳي وقت مائٽن کان سواءِ معذورن کي پڻ اذيت، تذليل ۽ تڪليف ڏئي رھيو آھي؟ ھيءَ ڪھاڻي اُھا حقيقت پگھاري ٿي ته اسان وٽ خواب ڏسندڙ سان تعصب ڪرڻ وارو سماجي ورتاءُ لاحق آھي، اُنھيءَ ڪري ھتي، مُئل ڏانھن ماڻھن جو رويو مثبت ۽ سٺو آھي ۽ جيئري انسان لاءِ سازشون ۽ عذاب پيدا ڪري کيس ڪيئَن نه گھٽ درجي جو ڪري پيش ٿو ڪيو وڃي. . . ؟ موضوعاتي لحاظ کان ھيءَ ھڪ زبردست ڪھاڻي آھي. جمن وٽ، علامتي ڪھاڻين ۾ ڪي غير امڪاني ۽ عجيب موضوع Impossible and and Curious themes آھن، جيڪي فلسفياڻا ڇُھاءُ پيش ڪن ٿا. مثال طور سندس ڪھاڻي ” ٻاويھين صديءَ جو سج اولھ کان اڀرڻ گھرجي! “ ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته ھڪ شخص / سپاھي ايڪھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ھڪ ئي ميزائيل سان دنيا تباھ ڪري، پوءِ پاڻ کي ڏوھي سمجهي ماڻھن کي سَڏي ٿو ته مون کي سزا ڏيو ! بعد ۾ ئي ھُن کي احساس ٿئي ٿو ته ڌرتيءَ تي امن سُونهن ۽ ساوڪ يا سرسبزيءَ جي ڪيتري نه وڏي اھميت آھي؟ بعد ۾ ئي هُو سوچي ٿو ته ڌرتيءَ تي مٺا ۽ دلفريب آواز ڪيڏي نه وڏي اھميت جا حامل ھوندا آھن؟ عقلي طرح پڙھندڙ اڳيان اُهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته ڌماڪي سان دنيا تباھ ٿيڻ کان پوءِ، ھُو پاڻ ڪيئن جيئرو آھي، جو ڊگھي مڪالمه بازي ڪري ٿو؟ ۽ باقي ڪھڙا ماڻھو بچيا آھن، جن کي ھُو سَڏي انقلاب آڻن جي ڪوشش ڪري رھيو آھي؟ انھيءَ قِسم جا سوال ادب ۾ جديديت جي تحريڪ جي عروج واري زماني ۾ ته ڪري پيا سگھجن، پر جديديت پڄاڻان جي ھِن دور ۾ نٿا ڪري سگھجن، ڇاڪاڻ ته ھِن دَور ۾ عقليت پسنديءَ Rationalism کي خوبصورت ڪوڙ سان تعبير ڪيو وڃي ٿو. ھيءُ جديديت پُڄاڻان جو دَور ادب ۾ آزاد تخيل جو دَور آھي ۽ فڪر جي ڪنھن به مطلق حاڪميت جي مخالفت جو دَور آھي. ائينءَ جمن جون ڪھاڻيون آزاد تخيل جي پرورش ڪن ٿيون. سندس ڪھاڻين جي ٻي اھم موضوعاتي خوبي جديديت پڄاڻان وارو ساڳيو موضوع طبيعات پُڄاڻان / ڏند ڪٿائي موضوع آھن، جيئنءَ سندس ڪھاڻي ” مرڻ مون سين آءُ “ ۾ ھڪ ميت مرڻ بعد پنھنجي موت تي جڏھن فرقن، مسلڪن ۽ رسمن جا سندس تدفين بابت مختلف رايا ٻُڌي ٿي ته ميت سوال ڪري ٿي ته ھِتي آخر مرڻ ڇونه ٿو ڏنو وڃي؟ ڇا مرڻ بعد ميت جو اھو سوال ڪرڻ ممڪن آھي؟ ساڳئي طرح سندس ھِن ڪھاڻي مجموعي جي ٽائيٽل ڪھاڻي بعنوان ” ڦاھي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالھ “ به علامتي ۽ تجريدي ٻوليءَ ۾ لکيل ھڪ اھڙي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ظاھري طور سامراجي پاليسين کي وائکو ڪيو ويو آھي، پر اندروني طرح اُھا ڪھاڻي به ڏند ڪٿائي وھمن شڪن، گمانن سان سرشار آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي ته ھڪ جلاد جيڪو ڦاھي گهاٽ تي ڦاھيون ڏِئي ٿو، تنھن جي خيال ۾ ڦاھي ڏنل وري جيئرا ٿي ڦاھي گھاٽ تي چڙھن ٿا. کيس لڳي ٿو ته ڦاھي ڏنل ماڻھو، جَن تي دھشت گرديءَ جو الزام ھو، سي سڀ ھڪجهڙا آھن ۽ سندس ڪڍ لڳن ٿا. انھن پُراسرار ڳالهين ڪري. ھُن کي نوڪريءَ مان ڪڍيو وڃي ٿو ۽ آخر ۾ گھر اچي هُو جڏھن آئينو ڏسي ٿو ته سندس شڪل به انھيءَ دھشتگرد جهڙي آھي، جنھن کي ھُن پھريون ڀيرو ڦاھيءَ تي لٽڪايو ھو. مري ويل سندس ڪڍ ڪيئن لڳن ٿا؟ ۽ سندس شڪل ھروڀرون پھرين ڦاھي کاڌل دھشتگرد جهڙي ڇو آھي؟ اُھي سوال ثابت ڪن ٿا ته ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ماوريت ڏنل آھي ۽ ھيءَ ڪھاڻي مفروضي ٽائيپ، فرضي ۽ مصنوعي تخيل تي ٻڌل ڪھاڻي آھي. اھڙين ڪھاڻين ۾ حقيقت نگاريءَ جي برعڪس، صورتحال کي ” خيالي پلاوءَ پچائڻ “ جي عڪسن ۾ پيش ڪيو ويندو آھي. جديديت پُڄاڻان جي فلسفي موجب، مُشاھدو به مفروضي تي ٻڌل ٿي سگھي ٿو. اُن ڪري شيون حقيقت نما ته ٿي سگھن ٿيون، پر اصلوڪي حقيقت نه آھن. ڇاڪاڻ ته سچ ۽ حقيقت Subjective آھن. معروضي نه آھن. ادب ۾ جديديت پُڄاڻان کي تحريڪ، لاڙو ۽ رجحان به ڪوٺيو وڃي ٿو. ان مان بظاھر نظرئي سازيءَ جي مخالفت موجود آھي، پر ٿورو غور ڪجي ته اُھو نظرين جي قطعيت ۽ ڪُليت کي رد ڏيندي، پاڻ به نظرئي سازيءَ جي عمل ۾ گرفتار نظر اچي ٿو.

جمن احمداڻيءَ جي مذڪوره بھتر ڪھاڻين کان سواءِ، سندس ڪافي ڪھاڻيون ڪمزور ۽ گھٽ اثر ڇڏيندڙ به آھن. ھڪ ئي مجموعي ۾ ايڪيتاليھ ڪھاڻيون ڏيڻ پڙھندڙ کي ٿڪائي وجهي برابر عمل آھي. ھڪ ڪھاڻيءَ ـ ڪتاب ۾ پندرھن کان پنجويھ ڪھاڻيون شامل ھجن ته ڪھاڻين تي ادبي ناقد کي بحث سھيڙڻ ۾ به آساني ٿي سگھي ٿي. سندس ڪي ڪھاڻيون جديديت پڄاڻان جي دور جي نمائندگي نٿيون ڪن، پر سنڌ ۾ جديديت جي تحريڪ جي اثر ھيٺ تخليق ٿيل لڳن ٿيون. مثال طور سندس ڪھاڻي ” ڊيم اشوءِ “ ھڪ اِھڙي غريب ۽ ڪمزور ڪھاڻي آھي، جنھن جو ڪلائيمڪس به منجهيل آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ بقول ڪھاڻيڪار جي، ھڪ دڪاندار چور شخص سان ملھ ڪري ٿو، جڏھن ته ملھ، صرف چور ئي دڪاندار کي ھڻي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڊيم معاملي کي علامتي فڪر کي طور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، پر اُھا ڪوشش ڪامياب ٿيندي نظر نٿي اچي ۽ پنھنجي عنوان سان علامتي سطح تي بمشڪل لاڳاپو ڏيکاري ٿي. جمن جي ڪھاڻي ” خوف “ ۾ به ڪو نئون پيغام ڪونهي. ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪيل ڄامڙي دانشور جو ڪردار عجيب نموني زوريءَ مظلوم ڪري پيش ڪيو ويو آھي ۽ ڪھاڻيءَ جي ابتدا ۽ وچ / عروج سان ڪلائيمڪس اڻ لاڳاپيل نظر اچي ٿو. ڌماڪي سان ڄامڙي دانشور جي حالت جو ڪوبه تعلق ڪونھي. ۽ ڪلائيمڪس ۾ دانشور جي بک جو ظاھر ٿيڻ به مصنوعي ڪلائيمڪس لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته سموري ڪھاڻيءَ ۾ عنوان موجب خوف ڪٿي به ظاھر ڪونه ٿو ٿئي، ٻيو ته دانشور جي بک جو سبب به اڻ ڄاڻايل آھي. ڪھاڻيءَ ۾ بم ڌماڪي سان دانشور Schizophrenia جي روڳ جي ور چڙھي ٿو وڃي اھا ڳالهه پنھنجي نسبت توڙي عقليت ۾ ڪمزور آھي. ٻيو ته ڪھاڻيءَ ۾ دانشور جي Schizorphrenia ۾ وٺجڻ کي پاڳل ڄاڻايو ويو آھي، جڏھن ته اھڙي مريض کي پاڳل قرار نٿو ڏئي سگھجي. البته نفسياتي مريض ضرور سَڏي سگھجي ٿو. پاڳل ٿيڻ ھڪ انتھائي ڪيفيت آھي. ساڳي ڪھاڻيءَ ۾ دانشور پنھنجو موقف جيڪو بيان ڪري ٿو، تنھن ۾ ھو چوي ٿو ته ” منھنجو ڪوبه مذھب، قوميت، وطن ناھي، منھنجو نالو بک آھي، جنھن جي ڪا به سرحد ناھي “ اھا ڳالهه باقي بيان ڪيل ڪھاڻيءَ جي متن ۾ اوچتي ۽ اَڻ نسبتي لڳي ٿي. ڪھاڻي ” سڀ کان وڌيڪ قيمتي شيءِ “ ۾ ڪا به خاص يا قيمتي ڳالهه ڪانھي. سندس ٻي ھڪ ڪھاڻي ” کيسي مان ڪريل نصيحت “ به نصيحت آميز پر روايتي اسلوب توڙي سطحي فڪر واري ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ صفائيءَ جو ناصح، پنھنجا ھٿ صاف ڪرڻ تي گھڻو زور ڏئي ٿو، پر جڏھن سندس ھڪ لک جي آءِ فون ڊبليو سي ۾ وڃي ڪري ٿو ته ھڪدم ھٿ وجهي ٻاھر ڪڍي ٿو ۽ چوي ٿوته ڪڏهن به تڪبر ۽ غرور نه ڪجي. بس ڪھاڻي ختم. . . !

جمن جي ڪھاڻي ” مارڪيٽ“ به عام ۽ روايتي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ جاگيردارانه طاقت مقامي ميڊيا تي غالب ڏيکاري وئي آھي. ھيءَ ڪھاڻي جديديت پڄاڻان جي دور جي ڪھاڻي نه آھي. جديديت پڄاڻان جي فلسفي موجب اُن جي اُبتڙ ميڊيا ھر شيءِ تي غالب ڏيکاريل ھوندي آھي. جيئنءَ جديديت پُڄاڻان جي ٽيڪنڪ سنسني خيزي paranoia ۾ ميڊيا جي غلبي کي پيش ڪيو ويندو آھي، جنھن ۾ وھم پرستي، ڪردارن جي ماليخوليا جي عڪس بندي ڪري سگھبي آھي. سندس ڪھاڻي ” لو مئريج “ ۽ ھڪ ٻي ڪھاڻي ” آسمان مان وھندڙ لڙڪ “ ٻئي ڪھاڻيون نيم جاگيرداري دَور جون روايتي ڪھاڻيون آھن، جن جي موضوعن توڙي پيشڪش ۾ ڪا به نواڻ ڪانھي. لو مئريج ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ مڙس زال کي محبوبه جي چَوڻ تي زھر پياري ٿو. سندس زال مري وڃي ٿي ۽ محبوبه سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. ڪھاڻي آسمان مان وھندڙ لڙڪ، ۾ ڏيکاريل آھي ته ھڪ لاوارث معصوم ڇوڪري اسپتال مان پنج ھزارن روپين ۾ خريد ڪري، اُن کي نپائي وڏو ڪري پنجن لکن ۾ وڪرو ڪئي وڃي ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ ڇوڪريءَ جي احساسن جو قتل ٿئي ٿو. اھڙيون خبرون روز اخبارن جو پيٽ ڀرين ٿيون. جمن احمداڻيءَ جون ڪي ڪھاڻيون اڪثر اخباري سُرخين جي پيداوار لڳن ٿيون، جن ۾ کيس وڌيڪ ادبي، تخليقي ۽ فني ڪرافٽ جي ضرورت آھي. مثال طور سندس ڪھاڻي ” شيپ“ ايجنٽن جي دنيا ڏيکاري ٿي، ايجنٽ مارڪيٽ ۾ نقلي پارٽس ھوندي به پارٽيءَ کي ڪار جو سودو ڪرائي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ وسيلي اُھو پيغام ڏنو ويو آھي ته ڪاروبار جي اڄوڪي دنيا ۾ نقلي ماڻھو گاڏين جي خريد ۽ فروخت ۾ ڪيئَن ڪميشن وٺي خريد ڪندڙن کي پنھنجي مفاد خاطر نقصان ڏين ٿا؟ ڪھاڻيءَ ۾ جيڪا مقصديت متني صورت ۾ آھي، سا اڄڪلهه واپار ۾ روزمره جي ڪرت آھي. ان ڪھاڻيءَ ۾ اسلوب ڪھاڻي جهڙو نٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته مڪالمن جي ادائيگي مضمون نما ڊيگھ جو شڪار آھي. ائينءَ ٿو لڳي ته واپار بابت موقف ڏنل ھجن ۽ ساڳي وقت ھيءَ ڪھاڻي گھرائيءَ کان محروم آھي. سندس ڪھاڻي ” رڳو مان ئي دنيا نچائي سگھان ٿو “ سمجهه ۾ نه ايندڙ، منجھيل ۽ نياپي جي عدم منقليءَ واري ڪھاڻي آھي. ڪھاڻي ” بحث “ به ھِن دَور جي فضوليات وارن بحثن جو آچار پيش ڪري ٿي. اُن ڪھاڻيءَ ۾ غير منطقي ڪردار آھن. ڪھاڻي نما ڳالھيون آھن. مڪالمن ۾ غير ضروري بحث آھي. ھيءَ ڪھاڻي دراصل فني طور اَڪھاڻي آھي. پڙھندڙ کي گھٽ موھيندڙ ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ڪوبه تجسس ڪونھي ۽ ڪلائيمڪس ۾ پڻ ڪا جان ڪانھي. جمن جو ڪھاڻي سرجڻ وارو اسلوب عام فھم نه آھي ۽ علامتي، تجريدي ۽ استعاراتي ٻوليءَ تي منحصر آھي، جنھنڪري عام پڙھندڙ تجريديت ۽ علامت نگاريءَ جي ڪثرت ڪري سندس ڪافي ڪھاڻين کي سمجھڻ کان محروم ٿي وڃي ٿو. سندس ڪھاڻي ” سڃاڻپ کان رھجي ويل شخص “ ۾ ھڪ جج ۽ مُلزم جي وچ ۾ پيش ڪيل مڪالما حقيقت نما به نه آھن. سموري ڪھاڻي غير يقيني ۽ غير منطقي ڳالھين تي مشتمل لڳي ٿي. سندس ڪھاڻي ” اکين ۾ رھجي ويل تاريخ جو انتظار “ ۾ فئنٽسي ۽ جماليات آھي، پر مقصديت فوت ٿيل آھي. سندس ٻيون ڪجهه ڪھاڻيون، لاش جي سڃاڻپ، نئون پلان، ويساھ ۾ مارجي ويل زندگي، ھڪ دور جي پڄاڻي خوبصورت منظر نگاريءَ ھجڻ باوجود ڪھاڻي پڻي کان محروم آھي. سندس سڀني ڪھاڻين کي بھترين قرار ڏئي نٿو سگھجي. ڪافي ڪھاڻين ۾ ڪميون پيشيون به آھن.

جمن احمداڻيءَ وٽ ڪردارن جون ڪھاڻيون گھٽ، پر ڪردارن جا رويا ۽ ڪرداري ڪيفيتون وڌيڪ اھم آھن. سندس اڪثر ڪھاڻيون، ڪھاڻي پڻي کان محروم آھن، ڪھاڻي پڻو، دراصل ڪھاڻيءَ جي Conflict ۾ ھوندو آھي، جتان ڪھاڻيءَ بابت اندازو ڪري نه سگھبو آھي ته ڪھاڻيءَ ۾ نتيجو ڇا نڪرندو؟ اھڙي سمي پڙھندڙ جو تجسس وڌي ويندو آھي ۽ ڪھاڻي، ڪھاڻي لڳندي آھي، يعني ڪھاڻيءَ کي ڪھاڻيءَ جو مزاج ۽ سُڀاءُ ھوندو آھي. جمن وٽ اُن جي ابتڙ، ڪھاڻي پنھنجي فني نوعيت ۾ معاملن جي عروج يا چوٽيءَ تائين رسائي حاصل ڪرڻ کان محروم آھي. سندس اڪثر ڪھاڻيون وچ ۽ انجام جي فني تاڃي پيٽي تي اُڻيل آھن. ھُن جي ڪھاڻين ۾ ڳورن معاملن جا ڳتيل ۽ مُنجهيل سُٽ ڪونھن. ھُن وٽ آکاڻي ٽائيپ حظ ڪونھي. سندس ڪردار، ڪرائسز ۾ صفا ورتل به نه آھن، پر صرف ڪرائسز ۾ ملوث آھن . ھُو ھڪ اھڙو ڪھاڻيڪار نظر اچي ٿو، جيڪو ڪھاڻيءَ ۾ ڪنھن سماجڪ الميي Crises جو ڏيک ڏِئي ھٿ ڪڍي وڃي ٿو. ھُن وٽ ڪافي موضوع ۽ صورتحال جديديت پڄاڻان واري آھي ۽ اسٽائيل يا ٽيڪنڪس ھُن وٽ جديديت واري دَور جون نه آھن. مثال طور ھُن وٽ طنزيه انداز ته آھي، پر اھو ايترو سنجيده بڻايو ويو آھي، جو اھو جديديت پُڄاڻان جي رمز يا ڪنايي واري طنز يا ڪاري مسخري Irony or Black humor جهڙو نه آھي، جن ٽيڪنڪس ۾ ٽوڪ سان گڏ مذاق سمايل ھوندو آھي. جيئنءَ سندس ڪھاڻي ” ڪمري ۾ بند انقلاب “ به ھڪ علامتي ۽ استعاراتي ڪھاڻي آھي، پر آئرني يا بليڪ ھيومر جهڙو مزاج ڪھاڻيءَ ۾ اڻ لڀ آھي. ائينءَ جديديت پُڄاڻان ادب گھڻي سنجيدگيءَ کي روڪي، فن مزي کل ڀوڳ ۽ زنده دلي سيکاري ٿي. جديديت پُڄاڻان ٽيڪنڪس ۾ Playfulness , ٽيڪنڪس وسيلي جديديت پڄاڻان ۾ راند جي ٻولي ۽ راند جي ساخت ۾ مذاق ڪيو ويندو آھي، راند تماشي ۽ ڀوڳ جي اھڙي ٽيڪنڪ جو بنيادي مقصد علمي ٽيڪنالاجي وسيلي پيدا ٿيندڙ جنگ جي امڪان کي ٿڌي ڪرڻ ۽ شين تي غير سنجيدگي پيدا ڪرڻ آھي، جيئنءَ حد کان وڌيڪ سنجيدگي وري ڪنھن اليڪٽرانڪ مھاڀاري پيدا ڪري نه سگھي ۽ انساني جانين جو ذيان نه ٿئي. انھيءَ کان سواءِ حقسانه Faction جي ٽيڪنڪ يا لکڻ جو اسٽائل آھي، جنھن ۾ حقيقت ۽ افسانويت جو مرڪب ڏيکاريو ويندو آھي. مھا فڪشن Metafiction آھي، جنھن ٽيڪنڪ ۾ پڙھندڙ کي ڪھاڻيءَ ۾ محسوس ڪرائي سگھجي ٿو ته ھُو صرف فڪشن پڙھي رھيو آھي، حقيقت نه پيو پڙھي. ساڳي طرح تاريخي مھا فڪشن Historiographic Metafiction آھي، پڙھندڙ جي شرڪت Participation، فني صنفي ملاوت pastiche, Temporal distortion وقت جي ٽوڙ ڦوڙ يا زمان ۽ مڪان جي انتشار، بين المتنيت Intertextuality پاڻ ھرتو عڪس بندي Self reflexivity پاڻ ھرتو وغيره جھڙيون جديديت پُڄاڻان ادب جون ٽيڪنڪس پڻ ھُن وٽ موجود نه آھن. جمن احمداڻيءَ جهڙي باصلاحيت، باشعور ۽ متحرڪ ڪھاڻيڪار مان اھڙي اميد ضرور ڪري سگھجي ٿي. اميد ته سندس ايندڙ ڪھاڻيون وڌيڪ سگھاريون ثابت ٿينديون !

(خليق ٻگهئي جي تازي آيل ڪتاب ” جديد سنڌي ڪھاڻي: تجزياتي تنقيدي جائزو“ تان ورتل)

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)




ڪھاڻي ڪتاب - ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالھ!

جمن احمداڻي نرالو ڪهاڻيڪار

رزاق سهتو

ڪهاڻيءَ کي نوي جي ڏهاڪي ۾ جوان سال ڪهاڻيڪارن آڪسيجن ڏني. جن جي محنت سان هلندڙ دور يعني ۲۰۲۱ع ۾ ساھ کڻي رهي آهي. نوي جي ڏهاڪي ۾ راءِ جڙي هئي ته ڪهاڻي مري چڪي يا ڪهاڻي آخري پساون ۾ آهي. اهڙا ويچار انهن ڪهاڻيڪارن جا هئا. جن قلم پاسي تي رکي رڳو ڪهاڻيءَ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو هئو. اصل حقيقت، ان جي ابتڙ هئي. جهونن کان، ڪهاڻي رسي وئي هئي. کيس پرچائڻ ۾ ناڪام ٿيا ته اهڙا افواھ اٿڻ شروع ٿيا ته ڪهاڻي سَڪرات ۾ آهي. جڏهن ته ٿوري مقدار ۾ ئي سهي ڪهاڻي لکجي رهي هئي. ڪجهه اديب ٺلهيون ڳالهيون ڪري ادب جي اسٽيج سجائيدا رهيا هئا.

جمن احمداڻي انهيءَ دور، يا ٿورو کڻي اڳ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي هوندي. سندس اڪثر ڪهاڻيون جدت، جدت پڄاڻا، ڊجيٽل دور بابت سرجيل آهن. جمن نه رڳو ڪهاڻيءَ کي، آڪسيجن ڏني پر جياري ڇڏيو. سندس نئين آيل ڪهاڻي ڪتاب جنهن بابت ويچار ونڊي رهيو آهيان. “ڦاهيءَ گھاٽ تي اٽڪيل ڳالھ!” جي پس ورق تي لکيو هئم ته “جمن احمداڻي “اڪيلو ماڻهو” ڪهاڻي ڪتاب کان، اڄ جي جديديت پڄاڻان جي اهڃاڻن تائين ڪهاڻي لکندي وقت سان گڏ پير، پير ۾ ملائي هلندڙ ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ماضي، حال جي پرچار، کانسواءِ مستقبل جي آگاهي پڻ موجود آهي. جمن جي ڪهاڻين جي خوبي اها به آهي ته ڪردارن کان ڪم وٺندي پاڻ لڪائڻ ۾ مهارت رکي ٿو. جڏهن ته اڪثرڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ کي ظاهر ڪري، ڪهاڻيءَ تي ڳرا پئجي ويندا آهن. هن جي ڪهاڻين جا جملا اندر ۾ پوپٽ جي رنگن جهڙا احساس ڀري نئين امنگ طرف وٺي ڪهاڻيءَ سان آهنگ جوڙي ڇڏين ٿا. فطرت سندس محبوبا ۽ پاڻ فطري دڳن جو مسافر آهي. جنهن جو مثال ڪهاڻي “هڪ دور جي پڄاڻي” آهي. منهنجي راءِ موجب هو قدرت طرفان عطا ٿيل ڪائنات جي جوڙجڪ سان سلھاڙيل ڪهاڻيڪار آهي. هو دنيا ۾ ٿيندڙ دھشتگردي ۾ انساني جانين جي ذيان ۽ سرمائيندارن جي ڳٺ جوڙ کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ ننديندو ۽ مستقبل جي خطرن کان آگاھ ڪندو رهي ٿو. تخليقڪار وٽ سموري عَالَم جو مشاهدو موجود هوندو آهي. اھڙي اک جي سچيتائي جمن احمداڻي کي امر ۽ هر دور جو ڪهاڻيڪار بڻائي ڇڏي ٿي. هو شاندار ڪهاڻين سان ادب جي دنيا ۾ پنهنجي وجود جو احساس ڏياري رهيو آهي. تنهنڪري ڪهاڻيڪارن جي پهرين صف ۾ سندس ڳاڻيٽو ٿئي ٿو.”

جمن احمداڻيءَ جو ڪهاڻي ڪتاب “ڦاهي گھاٽ تي اٽڪيل ڳالھ” نومبر ۲۰۲۱ع منجھه پنهنجي جاندار وجود سان ادب سان هم رڪاب ٿيو آهي. ڪتاب پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ٿه ڊجيٽل دور ۾ سرمائيدارن عام ماڻهو يعني وچولي ۽ هيٺين طبقي کي رلائي ڇڏيو آهي. محروميون؛ مجبوريون ماڻهون کي آتم حتيا طرف ڌڪي رهيون آهن. ائين چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪون ٿيندو ته سرمائيدارن گڏجي ماڻهن کي رولي، رت رئاريو آهي ان حد تائين وڃي پڳا آهن جو ساھ وارا، جيڪو ساھ کڻن ٿا سو به پنهنجي هٿ وس ڪري ڇڏيو اٿن. فطري جهان مان آڪسيجن گھٽائي ساھ ٻوساٽي ماريو پيو وڃي. مطلب ته ماڻهوءَ کي موت ڀيڙو ڪري، ناڻو ڪمايو پيو وڃي. فطرت سان هٿ چراند ڪري آدمي جو جيئڻ پنهنجي هٿ وس ڪري ڇڏيو اٿن. اهڙن اهڃاڻن جي اپٽار جمن جي ڪهاڻين ۾ ملندي. جنهن جا ڪردار سرمايو سهيڙڻ جي چڪر ۾ اکين جا دڪان کولي اکيون کپائن ٿا ته بنا سوچ سمجھ جي ماڻهن جو خريداريءَ لاءِميڙ لڳي وڃي ٿو. ماڻهو اکين جي دڪان اڳيان اچي ڳاهٽ ٿين ٿا ۽ اکيون مٽائي نئين دنيا ڏسڻ چاهن ٿا. پر وري به ساڻن ڌوڪو ٿئي ٿو. نئيون اکيون لڳائڻ سان کين وري به ساڳي ڪوڙھَ ورتل دنيا نظري ٿي. اکين کپائڻ جو ڌنڌو ڌوڪو هئو. ناڻو ڪمائڻ لاءِ ٺڳيءَ جو ٺاھ هيو. اهڙو لقاءُ ڪهاڻي “نگاھن جو پوسٽ مارٽم“ پڙهي پسي سگھو ٿا. هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار اکين کپائڻ کي علامتي طور اظهاريو آهي. جنهن مان نتيجو نڪري ٿو ته سياستدان، واپاري، ٺڳ، کين پنهنجي مرضيءَ سان جيڪو ڏيکارڻ چاهي؛ سوئي ماڻهون ڏسي ٿو. ساڃاهه جي سرت تمام گھٽ انسانن ۾ آهي. هاڻي هلون جمن جي ڪهاڻين طرف جتان حوالي طور جملا کڻون ٿا

“هي نيون اکيون بازار ۾ وڪامندي، مون پهريون ڀيرو ڏٺيون هيون. دڪاندارکان پڇيم“ڇا مان معلوم ڪري سگھان ٿو ته هنن اکين ۾ اهڙي ڪهڙي نئين خاصيت آهي. جو ماڻهو پنهنجون اصل اکيون توکي ڏيئي، هي اکيون خريد ڪرڻ پهتا آهن. ڇا هي فراڊ ته ناهي.” دڪاندار کلي چيو. توهان صفا سادا آهيو جديد دور ۾ اکين جو نيون ويرائٽيون مارڪيٽ ۾ آيل آهن. ماڻهوخوشيءَ مان اهي اکيون ڌڙا ڌڙ خريد ڪري رهيا آهن.”

ڪهاڻي “ڊجيٽلائيز ماڻهو” ۾ آهي ته “زال ڏانهن نهاريائين. هوءَ اڃان تائين جاڳندي به خواب ڏسي رهي هئي. اليڪٽرانڪس اوزارن جي ڪمبل ۾ ويڙهيل سندس زال جو وجود مئل لڳو. هن پنهنجي جاڳندڙ زال کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيو. پاڻ کان ڀئو ٿيس. ڇا آئون جيئرن جي جهان ۾ موٽي آيو آهيان يا واقعي مئلن جي جهان ۾ آهيان.”

ڪهاڻي “مارڪيٽ” صوبيدار“اڙي ڪير آهين؟” ڪلين شيو“آئون ادبي سنگت جو سيڪريٽري آهيان” صوبيدار“اها ادبي سنگت ڇاهي” ڪلين شيو“اها ايشا جي وڏي ۾ وڏي تنظيم آھي!” صوبيدار کلندي“ سيڪٽري هجين يا فيڪٽري بنا ڪاغذن واري گاڏيءَ جو چالان ٿيندو.”

ڪهاڻي: “آخري ڪھاڻين” “شام ٿيندي ئي هئي. اشو کلندو هو. ننڍ بستري تان اٿندي هئي. جسم ۽ اکيون ساڪت ٿينديون هيون. صرف آڱريون ئي حرڪت ڪنديون هيون”

ڪهاڻي: “پلاسٽڪ سرجري” ڪردار جونڪ وڃائجي وڃي ٿو. نڪ لاءِ بي حال ٿي وڃي ٿو. “او ماءَ گاڊ ...! هاڻي پڪ ٿي وئي ته نڪ غائب ٿي ويو آهي. آئون پريشان جي عالم ۾ جلدي جلدي ناشتو ڪري خاموشيءَ سان آفيس ڏانهن نڪري ويس.” ڪردار سرجري لاءِ ڊاڪٽر وٽ پهچي ٿو. “ڊاڪٽر شاندرا مرڪ چپن تي آڻي ، پنهنجي نڪ ڏانهن اشارو ڪيو: منهنجو هي نڪ توکي ڪيئن ٿو ڏسڻ ۾ اچي!؟” “ڊاڪٽرصاحب اهو ته بلڪل اصلي آهي. توهان خوش قسمت آهيو. منهنجو نڪ اوچتو غائب ٿي ويوآهي. ڪووڊ 19 جي وبا اچڻ جي ڪري هر ماڻهو کي فيس ماسڪ استعمال ڪرڻ جي پابندي نه لڳي ها ته آئون خوار ٿي وڃان ها!”

ڪهاڻي: ڦاهي گھاٽ تي اٽڪيل ڳالهه” غلامي جو احساس کيس تڏهن ٿيو هو جڏهن هن ڦاهي گھاٽ تي پهريون دفعو ليور ڇڪي، جنهن دهشتگرد کي ڦاهي ڏني هئي. ان دهشتگرد مٿان اهوالزام هو ته هن سڄي دنيا اندر لئبريرين، اسپتالن، درسگاهن ذريعي شعور پکيڙي انساني دماغ جي پرزن سان هٿ چراند ڪئي هئي.” “ڇا هي نظر جو دوکو آهي يا هو به ڦاهي جي سزا کائي مارجي وڃڻ بعد ٻي جھان ۾ اچي پهتو آهي. کيس پاڻ تي شڪ جاڳيو.”

ڪهاڻي: ٻاويهه صديءَ جو سج اولهه کان اڀرڻ گھرجي.!” سج پنهنجي روشني ڪاراڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏي. کيس به پلاسٽڪ جي کنگھه وڪوڙي وئي ! سندس ساهه جو ڦوڪڻو برسٽ ٿيڻ وارو هو. ان وقت هن نڙي ۾ ڦاٿل آخري ساهه جي تند کي روڪيندي پوئتي نهاريو ته انگ اگهاڙا بکيا ۽ ڪاراٽجي ويل آخري ساهه کڻندي به جيئڻ جي تمنا رکندڙ چند انسان ، ڪا شيءِ طلبي رهيا آهن تڏهن کيس احساس ٿيو ته هن ڌرتي تي امن سونهن ساوڪ ۽ دلفريب آواز به ته ڪا شيءِ آهن.

ڪهاڻي: ”ڄمڻ کان مرڻ تائين“ مون حيرت مان پوئتي نهاريو ته کاڄا وڪڻندڙ ان مسڪين ڇوڪري جي ٻي ٻانهن به ڪپجي وئي هئي جنهن مان رت ٽيپو ٽيپو ٿي منهنجي قبر ۾ سمي رهيو هيو.

ڪهاڻي“ڪووڊ ــــ ۱۹” وارث: هو بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هو. اڳ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه تڪليف نه هيس . آفيس کان گھر پهتو ۽ ماني کائي ليٽيو ته اوچتو الٽيون اچڻ شروع ٿيون. اسان کي شڪ لڳو ته فرج ۾ پيل پاروٿو کاڌو کائڻ سبب فوڊ پوائزن ٿيو آهي. اسان کيس اهڙي حالت ۾ هتي کڻي آياسين پر هتي علاج ڪرڻ بدران هاسپيٽل جي ڪورونا وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو.” “فوت ٿي ويندڙ مريض جو لاش اسپتال ٻاهران اسٽريچر تي موجود هو وارث احتجاج ڪندي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.

جمن احمداڻي جون ڪهاڻيون پنهنجي جاءَ تي دل کي سٽ ڏيندڙ آهن ئي آهن پر سندس هڪ نظم نما ڪهاڻي ۾ تخيل، لفظن ۽ خيال جي گھرائي ۾ من موهي ورتو آهي. عنوان ئي منفرد آهي.

غلطيءَ جو آخري پيراگراف

درست ڪير ٿي سگھيو آهي.

ڪون به ٺيڪ نه آهي.

سڀ غلط آهيون

۽ غلط ايڊريس تي پوسٽ ٿي چڪا آهيون.

اوهان پاڻ کي ڪيترو به تبديل ڪريو

غلطي جو ازالو ڪڏهن به نه ڪري سگھندا

غلطي جي ڀوڳنا جو صلو

ڊاڪ ورهائيندڙ فرشتي جون،

رجيڪٽڊ مهرون آهن.

زندگي جي وياج مان ٻڏل مهرون هڻي

ڪاوڙ ۾ ڀريل فرشتو،

اسان کي قبر ڏانهن پوسٽ ڪري

پنهنجي جان ڇڏائڻ ۾ مصروف آهي!!

ان کان اڳ،

جو فرشتي جي آخري مهر لڳي

پاڻ کي پڙهي ته ڏسون

متان فرشتو ئي غلط هجي!!

جمن جي ڪهاڻين ۾ تخيل جي اڏار نظر ڪون ايندي پر سڀئي ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ اهو چئي سگھان ٿو ته چند ڪهاڻين کي ڇڏي باقي سائنسي فڪشن جي سرحدن کي ڇهن ٿيون. اهڙي نرالپ ئي کيس همعصر ڪهاڻيڪارن کان الڳ آڻي بيهاري ٿي. جيڪڏهن توهان ڪهاڻين ۾ تشبيهون ۽ استعارن ۽ جملن جي خوبصورتي يا لفاظي پڙهڻ جا مشتاق آهيو ته جمن جي ڪهاڻي مان اهڙي اميد نه رکو ڇو ته سندس ڪهاڻين ۾ ٻولي سادي سودي ۽ فليٽ لئنگويج استعمال ٿيل آهي. سليس ۽ سولي ٻولي جيئن سوچي ٿو تيئن ئي پني تي لاهي ٿو. هي مستقبل جي مستقبل جو ڪهاڻيڪار آهي. ايندڙ نسل سندس ڪهاڻيون پڙهي تاريخ جوڙي سگھندو هلندڙ دور جي ماڻهو بابت ڄاڻي سگھندو. گمنامي ۾ ڪهاڻي سرجيدڙ هي ڪهاڻيڪار پنهنجي ايندڙ نسل جي اميدن ۽ آسرن جا خواب ڏسي ٿو. پاڻ هلندڙ سماج ۾ جيڪي انياءَ ڏٺا آهن يا سٺا آهن هو چاهي ٿو ته ايندڙ نسل اهڙن انيائن کان محفوظ رهي. ڇو ته داس ڪيپٽل جنهن سرمائيدارن اڳيان ڀت بڻيو بيٺو هئو. ان ديوار کي ڪيرائڻ ۾ سرمائيدر جُٽيل آهن. جيڪي ڀت کي ڪيترائي کاٽ هڻي چڪا آهن. دنيا تي هٿيارن جي زور تي حڪمراني ڪندڙ ڄاڻي چڪا آهن ته ايندڙ دور هٿيارن جو ناهي پر جنهن جي بين الاقوامي مارڪيٽ تي دست رس هوندي اهوئي طاقتور سڏائيندو ۽ حڪمراني ڪندو. جنهن طرف جمن جون ڪهاڻيون طاقتور اشارو آهن. تنهنڪري ئي کيس عهد جو نرالو ڪهاڻيڪار سڏيان ٿو.

No comments:

Post a Comment