Friday, November 25, 2022

سنڌ ڪماري - ممتاز -بخاري

سنڌ جي تاريخ جي اهم موڙ واري دور بابت هڪ ناول

ممتاز بخاري



گارجين اخبار، “ڏهن بهترين تاريخي ناولن” بابت مضمون ۾ ۱۳ مئي ۲۰۱۲ع تي ٽالسٽاءِ جي ناول “جنگ ۽ امن” بابت لکيو ته;

Tolstoy’s aim was to use the techniques of fiction to get the “truth” of history

(ٽالسٽاءِ جو مقصد تاريخ جو “سچ” ڄاڻڻ هو ۽ ان لاءِ هن فڪشن جي ٽيڪنڪ ڪتب آندي. )

تاريخ جي موضوع تي ناول هڪ سنهڙي تار تي هلڻ برابر هوندو آهي. ان ڪري اڄ جي دور ۾ ناول ۾ نڪتئه نظر Point of View به هڪ اهم عنصر ڳڻيو ويندو آهي. صفدر زيديءَ جو ناول اردو ۾ “بنتِ داهر” ۽ سنڌيءَ ۾ عبدالمومن ميمڻ پاران ترجمو ٿيل “سنڌ ڪماري” به ان بنياد تي پڙهندڙن جي هڪ حلقي وٽ تنقيد جو شڪار آهي. هن ناول جي خوبي اها آهي ته منظرنامي ۽ ڪردارنگاري جي انداز ۾ لکيل آهي ۽ اهي ناول جا سگهارا پاسا آهن. ڪردارن جي گفتگو ناول جي ڪهاڻي وڌائڻ جو وڏي ۾ وڏو سهارو آهي. ٻي پاسي هن ناول جي فارم يا اڻت ڪا گهڻي فنائتي يا ادبيت واري هجڻ بجاءِ هڪ سڌي بيانيي واري آهي. جيئن عام طور اردو ۾ اڳ نسيم حجازي يا ايم اسلم راهي تاريخي ناول جي اڻت ڪندا رهيا آهن. اهو ان ڪري جو ناول ۾ ڪردارن جي ڪيفيتن ۽ ماحول کي نه هجڻ برابر اپٽاريو ويو آهي. ناول جي ڪهاڻي تاريخ مان وٺي ان کي پلاٽيو ويو آهي ۽ اها اڻت سٺي رکي وئي آهي، جيئن ناول نگار جو عمومي طور اڳ واري ناول “ڀاڳڀري” ۾ ڊڪشن رهيو آهي. اسلوب به ڳتيل ۽ منجهيل ناهي نه وري گهڻو ادبي آهي. پر ناول فريم سٺي نموني ڪيو ويو آهي. هي ناول ادبي حقيقت نگاري واري ٽيڪنڪ آڌار لکيل آهي. هاڻي ناول جي هڪ اهم پاسي طرف اچون ٿا. هن ناول بابت پڙهندڙن توڙي ناول نگار پاران جيڪڏهن ڪو بحث سامهون آيو آهي ته اهو “نڪتئه نظر” وارو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ڪردارن جي ڪيفيتن کي ناهي اپٽاريو ويو. هر ناول نگار جو پنهنجو اسلوب هوندو آهي جنهن کي اوڻائي نه ٿو چئي سگهجي، پر ان کي ناول جي موضوع آڌار ضرور پرکي سگهجي ٿو. ناول جو موضوع تاريخ ۽ تاريخي ابهام آهي. اهڙي ناول ۾ ڪردارن جو نفسياتي پاسو پرکڻ سان اندازو ٿيندو آهي ته ناول پڙهڻ مهل پڙهندڙ وٽ مختلف تاثر ڇو قائم ٿين ٿا؟ ڇاڪاڻ ته ان وٽ اهڙن ڪردارن جي ذهن ۾ آگاهي اڳ ئي موجود هوندي آهي.


ناول جي پهرين باب “دمشق” ۾ اهو ئي ساڳيو تاريخي بيانيو ڏنو ويو آهي ته عرب سنڌ تي دولت جي ڪري حملو ڪرڻ ٿا چاهين ۽ بهانو سامونڊي ڌاڙيلن جون ڪاروايون ۽ ساڳيو سيلون وارو حوالو آهي. ٻي باب “اروڙ” ۾ محل جو منظر ۽ راجا ڏاهر جي ڪٽنب جو بيان آهي. جنهن ۾ ڪردارن وسيلي درٻار ۾ انتظامي صورتحال توڙي راج گروءَ جي ٻڌ جي پوئلڳن سان زيادتين جا احوال سامهون اچن ٿا ۽ راج گروءَ جو عهدو ختم ٿئي ٿو. راج ڪماري کي حڪومتي معاملن سان جڙيل ڏيکاريو وڃي ٿو. جهڙوڪر هاڪاري پاسو بيان ڪيل آهي. ايندڙ بابن ۾ ڪهاڻي ڪردارن ۽ انهن جي گفتگو وسيلي ساڳين انهن واقعن جي ڪرانالاجيڪل پيرائي ۾ هلي ٿي، جيڪي تاريخ ۾ درج آهن. حجاج بن يوسف معرفت بن قاسم کي فارس ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ٿئي ٿو ۽ ساڳيو ئي تاريخ ۾ ڏنل نڪتئه نظر سامهون آندل آهي ته حجاج بن يوسف ڪچڙي عمر واري ڀائٽي کي سنڌ جي وڏي مهم لاءِ موڪليو. حقيقت اها ته اهو چچ نامي وارو ئي نڪتئه نظر آهي جڏهن ته ابن خلدون يا ٻيا تاريخ جا اهم ڪتاب ان جي نفي ڪندي بن قاسم کي مناسب قسم جو عرب جرنيل ڄاڻائين ٿا. مولائي شيدائي ڪيترن ئي تاريخي دستاويزن مان ڪتاب “جنت السنڌ” ۾ ظاهر ڪيو آهي ته بن قاسم کي خليفي وليد بن مالڪ ذاتي طور تي اهم جنگجوئن کان تربيت ڏياري ۽ هو ويڙهاڪ هو. سندس طبيعت نرم دلي ۽ اخلاق واري ڄاڻائي وئي آهي. هن ڳالهه جو هتي ذڪر ان ڪري آهي ته ناول ۾ اهي حصا خود تاريخ مان ئي آندل آهن ۽ هي ڳالهه ان ڪري اهم آهي جو افسانوي ادب ۾ ڪردار جي نفسيات ظاهر ٿيندي آهي ۽ ان موجب ئي ان ڪردار بابت نڪتئه نظر جڙندو آهي. سمورو ناول بن قاسم جي “ٽئين باب” ۾ ڏنل معصوميت تي آڌاريل آهي. ڪردار اصلي آهي پر ان بابت تاريخي حقيقت ابتڙ آهي. فڪشن ۾ حقيقي تاريخ ڪردار سان افسانوي رنگ ته آڻي سگهجن ٿا پر ان بابت تاريخي حقيقت کي ابتو نه ٿو ڪري سگهجي. تاريخ جي ڪنهن به ويڙهاڪ بابت افسانوي وڌاءُ يا مبالغي وسيلي وڌيڪ ويڙهاڪ ته ڪيو ويندو آهي پر ان کي بزدل ناهي ڏيکاريو ويندو. هڪ افسانوي دنيا ته قائم ڪري سگهجي ٿي پر ڪردار کي تاريخ جي حقيقت مان ٻاهر نه ٿو ڪڍي سگهجي. ان جو مثال باب چوٿون آهي جنهن ۾ اهو نڪتئه نظر آندو ويو آهي ته بن قاسم جي فارس ۾ هئڻ وقت کيس تربيت ۾ چيو وڃي ٿو ته جتي حملي لاءِ وڃي اتي ضروري آهي ته اهو اهڙو جنسي عمل ڪري جو بعد ۾ مقامي عورتن مان اولاد ٿئي اهو عرب تخم وارو هجڻ سبب باغي نه رهي. اهو افسانوي خيال جنگي حڪمت عملي ۽ نفسيات موجب ڏنو ويو آهي ۽ تاريخي حقيقت سان سٺي افسانوي حقيقت آهي. ايندڙ باب عطيه بن عوف جي بغاوت وارو تاريخي واقعو ۽ ان سان گڏ بن قاسم جي رحمدلي آڌار گهڙيل افسانوي حقيقت آهي جنهن ۾ هو بن عوف جي عورتن تي رحم کائي ٿو. ايئن ناول وري حقيقي تاريخي واقعن جي ذڪر سان وڌي ٿو. ستين باب ۾ بن قاسم جي جنسي خواهش ۽ احتلام اچڻ وغيره جهڙا افسانوي رنگ آهن، جيڪي ليکڪ جي تصور واري سگهه چئي سگهجي ٿي. اٺين باب ۾ مذهبي اڳواڻ راج گروءَ جي صورتحال آهي جيڪو سيوهڻ اچي ٿو. سندس اڃا به کوڙ پوئلڳ آهن. هو بن حارث کي راجا ڏاهر پاران پناهه ڏيڻ تي ڀڙڪائي ٿو ۽ عربن جي حملي جي ڳالهه ڪري ٿو. مهاگرو کي تخت تي ويهارڻ جي سازش ٿئي ٿي. ناول جو اهو هڪ سب پلاٽ آهي. ان بعد تاريخ وارن واقعن کي ئي آندو ويو آهي. سنڌ تي حملي جي سنبت عربن جي عياشي وغيره. ٻارهون باب ڏاهر جي درٻار آهي جنهن ۾ مڪران ۾ چر پر جو ذڪر آهي. علافي پاران ڏاهر سان گڏ بن قاسم سان وڙهڻ جي ڳالهه آهي. تيرهين باب ۾ ابو يزيد ۽ ابو هشام مڪران پهچي سنڌ تي حملي جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺن ٿا. چوڏهين باب کان وٺي جنگي ماحول سان گڏ افسانوي طرح سان قومپرستيءَ جو تاثر ڏنل آهي. جنهن مان ليکڪ جو نڪتئه نظر چٽو آهي ته اها جنگ عربن ۽ سنڌين ۾ آهي، عربن جي مک خواهش دولت سان گڏ خطي تي قبضو آهي. جنگي حڪمت عملين جا اولڙا تاريخ جي ڪتابن خاص ڪري “چچ نامي” توڙي ڊاڪٽر مبارڪ جي ڪتاب “سنڌ پر عرب حمله” جهڙا آهن. تاريخي واقعن جي حوالي سان ناول نگار جو نڪتئه نظر ڊاڪٽر مبارڪ علي جي خيالن سان ملندڙ آهي. جنگي بيان فلمي ۽ ڊرامي واري انداز سان سٺي انداز ۾ ڪيل آهن ۽ جيڪو پهرين بابن ۾ رڳو گفتگو وارو تاثر هو، ان مان ناول نڪري اچي ٿو. حقيقت ۾ ويهين باب کان ناول جو ٽوئسٽ آهي. جنهن ۾ بنت ڏاهر يا سنڌ ڪماري بن قاسم جي باندي بڻجي ٿي. سنڌي باندياڻيون حجاج وٽ به پهچن ٿيون. هتان ناول ۾ بهترين ناولپڻو ظاهر ٿئي ٿو. ان کان اڳ واقعن جي هڪ ترتيب آهي. ويهين باب ۾ بن قاسم راج ڪماريءَ کي دمشق وڃڻ کان روڪڻ جي خواهش ڏيکاري ٿو جيڪو اصل پلاٽ جو مرڪز آهي، ڇو ته خليفي وٽ نقلي راجڪماري موڪلي وڃي ٿي. ناول جي “راجڪماري يا سنڌ ڪماري” اصل ۾ هڪ افسانوي ڪردار آهي، جيئن مغل شهزادي سليم جي محبوبا “انارڪلي” رهي آهي. پنجويهين باب ۾ به ليکڪ پنهنجي تصور جي سگهه سان خليفي جي سنڌ مان آيل ڪنيزن سان جنسي عمل ڪرڻ جي ڪوشش بيان ڪري ٿو ۽ ان ۾ تمام گهڻي افسانويت بيان ٿيل آهي.

اصل ڳالهه ڇويهين باب ۾ راجڪماري جي ان پلاٽ سان شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ هوءَ عربن کان وطن واپس ورائڻ لاءِ بن قاسم کي استعال ڪرڻ جو سوچي ٿي. حقيقت ۾ اهو وڏو پلاٽ ٿي پي سگهيو ۽ اهو تاثر اڀري ٿو ته هوءَ ان لاءِ وڏو سٽاءُ سٽيندي، پر ايئن ٿئي نه ٿو. سندس ڏاهپ به ظاهر ٿيڻ لڳي ٿي. بن قاسم سان مذهبن کان وٺي انساني زندگيءَ بابت مڪالما ٿيندا رهن ٿا، پر هوءَ اهڙي ڪابه سٽ سٽيندي نظر نه ٿي اچي جنهن مان لڳي ته هوءَ وطن ورائڻ ٿي چاهي، اٽلندو بن قاسم کي سياسي طور سگهارو ڪندي رهي ٿي ۽ اها ڪردارنگاري جي نفسياتي پاسي جي انتهائي وڏي ڪمزوري آهي. ان سان تجسس وڌي ها ۽ ناول ساهه مٺ ۾ آڻي ڇڏي ها پر ناول ان حوالي سان اڻت ۾ گهڻو ڌڪ کاڌل ٿو لڳي. اڻٽيهين باب ۾ راجڪماري جنهن نموني ڪوڪ شاستر واري ڪام جو مظاهرو ڪري ٿي، ڪردارنگاري توڙي ڪردار جي نفسيات جي جائزي مان معلوم ٿيندو ته فطري گهرج پٽاندڙ هڪ ڪنواري ڇوڪري يا عورت هڪ غيرمرد سان جنسي عمل ته ڪري سگهي ٿي ڀلي اهو سندس دشمن ئي هجي پر هوءَ سمورو ڪام وارو علم ان آڏو ايئن عملي طرح پيش ڪرڻ لڳي ٿي ڄڻ يا ته پيشور آهي يا وري اهو سندس هڪ ڄار آهي جنهن سان هوءَ بن قاسم کي ختم ڪندي يا ڪنهن ريت پنهنجي ڪٽنب جو بدلو وٺندي جن کي سندس اکين آڏو بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو يا محل جون هڙيئي شهزاديون باندي بڻائي موڪليون ويون. ها جيڪڏهن ان ڪام واري عمل دوران راجڪماري پنهنجي ان نڪتي بابت به سوچيندي رهي ها ۽ ان بابت ڪو عملي ڪم ڪندي رهي ها ته پوءِ ان عمل کي ان ڏانهن هڪ قدم سمجهجي ها. ۽ راجڪماري جو بن قاسم ڏانهن مائل ٿيڻ جو سبب رڳو هن جو ڏانهس گهوريندو رهڻ ڄاڻايو ويو آهي. ناول ۾ ايندڙ باب ابو هشام، ابو يزيد يا راجڪماري سان بن قاسم جي اچڻ وڃڻ ڳالهائڻ وارا آهن جنهن ۾ تاريخ بيان ٿيندي رهي ٿي يا عام گفتگو.

پنجٽيهين باب ۾ اُچ شهر جي فتح مهل راجڪماري بن قاسم سان آهي ۽ بن قاسم ڏانهنس تمام گهڻو مائل آهي. اُچ ۾ رهڻ دوران ظاهر ٿئي ٿو ته ٻئي ٻن سالن کان گڏ رهن ٿا ۽ تيستائين بن قاسم کي جهڙوڪر ڪنوارو ڏيکاريو ويو آهي. غير منطقي پيو لڳي ته هوءَ ٻن سالن دوران وطن ورائڻ جي حوالي سان ڪجهه به ڪندي ناهي ڏيکاري وئي. ڇو ته ناول ۾ واقعن سان انهن جا سبب هوندا آهن جيڪو اڳي پوءِ ظاهر ٿيڻا هوندا آهن. جڏهن هڪ ڪردار ڪنهن مقصد لاءِ سمجهوتو ڪري رهيو هوندو آهي ته اهو مقصد ڪيڏانهن ويو؟ ويتر ۳۸ باب ۾ راجڪماري بن قاسم لاءِ ملول ٿئي ٿي. اهو ٿيندو آهي ته وِلين سان هيروئن جو لڳاءُ ٿيندو آهي. پر پوءِ به مقصد اهم ٿيندو آهي ۽ تاريخ ۾سوين اهڙا واقعا آهن ته هزارين افسانوي داستان به آهن. هن ناول ۾ ڪو وِلين ناهي نه وري ڪو هيرو آهي. هيرو ۽ وِلين سڀ آهن. ايسيتائين جو مک ڪردار ڏاهر کي عام سپاهي جيان مارجندي ٻڌايو ويو آهي ۽ ان اروڙ واري جنگ ۾ ڄڻ موجود ئي نه هو. بن قاسم کي انتهائي رحمدل ۽ ملتان تي حملي مهل بلڪل ئي مختلف ماڻهو ٻڌايو ويو آهي. ناول ۾ ايڏو مونجهارو سمجهه کان ٻاهر آهي. باب اڻيتاليهين ۾ جنهن نموني لنگم جي حوالي سان مواد آهي، اهو افسانوي ئي آهي پر ناول جي اڻت ۾ اوپرو آهي. جيڪڏهن خواب ۾ بن قاسم يا بنت ڏاهر کي اچي ٿو ان جي جسٽيفڪيشن ٿئي پئي. ٻي صورت ڪرداري نفسيات موجب هڪ عورت جنهن جي سموري ڪٽنب کي ڪهندڙ سامهون هجي اها مٿس ڪنهن وڏي لالچ يا مقصد حاصل ڪرڻ واري ڳالهه بنا ايئن ڪيئن مهربان ٿي سگهي ٿي، جنهن بابت هڪ به باب ناهي، اهو بنا سبب جي ڏيڻ سان ناول جو متن شڪ ڀريو بڻيو آهي. ڳالهه اها ناهي ته ڪام وارو گُر ڏيڻ نه گهرجي يا وري افسانوي نه ٿو بڻجي پر اهو ايئن پيو لڳي جيئن ماڻهن کي سينما ۾ ويهارڻ لاءِ ان افسانوي ڪردار وسيلي “ٽوٽو” هلائي ڇڏجي. ان سان گڏ ناول جي ان ئي پوئين حصي ۾ خليفي ۽ بن يوسف جي حوالي سان تاريخ جي انهن واقعن جي ڪردارن جي گفتگو وسيلي اپٽار ڪئي وئي آهي جن کي ملوڪيتي سازش چئبو آهي. ڇاونجاهين باب ۾ خليفو ۽ بن يوسف مرن ٿا.

آخري باب ۾ جڏهن خليفي جي مَٽجڻ سان سياسي تبديلي ٿي چڪي آهي ۽ ان کان اڻڄاڻ بن قاسم کي راجڪماري سان ريگستان ۾ شڪار تي هلڻ لاءِ آماده ٿيل ۽ هڪ آزاد وطن لاءِ وڙهڻ لاءِ راضي ٿيندڙ فرد ڄاڻايو آهي. اها ئي اها جسٽيفڪيشن ٿي پئي سگهي جيڪا هن ناول ۾ ڳولهي نه پئي لڀجي. پر ناول جو انت بهتر انداز ۾ تخليقي طرح بيانيو ويو آهي. ڪيترائي مڪالما لُڀائيندڙ ۽ وڻندڙ به آهن. ناول لاءِ علمي، تاريخي ۽ جاگرافيائي حوالي سان محنت چٽي ريت بکي ٿي ۽ لڳي پيو ته ليکڪ ڪيترن ئي ماڳن جو مشاهدو به ڪيو آهي.

ڪجهه ناول بابت قائم بيانيي بابت:

هن مواد جو سڌو تعلق ناول “بنت داهر” ۽ ناول نگاريءَ سان ناهي پر ناول بابت جيڪو تاريخ سان بيانيو جوڙي ڳالهه ڪئي وئي آهي ان ڪري ان حوالي سان به مختصر اڀياس ضروري آهي. حقيقت اها آھي ته فڪشن ۾ فيڪٽس بابت بحث ڪرڻ عجيب قصو ٿو لڳي پر اصل ۾ ليکڪ پاران بيانيو قائم ڪرڻ سبب لازمي آھي ته ٿورو ان حوالي سان به جائزو وٺجي. ناول جي حوالي سان بهتر ڳالهه اها آهي ته حقيقت نگاري وسيلي تصوراتي اڻت ٿيل آھي. پر جيڪا اهم ڳالهه هي آهي ته ليکڪ صفدر زيدي صاحب پاڻ پڙھندڙن جي ذهن تائين اها ڳالهه آندي آهي ته هن سنڌ جي تاريخ جي انهي دور بابت هڪ نئون زاويو آندو آھي، اصل ۾ اهڙي بيانيي جي ڪري ئي پڙھندڙ وٽ ناول بابت فيڪچوئل هجڻ جو تاثر قائم ٿيو آهي. هاڻ پاڻ جائزو ٿا وٺون ته ان مخصوص دور بابت تاريخ جا ڪهڙا بيانيا رهيا آهن:

قاسم ڪچڙي وهي وارو هو.

حجاج بن يوسف وڏو ظالم هو.

بن قاسم سٺي شخصيت قائم ڪئي.

سنڌ تي حملو ڌاڙيلن جي ڪري ٿيو.

بن قاسم ڏاهر جي زال لاڏيءَ کي باندي ٿيڻ جي حيثيت ۾ خريد ڪري شادي ڪئي.

اهو بيانيو تيستائين قائم هو جيستائين رڳو چچ نامو، تحفت الڪرام ۽ تاريخ معصومي سنڌ وٽ حوالاجاتي مواد طور هئا. بيٺڪيتي دور جي انگريز ليکڪن به اڪثر انهن ڪتابن جا حوالا کنيا ٿي. پر جڏهن بعد ۾ البيروني، تاريخ فرشته، تاريخ ابن خلدون يا ٻين عرب يا هندستاني اردو تاريخدانن جا حوالا سامهون آيا ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي ان تاريخ جي دور جو اڀياس سامهون آندو ته هي حقيقتون سامهون آيون:

سنڌ عربن جي اک ۾ شروع کان ڪنڊي وانگر هئي.

عرب سنڌ جي دولت حاصل ڪرڻ پيا چاهين.

بن قاسم جي تربيت ننڍي لاڪون جنگي جوان طور ٿي.

سنڌ تي حملي جو تڪڙو سبب عرب باغين جي حوالگي جو مطالبو هو، سنڌ جي مڪران واري سرحد تائين ته اڳ ئي عرب قبضو ڪيل هئا.

عرب خلافت ۾ ملوڪيت خوفناڪ حد تائين وڌيل هئي.

سنڌ مان ويل غلامن ۾ ڏاهر جو ٻئي نياڻيون هيون، جيڪي جوان جماڻ هيون.

هونئن اصلي تاريخ موجب راجا ڏاهر جون ٻئي نياڻيون سورج ديوي ۽ پرمل ديوي باندين ۾ دمشق موڪليون ويون هيون. سندس زال لاڏي چکيا چڙهي هئي، ان جو بن قاسم سان شادي وارو قصو به هڪ ابهام آهي جو ٻنهيءَ جي عمرين ۾ ٻيڻ کان به وڌيڪ فرق هو، سو بن قاسم محل جي سوين حسين الهڙ جوانين کي ڇڏي ڪيئن ٿي ٻيڻ تي وڏي عورت سان وهانءُ ڪري سگهيو.

اهي سڀ بيان تاريخ ۾ موجود آھن، ان ڪري سمجهه ۾ نه آيو ته ناول ۾ تاريخي حوالي سان ڪهڙو نئون بيانيو آھي. باقي فڪشن طور هڪ خيالي ڪردار، راجڪماري، جيڪا ڏاهر جي ذهين ڌيءُ ڄاڻايل آھي ۽ ان جو بن قاسم سان افيئر آھي ۽ ان فرضي ڪردار جي حوالي سان ناول بابت مواد ۾ لکيو اٿم.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)




سنڌ جي تاريخ جي توھين تي ٻڌل ناول

نواز شاهه ڀاڏائي!

عبدالمئومن ميمڻ مھرباني ڪري ان ڏينھن ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جلسي دوران اسٽيج تي صفدر زيدي جو ناول "سنڌ ڪماري" تحفي طور ڏنو جنھن کي اردو مان سنڌي ويس مومن صاحب پاڻ اوڍايو آھي مذڪورا ناول تي سنڌ ۾ ڪنھن قدر بحث شروع ٿي چڪو آھي مون به ڪوشش ڪري ناول پڙھي ورتو ان مان ھي نتيجا اخذ ڪيا اٿم

تاريخ سان جٺ جھڙو ورتاء ڪندي موصوف لکاري عرب سامراج جي چوڏھن حملن جي بدترين ناڪامي کان پوء سفاڪي رھزني ۽ سخت رت ڇاڻ بعد سنڌ وطن تي قابض ٿيندڙ لٽيري ابن قاسم کي صفا معصوم سٻاجھڙو سادو سودو پرھيزگار نيڪ ۽ شريف النفس نوجوان ڪري پيش ڪيو آھي جيڪو پنھجي جابر چاچي حجاج يوسف جي شاطرانا حڪمت عملي سبب زبردستي سنڌ تي ڪاھ لاء موڪليو ويو آھي جنھن کي ابو ھشام ۽ ابو يزيد نالي حجاج جا فوجي ڪمانڊر جنسي آسودگي ۽ سنڌ جي گورنري تي ھرکائي وٺي آيا آھن جنھن جي موجودگي ۾ عرب سامراج جي دھشتگردن ديبل شھر لٽي ناس ڪيو آھي مردن ۽ عورتن کي ڪھي روڊن تي اڇلايو آھي مندرن تي قبضا ڪري ھيرا موتي ۽ ٻيو سون قبضي ڪيو آھي بازار رت سان لال لڳي پئي آھي نوجوان سنڌياڻيون قيد ڪيون ويون آھن ڪيترين پاڻ کي باھ ۾ اڇلايو آھي مطلب قيامت صغرا جھڙو منظر آھي ان سڄي انساني ڪوس تي ليکڪ جو مٿصوم صفت آئيڊيل ابن قاسم پنھجي گھوڙي تي ڏاڍي سڪون سان سڀ ڪجھ ڏسي رھيو آھي سڀ کان شرمندگي جھڙي ڳالھ ھن ناول ۾ اھا آھي ته ليکڪ وڏي بدديانتي ۽ ھڪ رٿا تحت راجا ڏاھر جي وڏور نياڻي بنت ڏاھر کي ھڪڙي بدڪردار جنسي عمل جي ايڪسپرٽ ۽ بدچلن خاتون ڪري ڏيکاريو آھي جنھن پنھجي وطن جي بربادي پنھجي عظيم والد جي شھادت ھزارين جانثارن جي بي مثل قربانين جي عظمت وساري اروڙ تي قابض ٿيل ابن قاسم سان جسماني لاڳاپا جوڙي ورتا آھن جيڪا قاسم کي ھڪڙو راھ ڀٽڪيل عرب شھزادو سمجھي ساڻس پريت جا پيچ اٽڪايو ويٺي آھي قاسم جي جنسي عضووي کي تخليق جي عمل سان تشڀيھ ڏيندي ساڻس " لنگم ۽ يوني " راند پئي کيڏي بنت ڏاھر ھڪڙي اھڙي شھزادي آھي جيڪا نه رڳو عربي ڳالھائي ٿي پر ڪاما سترا تي دسترس رکندڙ ھڪڙي ماھر عورت طور ويچاري سادي سودي قاسم کي سيڪس سيکاري رھي آھي ھر شام ھوء قاسم سان گڏجيو درياهه ۾ وھنجڻ وڃي ٿي جتي ٻھي انگ اگھاڙا ٿين ٿا ان حد تائين جو ھوء قاسم جي لنگم کي چمڻ شروع ڪري ٿي ۽ قاسم کي ساڳي وارتا لاء پنھجي يوني آڇي ٿي

آئون سمجھان ٿو تاريخ سان افسانوي انداز ۾ ھيء غليظ حرڪت ليکڪ ھڪڙي خاص مائينڊ سيٽ جي نمائيندي طور ڪئي آھي جنھن جو مقصد سنڌ جي شاندار تاريخ کي گھٽاپڻي ۾ گڏائڻ آھي عرب سامراج جي سنڌ تي ٿيل خوني حملن کي لفظن جي ميناڪاري سان منجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ناول ۾ ھڪڙي پاسي بنو اميا جي خلافت جي سحر بياني آھي ٻي پاسي ڏاھر جي جھدوجھد وطن لاء لاڳيتي ويڙھ کي منسوخ ڪندي صرف سندس شڪست کي فوڪس ڪيو ويو آھي ٽئين طرف ڏاھر جي وڏي ڌيء جيڪا سندس شھادت پڄاڻان تخت ۽ تاج جي ڌڃاڻي ٿيڻي ھئي ان جي حرمت پاڪيزگي انقلابي جذبي آدرشي ۽ اتساھيندڙ ڪريڪٽر کي جنس جي ڪموڊثي ۾ تبديل ڪيو ويو آھي جنھن سان اھل سنڌ جو شرم وچان ڪنڌ جھڪي ويو آھي ڏاھر سنڌ جو ھاڪارو بادشاهه ھو جنھن سنڌ جي سرحدن جي حفاظت لاء جان جو نذرانو ڏنو ابن قاسم ھڪڙي ظالم ڦورو قبضاخور ۽ ھوس پرست عرب جنگجو قبيلي جو بگڙيل اولاد ھو جيڪو عياش سفاڪ ظالم ۽ وحشي صفت انسان ھو ان جو مقصد سنڌ فتح ڪري مٿس خلافت جي نالي تي قبضو ڪرڻ ھو سنڌ جي تاريخ ان تي متفق آھي ٻي طرف صفدر زيدي جھڙا تعصب پرست غير سنڌي ليکڪ اسلامي جذبي رياستي بيانئي تحت فرمائشي ادب جي قينچي سان سنڌ جي سيڪيولر مھذب ۽ مزاحمتي انقلابي جھدوجھدن جي ڊگھي تاريخ جي چھري جو غلاف ڦآڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن اميد ته سنڌ جو ادبي شعور پنھجي تاريخ جي تحفظ لاء عرب سامراج جي آلاڪارن جو قلمي سگھ سان مقابلو ڪري کين ائين شڪست خوردا ڪندو جيئن سنڌين ابن قاسم جو لاش گڏھ جي کل ۾ ويڙھي عربستان موڪليو ھو.

 

(نواز شاهه ڀاڏائيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تاان ۲۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)





ڪتاب سنڌ ڪماري ناول تي تبصرو

انجنيئر اوڀايو خشڪ

سنڌ ڪماري نالي ڇپيل هي ڪتاب محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ ٿيل جنگ جي روئيداد آهي. هيءَ صفدر زيدي طرفان اردو ۾ “بنت ڏاهر” جي نالي لکيل ناول آهي، جنهن جو سنڌ ڪماري نالي سان عبدالمؤمن ميمڻ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. سنڌ ڪماري جي ارپنا زين شاهه جي نالي سان ٿيل آهي. سنڌ ڪماري ۵۸ بابن ۽ ۲۶۲ صفحن تي مشتمل آهي.

هيءَ هڪ تاريخي ناول آهي ۽ محمد بن قاسم هٿان سنڌ فتح ٿيڻ واري جنگ تي لکيل آهي. مترجم پنهنجي طرفان لکيل مهاڳ ۾ لکيو آهي ته “اڃا آقا کي وصال فرمائي ڏيڍ صدي مس گذري ته ٺڪ مٿان اچي الله جي نالي تي سنڌ تي ڪڙڪيا”. مترجم جو اشارو عربن طرفان سنڌ تي حملن جي طرف آهي، پر انهيءَ ۾ ڏيڍ صدي کان پوءِ حملو تاريخي طرح غلط آهي. حضورﷺ جن ۱۲ هه ۾ رحلت فرمائي ۽ سنڌ تي پهريون حملو ۱۵ هه ۾ پهرين خليفي حضرت عمر﷦ جي دور ۾ ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو ۹۲ هه يعني سنڌ تي عربن جي قبضي ٿيڻ تائين جاري رهيو. سنڌ تي عربن طرفان ڪيل حملن جو تعداد تاريخ جي مختلف ڪتابن ۾ مختلف لکيل آهي. اهو تعداد ۱۴ کان ۲۰ لکيو ويو آهي.

ناول ۾ مصنف اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته محمد بن قاسم سنڌ تي حملو نه ڪيو، پر هو پنهنجي ظالم چاچي حجاج بن يوسف جي چوڻ تي سنڌ تي حملي آور فوج جو نالي ماتر اڳواڻ ٿي آيو هو ۽ سڄي جنگي حڪمت عملي ۽ ويڙهه حجاج بن يوسف فوج سان گڏ آيل ٻن عرب فوجي اڳواڻن جي ذريعي عمل ۾ آندي. ليکڪ اهو به لکي ٿو ته جڏهن ديبل بندر تي حملو ڪيو ويو ته محمد بن قاسم ميدان جنگ کان پري هڪ سامونڊي جهاز ۾ موجود هو ۽ ديبل فتح ڪري پوءِ هن کي وٺي اچي ديبل جي قلعي ۾ رهايو ويو ۽ ايئن هر جنگ جي محاذ تي ٿيندو رهيو. تاريخ جي مطالعي مان اها ڳالهه واضح نظر اچي ٿي ته محمد بن قاسم هر جنگي محاذ تي فوج جي اڳواڻي ڪندو رهيو. خاص ڪري راوڙجي جنگ ۾ هو موجود هو. چچ نامي مطابق سنڌي فوجن جي حملي کان بوکلائجي هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته مون کي پاڻي کارايو. جيئن ته هي هڪ تاريخي ناول آهي ڪو تاريخ جو ڪتاب ڪونهي. انهيءَ ڪري انهيءَ ۾ اهڙيون ڪوتاهيون، خاميون ضرور موجود هونديون. پرڇاڪاڻ جو هي سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم واقعي تي ناول لکيل آهي، انهي ڪري هن کي حقيقتن جي ويجهو هئڻ گهرجي ها. هي ناول حقيقتن کي ويجهو هئڻ جي بجاءِ هن ۾ تاريخ سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي. هن کان اڳ ۾ ڪيترائي تاريخي ناول، جن ۾ آگ کا دريا، ٽرين ٽو پاڪستان، غدار، آخر شب ڪي همسفر، ماءُ، دار و رسن ڪي آزمائش، خاڪ و خون، اور ڊان بهتا رها ۽ ٻيا کوڙ سارا ناول ڇپيل آهن، جيڪي پڙهڻ سان ان وقت جي سياسي سماجي تاريخ اکين اڳيان اچي وڃي ٿي. ناول ۾ ديبل تي حملو باهه وارن تيرن سان لکيل آهي، جڏهن ته اها حقيققت آهي ته عربن پهريون دفعو سامونڊي فوج ۾ منجنيق مشين شامل ڪئي ۽ ان سان ديبل تي حملو ڪيو. سنڌي فوج انهي نئين هٿيار جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ شڪست کاڌي.

ناول ۾ راجا ڏاهر جي عربن سان آخري جنگ اروڙ ۾ لکيل آهي، جڏهن چچ نامي ۽ ٻين تاريخ جي ڪتابن ۾ آخري جنگ راوڙ ۾ لکيل آهي. ان وقت سنڌ جا ٽي گادي جا هنڌ هوندا هئا جن ۾ اروڙ، برهمڻ آباد ۽ راوڙ شامل آهن. راجا گرميون راوڙ ۾ اچي گذاريندو هو. جيئن ته اروڙ ۽ برهمڻ آباد گرم علائقن ۾ واقع آهن، انهي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته راوڙ لاڙ جي علائقي ۾ هو. چچ نامي مطابق راوڙ فتح ڪرڻ کانپوءِ عرب فوج اروڙ طرف پيش قدمي ڪئي ۽ رستي ۾ ٻيا قلعا فتح ڪندي اروڙ تي حملي آور ٿي.

ناول جي مکيه ڪردار بنت ڏاهر جي لاءِ ليکڪ لکيو آهي ته جنگ ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿي، جڏهن محمد بن قاسم جي سامهون ان کي پيش ڪيو ويو ته محمد بن قاسم ان تي فريفته ٿيو ۽ ان سان عشق ڪرڻ لڳو آخر ۾ بنت ڏاهر حاڪم ڏانهن مائل ٿي ۽ محمد بن قاسم جيترو وقت سنڌ ۾ رهيو ان سان گڏ گهارڻ لڳي. تاريخ جي ڪتابن ۾ محمد بن قاسم جي شادي راجا ڏاهر جي زال لاڏي سان لکيل آهي. جيڪا پڻ اختلافي لڳي ٿي، ڇاڪاڻ جو راجا ڏاهر جي خاندان جي عورتن راوڙ جي محل ۾ گڏيل آپگهات ڪيو هو ۽ جيڪي محل ۾ موجود نه هيون، انهن کي باندي بڻائي دمشق موڪليو ويو جن ۾ راجا ڏاهر جون ٻه ڌيئرون ۽ هڪ ڀاڻج شامل هيون جيئن ته هي ناول آهي، انهي ڪري ناول جي گهرج مطابق اهڙيون گهٽ وڌايون ڪري سگهجن ٿيون، جنهن تي ڪو به اعتراض نه هئڻ گهرجي. اعتراض جوڳي ڳالهه اها آهي جو بنت ڏاهر کي جهڙي نموني سان محمد بن قاسم سان سنجوڳ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، انهي مان ايئن محسوس ٿئي ٿو، ته ڄڻ بنت ڏاهر ڪوڪ شاستر جو سبق دهرائيندي هجي. سنجوڳ جي حوالي سان لکڻي اهڙي آهي جيڪا هتي دهرائي نٿي سگهجي. انهن فقرن پڙهڻ سان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته هي ڪو تاريخي ناول نه بلڪ هڪ عام جنسي ناول آهي. پڙهندڙ ڄڻ ته وهي وهانوي جو جنسي ناول پڙهي رهيو هجي.

ناول ۾ محمد علافي ۽ ان جي سائين کي راجا ڏاهر جو وفادار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ محمد علافي کي عربن خلاف جنگ ۾ وڙهندي ۽ جنگ ۾ مارجي ويل ڏيکاريو آھي. علافي خاندان ۷۰۴ع ۾ سنڌ ۾ راجا ڏاهر وٽ پناهه ورتي هئي. راجا ڏاهر محمد علافي کان فوجي مشورا پڻ وٺندو هو. جڏهن راوڙ جي ميدان ۾ راجا ان کان مدد گهري ته هن مسلمانن خلاف وڙهڻ کان نابري واري ۽ وڃي محمد بن قاسم وٽ پيش پيو. سنڌ جي تاريخدان محترم ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ عرب دور ۾ علافين لاءِ لکيو آهي ته “علافي خاندان جي ماڻهو جن راجا ڏاهر وٽ پناهه ورتي هئي، اهي پڻ غدار ثابت ٿيا ۽ انهن عربن لاءِ مخفي جاسوسي جو ڪم سرانجام ڏنو”. ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ راوڙ جي جنگ متعلق لکيو آهي ته “راوڙ جي فيصلا ڪن جنگ جنهن سنڌ جي قسمت کي سيل مهر ڪري ڇڏيو ۽ جنهن ۾ راجا ڏاهر کي ڳاٽي ڀڳي شڪست ملي. علافي برادران جي غلط مشوري سبب ناڪام وئي.”

ناول ۾ محمد بن قاسم کي ٻالو ڀولو ڪري پيش ڪيو ويو آهي ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته محمد بن قاسم پنهنجي مرضي سان سنڌ تي حملي آور نه ٿيو، پر پنهنجي ظالم چاچي جي ڊپ کان هن جي ڳالهه مڃي سنڌ ۾ آيو. آخر ۾ اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته محمد بن قاسم، راج ڪماري (بنت ڏاهر) سان ملي سنڌ ڇڏي ٻي ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو، پر عرب فوج کي اطلاع ملڻ تي هن کي گرفتار ڪيو ويو. حقيقت ان جي ابتڙ آهي. محمد بن قاسم ۷۱۲ع ۾ سنڌ تي حملي آور ٿيو ۽ ۷۱۵ تائين سنڌ ۾ رهيو. انهي عرصي ۾ ۷۱۴ع ۾ حجاج بن يوسف وفات ڪري ويو، پر هو موٽي وڃي پنهنجي چاچي جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ علائقا فتح ڪندو رهيو. تان جو ۷۱۵ع ۾ خليفو وليد بن عبدالمالڪ پڻ وفات ڪري ويو ۽ سليمان بن عبدالمالڪ تخت نشين ٿيو. جنهن وليد بن عبدالمالڪ جي سڀني فوجي جنرلن کي گرفتار ڪرائي انهن کي مختلف سزائون ڏنيون. محمد بن قاسم کي واسط جيل ۾ سزاءِ موت ڏني وئي. محمد بن قاسم جو موت عربن جي پاڻ ۾ اندروني ويڙهه جو نتيجو آهي. ناول ۾ راجا ڏاهر جي مارجڻ کان پوءِ جيسينه طرفان ڪيل مزاحمت جو ڪو به ذڪر نه آهي.

سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم واقعي کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي پويان هڪ مخصوص سوچ ۽ نظريو آهي، انهيءَ نظريئي ۽ سوچ هيٺ ۱۹۴۷ع ۾ يوپي ۽ سي پي مان پاڪستان ۾ لڏپلاڻ ڪئي وئي ۽ انهيءَ سوچ هيٺ ۱۹۴۸ع ۾ سنڌ ۾ مذهبي فساد ڪرايا ويا. سنڌ جي هندن جو قتل عام شروع ٿيو، جنهن جو نتيجو سنڌي هندن جو سنڌ مان لڏي هندستان وڃڻ آهي. انهيءَ سوچ هيٺ جڏهن ۱۹۴۸ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ گورنر جنرل پاڪستان محمد علي جناح ۽ سنڌ جو وزير اعظم محمد ايوب کهڙو متاثر سنڌي هندن وٽ ويا، پر وزير اعظم پاڪستان لياقت علي خان نه ويو. اها سوچ اڄ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. شايد اهڙن ماڻهن لاءِ ئي شاهه لطيف چيو آهي.

ڌريان ئي ڌرايا، مٽ مئي جا نه ٿيا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



بنت داهر

تاريخ سان هٿ چراند آهي؟

اختر حفيظ

صفدر زيديءَ جو لکيل ناول “بنت داهر” ڪجهه وقت کان سنڌ ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ عبدالمومن ميمڻ “سنڌ ڪماري” جي نالي سان پڻ ترجمو ڪيو آهي. ناول پڙهڻ کان پوءِ ڪن پڙهندڙن/ليکڪن جو خيال آهي ته ناول نگار سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي. هن سنڌ جي تاريخ کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته سنڌ جي تاريخ ناول جي ابتڙ آهي. راجا ڏاهر جي ڌيءَ سوريا ديويءَ جي ڪردار کي هڪ طوائف جي ڪردار ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري ليکڪ ڪردارن سان نا انصافي ڪئي آهي ۽ هن عربن جي حمايت ۾ اهو ناول لکيو آهي.

صفدر زيديءَ جو هي ٻيو ناول آهي، ان کان اڳ ۾ سندس ناول “ڀاڳڀري” ڇپجي چڪو آهي. جيئن ته “بنت داهر” سنڌ جي حوالي سان هڪ اهم موضوع تي آهي، اهو ناول سنڌي اديبن جي بحث جو موضوع ان ڪري به بڻجي ويو آهي جو راجا ڏاهر سنڌ جو هيرو آهي، نه فقط راجا ڏاهر پر سندس نياڻيون به سنڌي قوم لاءِ سورميون آهن، جيڪي جلاد ۽ حملي آور عربن جي ظلم جو شڪار ٿيون هيون. تاريخي موضوع تي جڏهن به ناول لکيو ويندو آهي ته ان ۾ واقعا ۽ ڪردار ته ساڳيا رکي سگهجن ٿا پر ڪردارن جا جنسي، سماجي ۽ نفسياتي معاملا ساڳيا نٿا رکي سگهجن. ڇاڪاڻ ته اهو افسانوي ادب آهي، تنهنڪري هڪ ڪهاڻيڪار ڪردار کي ڪئين قسم جا روپ ڏئي سگهي ٿو. سنڌ ۾ راجا ڏاهر تي ان کان اڳ ناول موجود آهن. جن ۾ خليق مورائيءَ جو پهريون ناول ‘سُندري’ آهي، جيڪو تاريخي ناول آهي ۽ عربن هٿان 712ع محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل فتح ۽ برهمڻ گهراڻي جي شڪست جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ناول ۾ ان دور جون ريتون رسمون، تمدن، سماجي اخلاق ۽ انساني جذبن کي به اُجاگر ڪيو ويو آهي. ‘سَتيءَ جي سيتا’ خليق مورائيءَ جي ناول ‘سُندريءَ’ جو ٻيو حصو آهي، جيڪو تاريخي تسلسل ۾ لکيل آهي. هن ناول ۾ راجا ڏاهر ۽ راجا ڏهرسين کانپوءِ وارا دور ڏيکاريا ويا آهن. ان کان سواءِ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪليم ٻٽ جو “ڏاهر” جي نالي سان ناول لکيل آهي. جڏهن ته ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو به “اڻويهه عورتون” جي نالي سان ساڳي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول لکيل آهي.

صفدر زيديءَ جي ناول جي شروعات دمشق ۾ موجود خليفي وليد عبدالمالڪ ۽ حجاج بن يوسف جي ڳالهه ٻولهه سان ٿئي ٿي، جتي سنڌ جي حملي جي رٿابندي ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو فيصلو ٿيندو آهي ته سنڌ ۾ موجود خزانن کي عرب آندو ويندو. اهڙي ريت ابو يزيد ۽ هشام کي سنڌ تي حملي لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو. ان حملي ۾ تازو سامايل محمد بن قاسم به شامل هوندو آهي، جيڪو جنگ جي طور طريقن کان ايترو واقف ناهي پر کيس جنگي مشقن وسيلي تيار ڪيو وڃي ٿو ته جيئن هو جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي بچاءُ طور تلوار بازي ڪري سگهي. جيئن ته سنڌ ۾ ڪجهه عرب اڳ ئي موجود هئا، جيڪي پنهنجن قبيلائي جهيڙن سبب سنڌ ۾ پناهه وٺن ٿا. انهن کان پلاند وٺڻ جي باهه ثقفين جي اندر ۾ ٻرندي پئي آهي، ان ڪري انهن کي سبق سيکارڻ ۽ راجا ڏاهر کان سنڌ جي حڪمراني کسڻ لاءِ عرب حملي آور مڪمل تياريءَ سان مڪران پهچي سنڌ جو خزانو لٽڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا ۽ اهي بنهه سولائيءَ سان سوڀارا ٿين ٿا. جتي مندرن جون مورتيون ڀڃي انهن مان خزانو لٽي انهن کي مسجدن ۾ مٽايو ٿو وڃي.

اهڙي ريت مختلف علائقا فتح ڪندا اهي راجا ڏاهر سان جنگ جوٽين ٿا. جنگ جي ميدان ۾ راجا ڏاهر هاٿي تي ويٺل آهي ۽ تير لڳڻ سبب مارجي ٿو وڃي. جنهن کان پوءِ سنڌ جي فتح جو اعلان ٿئي ٿو. راجا ڏاهر جي سسي لاهي دمشق موڪلي ٿي وڃي ۽ اهڙي ريت محمد بن قاسم سنڌ جو وارث ٿي ٿو وڃي. راجا ڏاهر جي ڌيءَ سوريا ديوي محل ۾ قيد ٿي ويندي آهي ۽ بن قاسم جي چوڻ تي هن جي جاءِ تي هڪ ٻي ٻانهي خليفي ڏانهن موڪلي ٿي وڃي. ائين سوريا ديوي ۽ محمد بن قاسم کي شروع ۾ نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ پوءِ آهستي آهستي اها هن جي ويجهو ٿيڻ لڳي ٿي. هن جي قربت ماڻي ٿي. هن کي يوگا جا آسڻ سيکاري ٿي. ان کان سواءِ بن قاسم جي سيڪس بابت تربيت پڻ ڪري ٿي. ناول نگار سوريا کي مذهبي، جنگي ۽ جنسي موضوعن تي بنهه گهڻو ڏاهپ وارو ڏيکاريو آهي، هن جي ڀيٽ ۾ بن قاسم ٻالو ڀولو نظر اچي ٿو. ائين ٿو محسوس ٿئي ته هن کي دنيا جهان جي خبر ناهي ۽ اهڙي ريت جنسي لذتون ماڻڻ لاءِ به راجڪماري سندس تربيت ڪري ٿي. هوءَ عملي طور اهو سڀڪجهه ڪري ٿي، جيڪو هڪ نوجوان ڇوڪري ڪنهن مرد سان پيار جي معاملي ۾ ڪرڻ چاهيندي آهي.

هونئن ته هڪ حملي آور ۽ ڪنهن ڇوڪريءَ کي يرغمال ڪندڙ سان پيار ٿيڻ، ان کي پنهنجو جسم آڇڻ ۽ سيڪس جون سڀئي حرڪتون ڪرڻ حقيقي طور ذهن قبول نٿو ڪري پر نفسياتي طور ان کي “اسٽاڪ هوم سينڊروم” چيو ويندو آهي، جنهن ۾ مغوي کي پنهنجي اغوا ڪار سان پيار يا همدردي ٿي ويندي آهي ۽ هو ان سان هڪ اهڙي جذباتي لڳاءُ ۾ وقت گذارڻ لڳندو آهي، جنهن کان پوءِ اهو احساس ختم ٿي ويندو آهي ته هن کي ڪنهن اغوا به ڪيو آهي. هنن ٻنهي ڪردارن جي ڪيمسٽري به اهڙي ريت ناول ۾ پيش ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن فرض به ڪجي ته اها راجڪماريءَ جي سازش آهي ۽ هوءَ بن قاسم لاءِ ڪو ڄار اڻي رهي آهي پر بظاهر ناول نگار بهتر نموني پيش نه ڪري سگهيو آهي. ڇاڪاڻ ته بن قاسم هن جي سحر ۾ ايترو ته گم ٿيل نظر اچي ٿو جو هو سنڌ ڌرتيءَ جو وفادار ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. پر هڪ حملي آور ايترو رحمدل آهي جو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي. جڏهن ته کيس انجام جي به خبر آهي.

ناول ۾ دمشق جون محلاتي سازشون پڻ ڏيکاريو ويون آهن، جڏهن خليفي کي زهر ڏنو وڃي ٿو ۽ ان سازش پويان حجاج هوندو آهي. پر جڏهن ان سازش جي خبر خليفي کي پوندي آهي ته هو حجاج کي زهريلا انجير کارائيندو آهي ۽ زهر جسم ۾ ڦهلجي وڃڻ ڪري کيس ايترو سيءُ لڳندو آهي جو باهه جا مچ ٻارڻ کان پوءِ به سيءُ گهٽ ناهي ٿيندو ۽ حجاج پنهنجي ڏاڙهي ۽ وار پٽيندي مري ويندو آهي. اهڙي ريت سڄي محلاتي انتظاميه تبديل ٿي ويندي آهي ۽ بن قاسم کي به سنڌ جي محل مان سوگهو ڪيو ويندو آهي، جتي سوريا ديوي بوڙينڊو وڄائيندي سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيندي آهي.

صفدر زيدي جهڙي ريت ناول ۾ محلاتي سازشن کي پيش ڪيو آهي. عربن جي ڪردار ۽ انهن جي ٻين قومن ڏانهن ارادن کي پيش ڪيو آهي، اهو سٺو آهي، پر ناول ۾ ڪردارن جو اڀار بهتر نموني نه ڪري سگهيو آهي ۽ ان کان سواءِ هن وٽ افسانوي رنگ نظر نٿو اچي. ناول پڙهڻ وقت ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ماڻهو تاريخ تي لکيل ڪو نثري ڪتاب پڙهندو هجي. بن قاسم هڪ يتيم ٻار آهي پر هو يتيم ڪيئن ٿيو، ان جي ڪا خبر ناهي؟ ڪو پسمنظر ڪونهي ڄاڻايل. جڏهن راجا ڏاهر جنگ جي ميدان ۾ لهي ٿو ته اهو سين ايترو تڪڙو ڏيکاريو ويو آهي جو لڳي ئي نٿو ته هو ڪو تياريءَ سان جنگ جي ميدان ۾ لٿو آهي، جڏهن ته هو پنهنجي فوج جو ڪمانڊر هوندو آهي. ان کان سواءِ جيسئن جو ڪردار گم لڳو پيو آهي، جيڪو عرب حملي آورن خلاف هڪ وڏو مزاحمتي ڪردار هو. سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ اتي موجود عوام به ڪجهه ڳالهائيندو هوندو، نوان حاڪمن لاءِ ڇا ٿو سوچي، اهڙو ڪوبه ذڪر ناول ۾ ڪونهي. انهن جي ڏکن سورن جو ڪو بيان ناول ۾ موجود ڪونهي. صفدر زيدي ڊائيلاگ وسيلي ڪهاڻيءَ کي اڳيان وڌائيندي نظر اچي ٿو پر هن وٽ بيان وسيلي ڪهاڻيءَ کي اڳيان وڌائڻ جو هنر ناهي. ان کان سواءِ منظر نگاري به نه هئڻ برابر آهي. ڇاڪاڻ ته سندس لکڻ ۾ افسانوي سونهن ڪونهي. ان ڪري ناول پڙهڻ وقت اهو احساس ٿئي ٿو ته هو تاريخ بيان ڪرڻ ٿو چاهي.

جتي جتي محمد بن قاسم ۽ راجڪماريءَ ۾ مذهبن ۽ سنڌ ڌرتي بابت بحث ٿين ٿا. انهن بحثن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته اهي ڪنهن سيکڙاٽ شاگرد لاءِ بهتر آهن پر هڪ ميچوئر پڙهندڙ لاءِ اهي بحث ايترا سگهارا يا ڄاڻ وارا نه آهن. انهن بحثن تي هو ڪيترائي باب لکي ويو آهي. جڏهن ته راجڪماريءَ جو ڪردار بن قاسم جي حاوي آهي. ناول جي ڪهاڻيءَ کي رڳو محل جي اندرين پسمنظر تائين محدود رکيو ويو آهي، محلن کان ٻاهر ڇا ٿي رهيو آهي، اتي گهڻو ڪجهه هوندو، اهو سڄو منظر ناول مان گم لڳو پيو آهي.

جيستائين راجڪماري ۽ بن قاسم جي جنسي لاڳاپن جو معاملو آهي ته اهي منظر صفدر زيدي ڏاڍا بهترين چٽيا آهن. هو انهن منظرن کي بيان ڪرڻ ۾ نڀائي ويو آهي. پر ان کي غيرت جو معاملو نه سمجهڻ گهرجي. شايد اسان جا پڙهندڙ اهو سمجهن ٿا ته راجڪماري جنسي لاڳاپا نٿي رکي سگهي يا کيس جنسي طلب نه ٿيندي هوندي.

ناول وسيلي ري ٽيلنگ جو آرٽ ئي اهو آهي ته ڪوبه ناول نگار ڪردار کي ڪنهن ٻئي زاويي سان پيش ڪري سگهي ٿو. ادب جي دنيا ۾ هن وقت متبادل تاريخ جي سري هيٺ ناول لکيا پيا وڃن. اها ناول وسيلي هڪ اهڙي تاريخ آهي، جيڪا اسان کي تاريخ جي ڪتابن ۾ نٿي ملي. ان کان سواءِ اهو ياد رکڻ گهرجي ته افسانو ڪو تاريخ جو ڪتاب ناهي. ان ۾ هڪ گهڙيل ڳالهه هوندي آهي. جيڪا ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ پيش ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن ان کي به تاريخي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو ته پوءِ تاريخ ۽ افساني ۾ فرق ئي نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري صفدر زيديءَ جي ناول جي ٽڪنيڪ يا ان ۾ موجود فني پاسن جي اوڻاين کي بيان ڪري سگهجي ٿو پر افسانوي ادب کي تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ ناجائزي آهي ۽ ان کي تاريخ سان هٿ چراند نٿو چئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار کي افسانوي آزادي (فڪشن فريڊم) مليل هوندو آهي.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۹ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment