Monday, December 26, 2022

بيٺڪيت ۽ بيٺڪيت پڄاڻان - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

بيٺڪيت ۽ بيٺڪيت پڄاڻان

ڪھاڻي يارم پيارم ۽ ناول نولکي ڪوٺي

ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري



ٽين دنيا جي مختلف سماجن ۾ جيڪي رويا جڙيا يا جڙندا آھن، انھن جو پنڌ ڊگھو ۽ اڻانگو ھوندو آھي. جنھن کي مٿاڇري نظر سان ته ھر ڪو ڏسندو آھي، پر ان جو علاج ڇاڪاڻ ته ڊگھو ۽ انتھائي پيچيدھ آھي، ان ڪري آساني سان ٿي نه سگھندو آھي، بلڪ اھي سماج ھڪ ڌٻڻ مان نڪري ٻي سماجي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا ويندا آھن. نتيجي طور نه سماج صحتمند رھندو آھي نه سماجي رويا صحتمند ٿي اسرندا آھن. سڀ کان وڏو الميو اھو ھوندو آھي ته سماجي کوج يعني تحقيق يا تشخيص ئي اڻ پوري ھوندي آھي ته علاج ٿيڻ به ناممڪن ھوندو آھي. سماجي روين يا ويليوز جي برعڪس جيڪي جسماني بيماريون ھونديون آھن يا ظاھري خد وخال نظر ايندا آھن، انھن جي علاج جا وڏا وڏا ادارا معالج پيدا ڪري درست، ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. جنھن ۾ ميڊيڪل جي فيلڊ يا انجنيئرنگ جا شعبا، ڪجھ مثال ٿي سگھن ٿا. پر سماجي سائنسدانن جي کوٽ ۽ سماجي سائنس ذريعي مجموعي سماج جو علاج ڳولڻ، ڄڻ ٽين دنيا جي علم يا تعليم يا ثقافتي ادب جو ڪو واسطو ئي ڪونھي. اھي واندن ماڻھن جو مشغلو بڻائي ڌڪاريو ويو آھي. جيستائين غلام ذھنيت جو تعلق آھي ته اھو به سماجي سائنس يا سماجي روين جو مسئلو آھي. جھڙوڪ؛ چيو ويندو آھي ته غلامي جھڙي ٻي ڪا گار ناھي. پر اھا گار ماڻھن کي اصل لڳندي ئي ڪونھي. ھر ماڻھو سمجھندو آھي ته اھا گار، منھنجي لاءِ ناھي، پر سماج جي ٻين سڀني فردن لاءِ ھوندي آھي. اھا گار تخليق ڪندڙ فيڪٽري جو نالو آھي؛ سياست. سياست ڇاڪاڻ ته معاشي، انتظامي، سماجي، انساني ۽ تعليمي طرح سڀني شعبن جي واڳ سنڀاليندڙ شعبو آھي، ان ڪري اھو سدائين اھڙي طبقي جي حوالي ھوندو آھي، جنھن طبقي وٽ عام ماڻھن جي سماج ۽ سماجي روين جي علاج جو اولين ترجيح نالي ڪا شيءِ ئي ناھي.


بيٺڪيت واري دور جو غور سان جائزو وٺجي ته ان دور ۾ حاڪمن، ماڻھن جي سماجي نفسيات جو مطالعو ڪيو ۽ ماڻھن جون ذھني ڪمزوريون جانچيون ۽ انھن ڪمزورين جا ڪالونائيزر وقتي طور علاج يا متبادل ڏنا جيڪي ڊگھي عرصي لاءِ ماڻھن جي غلامي جو سبب بڻيا. جھڙوڪ؛ ھڪ ننڍڙو مثال قرض ڏيڻ يا امداد ڏيڻ جي صورت ۾ وٺي سگھجي ٿو. امداد يا پئسي يا جامد صورت ۾ ڪا شيءِ مفت ۾ ملي ٿي ته اھا شيءِ ڪيڏي وڻندڙ ۽ پياري لڳندي آھي ۽ وقتي طور مشڪل لمحي مان ماڻھو نڪري ايندو آھي. پر ان جا ڊگھي عرصي وارا نقصان تمام گھڻا ۽ ناقابل تلافي ھوندا آھن. انھن نقصانن ۾ سڀ کان وڏو نقصان، انسان جو ذھني طور مفلوج ٿي اڃا وڌيڪ امداد يا قرض جو متلاشي ٿيڻ آھي ۽ پوءِ پنھنجين ضرورتن کي انھن قرضن يا امداد سان سلھاڙي نڪمو ٿي ويھڻ آھي ۽ ٽيون اھم نقصان عزت نفس يا خودداري جو سمجھوتو ڪرڻ ھوندو آھي. انسان ھڪ دفعي پنھنجي عزت نفس يا خودداري جو سمجھوتو ڪري ڊپينڊنٽ ٿي ويھي ٿو ته پوءِ سموري زندگي انھي عمل تي پشيمان ٿيڻ بدران ان جي جسٽيفڪيشن ۾ لڳي ويندو آھي ۽ پاڻ سان گڏ پاڻ جھڙن ڪيترن ئي فردن کي پاڻ سان سلھاڙي پوءِ ان جواز کي ھر طرح جائز بڻائي سموري سماج کي غلامي ۽ پسماندگي ۾ ڌڪي ڇڏيندو آھي.

ڪالونائيزرس جڏھن سموري دنيا ۾ ويا ته انھن اورينٽل مطالعو Oriental Studies ڪيو ۽ ڏٺو ته ٽين دنيا جا سماج جيڪي وسائل ۾ ته مالا مال آھن پر ذھني طرح اپاھج آھن. کين پنھنجي تخليقي صلاحيتن تي ڀروسو نه آھي. اھي انيشيئيٽو نٿا ڪري سگھن، اھي شين جو بھتر استعمال نٿا ڪري سگھن يا ڪرڻ نٿا چاھين. اھي پنھنجي ڪمفرٽ زونز ۾ ڦاٿل آھن. انھن جو به اھم سبب انھن جي وسيع علمي سطح جي محرومي ھئي. اھي علمن ۽ ادب کان پري ھئا، تحقيق يا کوجنا کان پري ھئا. عقيدن يا وھم وسوسن ۾ ڦاٿل ھئا. نيشنل جاگرافي جي ويب سائيٽ مطابق قديم زماني کان قديم يوناني، قديم روم، قديم مصر ۽ فونيشيا جھڙيون طاقتون پھرين ڪالونائيزر بڻيون. جيڪي طاقتون پنھنجي حڪمراني کي وسيع ڪرڻ ۽ پنھنجن رياستن کي ڦھلائڻ جي ڪري، وڃي ڪمزور رياستن ۽ مقامي ماڻھن تي قابض ٿيون ۽ انھن جا وسيلا ڦري لٽي پنھنجي سلطنت ۽ شھنشاھيت کي ڦھلائڻ لڳيون. اھي ڪالونيون ۱۵۰۰ بي سي کان شروع ٿيون. ان کان پوءِ جديد ڪالونيون ۱۵۰۰ عيسوي کان لڳ ڀڳ شروع ٿيون جنھن جي شروعات پورچوگيزن ڪئي، جيڪي واپار جا رستا ڳولڻ جي کوجنا ۾ نڪتا. اھو کوجنائن جو دور ھو جنھن ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۽ طاقتن مختلف واپار جا رستا ڳولڻ سان گڏ ڪمزور رياستن يا حڪومتن کي پئي ڏٺو ته ساڳئي وقت وسيلن جي کوجنا پڻ ڪئي. اڳتي ھلي ڪري اسپين به انھي کوجنا جي رستي تي نڪري پيو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قومون به انھي عمل ۾ شامل ٿي ويون. ان کان انگريز، فرينچ ۽ ٻيا ڪالونائيزر ڏسندي ڏسندي افريڪا، ايشيا، ڏکڻ امريڪا ۽ ٻين ڪمزورن خطن جي رياستن تي حاوي ٿي ويا.

ڪالونائيزرس جا جيڪي اھم دليل ھئا اھي ھي ھئا ته انھن وٽ قانوني ۽ مذھبي جواز آھي ته اھي اتي اچي انھن وحشي ۽ غير سڌريل ماڻھن کي سڌارين ۽ تعليم ڏين جن وٽ علم ۽ عقل نالي ڪا شيءَ ڪونھي. ٻيو اھم سبب مذھبي ھو جتي ساڳئي مذھبن وارا سماج ھئا اتي انھن پنھنجو مذھبي ڪارڊ استعمال ڪري ڪرسچن مشينري جي نالي سان تبليغ جي شروعات ڪئي، مشينري اسڪول ۽ تعليمي ادارا کوليا ۽ مقامي ڪمزور ۽ سادن ماڻھن تي حاوي ٿي ويا. جتي ساڳئي مذھب وارا ماڻھو نه ھئا اتي انھن واپار ۽ مرسينٽائل جي نالي سان اچي ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ لڳا. ايئن اھي طاقتون پنھنجي طاقت کي به واڌائي رھيون ھيون ته ساڳئي وقت مقامي ماڻھن ۾ احساس ڪمتري، غلامي ۽ غير تخليقي جوھر جا ٻج به اڇلي رھيون ھيون ته جيئن اھي ڪڏھن به پنھنجي پيرن تي نه بيھي سگھن ۽ جيڪو کين مفت ۾ يا ٺھيو ٺڪيو ملي ٿو ان تي قناعت ڪن ۽ خوش رھڻ جي ڪوشش ڪن. ان کان وڌيڪ انھن ڪالونائيزر طاقتن ماڻھن ۾ اختلافن کي ھوا ڏني ۽ پاڻ ۾ وڙھائڻ جھڙيون سازشون ڪيون، جن کي صرف اھو ٻڌايو ويو ته فلاڻي وٽ ڪھڙي ڪمزوري آھي يا فلاڻي توھان سان اختلاف ڇو رکي ٿو ان ڪري ھر ماڻھو جو ڪم اھو آھي ته ٻئي ماڻھو سان دشمني پاڙي جنھن ورھايو ۽ حڪومت ڪريو Divide and Rule جھڙا قدر متعارف ڪرايا. ڪن کي مذھبي اختلاف ته ڪن کي فرقي واريت ته ڪن کي حسب و نسل جو فرق ٻڌايو ڪن کي ڪمي ڪاسبي جا درس ڏنا ته ڪن کي ٻڌايو ته محنت ڪرڻ اوھان کي نه جڳائي رڳو ويھي کائو. اھڙا انسان اوگڻ سماج ۾ پوکي بيٺڪيتي طاقتن پنھنجو ڪم ڪيو ۽ ايندڙ صدين تائين بيٺڪيت جو شڪار ٿيندڙ قومون ان مان آجو نه ٿي سگھيون آھن.

علي اڪبر ناطق جو ناول نو لکي ڪوٺي ۽ محترمھ زبيدھ ميتلو جي ڪھاڻي يارم پيارم جو ڊسڪورس به انھي پيرايي ۾ آھي. نو لکي ڪوٺي انگريز بيٺڪيت جي بنيادن، اصولن، جسٽيفڪيشن ۽ انھي ٻج جو اظھار آھي جيڪو اڳتي ھلي ورھاڱي جو سبب بڻيو جڏھن ته زبيدھ ميتلو جي ڪھاڻي انھي بيٺڪيتي ذھنيت جي نتيجي جو سماجي نفسياتي اظھار آھي جنھن ۾ ماڻھن وٽ نه خودداري آھي نه عزت نفس آھي.

هڪڙو ناول جيڪو بيٺڪيتي دور جي سموري نفسيات ۽ سماجي صورتحال جو احاطو ڪري ٿو، اها نولکي ڪوٺي هڪڙو گهر هڪڙو بنگلو ناهي پر اها علامت آهي انهي کڏ يا گيپ جي جيڪا ننڍي کنڊ جي غلامي جو پتو ڏئي ٿو جتي مقامي ماڻهو پنهنجي اصليت، ماهيت ۽ جوهر وڃائي چڪا هئا پر وٽن اهو عقل به شايد نه هو جو نولکي ڪوٺي جهڙي زندگي، تصور، گهر، مقاميت يا شناخت کي پنهنجائي نئين دنيا اڏين ها يا شايد حاڪمن اها صلاحيت بچائي ئي ڪانه هئي. يارم پيارم اسي کان وڌيڪ صفحن جي هڪ ڊگهي پر با معنيٰ ڪهاڻي آهي جيڪا ريفليڪشن ۾ نو لکي ڪوٺي ۾ ڊسڪورس ٿيل صورتحال جو جهڙوڪ سلو نسريل آهي. يارم پيارم ڪهاڻي جي صفحي ۳۴۸ تي لکيل آهي ته

 “هي ڪلام “زندگي رڃ سڄي، مان اڃايل پکي ڍنڍ پاڻي ڪٿي ڪائي ڇانو ڪريو. . . ايندا ڪريو” اڪثر ڳائي اداس ٿي ويندو هو “ايندا ڪريو” سنڌ جي ڪنهن مسنگ پارٽ جو ڪو ڪُر هو، جيڪو سنڌ الائي ڪهڙي جُڳ ۾ وڃائي چڪي هئي. سنڌ مان ڪير هليو ويو هو.“

اهو سنڌ جو ڪو مسنگ پارٽ نه هو پر اهو سنڌ ته ڇا سموري ننڍي کنڊ بشمول انهن سڀني بيٺڪيتي غلام بڻايل قومن ۽ رياستن جو مسنگ پارٽ هو. انهن قدر وڃايا هئا، انهن شناخت وڃائي هئي، انهن ويليوز وڃايا هئا. پوءِ اهي پيرن جي پٻن تي بيهي ٻين سڌريل قومن ۽ ماڻهن کي ڏسي گگ پئي ڳاڙيندڙ رهيا ڄڻ انهن ڪڏهن ڪجهه ڏٺو ئي نه هجي. مقامي ماڻهن جي اها خودداري ڪيئن وڃائجي وئي هئي يا کسجي وئي هئي ۽ نفسيات ۾ غلامي يا ٻين جي مال تي ڳيجهو ٿي رهڻ واري حالت ڪيئن برقرار رکي وئي هئي ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا هئا انهن جو اظهار نو لکي ڪوٺي ۾ انگريزن پاران مقامي ماڻهن جي تجزيي ۾ شامل آهي جڏهن ته انهن غلامي جي ڇٽيل ٻج جو نسريل سلو يارم پيارم ۾ زبيده ميتلو هيئن ٻڌائي ٿي ته؛

“سنڌ کي ڇا کپي؟ ڇا هي ڊونر ايجنسيز جا ٻاهريان امداد سنڌ تي جيڪي هلڪا پها ٿي رکيا، سا ڇا مذاق نه هئي. سنڌ کي ڏيهين ۽ پرڏيهين ڏُهي ٻين عالمي ادارن جي جهوليءَ ۾ اهڙي بيدرديءَ سان اڇلائي ڦٽو ڪيو هو. ڇا هن بک بدحالي جو شڪار مسڪينڙن جي نجات پرڏيهين جو مسئلو آهي؟. . . . هتي جو ماڻهو خوشحاليءَ ۽ پيار جي کوٽ ۾ کپيو وڃي. اها حالت ۽ جهالت کين اهڙو ڪجهه ڪرڻ ڏيندي؟”

يقينن ڊونر ايجنسيون ڪنهن ايجنڊا تحت ئي اينديون آهن پر جيڪڏهن انهن وٽ ڪا ايجنڊا نه به هجي پوءِ به ماڻهن جو ڪنهن امداد يا سهاري تي ڊپينڊنٽ ٿي بيهڻ سڌريل سماجن جي نشاني آهي؟ ماڻهو پاڻ پنهنجا ذريعا ڇونه تخليق ڪري جيتوڻيڪ وٽس ڪنهن به شيءِ جي ڪا کوٽ نه آهي، سواءِ خوداعتمادي، خودداري، عزت نفس، آزاد سوچ ۽ مثبت روين جي. جيڪڏهن اهي شيون اڄ اسين ڏسي رهيا آهيون ته اچو ته ڏسون اهي وسيلا اسان وٽ انگريز دور ۾ به هئا يا نه ۽ ڪيئن انگريزن انهن کي ٽريٽ پئي ڪيو. علي اڪبر ناطق نولکي ڪوٺي ۾ هڪڙي مثبت انگريز ڪردار وليم ذريعي اهي ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو جنهن کي پنهنجو ڪمشنر هيلي سمجهائي ٿو ته هندستان تي حڪمراني ڪيئن ڪجي. ناول جي صفحي ۳۰ ۽ ۳۱ تي هيلي وليم کي سمجهائيندي چوي ٿو ته “وليم تم ايگ انگريز هو. يهان تمهاري حيثيت حاڪم ڪي هي. هم يهان ڪي زمين سي رومانس نهين، حڪومت ڪرني آئي هين. . . . . . يهان آپ ڪا وجود ايڪ برتر سطح پي هي. . . .

وليم حاڪم اور محڪوم مين ايڪ فاصله هوتا هي. . . . اگر مقامي سي سو دفعه ملو تو هر بار اجنبي ڪي طرح. ڪيونڪه تمهاري قربت اسي تمهاري هيبت سي باهر ڪرديگي. . . . .

. . . . . هندوستان ايڪ وسيع سمندر هي جو انتهائي گهرا، تند تيز موجون سي بهرا هوا هي. حڪومت يعني هم اس ڪي سطح پر ايڪ جهاز ڪي مانند تير رهي هين، همين اپني بقا ڪي ليي هر طرف سي هوشيار اور متحرڪ رهنا هي. . . .

. . . ليڪن تمهاري هيٽ ڪي چوڙائي پگڙي سي زياده هوني چاهيي اور سگار ڪا دهوان حقي سي تلخ. تم ان ڪي آنڪهون مين دهوان بهرتي رهو تاڪه يه صاف نه ديکهه پائين، اس ڪي بعد تمهاري عينڪ جو انهين دکهائي يه وهي ديکهين. ليڪن دهوان تمهاري اپني طرف نه آنا چاهيي. . “

انگريز ٽوپلي جي ڊيگهه ۽ ويڪر پٽڪي کان وڌيڪ هجڻ جو علامتي اظهار حاڪمن جي حاڪميت جو اصولي جُز آهي ان جي لاءِ انهن اهو به ڪيو ته ماڻهن کي اها عينڪ پارايائون جنهن سان مقامي ماڻهو صرف اهو ڏسي ٿي سگهيا جيڪو کين ڏيکاريو ويو ۽ ان کان ٻاهر نه نڪتا. حاڪم ۽ محڪوم جو فاصلو ئي نفسيات جو ٺهڻ ۽ نسري وڏو وڻ ٿيڻ آهي جيتوڻيڪ هندستان هڪ سمنڊ هو پر انگريزن جو صرف هڪڙو جهاز انهي سمنڊ جي لهرن ۽ طغيانن تي حاوي رهيو ته ڇوته مقامي ماڻهو حاڪمن طرفان ڏيکاريل لقائن کان اڳتي وڌي ڏسي نٿي سگهيا. ايئن انگريزن يا حاڪمن جي سگار جو دونهون مقامي ماڻهن جي حقي جي اثر کان وڌيڪ ڪڙواهٽ ۽ اثر رکندڙ هو جنهن سان مقامي ماڻهن کي پنهنجي ديسي شين جي قدر وقيمت جي خبر نٿي پئجي سگهي.

نولکي ڪوٺي ۾ وليم نالي انگريز نوجوان هندستان ۾ پلي وڏو ٿي ڪميشن پاس ڪري وري هندستان ۾ اچي حاڪم ٿئي ٿو جتي سندن ابا ڏاڏا آباد هئا جن نولکي ڪوٺي يعني تمام وڏو بنگلو ٺهرايو. اها هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي ئي پر ان سان گڏ ٻه ٻيون اهم ڪهاڻيون هلنديون آهن جنهن ۾ هڪڙي ڪهاڻي مولوي ڪرامت جي آهي جنهن جو ٽن نسلن تائين ڪردار ڳيجهو، مال جو بکيو، نظريو وڪڻندڙ، ۽ عزت نفس يا خودداري نالي ڪنهن به شيءِ کان ڪوهين ڏور ۽ وانجهو هوندو آهي جڏهن ته ٽين اهم ڪهاڻي شير حيدر جي پٽ غلام حيدر جي آهي جيڪو مقامي وڏيري هجڻ ڪري سِکن ۽ ٻين علائقي جي نوابن سان جهيڙن جهڳڙن جي ور چڙهيل آهي. اهي ڪهاڻيون سموري بيٺڪي سماج جو آئينو آهن ته مقامي ماڻهو ڇو خوددار نه آهن، منجهن ڪهڙن خامين جي کوٽ آهي، انا پرستي ۽ مال جي غلامي منجهن ڪهڙا بدبودار ٻج پئي ڇٽيا جن کي هيٺين سطح تائين منتقلي ٿيندي سمورو سماج ئي غلامي جي نفسيات ۾ ويڙهجي ويو. اهو سمورو لقاءُ جڏهن پنهنجا پيرا پختا ڪيا ته اهي زبيده ميتلو جي ڪهاڻي يارم پيارم ۾ اچي اظهاريا ويا جتي يورپي ڊونر ايجنسيون ۲۰۱۰ وار مها ٻوڏ دوران اچي ڪيمپون قائم ڪري ويٺيون ته مقامي ماڻهو انهن فنڊن ۽ امداد کي وقتي سهارو بڻائي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو سعيو ڪرڻ بدران انهي صورتحال مان ملندڙ کاڌي کي پنهنجو اصولي منزل سمجهي ڳيجهو ٿي رهجي ويندا آهن. نولکي ڪوٺي جي ڪردارن مولوي ڪرامت، مولانا فضل الدين جو موازنو يار محمد يعني يارل سان ڪجي ته نفسيات بنيادي طرح ساڳيو ۽ موقعي پرستي وارو جڙندو آهي جڏهن ته جنس جي فرق هوندي به يارم پيارم جي پروين ۽ نولکي ڪوٺي جي ڪردار غلام حيدر جو شناخت ملندڙ جلندڙ آهي. هڪڙن تي بيٺڪيتي نظام يا فرسوده سوچ قيامت جيان ڪڙڪي آهي ته ٻين لاءِ بيٺڪيتي نظام جهڙوڪ موقعي مان ذاتي فائدو وٺي اندر جي اڃ اجهائي ضميرن جو سودو ڪرڻ جو نالو آهي.

نولکي ڪوٺي ۾ مولوي ڪرامت کي اتفاقن انگريز عملدار وليم ڏسندو آهي منجهس، شائستگي، نياز نوڙت، هيٺاهين ۽ تابعداري پسند اچي ويندي آهي. ٻئي پاسي وليم جيڪو ڪافي حد تائين هندستان جي مقامي زمين ۽ ماڻهن سان رومانس ۾ هوندو آهي اهو چاهيندو آهي ته هندستان جي سرزمين سان گڏ هتان جا ماڻهو به خوشحال ٿين يا خوداعتماد ٿين، پنهنجن وسيلن کي درست استعمال ڪن ۽ مثبت سماج جوڙين. ان صورتحال ۾ وليم جڏهن تعليم جو جائزور وٺندو آهي ته کين حيرت ٿيندي آهي ته سک، هندو، ننڍڙين ذاتين جا ماڻهو ته پنهنجا ٻار اسڪول ۾ پڙهائين پيا پر مسلمانن جا ٻار اسڪول نٿا پڙهين، ٿوري گهڻي پڇا ڳاڇا ڪرڻ کانپوءِ کيس خبر پئي ته مسلمان مولوين فتوائون ڏنيون ته اسڪولن ۾ انگريز مسلمانن جو مذهب تبديل ڪري عيسائي ٿا بڻائين، تنهنڪري تقريبن سموري مسلمان آبادي جي مسجدن جي مولوين فتوائون ڏنيون ته مسلمان ٻارن کي مسجد ۾ پڙهائين پر اسڪولن ۾ نه موڪلين. تنهنڪري وليم چاهيو ته جيڪو غلط تاثر ڏنو ئي مولوين آهي ته ان جو ازالو به مولوي ڪري سگهن ٿا ان ڪري مولوي ڪرامت کي آفيس ڪرائي پگهار تي منشي رکي ٿو ۽ اسڪول ۾ ٻار پرهائڻ جو ڪم سرانجام ڏيئي ٿو ۽ ڪجهه وڌيڪ مراعاتن ۽ ڏوڪڙن عيوض هڪڙي ٻي ذميواري به ڏئي ٿو ته ٻين مسلم آبادي وارن علائقن ۾ وڃي ٻين مولوين کي به قائل ڪري سرڪاري منشي رکرائي جنهن جو انچارج مولوي ڪرامت هوندو ۽ سڀ مولوي سرڪاري منشي ٿي پگهار تي اسڪول پڙهائين. ايئن سمورن مولوين جو نئريٽو ئي تبديل ٿي وڃي ٿو ايئن لڳي ٿو مولوين جون فتوائون پنهنجي پيٽ جي مفاد سان ٻڌل هيون جڏهن سرڪاري چار ڏوڪڙ مليا ته انهن جون فتوائون به تبديل ٿي ويون جيتوڻيڪ مولوين جو اڳ وارو نئريٽو به جسٽيفاءِ ڪرڻ جهڙو نه هو. هن سموري ڪردار ۾ جيڪا شناخت جڙي ٿي اها آهي مفاد، موقعي پرستي، ڳيجهو ٿي رهڻ، جيڪو مون کي نٿو ملي يا مون وٽ ناهي اهو حرام آهي وارو تصور، اهڙا ڪافي تصور جڙن ٿا. پر جڏهن ڪو موقعو ملي ٿو ته پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي سموري اصليت، پنهنجو سمورو پويون تعلق داءُ تي هڻي پهنجي مادي دنيا جوڙي ويهي ٿا رهن. نه صرف ايترو پر انهي موقعي پرستي مان جيڪو ڪجهه ملي ٿو ان کيTaken for granted سمجهي پنهنجو حق ٿا سمجهن.

ٻئي پاسي مولوي ڪرامت جي ڪردار سان ملندڙ يارم پيارم جو ڪردار يارل جو آهي. پهرين ته يارل ڏاڍو اوپن مائينڊيڊ، کليو ڍليو، بظاهر خوددار لڳندڙ هوندو آهي پر جڏهن سندن تعلق پروين سان جڙندو آهي ته آهسته آهسته صورتحال کي سمجهڻ بدران ان صورتحال کي پنهنجو جائز حق سمجهي داخلي مقصد حاصل پيو ڪندو آهي ۽ پنهنجي اصليت تان ڪافي هيٺ لهي ايندو آهي، ۽ جنهن صورتحال مان جيڪو کين ملي ٿو ان جو قدر يا ان جي ويليو کي سمجهڻ بدران هڪ ڏاڪڻ طور استعمال ڪري مس يوز ڪري ٿو. مثال طور ڪهاڻي مان ٻه صورتحال هتي ڪوٽ ڪجن ٿا؛

“زال زوراور جي مهڻن جو ستايل هر صبح ميرو ۽ مروڙيل، هيسيل ۽ ڪوماڻيل سيلاب جي ستايلن جهڙو منهن کڻي منهنجي اکين جي شفاف پاڻيءَ ۾ وهمن جا پردا مهٽي، پنهنجي لوڻاٽيل ۽ لڙاٽيل لڱن کي اجاري سنواري سينگاري منهنجي ٻاجهاري، قربدار قلب ۾ لڪندي، وريو نئون بنو ٿيندو هو.”

هتي يارل جو نقشو به انهي ميري ميرانجهڙي مسلمان آبادي ۽ ان ۾ مولوي ڪرامت جهڙو آهي جيڪو بنهه قابل رحم، همدردي جو ڳولائو، بظاهر انساني روين جي بک پر اصل ۾ مادي حاصلات جي بک جو ڏيکاءَ ڏيندڙ هوندو آهي. پر جڏهن نولکي ڪوٺي ۾ مولي ڪرامت کي منشي گيري ملي ويندي آهي ته هو بنهه ٻيو ماڻهو ٿي ويندو ۽ محسوس ڪندو آهي ته اهو موقعو نه پر خيرات يا غلامي ۾ مليل حيثيت ٻين ماڻهن مٿان حاوي ٿيڻ جي هڪڙي طاقت آهي. ساڳئي طرح جڏهن انهي ڏتڙيل يارل کي پروين جو ساٿ، محبت ۽ اين جي او جي روزي روٽي ملي ٿي ته پوءِ ڪيئن ٿي وڃي ٿو؟ يارم پيارم ڪهاڻي جي صفحي ۳۶۱ تي آهي ته؛

“يارو ۾ اُها اِهليت نه هئي شايد، جو هو مونکي جائيتو ڪندي، منهنجي وڃايل سگهه ورائي سگهي. ڇاڪاڻ جو يارو مون کي اڃا به سگهارو سمجهندي پنهنجا خدخال ڀرڻ ۾ رڌل هو. هو پنهنجي اردگرد مسڪينن کي امدادي ڪيمپن جو مال گهرندي ڏسي ڏسي پاڻ به شايد لاشعوري طور، اهو رويو اپنائي پيار جي اڻپوري اڻاس جي کڏ ڀري رهيو هو. جيئن مستحقين امدادي ڪيمپن مان امداد وٺندي پنهنجي صلابت ۽ صلاحيت پئي وڪي، هو به شايد پيار کي خيرات سمجهي رهيو هو.“

يارم پيارم ڪهاڻي ۾ يارو جو هڪڙو مثال سيمپل يا نموني طور کڻي سگهجي ٿو ۽ نولکي ڪوٺي ناول ۾ بيٺڪيت پڄاڻان نقطه نظر مطابق ته سمورا مقامي ماڻهو انهي اهل ئي نه هئا جو اهي پنهنجن وسيلن کي سٺي ۽ تعميري طرح ڪتب آڻي هڪڙو الڳ سماج جوڙين ها. پر بيٺڪيت جي شڪار قومن ۽ رياستن ۾ حاڪمن هڪڙا “خد خال” يا “اڻپوري اڻاس جي کڏ” ڄاڻي واڻي ڇڏي ويا جو اهي ماڻهو پنهنجن وسيلن تي به پاڻ نه بيهي سگهن. جيئن يارو پيار محبت ۽ امداد يا خيرات کي پنهنجو مفت ۾ ملندڙ حق سمجهي پئي ضايع ڪيو ايئن مولوي ڪرامت يا مولوي فضل به پنهنجي هر شيءِ انگريز سرڪار کان خيرات ۾ مليل هجڻ جو حقدار پئي سمجهيو. ناول ۾ ته مولوي جي ٽن نسلن تائين انهي خيرات ۾ ملندڙ ڪلرڪي يا منشي گيري کي پنهنجو خدخال ڀرڻ جو حق پئي سمجهيو پر پنهنجن وسيلن، پنهنجي صلاحيتن يا صلابتن مان فائدو وٺي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو ايجنڊا ئي ڪو نه هئن. ڪنهن انگريز لکيو هو ته مقامي ماڻهو پنهنجي مينهن جو کير پاڻ ڏهي نٿا سگهن، اهي به اسان کين ڪري ٿا ڏيون. بيٺڪيتي حڪمرانن هڪ ته اها حس منجهن ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن سان مقامي ماڻهو خودمختياري يا حق حاڪميت کي سمجهي پنهنجو سماج اڏين يا انهن پاڻ به اها ڳالهه ياد نٿي رکڻ چاهي ۽ اهڙا آزاد عمل ڪرڻ جا پاڻ کي اهل ئي نه سمجهندا هجن. ان جو اظهار يارم پيارم ڪهاڻي جي صفحي ۳۷۱ تي هيئن آهي ته؛

“اوپن نيس لاءِ خاص ذهني رجحان کانسواءِ ماحول به کپي ٿو. يارو مٿاڇري حد تائين کليل ۽ مثبت هو. پر اندران روايتن ڀريل کوکلو، کرکلو ۽ گهرگهلو. اهڙي حالت کيس ڪٿي بيهاريو. هو پنهنجي ڪئي تي ڪٻڙو ٿيندي، معافيون وٺي، هيڏي هوڏي نهاري، ڏسندي وائسندي به مک ڳهي ٿي ويو.“

اهو کوکلو ۽ گهرگهلو صرف يارو نه هو پر اهو سمورو سماج هو جيڪو بيٺڪيت جو شڪار ٿيو. مولوي ڪرامت، مولوي فضل ۽ يارو جو ذهني لاڙو هڪ بي سهارا ڪردارن جيان آهن جيڪي لٺ تي بيهي ٿي سگهيا پر پنهنجي ٻانهن ۾ ٻل نه هئن جو ڪجهه ڪري سگهن ها، موقعي مان فائدو وٺي اصل حاصلات طرف وڌن ها. ان جي ابتڙ اهي ڪردار بيٺڪي لاچاري جي ور چڙهي ڄڻ ڳجهه جهڙا ٿي پيا هئا.

ٻئي پاسي نولکي ڪوٺي جو غلام حيدر ۽ پروين جا ڪردار عجيب مماثلت رکندڙ آهن ٻئي ڪردار ڪنهن ان ڏٺي صورتحال جو شڪار ٿي وڃن ٿا غلام حيدر جو پيء شير حيدر وفات ڪري وڃي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته اها نوابي کيس هندورن تي جهوٽن لاءِ هوندي يا اها ملڪيت سهارو بڻبي، نتيجو ان جي ابتڙ ٿيو ۽ اهو ڪنڊن جي سيج ٿي مشڪلاتون پيدا ڪري وئي. ساڳئي طرح پروين جيڪا يارو ۾ سهارو ڳولي ٿي ۽ نه چاهيندي به هڪ شادي شدهه مرد سان محبت ڪرڻ جو جوکو کڻي ٿي جيڪا پنهنجي وس جي ڳالهه هجڻ بدران ٿاڦيل صورتحال هئي. غلام حيدر ۽ پروين لاءِ ٻئي صورتحال مٿان ٿاڦيل يا قدرتي نازل ٿيل هئا پر ٻنهي انهي صورتحال ۾ سهارو ملڻ بدران حد کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي حالانڪه ٻنهي جي نيت ۾ اهڙي ڪابه خراب ڳالهه نه هئي. بيٺڪيتي نقطه نظر تحت ڪهاڻي يارم پيارم جا ڪيترائي نقطه نظر ۽ تهه اندر تهه آهن ته ساڳئي وقت نولکي ڪوٺي ۾ به انوکا راز سمايل آهن. بيٺڪيت پڄاڻان مطالعو سماج، سماج جي روين، لقائن ۽ صورتحال کي سمجهڻ لاءِ بهترين تنقيدي نقطه نظر آهي جيڪو لٽيل ۽ لٽجندڙ لقائن کي واضح ڪري ٿو، اهو مالي استحصال هجي يا ذهني غلامي ۽ تنگ نظري هجي ٻنهي جا اولڙا نظر ايندا آهن. بيٺڪيت جي استحصال جا جيڪي بنياد نولکي ڪوٺي ۾ اظهاريل ملن ٿا ان جا گهڻي ڀاڱي عملي لقاءَ زبيده ميتلو جي ڪهاڻي يارم پيارم ۾ ملن ٿا.

 

(سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ جون ۲۰۲۲ع ڌاري ڇپيل)

No comments:

Post a Comment