Monday, December 26, 2022

سنڌي ادب جو آئيندو - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

سنڌي ادب جو آئيندو

ٻولي ۽ تنقيدي ادب

ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري



ٻولي ۽ ادب جو لاڳاپو انتهائي اهم ۽ بنيادي حيثيت رکندڙ آهي، ادب جو بنياد يعني را مٽيريل ٻولي ۽ لسانيات آهي جڏهن ته ٻولي جون وسعتون ۽ ڦهلاءُ توڻي شاهوڪاري ادب جي ڪري ئي آهي. ايئن ٻيئي جز هڪٻئي لاءِ اهم ۽ اٽٽ آهن. اوڻويهين صدي کان پهرين دنيا ۾ ادب ۽ ٻولي سماجي علمن ۾ پڙهايو ويندو هو يعني ادب ۽ ٻولي الڳ سبجيڪٽ جي حيثيت به نه رکندا هئا، پوءِ اوڻويهين صدي ۾ ادب ۽ ويهين صدي ۾ لسانيات الڳ مضمون طور دنيا ۾ پڙهايا ويا ۽ کين الڳ حيثيت سان ڏٺو ويو. پوءِ اهو لقاءُ ايستائين پهتو جو اسپيشلائيزيشن ۾ ٻئي الڳ مضمون طور تصور ڪيا ويا پر پوسٽ ماڊرن دور جي تنقيدي نظر طور ٻنهي مضمونن کي هڪٻئي کي سمجهڻ لاءِ لازم ملزوم قرار ڏنو ويو. مثال طور تنقيدي نقطه نظر ساختيات ۽ ساختيات پڄاڻان جو تضاد ئي ادب ۾ ٻولي جي پيغام تي آهي جهڙوڪ ڪنهن ادبي تخليق ۾ ڪهڙو پيغام سمايل آهي اهو پيغام ايستائين نٿو سمجهي سگهجي جيستائين ٻوليءَ جون پيچيدگيون نٿيون سمجهيون وڃن، ٻوليءَ جي گرامر جي ايگريمينٽ کي نٿو سمجهيو وڃي، ٻولي ۾ موجود لفظن جي سگنيفائر ۽ سگنيفائيڊ کي نٿو سمجهيو وڃي، ساختيات اهڙي لاڙي يا فڪري ساخت تحت ٻولي ذريعي ادب سمجهڻ جو بنياد وڌو پر اڳتي هلي ڊيريڊا پاران ردتشڪيل ذريعي ٻولي جي ڪمزورين ڏانهن اشارو ڪيو ويو جيڪو اڳتي هلي ثابت به ٿيو ته هي دور معنيٰ جو نه پر تشريحن جو دور آهي جنهن جا بنياد نٽشي جي هن چوڻي There is no meaning but interpretations تي پيل آهن ۽ دنيا مڃي ٿي ته معنائن کان اڳتي هلي ڳالهه تشريحن تي پهتل آهي ان ڪري ڊسڪورس جو تنقيدي تجزيو ۽ فنڪشنل لسانيات وجود ۾ آيا. لسانيات يا ٻولي جي انهن مطالعن ادب جي ڊڪشن يا اسٽائيلسٽڪ معنيٰ ڪڍڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. فنڪشنل لسانياتي تجزيو سنگاپور يونيورسٽي جي پروفيسر ڪي او هولارن Kay O’Halloran ٽيڪنالوجي تي کڻي آئي جتي آواز ۽ وڊيو جو صرف و نحوياتي تجزيو هڪ سافٽ ويئر ڪري ٿو ته ساڳئي وقت لسانيات جي شاخ ملٽي ماڊل لسانيات Multimodal Linguistics پڻ انهي ادبي تشريح کي اڳتي وڌايو ۽ ٻڌايو ته ادبي لکڻي يا ڪنهن به اشتهاري پيغام ۾ صرف ٻولي نه پر تصويرون يا علامتون به معنيٰ ڪڍڻ ۾ مدد گار ٿين ٿيون. تنهن ڪري ادب جي تشريح لسانياتي عنصرن ۽ تجزين کان سواءِ اڻ پوري هوندي آهي.


مٿين مختصر بحث کي سهيڙي جيڪڏهن سنڌي ادب ۾ لسانيات جي عمل دخل کي ڏسجي ته ماضي کان حال تائين مايوسي واري صورتحال آهي ڇوته لسانيات جنهن ۾ گرامر يا صرف و نحو يا متن جو ساخت جن پيراگرافن يا لکت جي اصولن تحت هوندو آهي ان جا جامد تجزيا ته ملندا پر ان جا تجريدي يعني Abstract تجزيا ۽ سمجهه ٻوجهه نه هئڻ جي برابر آهي، ۽ سماجي علمن ۾ خاص ڪري فلسفيانه پيغام، ادبي پيغام ته هوندو ئي تجريديت جي علامتن سان ڀريل آهي پر جيڪڏهن اسان وٽ لسانيات جو علم اسريل ئي نه هوندو ته لسانياتي تجزيو ڪيئن ڪري سگهبو؟ هڪڙو مثال اسان وٽ جملي جي فاعل، فعل ۽ مفعول جي لاڳاپن جو تجزيو ڪيو ويندو آهي جنهن کي اسان پريوڳ سڏيندا آهن ان تحت مون ۲۰۰۷ ۽ ۲۰۰۸ ۾ تحقيقي پيپر لکيا هئا جيڪي ان وقت اڻ لڀ هئا وڏي مشڪل سان ڪاڪي ڀيرومل ۽ مرزا قليچ جا ڪتاب هٿ آيا هئا. انهن سالن ۾ منهنجا ڪجهه پيپر ڇپيا هئا ۽ آئون بعد ۾ جڏهن هانگ ڪانگ جي پولي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي The Hon Kong Polytechnic University ۾ ويو هوس ته اتي جي ڪجهه محققن مون کان سوال پڇيا هئا جيڪڏهن ڪنهن ڊسڪورس ۾ پريوڳ ڀاوي، پريوڳ ڪرمڻي يا پريوڳ ڪرتري سرس آهي ته ان مان عملي ۽ سماجي طور ڇا مطلب نڪري ٿو؟ يعني انهن پريوڳن مان ڪنهن هڪ پريوڳ جو گهڻي تعداد ۾ موجود ڪهڙو پيغام ڏئي ٿو؟ ظاهر آهي اسان وٽ ته رڳو اهي هجن ۽ لاڳو ٿيل هجن رڳو جملن جي هڏ ڪاٺ يا جسامت کي ڳڻي ٻڌائين ته اهو ئي ڪافي لکيو ويندو آهي ان جو تجريدي مطلب ڪڍڻ اسان وٽ اڃا وجود ۾ نه آيو آهي. ان کان سواءِ دنيا ۾ موجود لسانيات جي علم جون شاخون جهڙوڪ صوتي آوازن جا جزAir Stream Mechanism جو مطالعو ئي گهٽ هوندو آهي ته ان جو ڪنهن ڪلام ۾ موجود هجڻ ڪيئن پرکي سگهجي ٿو، جهڙوڪ دنيا ۾ ڪيترائي سافٽ ويئر موجود آهن جيڪي آواز، آوازن جي پِچ، آوازن جي ڊيگهه، طول، ويڪر ۽ گهرائي کي ماپي ٻڌائي سگهن ٿا ته ڪهڙا آواز ڪٿي ڪيئن اچاربا آهن يا آواز لهرن ذريعي ڪيئن سفر ڪندا آهن. جيتوڻيڪ صوتي لسانيات Phonetics به لسانيات جي جامد عنصرن جو حصو آهي پر ان جي قدماپ جو سفر به سنڌي ٻولي ۾ اطمينان جوڳو ناهي. ان کانسواءِ لفظن جي جوڙجڪ يعني Morphology جو علم ڪنهن حد تائين سنڌي ٻولي ۾ وجود رکي ٿو نه ته گهڻي ڀاڱي موجود نه آهي ان ۾ به لغتن جو علم Lexicography ته موجود آهي پر اهو به محدود آهي جهڙوڪ لفظن جو ذخيرو صرف سنجيده يا فارمل نه هوندو آهي پر انفارمل ٻولي به ٿيندي آهي، سلئنگ ٻولي به ٿيندي آهي، ڌنڌن يا واپار جي ٻولي به ٿيندي آهي، مختلف رجسٽر يعني مختلف شعبن جي ٻولي يعني فلسفي جي ٻولي، تعليمي ادارن جي ٻولي، قانون جي ٻولي، پوليس جي ٻولي، وغيره ٿينديون آهن ۽ انهن جون الڳ لغتون به ٿينديون آهن تڏهن وڃي مارفولوجي جي علم جو پورائو ٿيندو. ان کانپوءِ جملن جي ساخت Syntax جو علم آهي جيڪو جملي جي جوڙجڪ لهجن مطابق لفظن جو جملي ۾ ڳانڍاپو ڏيکاريو ويندو آهي جنهن سان مجموعي ادبي متن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي جنهن ۾ هڪڙو پاسو ته پريوڳن يعني فاعل، فعل مفعول جي ڳانڍاپن جو ٻيو ته جملن ۾ موجود عنصرن جو مختلف اسڪول آف ٿاٽ تحت تشريحون هونديون جهڙوڪ اسان وٽ لفظ فعل ۽ انگريزي ۾ Verb آهي. فعل جو مطلب آهي ته عمل يا حرڪت پر جيڪڏهن جملو هيئن هجي “قلم منهنجي کيسي ۾ آهي” يا “هو منهنجو ڀاءُ آهي” ته انهي ٻنهي جملن “آهي” اچي ٿو جنهن تحت ڪوبه عمل نٿو ٿئي ته ان کي ڪهڙي صرف و نحوياتي تجزيي ۾ رکنداسي ۽ جيڪڏهن ڪنهن اصطلاح تحت رکنداسي به ته ان جي عملي معنيٰ يا تشريح ڪهڙي ٿيندي؟ ان کانپوءِ علم المعنيٰ يعني Semantics جنهن تحت اسان لفظن، محاورن، جملن، پيرگرافن ۽ سموري لکت جي معنيٰ ڪڍندا آهيون ۽ اهو انتهائي وسيع هجڻ سان تجريديت تي ٻڌل هوندو ان ۾ هڪڙي معنيٰ ته لغتي معنيٰ Denotation جڏهن ته ٻي معنيٰ اشارن ڪناين Connotations جي هوندي آهي. لسانيات جي مختلف ماهرن معنائن جا ست کان وڌيڪ قسم ٻڌايا آهن جيڪي خالص لسانيات ۾ اچن ٿا پر فلسفي تحت اڃا وڌيڪ معنائون نڪرن ٿيون. جيڪڏهن اهو علم کڻي شاهه لطيف، سچل، شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني، امداد حسيني يا سهيوڳي اديبن ۽ شاعرن تي سائنسي انداز ۾ لاڳو ڪري معنائون ڳوليون وڃن ته ڪيڏو وڏو ذخيرو هٿ ڪري سگهجي ٿو جنهن سان ذهني وسعتون ملنديون ۽ فڪري تنگ نظري مان به نڪري وينداسي. جڏهن ته لسانيات ۾ عمليات Pragmatics ۽ مظهريات Phenomenology جهڙا ڪيئي علم موجزن آهن جيڪي سنڌي ادب تي لاڳو ڪرڻ جا منتظر آهن. جڏهن ته سنڌي ٻولي ۾ مٿي ذڪر ڪيل انتهائي بنيادي جز به لاڳو نه ٿي سگهيا آهن نڪي ڪڏهن تنقيد جو حصو ٿي سگهيا آهن ته اسان ماضي کي ڏسي اهو چئي سگهون ٿا ته اسان ادبي لسانيات يا لسانياتي ادب ۾ ڪو خاطر خواهه ڪم نه ڪيو آهي مستقبل کي ماضي کان ڪٽي نٿا ڏسي سگهون، ماضي مان جيڪڏهن سبق سکي مستقبل جي لسانيات جا بنياد رکنداسي ته ٿي سگهي ٿو مستقبل ۾ لسانيات ترقي ڪري پر افسوس سان ان جي اميد گهٽ ٿي نظر اچي. ڇوته ٻولي جي ترقي اسان وٽ جيڪڏهن صرف ٽيڪنالوجي تي آڻڻ کي چيو ويندو آهي ته اهو غلط مفروضو آهي ڇوته ٻولي کي بچائڻ لاءِ ٻولي جي شاهوڪاري ڳالهائيندڙن جي وجود ۽ ادب جي ذريعي ٻولي جو ڦهلاءُ آهي جنهن سان فڪري ۽ سوچ جا ذريعا پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن ذريعن ذريعي ماڻهو معاشي، سماجي ۽ سياسي طرح مضبوط ٿيندا آهن انهن ۾ هڪڙو اهم مثال تازو آءِ بي اي طرفان استادن جي ڀرتي ۾ سنڌي ٻولي جو پورشن لازمي قرار ڏيئي ڄڻ ته سنڌي ٻولي جي مطالعي ۽ اهميت کي نئين زندگي ڏني وئي، حڪومت جي انهي قدم جي جيتري ساراهه ڪجي گهٽ آهي. ايئن ٻولي کي عملي زندگي ۽ ادب سان سلهاڙجي ته ٻولي ادب جو اهم ذخيرو محيا ڪري ڏئي سگهي ٿي.

سنڌ ادب جي تنقيد جي آئيندي جي حوالي سان لسانيات جو جائزو ان ڪري به ضروري هو ته پوسٽ ماڊرن تنقيد جا تقريبن سمورا زاويا لسانيات رستن تان ضرور لنگهن ٿا. جتان کان تنقيدي ادب پنهنجي بحث کي اڳتي وڌائي ٿو جهڙوڪ شعر ۾ وزن و بحر، قافيا رديف، علم عروض، ماترائون، موسيقي وغيره جا سمورا لوازمات بنيادي طور ٻولي مان اخذ ڪيا ويندا آهن. ان ڪري لسانيات، ٻولي ۽ ادب تنقيد جا بنياد آهن.

سنڌي ٻولي ۾ تنقيدي ادب جي شروعات جيتوڻيڪ ڪويراڄ شيکر جي لکڻين سان ٿي جيڪا نائين ۽ ڏهين صدي عيسوي جو عرصو هو جيڪو ترقي ڪري پوسٽ ماڊرن تنقيد تائين پهتو آهي. مجموعي طور تي تنقيدي حوالي سان ٽي وڏا دور يا لاڙا اسان کي ملن ٿا. پهريون دور ۹ صدي کان وٺي انگريزن جي دور تائين جو آهي جنهن ۾ گهڻو ڪردار ادبي اخبارن يا رسالن جو آهي جنهن ۾ قسطوار لکڻيون ڇپجنديون هيون جهڙوڪ “سنڌ”، “اديبِ سنڌ”، “مهراڻ” وغيره هئا جيتوڻيڪ انهن رسالن تنقيدي ادب کي بنياد فراهم ڪيا جيڪي اڳتي هلي ٻين رسالن جهڙوڪ “هندو”، “سنڌڙي”، “الوحيد”، “هندو سنسار” ۽ “اديب سنڌ” جهڙيون اخبارن يا رسالن جو زينت بڻيا جن ۾ ڪافي قسطوار تنقيدي سلسلا به هليا ۽ شاعري کان ويندي نثري ادب تي تنقيدون ٿيون. جيتوڻيڪ انهي عرصي دوران ڪجهه تنقيدي ڪتاب به ڇپيا آهن. ٿلهي ليکي جيڪي اهم نالا انهي دور ۾ تنقيدي حوالي سان منظر تي رهيا انهن ۾ ڪويراج شيکر، مخدوم ابولحسن، محمد ابراهيم خليل ٺٽوي، سيد ثابت علي شاهه، ڀڳواني ٻائي، آغا صوفي، شيوارام لالا، جهامنداس ڀاٽيا، لکميچند ڪاڪا، ڀيرومل مهرچند، گُلي ڪرپلاڻي، محمد صديق ميمڻ، پروفيسر لعل سنگهه اجواڻي، فتح محمد سيوهاڻي، ديوان ڏيارام گدومل، رام پنجواڻي، ڄيٺمل پرسرام، وغيره جهڙا نقاد موجود رهيا آهن جن پاڻ ملهايو آهي.

هن دور ۾ تنقيد کي گهڻي ڀاڱي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو هو انهن لاڙن کي اصولي تنقيد ٻيو عملي تنقيد چيو ويندو هو. اصولي تنقيد کي بنيادي علمي اصولن تحت ادب کي ڏسڻ هوندو هو جهڙوڪ ادب ڇا آهي، ادب جو مقصدڇا آهي جُز ڪهڙا آهن اهري قسم جون ڳالهيون سمجهايون وينديون هيون جڏهن ته عملي تنقيد ڪنهن شاعر يا اديب جي لکڻين تي تنقيد ڪري ڪئي ويندي هئي جيڪو طريقو اڄ به علمي ۽ عملي تنقيد طور ريفر ڪيو ويندو آهي.

ورهاڱي وقت گهڻو تنقيدي ادب مجموعي ادب جيان رڪجي ويو ۽ ان جا سمورا بنياد ئي لڙهي ويا. جيئن ته اشاعتي ادارا ۽ قلمڪار گهڻي ڀاڱي هندو هئا جن جي لڏ پلاڻ سبب سمورو وايو منڊل ئي تبديل ٿي ويو ته سموري ادب جيان تنقيدي ادب کي به ورهاڱي کانپوءِ نئين سر جوڙڻو پيو. ٻيو ته عالمي وايومنڊل تحت عالمي جنگيون، لڏپلاڻ، ٻن سپر پاورس جي ڪولڊ وار تحت جنهن قسم جي ادب کي هٿي وٺرائي وئي ان ۾ ٻه وڏا لاڙا سامهون آيا جيڪي ترقي پسند ادب ۽ رجعت پسند ادب طور ڄاتا ويا. انهن ٻني لاڙن تنقيدي ادب کي هڪڙي طرح سان تمام گهڻو سهارو ڏنو ٻي پاسي هڪڙو وڏو پاسو رهجي ويو. جهڙوڪ انهي ورهاست ادب تخليق ڪندڙ يا ادب تي ڳالهائيندڙن کي گهڻي ڀاڱي محدود ڪري ڇڏيو جيڪي يا ته ترقي پسند ادب جي ڳالهه ڪن يا رجعت پرست ادب جي ڳالهه ڪن يا ادب براءِ زندگي يا ادب براءِ ادب جي دائرن ۾ ئي محدود رهيا پر ان جي وچ ۾ ٿيندڙن ٻين ڪيترن ئي لقائن کان پري رهيا جهڙوڪ ويهين صدي جي شروعات کان ٻين عالمي جنگ تائين وڏي جديديت High Modernism جو دور هو جنهن تحت وجودي ادب، اسٽريم آف ڪانشسنيس، هيئت ۾ تجربا، سرريئلزم، ڊاڊازم، نيچرلزم، فيوچرزم، ريئلزم، فڪري طور آزادي جا تجربا جهڙا ادبي لاڙا وجود رکندڙ هئا. انهن لاڙن تحت تخليقي ادب ته لکيو ويو پر ان تي تنقيدي ادب گهٽ ملي ٿو. ساڳئي طرح سان ٻي عالمي جنگ کان وٺي ايڪويهين صدي تائين پوسٽ ماڊرنزم جو دور ڳڻيو وڃي ٿو جنهن ۾ بيٺڪيت پڄاڻان ادب ۽ تنقيدنگاري، نئين تنقيدنگاري، هيئت پسندي، ميجڪ ريئلزم، ساختيات، ساختيات پڄاڻان، تحليل النفسي، نئين تاريخيت، بلئڪ هيومر جهڙا ڪيئي لاڙا سموري دنيا ۾ موجود رهيا آهن پر اهي سنڌي ۾ تنقيدي ادب جو حصو نه ٿي سگهيا آهن جهڙوڪ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ يا ته اهي نقاد هئا جيڪي پرو ترقي پسند هئا يا اهي نقاد هئا جيڪي ترقي پسند ادب جا مخالف هئا وچ ۾ خالص متن تي تنقيد ڪندڙ يا خالص ادب جي هيئت تي تنقيد ڪندڙ جهڙوڪ هئا ئي ڪو نه ۽ جيڪڏهن هئا ته اهي خاموش هئا. جڏهن ته مٿي ذڪر ڪيل تنقيدي نظرين، زاوين ۽ لاڙن وارو تنقيدي ادب هندستان ۾ ڇپجندڙ سنڌي تنقيدي ادب ۾ جهجهي تعداد ۾ موجود رهيو آهي. اڄ به جيڪڏهن تحقيق ڪري ڏسجي ته هندستان ۾ سنڌي ادبي تنقيد ۾ عالمي ليول جا سورا لاڙا تجزين يا عملي تنقيد جي صورت ۾ وجود رکن ٿا. جڏهن ته اسان وٽ ايڪويهين صدي کان پوءِ گذريل هڪ ڏهاڪي دوران ٿورو گهڻو سنجيده خالص تنقيدي ادب جو تخليق ٿيڻ شروع ٿيو آهي. گهڻن ئي موضوعن تي اسان وٽ اڄ به کوٽ آهي. تنقيدي ادب لاءِ تخليقي ادب جو وڏو ڪينوس گهرجي جتي دنيا ۾ سماجن جي اٿل پٿل کي گهرائي سان تخليقي ادب ۾ لکجي پر اسان وٽ تنقيد جي کوٽ سبب تخليقي ادب ۾ به ڪيمپس ناول، محبت جي شاعري، وڏيري خلاف واويلا، يا ظلم خلاف لکڻ جهڙا موضوع آهن پر سماجي طور تي اهي موضوع به سنڌ جي سرحدن وٽ دنگ ڪن ٿا. ٻئي پاسي اسان وٽ عالمي جنگ جو انگريزن جي دور دوران وايو منڊل موجود رهيو آهي، انگريزن جي سڌي سنئي ۱۰۰ ساله بيٺڪيتي دور رهيو، سرسبز مهراڻ جي وادي جو اڪيلو جيئدان سنڌو دريا جو سوڪهڙو، صدي جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ، سنڌي هندن جو نڪرڻ ۽ ڌارين جو سنڌ تي اچي قابض ٿيڻ ۽ عالمي طرح سنڌ جي ڌرتي ۽ ثقافت خلاف سازشن جو تخليقي طرح اهڙو طاقتور ڊسڪورس اڃا نه جڙي سگهيو آهي جنهن جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ادبي تنقيدنگاري محدود رهي آهي ۽ ان تنقيدنگاري خلاف وڏن اديبن جي واويلا ادبي تنقيد کي اڃا سوڙهو ڪري رکيو آهي ۽ ڪير به تنقيد زاوين کي اٿلائڻ پٿلائڻ جو جوکم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي نتيجي طور تخليقي ادب جو ميدان به محدود رهيو آهي. ان جي بيشڪ سماجي، سياسي ۽ معاشي پاسا به رهيا آهن پر مجموعي طرح سنڌي تنقيدي ادب کي جيستائين لسانيات سان ڳنڍي جوڳي جاءِ نه ڏني ويندي ۽ وڏا پروجيڪٽ کڻي وڏن تنقيدي لاڙن کي مختلف بنيادن تي هٿي نه وٺرائي وئي ته تخليقي ادب به تنقيدي ادب جيان اسري نه سگهندو.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۵ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment