Sunday, December 4, 2022

صورتختي جي جرڳي جو قصو - حسين ڪپري

صورتختي جي جرڳي جو قصو!

(ڪهاڻي)

حسين ڪپري



سنڌي ٻولي جي صورتخطي ۾ نقطن ۽ اعرابن جو گهڻي وقت کان هلندڙ تڪرار نبيرڻ لاءِ ڪالهه ساڃهه وندن جي صلاح مصلحت ڪانفرنس ٿي گذري. اصل ۾ هو جرڳو ڪوٺائڻ جي چڪر ۾ هئا مگر ڪو سردار واندو نه ملي سگهيو، سڀ ڇوٽي چونڊ ۾ ويل هئا. سو فيصلو لينگوئيج اٿارٽي وارن وٽ کڻي آيا.


جيئن ته اڄڪلهه جائز ڪم به سولائي سان نٿو ٿئي تنهنڪري هڪ عدد سفارشي چٺي حفيظ ڪنڀار کان وٺي آيا. حفيظ ۾ هونئن ته ڪيتريون ئي خوبيون آهن پر وقت سر سنگت کي ڪم اچڻ واري ادا موهي وجهندي آهي. ڀلي ڪنهن ماڻهو کي ڄاڻي نه سڃاڻي پر چٺي لکي ڏيندو. اٿارٽي جو چيئرمين صاحب انگريزي ۾ لکيل خط ٻه دفعا پڙهڻ جي باوجود به جڏهن معاملي کي سمجهي نه سگهيو تڏهن چيائين، ”جيڪا اوهان سنگت جي مرضي!“

بس پوءِ ته هنن جو من وڌي ويو، هڪدم دعوت ناما موڪلي ايندڙ آچر تي اجلاس گهرائي ورتائون. ايجنڊا تي ڪافي اسم رکيل هئا. هڪڙو مسئلو ٽٻڪن جو هو، ٻيو اُچارن جو ۽ ٽيون زير، زبر، پيش جو هو. ان کان علاوهه موجودهه لکڻي جي صورت بدلائي رومن رسم الخط ۾ لکڻ وارا ڦڏا به هئا. جيئن ته وقت جي گهٽتائي سبب سڀني شين تي ڳالهائڻ ممڪن نه هو تنهنڪري ڌرين جي رضامندي سان اهو طئي ٿيو ته پروگرام ۾ ٻه سيشن هلايا ويندا. پهرين گڏجاڻي ۾ نقطن جي معاملي تي ۽ ٻي ۾ باقي مسئلن تي ڳالهايو ويندو.

 پهريون سيشن شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ الف مد ”آ“، ڦڏو ڪري اسٽيج تي چڙهي آيو ۽ چوڻ لڳو، ”مان هميشهه الف جي مٿان ايندو آهيان تنهنڪري صدارتي ڪرسي تي منهنجو حق آهي.“

الف مد آ اهڙي سڌي طبيعت جو مالڪ آهي جو ان جي موڊ جو اندازو پري کان ئي ٿي ويندو آهي. جڏهن سندس هڪ پاسو موالي جي مڇ وانگر مٿي ۽ ٻيو هيٺ لڙيل هجي ته معنيٰ ٺيڪ ٺاڪ، نارمل حالت ۾ آهي. جڏهن هن جون ٻئي ڪنڊون تاتاري مڇن وانگر هيٺ لڙيل هجن ته گنڀير هوندو آهي. مگر اڄ ته سندس ٻئي پاسا مارڻي ڍڳي جي سڱن وانگر اڀا هئا. ايڏا خطرناڪ تيور ڏسي سڀ سنجيدهه ٿي ويا. آخر ڪار اڳين سيٽن تي ويٺل ڪجهه نيڪ مرد وچ ۾ ٽپي پيا ۽ کيس سيدن پيرن جا واسطا وجهي ريهي ريبي هيٺ لاهي آيا.

 پروگرام جي باقاعدي شروعات لطيف جي بيت، ”اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار...“ سان ٿي. ان کان پوءِ نڪتن جي ڪري حرفن ۾ جيڪي مونجهارا ٿين ٿا تن کي جهوني شاعر، دلمراد ”دلگير“ شعر ۾ هن ريت بيان ڪيو،

”ساڳي صورت عين کي، ساڳي صورت غين!

چرين پاتو چين، ڳهليون ڳولي ڳالهڙيون.“

انهي سان کليل بحث جو آغاز ٿيو ۽ مختلف ماڻهن پنهنجا دليل ڏنا. سڀني کان پهرين سنڌي ۾ پي ايچ ڊي هڪ ڊاڪٽر صاحب ڳالهايو، ”استاد ٻارن کي ڪڪ پڙهائي پڙهائي اڳي ئي اڌ چريا ٿيو وڃن، مٿان وري ڦڦڙ ۾ ٻارهن نڪتا! ظلم اهو آهي ته ان کي ڪاغذ تي لکڻ مهل تيرهن دفعا قلم کڻڻو ۽ رکڻو پوي ٿو! تنهنڪري گهڻي ليٽ ٿيو وڃي. ساڳي نموني شاگرد کي ٿڦڙ هڻڻ ۾ ايتري دير نٿي ٿئي جيتري لکڻ ۾ ٿئي ٿي! سچ پڇو ته ٻولي ۾ ايترن نقطن جي ضرورت ئي ناهي، تنهنڪري انهن کي گولڊن هينڊ شيڪ ڏيئي روانو ڪيو وڃي!“

”ماستر جي ڳالهه ۾ وزن آهي، اسين سندس راءِ سان اڌ متفق آهيون،“ صورتختي ڪاميٽي جي سرڪاري ميمبر چيو. پوءِ هن تجويز ڏني ته معاملو ڪيترو وڏو آهي تنهنجي خبر وٺڻ لاءِ پهرين نڪته شماري ڪرائي وڃي.

نقطا بي شمار پريان لان ۾ ائين پي نظر آيا جيئن شادين ۾ ننڍڙا رنگين بلب ٽم ٽم ٻرندا آهن. لينگئيج اٿارٽي وارن وٽ ايتريون ڪرسيون ئي ڪونه هيون جو انهن کي ويهارين. تنهنڪري ڪي ٽٻڪا وڻن ۾ ويٺا هئا، ڪي مٿي ڪي هيٺ، ڪي اندر ڪي ٻاهر، مطلب جنهن کي جتي جاءِ ملي اهو اتي چچڙ وانگر چهٽيو پيو هو. خود چچڙ به ان ڪري چهٽيو پيو هوندو آهي جو هن ٽن اکرن واري مختصر لفظ لاءِ ڏهه نقطا سنڀالڻ ايترو مشڪل هوندو آهي جيترو پوڙهي سيٺ لاءِ اڳٺ ۾ ٻڌل چاٻين جو ڇڳو!

جيئن ته سنڌي ۾ ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪتاب لکجن ٿا سو نقطن کي وڏيون واندڪايون آهن. واندڪائي شيطان جو گهر هوندي آهي ان ۾ ڪئين شرارتون ٿيو وڃن. اهي شڪايتون به مليون آهن ته ڀي ڀولڙي وارا نقطا پنهنجي چار جي گينگ ٺاهي ڪنهن اڪيلي شريف مِيم کي سنسان رستن تي بيگاهه وقت تي ڦري ايندا آهن ۽ تنگ ڪندا آهن.

ڀڀڙ جا ٻارهن نقطا پنهنجي ڪرڪيٽ جي ٽيم ٺاهي، ڇڇڙ جي ٽٻڪن واري ٽيم سان گهٽي ۾ اهڙي نموني ميچ کيڏندا آهن جهڙي طرح انڊيا ۽ پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ مقابلو ڪندا آهن. تيز بيٽنگ جي ڪري گهرن جي درين جا شيشا ٽٽن ٿا يا ٻارن کي ڌڪ لڳن ٿا!

ظاهري طرح ته نڪتن وارو معاملو صورتخطي جو مسئلو آهي مگر ان جا سبب سماجي ۽ نفسياتي آهن. ان کان علاوهه، نڪتن ۾ ترتيب ۽ ڊسپلن جو معاملو ته صفا آهي ڪو نه. ”ثمر“ ۾ ٻن نقطن جي مٿان ٽيون چڙهيو ويٺو آهي ۽ ٽي ٽنڊڻ ۾ ويچاري هڪڙي نقطي تي ٻه چڙهيو ويٺا آهن! ان دٻڙ دوس تي چيئرمين کي ڪاوڙ اچي ويئي، ڇنڊ پٽيندي چيائين، ”ٽٻڪا جيترا به آهن ٺيڪ آهي پر هڪ ٻئي تي چڙهي ڇو ڇو ٿا ويهن، انهن کي لاهي قطار ۾ فضيلت سان ويهاريو.“

انهي تي پنڊال مان ڪنهن زور سان رڙ ڪري چيو، ”اهڙو ظلم نه ڪجو سائين، نقطا قطار ۾ ويٺا ته صفا ريل گاڏي ٺهي ويندي، ڏسڻ ۾ مهذب ته لڳندا پر اکرن جي سڃاڻپ ختم ٿي ويندي، بي مهانڊا لڳندا.“ چيئرمين جو ان طرح وچ ۾ ٽپي پوڻ ڪافي ماڻهن کي خراب لڳو، ان ڪري اجلاس جو پهريون سيشن بدمزگي سان ختم ٿيو.

ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وارا جيڪي ويس مٽائي چمڙا پوش ڪري واءُ سواءُ وٺي رهيا هئا، سي اهو منظر ڏسي ڏاڍا گد گد ٿيا. هنن جي خوشي جو سبب اهو هو ته جڏهن کان ادبي بورڊ مان لوگو وارو ڍڳو تڙجي نڪتو آهي تڏهن کان سخت عوامي تنقيد جو نشانو بڻيا آهن. حالانڪه هنن اشرافن اها وضاحت به ڪئي ته هڪڙي ادبي بورڊ ۾ ٻه ڍڳا نٿا سونهن پر ماڻهو چون ٿا پيسا سٺا مليا ته هنن ڍڳو ڪاساين کي وڪڻي ڇڏيو. هاڻي ادبي بورڊ وارن کي آسرو ٿيو آهي ته ماڻهو ڍڳي جي گمشدگي وساري وري صورتخطي جي پويان لڳي ويندا.

پروگرام جو ٻيو سيشن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ رات جو ماني کان پوءِ شروع ٿيو. ساڃهه وندن معاملي کي ارباب اقتدار وارن اديبن جي سامهون پيش ڪندي چيو ته اخبار وارن گڏجي پاڻ ۾ فيصلو ڪري اعرابن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هو زير، زبر، پيش وغيرهه لڳائين ڪونه، لفظ ائين ئي لکيو ڇڏين. تنهنڪري ڪيترائي لفظ اهڙا آهن جو زبان تي چڙهن نٿا، وات مان اچارجن نٿا ۽ قلم سان لکجن نٿا.

ان صورتحال کين صفا لائن حاضر ڪري ڇڏيو آهي. جي اهو مسئلو حل نه ٿيو ته کين رٽائرمنٽ جا ڪاغذ ٺهرائڻا پوندا. هنن گهڻي ئي دانهون ڪوڪون ڪيون پر اخبار وارا ارڏا ماڻهو آهن، اشتهار ڏيندڙن کان سواءِ ٻي ڪنهن جي ٻڌن ئي نٿا.

انهي تي هڪ گهري خاموشي ڇانئجي وئي. ڳالهه سڌي هئي پر ڪنهن به همدردي جو اظهار نه ڪيو. ان جو سبب اهو هو ته زير زبر پيش ٽنهي جي حيثيت مشڪوڪ هئي. سڀني کان پهرين زير جي ڳالهه ٿا ڪريون جنهن تي ٻولي جي با اختيار اداري جي ان ڏينهن کان وٺي ڪرڙي اک هئي جڏهن هو کيس ميڪ اپ ڪرائي بالم بنائي، منسٽر صاحب اڳيان سپاس نامو پڙهڻ لاءِ وٺي آيا. مگر هو مسئلا ٻڌائڻ بدران هر معاملي ۾ وڇائجو وڃي. جتي ڪو سبب نه هجي اتي به ڪو بهانو ڪري ليٽيو پوي!

بعد ۾ زير پنهنجي صفائي پيش ڪندي چيو، ”مان کي گهڻي ننڊ اچڻ جي بيماري آهي.“

رهيو سوال زبر جو سو بنا ٻڌائڻ جي الائي ڪيڏانهن نڪريو وڃي. ٻنهي اهو دستور ٺاهي ڇڏيو آهي ته ڪم جي وقت هڪڙو حاضر ته ٻيو غير حاضر هوندو آهي!

ڪنهن چيو، مسئلي جو ظاهري طرح سڌو حل اهو نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن زير هيٺان کان مٿي وڃي ته زبر جو ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ ائين زبر به مٿان کان هيٺ اچي سگهي ٿي.

اهو ٻڌي هڪ صوفي چيو، ”هيٺ مٿي وارا ڪم پيار محبت ۾ ته هلندا آهن پر ٻولي ۾ نٿا هلي سگهن.“ پوءِ هن جولان ۾ اچي شعر پڙهيو، ”زير ٿي، زبر نه بن، متان پيش ٿيڻو پوي.“ انهي تي گوڙ مچي ويو، هر ڪو ڳالهائڻ لڳي ويو. ڪير ڪهڙو ڪم ڪري، تنهن بابت ڪا راءِ جڙي نه سگهي.

اسٽيج سيڪريٽري جوشيلا بيت پڙهي ۽ صبر جون تلقينون ڪري سڀني کي مشڪل سان ماٺ ڪرايو. ان کان پوءِ هن اضافي آوازن جي مسئلي طرف ڌيان ڇڪائيندي چيو ته پرفيڪٽ ٻولي جي لاءِ ضروري آهي ته هڪ آواز لاءِ هڪ اکر هجي. مگر اسان وٽ هڪڙي آواز جي اظهار لاءِ چار چار اکر آهن، مثال ز ذ ض ظ! ايڏي فراواني کي ٻنجو ڏيڻ لازمي آهي. جيئن پاپوليشن ڪنٽرول وارو کاتو آبادي تي ضابطو رکي ٿو تيئن ٻولي اٿارٽي کي به غير ضروري آوازن تي ضابطو رکڻ گهرجي.

ان مطالبي جو جواب ڏيندي چيئرمين صاحب چيو، ”اضافي اکر صورتختي ۾ ائين آهن جيئن گهر ۾ رٽائرڊ پوڙها، ڪنهن به ڪم جا ڪونهن پر انهن کي هرگز ڪڍي نٿو سگهجي، ڇو ته بدناموسي ٿيندي.“

انهيءَ رکي جواب، ڳالهه کي ڳڙ ڪري ڇڏيو. ساڃهه وندن جو منهن لهي ويو، پر ڦڪائي سوران وڌيڪ ڪو نه ڪڇيا. حاضرين ۾ به مايوسي پکڙجي وئي، هڪ هڪ ڪري سڀ اٿي ويا. سڄي ڏينهن جي بحث مباحثي جو ڪو نتيجو نڪتو نه مسئلو حل ٿيو. آئيندي ڇا ڪرڻو آهي، تنهن بابت به فيصلو نه ٿي سگهيو.

غير جانبدار تبصري نگار چون ٿا لينگئيج اٿارٽي وارن کي سوڀ لکيل ڪونهي! هو ڪڏهن شاباسي حاصل ڪري نه سگهيا ڇو ته جيڪي به ڪم ڪن ٿا سي اڻپورا، اڌورا ۽ چُڪن سان ڀريل هوندا آهن. سندن شايع ڪيل انسائڪلوپيڊيا ۾ ايتريون غلطيون نڪتيون جو ماڻهو ان کي ”انسائيڪلوپيڊيا آف غلتستان“ سڏڻ لڳا. انهي سان نه رڳو لکين رپيا ضايع ٿي ويا پر سنڌي ڪتابن جي علمي معلومات ئي مشڪوڪ ٿي ويئي.

فيصلي نه ٿيڻ جو سبب اندر جا ماڻهو اهو ٻڌائين ٿا ته صورتختي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي آئي ته اٿارٽي جا گڏ ڪيل ۽ ڇپايل سڀئي ڪتاب مدي خارج ٿي ويندا. چيئرمين جي نوڪري تيل ٿي ويندي ۽ هيٺين ملازمن کي ڪنهن ٻي کاتي ۾ کپائڻو پوندو. تنهنڪري وڏي سوچ ويچار کان پوءِ، ساڃهه وندن اهو معاملو پڙهندڙن جي اڳيان رکي ڇڏيو آهي. هاڻي نڪتن، زيرن، زبرن ۽ اکرن جي شڪل صورت بابت جيڪو فيصلو پڙهيو لکيو عوام ڪندو تنهن کي سڀ قبول ڪندا!

 

(چنا لائبرري فيسبڪ پيج تان ۴ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment