Saturday, December 24, 2022

حقيقت نگاري جي مخالفت ۾ - ڪليم ٻُٽ

حقيقت نگاري جي مخالفت ۾

ڪليم ٻُٽ



پهرين منهنجو اهو خيال هو ته هن مضمون جو عنوان “جادوئي حقيقت نگاري جي بچاء ۾” هجڻ گهرجي، پر پوءِ احساس ٿيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڇپيل منهنجي مضمون “جرارڊ ڊي نروال جو ڪتاب ۽ جادوئي حقيقت نگاري” سان هن مضمون جو عنوان ملندڙ جلندڙ ٿي ويندو ۽ ڪٿي پڙهندڙ عنوان جي هڪجهڙائي ڪري هن مضمون کي نظر انداز نه ڪري وڃن، ٻيو اهو ته عنوان اهڙو هجڻ گهرجي جيڪو پڙهندڙ کي ڪنهن به لکڻي ڏانهن ڇڪي اچي ۽ ان کي پڙهڻ جو اتساهه ڏئي. ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته هن مضمون ۾ حقيقت نگاري جي مخالفت گهٽ هجي ۽ جادوئي حقيقت نگاري جو بچاء وڌيڪ هجي. هن مضمون لکڻ جي ضرورت ان ڪري به محسوس ٿي اٿم جو سنڌي افسانوي ادب جو وڏو حصو حقيقت نگاري جي ڌارا هيٺ لکيو ويو آهي، جنهن جي ڪري افسانوي ادب پڙهندڙن جو انگ وڌڻ بدران لاڳيتو گهٽجندو رهيو آهي.


مان سمجهان ٿو ته ڪنهن به نظريئي، ادبي ڌارا، يا ڪنهن ڳالهه جي حمايت يا مخالفت ڪرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ اهو سمجهڻ گهرجي ته اهو نظريو، ڌارا يا ڳالهه، اصل ۾ ڇا آهي ۽ ان جو ڪهڙو مقصد آهي؟ پوءِ اهو فيصلو ڪجي ته ان جي حمايت ڪجي يا مخالفت. ان ڪري مان اهو سمجهان ٿو ته حقيقت نگاري جي مخالفت کان اڳ ان جي مختصر سمجهاڻي ڏجي.

انسائڪلوپيڊيا برٽينيڪا موجب حقيقت نگاري مان مراد اهڙو فن پارو يا لکڻي آهي جنهن ۾ واقعن، ماحول ۽ ڳالهئين کي جيئن جو تيئن بنا افسانويت جي پيش ڪيو ويندو آهي، ان ۾ خيالي ۽ تصوراتي ڳالهئين کان پاسو ڪيو ويندو آهي. ادب ۾ حقيقت نگاري ۱۹ صديء جي وچ واري حصي کان زور پڪتو. انهيء مان واري سماجي حقيقت نگاري جنم ورتو ۽ سرڪاري سطح تي ان جي پٺڀرائي سويت يونين ۱۹۳۰ع کان ۱۹۹۱ع تائين (سويت يونين جي ٽٽڻ تائين) ڪئي. حقيقت نگاري واري ڌارا ۾ لکيل ڪهاڻي يا ناول ۾ ڪجهه اهم پاسن جو خيال رکيو ويندو آهي، جهڙوڪر ان جا ڪردار ۽ ماحول حقيقي دنيا جا هجن، ڪردارن ۾ ڪي به فطرت کان مٿاهيون طاقتون (supernatural) نه هجن، روزاني واري عام زندگي ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ ڳالهئين جو ذڪر ڪيل هجي، ليکڪ کي پنهنجي علائقي جو يا ان سان ملندڙ جلندڙ ماحول جي عڪاسي ڪرڻ گهرجي، ان علائقي جي لهجي ۾ لکي ۽ طبقاتي اڻبرابري ڏيکاري. جيئن ته هي ادبي ڌارا ۱۹ هين صديء جي وچ واري حصي ۾ زور وٺڻ لڳي ۽ لڳ ڀڳ ان دوران جديد سنڌي ادب جا به بنياد رکجي رهيا هئا، انهيء ڪري اسان کي سنڌي ادب ۾ حقيقت نگاري جو اثر نمايان نظر اچي ٿو ۽ اڄ سڌو به سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول هاري ۽ وڏيري جي جهيڙي ۽ ڪارو ڪاري، يا وري يونيورسٽي ۾ ڪيل عشق کان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي. اسان وٽ وري حقيقت نگاري واري ادب کي هروڀرو مزاحمتي ادب جو ٽيگ به هنيو وڃي ٿو. جڏهن ته لکڻ جو عمل پنهنجي جوهر ۾ مزاحمتي عمل ئي آهي، پوءِ ڀلي ڇا به لکجي، جيڪڏهن ڪير جادوئي حقيقت نگاري ۾ ڪهاڻي لکي ٿو ته ان جي اها لکڻي هروڀرو مڙهيل حقيقت نگاري خلاف مزاحمت آهي، جيڪڏهن ڪير هن ملڪ جي سياسي صورتحال کي ڏسي پاڻ کي غير سياسي سڏرائي ٿو ته هو هن ملڪ جي سياسي نظام خلاف مزاحمت ڪري رهيو آهي. رڳو روڊن رستن تي نڪري نعرو هڻي ۽ گهر موٽي اچي سمهي پوڻ جو نالو ئي مزاحمت نه آهي، ڪنهن اجائي نعري جي اکيون بند ڪري واهه واهه ڪرڻ ئي مزاحمت نه آهي، پر ان اجائي نعري کان الڳ ٿي بيهڻ به مزاحمت آهي. مون کي ته اڄ ڪلهه هر نعرو اجايو ۽ بي معنى لڳي ٿو.

 نقادن حقيقت نگاريء جون ٽي مک درجا بنديون ڪيون آهن:

۱_ Human nature realism

۲_ State-centric realism

۳_ System-centric realism

اهڙي ريت وري حقيقت نگاري جا ٽي اهم جز به ٻڌايا ويا آهن، هڪ ڏڦير (Anarchy)، طاقت جو توازن (Balance of Power) ۽ قومي مفاد (national interests).

جهڙي نموني مڪسيم گورڪي، بلزاڪ، فلبرٽ ۽ مُپاسان وغيره جا نالا عالمي ادب ۾ حقيقت نگاري جي حوالي طور ڏنا وڃن ٿا، اهڙي ريت وري سنڌي ادب ۾ جمال ابڙو ۽ نسيم کرل کي حقيقت نگاري جي حوالي سان اهم ڪهاڻيڪار طور ڳڻائي سگهجي ٿو.

ان سڀ هوندي حقيقت نگاري سان وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو رهيو آهي ته حقيقي واقعا ۽ ماحول ڏيڻ جي چڪرن ۾ ان مان افسانوي ادب وارو رس چس نڪريو وڃي ۽ ڪهاڻي بدران صحافتي ليک جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ افسانوي ادب مان دلچسپي وڃائي ويهي رهي ٿو. جيئن ته افسانوي ادب جو سڀ کان اهم ڪم پڙهندڙ جي جمالياتي، تصوراتي ۽ تخيل واري سگهه کي نروار ڪرڻ هوندو آهي، جيڪو هڪ حد کان پوءِ حقيقت نگاري واري ادب ۾ ممڪن نه ٿو رهي ان ڪري پرهندڙ افسانوي ادب کان بيزاري ڏيکارڻ شروع ڪري ٿو. جيڪڏهن سنڌي ڪهاڻي جو ئي مثال وٺجي ته ان ۾ ايتري ته نعري بازي نظر ٿي اچي جو پڙهندڙ کي ڪجهه دير کانپوءِ اهو احساس ٿيڻ لڳي ٿو ته هو افسانوي ادب پڙهڻ بدران ڪنهن ساڄي، کاٻي يا وچولي سياسي تنظيم جو پمفليٽ پڙهي رهيو آهي، جنهن ۾ رڳو پنهنجي ليڊر کي خوش ڪرڻ لاءِ واکاڻ ٿيل آهي. اسان سنڌين وٽ وري اها به پٽ پيل آهي ته اسان پنهنجي اديبن کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي هڪڙا درٻاري اديب ٻيا وري مزاحمتي ۽ قومي اديب. اها آهي ته کل جهڙي ڳالهه، پر ڇا ڪجي بنا سياست کي سمجهي ئي اسان جي ماڻهن کي لڳي ٿو ته سندن رڳن ۾ سياست رت جيان وهي ٿي. منهنجو خيال اهو آهي ته هر اهو اديب جيڪو افسانوي ادب ۾ پنهنجي اڳواڻ يا سياسي منشور جي واکاڻ ڪري ٿو اهو درٻاري آهي، پوءِ ڀلي هو پنهنجي سر تي مزاحمتي اديب جو تاج سجائي رکي يا قومي اديب جو. ياد رهي ته هي مٿئين ڳالهه مان رڳو ان اديبن لاءِ لکي رهيو آهيان جيڪي افسانوي ادب لکن ٿا، غير افسانوي ادب لکندڙن تي اهو قانون لاڳو نٿو ڪري سگهجي. غير افسانوي ادب جي سياسي ۽ سماجي هجڻ ۾ ڪوبه عيب ناهي.

پر رڳو ان نقطي تي ته ڪو ليکڪ حقيقت نگاري واري ڪهاڻي لکندي ان سان نباهه نه ڪري سگهيو آهي، بنياد بڻائي هن سموري ادبي ڌارا جي مخالفت ڪرڻ به ڪنهن صورت ۾ منطقي نه آهي. نه رڳو دنيا ۾ پر سنڌي ادب ۾ به ڪيترائي اهڙا ڪهاڻيڪار آهن، جن حقيقت نگاري واريون خوبصورت ڪهاڻيون لکيون آهن، مثال طور امر لغاري جي ڪهاڻي ناد وارو، اختر حفيظ جي ڪهاڻي ڪچي مسيت، ضرارب حيدر جي ڪهاڻي طالبان، طارق قريشي جي ڪهاڻي اپرائزل، زبيده ميتلو جي ڪهاڻي ڇُهاء، غلام نبي سومرو جون ڪهاڻيون وغيره سنڌي ۾ حقيقت نگاري جون خوبصورت ڪهاڻيون آهن.

هاڻي ان سوال ڏانهن اچجي ته حقيقت نگاري جي مخالفت ڇو؟

تازو ئي مون “Languages of Truth” نالي تنقيدي مضمونن جو هڪ ڪتاب پڙهيو آهي، جيڪو سال ۲۰۲۱ع ۾ Knopf Canada مان ڇپجي پڌرو ڪيو ويو آهي، هي ۳۲۰ صفحن جو ڪتاب آهي جنهن کي چيئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ ان جي پهرين ڀاڱي جي پهرين مضمون جو عنوان آهي “Wonder Tales”. هي لڳ ڀڳ ۶۰ صفحن جو مضمون آهي، جنهن ۾ اهو سوال اٿاريو ويو آهي ته اصل افسانوي ادب ڪهڙو آهي، ڪهاڻيون ڪٿان اينديون آهن، افسانوي ادب پڙهڻ ڇو ضروري آهي؟ ۽ اهڙا ئي ٻيا ڪيترا سوال اٿاريا ويا آهن، مضمون جي شروعات ڪجهه هن نموني ڪيل آهي:

“ڪتابن جي ڇپجڻ کان اڳ ڪهاڻيون هيون، شروع شروع ۾ ڪهاڻيون لکيون نه وينديون هيون، اهي ٻڌايون وينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي ڳايو ويندو هو.“

هن مضمون ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته اڄ اسين جنهن دور ۾ رهي رهيا آهيون اهو nonfiction جو دور آهي، جنهن جي تصديق ڪوبه پبليشر يا ڪتاب وڪرو ڪندڙ ڪري وٺندو. يا کڻي ائين چئجي ته اڄ جو افسانوي ادب افسانويت کان ڏاڍو پري ٿي بيهي رهيو آهي. اڄ جا اديب گهڻي ڀاڱي ايلينا فرنيٽ ۽ نائوسگراڊ جهڙن حقيقت نگارن کان وڌيڪ متاثر نظر اچن ٿا. اهڙو افسانوي ادب تخليق ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هر هر اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته واقعا، حادثا ۽ ماحول جيڪڏهن ليکڪ جي پنهنجي ماحول وارا نه به آهن ته هن جي آس پاس واري ماحول جا ضرور آهن. هن مضمون ۾ وڌيڪ اهو لکيو ويو آهي ته ڪيترائي سال اڳ مشهور چيڪ ليکڪ ميلان ڪنڊيرا پنهنجي هڪ مشهور مضمون ۾ ناول جي حوالي سان ٻن اهم ڌارائن جو ذڪر ڪيو هو، جنهن کي هن two parents of novel جو نالو ڏنو، هڪ ٽرسٽرم (Tristram) ۽ ٻيو شينڊي (Shandy). ڪنڊيرا لکي ٿو ته سيمئول رچرڊسن جي ناول Clarissa سان حقيقت نگاري وارو ناول سگهارو ٿيو، جڏهن ته لارنس اسٽرن جي ناول The Life and opinions of Tristram Shandy جو ناول حقيقت نگاري جي ابتڙ هو. پر دنيا ۾ Clarissa (حقيقت نگاري وارو ناول) جا ٻار وڌي ويا ۽ سموري دنيا ۾ پکڙجي ويا ۽ ادبي دنيا تي حاوي رهيا. ان مضمون ۾ ڪنڊيرا اهو خيال ظاهر ڪري ٿو ته هاڻي حقيقت نگاري وارو ناول گهڻو ئي لکيو ويو، هاڻي ان مان ليکڪن کي جان ڇڏائڻ گهرجي، ان قسم جي ناول جو هر پاسو ڳولي لڌو ويو آهي ۽ هاڻي ان ۾ ڪا به نواڻ نٿي ڳولي سگهجي، جنهن جي ڪري ناول هڪجهڙائي جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ناول نگار حقيقت نگاري کان پاسيرو ٿي ٻئي قسم جو ناول لکن، جنهن جي ڪيترن ئي نئون پاسن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. ڪنڊيرا جو اهو به خيال هو ته حقيقت نگاري وارا ناول ايترا ته لکجي چڪا آهن جو پڙهندڙ کي انهن مان ڪو به نئون خيال يا نئين ڳالهه نٿي ملي. . جيڪڏهن ڪنڊيرا جي ان ڳالهه کي وٺجي ته پوءِ حقيقت نگاري پنهنجي هجڻ جو ڪارج وڃائي ويٺي آهي، اهو پڙهندڙ جي جمالياتي سگهه ۽ تخيل تي ڪو به اثر نٿو ڇڏي ۽ جيڪڏهن افسانوي ادب اهي ٻه اهم ڪم نٿو ڪري سگهي ته پوءِ ان جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

ننڍي هوندي کان ئي ٻار ڪهاڻين سان محبت ڪرڻ لڳندا آهن، اهي ڪهاڻين جي دنيا ۾ رهڻ لڳندا آهن ۽ وري وري ساڳيون ئي ڪهاڻيون ٻڌڻ گهرندا آهن، هنن کي ڪهاڻين جي طلب بلڪل ائين ئي ٿيندي آهي جيئن ماني جي. اهي ڪهاڻيون ٻارن اندر هڪ اهڙي طاقت کي نروار ڪنديون آهن، جيڪا سڄي عمر انهن جو ساٿ ڏيندي آهي ۽ اها طاقت “تصور ۽ تخيل” جي طاقت آهي. اهي ڪهاڻيون انسان جي اندر لڪل وحشي جانور کي قابو ۾ رکڻ ۾ مدد ڪنديون آهن ۽ جيڪي ماڻهو افسانوي ادب نه پڙهندا آهن اڪثر ڪري اهي پنهنجي اندر ويٺل وحشي جانور تي قابو نه ڪري سگهندا آهن ۽ سماج لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن. جيئن ترڪي جي مشهور ناول نگار ايلف شفق پنهنجي ڪتابچي How to stay sane in an age of division ۾ ڪهاڻي جي سگهه جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته:

-۱ ڄاڻ لاءِ پڙھڻ جي ضرورت پوندي آھي. . . . ڪتاب، گهرائي سان ڪيل تجزيا ۽ تفتيشي صحافت کانپوءِ وري ڏاهپ آھي، جيڪا ذھن ۽ دل کي ڳنڍندي آھي، احساتي دانائي کي اجاگر ڪندي آھي. همدردي کي وڌائيندي آھي، ان لاءِ اسان کي ڪهاڻين ۽ ڪهاڻي پڻي جي گهرج پوندي آھي.

۲- ان ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته اسين ڏکي وقت ۾ رهي رهيا آھيون ۽ انفرادي توڙي گڏيل طور اسان ڪيترين ئي شين کي منهن ڏئي رهيا آھيون. پر پوءِ به هڪ پل لاءِ تصور ڪيو ڪتابن، ڪهاڻي ۽ همدردي بنا دنيا رهڻ لاءِ وڌيڪ وکريل ۽ هيڪلي نه هوندي.

۳- هڪ ناول نگارا طور مان سمجهان ٿي ته ڪهاڻين ۾ ماڻھن کي هڪ ڪرڻ جي غير معامولي سگهه آھي، اهي اسان جي تخيلاتي سگهه کي وسيح ڪنديون آھن ۽ ھوريان هوريان اسان جي همدردي ۽ ڏاهپ جي اصلي سگهه کي کولي ڇڏينديون آھن.

۴- ڪهاڻيون اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو ڪنديون آھن ۽ اڻ ٻڌايل ڪهاڻيون اسان کي ڌار رکنديون آھن.

۵- اسان ڪهاڻين جا ٺهيل آھيون، اهي جيڪي ٻڌائجي چڪيون آھن، اهي جيڪي هن گهڙي ٻڌائجي رهيون آھن ۽ اهي جيڪي نج پج اسان جي تخيل ۾ لفظن، تصويرن، خوابن ۽ اسان جي چوڦير جي دنيا ۽ اها دنيا ڪهڙي نموني ڪم ڪري ٿي بابت آھن، ڪهاڻي نه ٻڌائي سگهڻ، ماٺ ۽ بند رهڻ مطلب غير انسان ٿي وڃڻ آھي، ائين ڪرڻ اوهان جي هجڻ کي ڌڪ رسائيندو آھي، اوهان جي ڏاهي هجڻ تي سوال اٿاريندو آھي ۽ اوهان کي چڙچڙو ڪري ڇڏيندو آھي. پنهنجو آواز وڃائڻ سان اسان جي اندر ڪا شيء مري ويندي آھي.

سچ ته ڪهاڻين ۾ ڏاڍي سگهه آھي اهي نه رڳو اسان جي پر اسان سان گڏ ٻين ماڻھن جي زندگين ۾ به خوشگوار بدلاءُ آڻينديون آھن.

پر اهي ڪهاڻيون ڪهڙيون آهن ۽ اهي ڪٿان اچن ٿيون؟ سچ اهو آهي ته اهي اصلي ڪهاڻيون هن ڀوائتي حقيقي دنيا کان ڏاڍيون پري آهن. انهن ڪهاڻين جي ڳولا ۾ اسان کي Wonder Land تائين وڃڻو پوندو. هتي مون کي هڪ قصو ياد اچي رهيو آهي، هي قصو هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار جو آهي، ائين ته هي قصو ڇهن راتين جو آهي، پر مان هتي رڳو ٽن راتين جو ذڪر ڪندس. هڪ اهڙو نوجوان ڪهاڻيڪار جنهن حقيقت نگاريء واري ڌارا ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، پنهنجي آس پاس جي ڪهاڻيڪارن کان متاثر ٿي هن به سياسي نعري بازي کي ئي حقيقي ادب مڃي ورتو. پر هو من اندر ۾ ان مان مطمين ڪو نه هو، هو هر وقت حقيقي ڪهاڻي لاءِ تڙپندو رهندو هو، کيس پنهنجيون حقيقت نگاري واريون ڪهاڻيون پڙهي لڳندو هو ته “اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي. . . . “

(هلندڙ)

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ جون ۲۰۲۲ع ڌاري ڇپيل)

No comments:

Post a Comment