Saturday, December 24, 2022

فڪري ٿڪاوٽ کان روحاني ڳوڙھي تائين - خليق ٻگھيو

فڪري ٿڪاوٽ کان روحاني ڳوڙھي تائين - تنقيدي زاويا

خليق ٻگھيو



ھاڻي

ـــــــــ رسول ميمڻ

ھاڻي

پيار متاثر نه ٿو ڪري

پيار لا محدود مُلڪُ ھيو

جنھن جي سرحدن کي

ڳولھي لڌو

۽ جلاوطن ٿيس.

ھاڻي

حسن متاثر نه ٿو ڪري

حسن فلسفي جو ويس پائي

سونهن جي نمڪين ذائقي سان

وجود ۾ وڃي

خارج ٿي چڪو.

ھاڻي

ادب متاثر نه ٿو ڪري

سڀ تجريدون

علامتن ۾ ڍلجي

ريئلزم جي خوابن ۾

سحرانگيزيءّ جو روپ ڌاري

وجود وڃائي ويٺيون.

ھاڻي

خوشبوء متاثر نه ٿي ڪري

بي نفس دنيا ۾

حواسن جو ناس پتو

بدحواسيء جي سمنڊ ۾

ٻڏي ويو.

ھاڻي

ھُو متاثر نه ٿو ڪري

شايد “ھُو”

ھُيوئي ڪو نه

ھُو وھم ھو!

ھُو گمان ھو!

ھُو آٿتا ھو!

يا پليسيبو!

(رسول ميمڻ)

رسول ميمڻ ھڪ منفرد ۽ انتھائي پڙھيل لکيل انٽليڪچوئل شاعر ۽ انتھائي جديد ڪھاڻيڪار هو. سندس تحريرون انتھائي جديد، پُرمغز، جاندار ۽ سوچ ۽ فڪر جون داعي ھونديون آھن. آئون فيس بڪ تي رسول ميمڻ کي اڪثر پڙھندو رھندو آھيان،

سندس لکڻين ۾ جيڪو حياتيءَ جو جوھر نظر اچي ٿو سو گھٽ تخليقڪارن جي حصي ۾ ايندو آھي،

مٿيان خيال مون سندس ئي فيس بوڪ جي وال تان پيسٽ ڪيا آھن اُھي نظمن جيان ڀانئجن ٿا پر ساڳين سٽن جو ورجاءُ ھر پھرين سٽ ۾ ڏسي چئي سگھجي ٿو ته اُھو ھڪ ئي نظم آھي

ائينءَ به ٿي سگھي ٿو ته اھي خيال ڪنھن ڪھاڻيءَ جي مڪالمن جو خام مال ھجن بھرحال انھن خيالن کي پڙھندي خيال آيو ته لاشعور مان مطالعو عرق ٿي نڪري ٿو

شاھ لطيف چيو ته “ڪڏھن ڪڏھن ھنئيڙا، نٿو وڻي مون” اھو بيت يقينن رسول ميمڻ پڻ پڙھيو ھوندو اھو خيال ڪالھ نمودار ٿيو ھو

۽ رسول ميمڻ جا مٿيان خيال به ساڳي ڌارا ۾ پر منفرد اظھاريت کڻي پاڻ سان جديد لھجي کي آڻيندي، پڌاريا آھن اھو لاشعوري طور مطالعي جو اثر چئجي

مٿين خيالن ڏانھن غور ڪجي ته شاعر/ ڪھاڻيڪار/ تخليقڪار کي ڪا به شيءِ پيار، حُسن، ادب، خوشبوءِ متاثر نٿي ڪري ۽ اھو امتاثر ٿيڻ وارو عمل ئي جمود جو شڪار ٿيل ڏيکاريل آھي

ائينءَ به ممڪن آھي ته رسول ميمڻ شاھ لطيف جي فڪر کي اُتان کڻي اڳتي وڌائي وسعت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ھُجي جيئنء َشيخ اياز سورمين جي خيال ۽ ذڪر کي اُتان کنيو جتي شاھ لطيف ڇڏيو ھو،

دورُ به ھڪ جملي نفسيات اي پس ٽيم جو مظھر ٿئي ٿو اھو اي پس ٽيم وقت سان گڏ مٽجي وڃي ٿو پر پيراڊيم شفٽ جو عمل جاري رھي ٿو

اياز سورمين کي پنھنجي دور جي اي پس ٽيم واري مجموعي ڊاميننٽ جديديت تحت سرجيو ته ڀٽائيءَ پنھنجي دور جي اي پس ٽيم تحت سرجيو

ڪڏھن ڪڏھن ھنيئڙو به نٿو وڻي ۽ ڪڏھن ادب خوشبوءِ حُسن به نٿو وڻي سو ڇو؟

اھو سوال جتي انساني فطرت سان سلھاڙيل آھي اتي نفسيات سان به سلھاڙيل آھي پر ٻئي پاسي اُھي ڪيفيتون آھن

جن جي اظھاريت انٽليڪچوئل تخليقي اظھار گُھري ٿي تنقيدي لفظن ۾ ائينءَ چئون ته اُن خيال جي پيشڪش غير معمولي ادراڪ جي حامل آھي

حسن پيار فلسفو ۽ خوشبوءِ کان به انڪار معمولي ڪيئنءَ ٿو ٿي سگھي؟ انسان اڃان سائنسي ۽ روحاني ترقيءَ باوجود مڪمل طور دريافت ٿي ڪونه سگھيو آھي

اھي انساني ڪيفيتون ڪڏھن رزمبلنس رکن ٿيون ۽ ڪڏھن تضاد کڻي اچن ٿيون

انساني زندگي ڄڻ ته نفي ۽ اثبات جي گردش ۾ رھي ٿي ڪڏھن سچ کي ماڻھو ڪوڙ ڪڏھن ڪوڙ کي سچ ٿو سمجھي

ڇو ته ھر شيءِ نسبتي آھي. نسبت جُڙي ٿي ته ڏور واريون شيون ويجھيون نظر ٿيون اچن ۽ نسبت ٽُٽي ٿي ته ويجھي واريون شيون ڏورانھين ديس ٿيون ڀانئجن.

دورَ به ڄڻ ٿيسز آھن ھڪ دور احساسن جي ٿيسز آھي ته ٻيو دور ان جي ئي اينٽي ٿيسز بڻجيو وڃي

. . . . . . . . . . . . ۽ تان جو اينٽي ٿيسز سينٿسز وارو مرحلو پھچي وڃي ھي ميچوئرٽي وارو دور ھجي ٿو جنھن ۾ انسان پنھنجي ئي ماحول آس پاس محبتن نفرتن کي وقت جي پئمائش۾ ماپي ٿو ۽ پنھنجي آس پاس، گذري ويل لمحن جو تنقيدي جائزو وٺي ٿو

ائينءَ به آھي ته زندگيءَ ۾ جڏھن درد جي ھمسفري اڻ کٽ بڻجي وڃي ۽ فرد جي جوھري مسرتون ختم ٿي وڃن ته پوءِ حياتيءَ مان رومانٽسزم ختم ٿي ويندو آھي رومانٽسزم کان پوءِ حقيقت نگاريءَ جو دور ايندو آھي

جڏھن شيون رويا لھجا عقل ۽ شعور جي گرفت ۾ اچن ٿا ھن نظم ۾ عقل جذبن تي فاتح نظر اچي ٿو شعور جو پد وڌي وڃي ته احساسن جي خام مال واري ڪيمسٽري سمجھ ۾ اچڻ لڳندي آھي ھتي شعوري رستن جي تعمير پيار جي روايتي ۽ انفرادي تصورن کي شڪست آميز ڪندي ڪيفيتن جي ميٽافزڪس واري ڌارا ڏانھن وڌڻ شروع ڪري ٿي

۽ رومامٽسزم فرد کي ڪائنات ڏانھن ڇڪ / اٽريڪشن پيدا ڪندي آھي تخليقڪار ان ڪيفيت ۾ پڻ انھيءَ قسم جي تخليقي دريافت ڪندو آھي جيئنءَ ھي رسول ميمڻ جي تخليق آھي

۽ پنھنجي ئي روحاني ڪائنات جو ماڻھو پاڻ ناقد ٿي وڃي ٿو جذبا احساس جڏھن عقلي بنياد ماڻين ٿا ته اُنھن مان اينٽي ٿيسز جھڙو ھڪ رد عمل اڀري ٿو جيڪو حياتيءَ جي اصلي جوھر کي دريافت ڪري وٺي ٿو

منھنجي خيال ۾ مٿيون رسول ميمڻ جو ٿاٽ به جذبن ۽ احساسن جو تنقيدي اينٽي ٿيسز آھي جيڪو عمر جي ھڪ سرحد تي ڪٿارسس جي روپ ۾ اظھارجي ٿو ۽ ھن قسم جي خيالن ۾ جمالياتي حسن صرف ئي صرف فڪر جي مئچوئرٽي ئي آھي.

پوسٽ ماڊرنٽي ھي سموري انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ واري صورتحال آھي جنھن کي عقلي بنياد ڏيڻ ئي پوسٽ ماڊرنزم آھي نظم ۾ فلسفي ڏانھن ڪشش جو ختم ٿيڻ لاشعوري طور گرانڊ نئرٽوز واري نفيءَ ڏانھن وٺي وڃي ٿي

گرانڊ نئرٽوز کي مھا نئرٽوز چئي سگھجي ٿو فلسفي ٻن ھزار سالن تائين زندگيءَ جا دستور ڏنا آھن پر پوسٽ ماڊرنسٽ مفڪر چون ٿا انھن جو وقت ختم ٿي ويو آھي نظم کي لاشعوري طور تي ھن صديءَ جي ڪچي مال واري عبوري نظريا سازيءَ جو رد عمل به چئي سگھجي ٿو يانه؟ انھيءَ کان ھٽي ڪري، نظم جي ادبيت ڏسي چئي سگھجي ته خيال جي نظمائڻ واري خاصيت ھتي نھايت دلفريب آھي

پھرين ئي بند ۾ سٽ آھي ته “ پيار لامحدود ملڪ ھو “ پيار شعوري طرح ڏسبو ته ڪو ملڪ ته ڪونھي پر تخليقڪار جي لاشعوري ڪيفيت جيڪا پيار جي تصورن جي بگڙيل صورت ۾ شعور ڏانھن اچي ٿي ان عمل جي دوران لاشعور، شعور ۾ جذب ٿيندي، پيار کي ملڪ قرار ڏئي ٿو اُھو تخليقي ادراڪ آھي

جيڪو عقلي ڪتابن جو محتاج ڪونھي، ان کي وجداني اُڇل به چئي سگھجي ٿو، اڳتي آھي ته جنھن جي سرحدن کي ڳوليو ۽ جلاوطن ٿي ويس” پيار جي ڪا سرحد ناھي ھوندي، پر شاعر ان کي ڳولي لھي ٿو جنھن مان مراد ته نئرٽو ميٽا فزڪس مان اخذ ٿيل آھي ۽ شاعر جو تخليقي اظھار جديديت جي شعوري رستن / روشن خياليءَ جي تحريڪ کان اڳتي وڃي ٿو

جلاوطن ٿي ويس، واري سٽ ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس نما آھي اُتي تجربي جي مڪملتا جي شاعر ڄڻ نويد سڻائي آھي ٻئي بند ۾ شاعر متاثر ٿيڻ جي زوردار طاقت حسن کان به متاثر ٿيڻ کان نفي ڏيکاري ٿو ۽ ڇوته بقول شاعر جي، جيئنءَ مون دريافت ڪيو آھي

ته ھُو حسن جي جماليات جي پسيندي جڏھن جماليات جا ورق ورائي ٿو ته حسن جو تصور مختلف علمي اھڃاڻن ۾ فلسفياڻه ٿي پوي ٿو جڏھن حسن جي جماليات فلسفياڻه ٿي پوي، ته ادراڪي سطح تي اھا نمڪين نظر اچي وجود مان ئي خارج ٿي وڃي ٿي

ٽين بند ۾ شاعر کي ھاڻي ادب متاثر نٿو ڪري ڇوته ادب جڏھن تجريديت ۾ جذب ٿي ويو آھي ته حقيقت نگاري سحر انگيزيءَ ۾ ڍلجي وئي آھي جڏھن حقيقت ئي سحر انگيزيءَ ۾َگرفتار ٿي وڃي ته ان جو وجود ئي شڪ پرستيءَ جي ور چڙھي وڃي ٿي

اڳتي ھلي خوشبوءِ به تخليقڪار کي متاثر نٿي ڪري ھتي حواسن جو ناس پتو بد حواسيءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويو آھي اھا ھن دور جي ٽرئجڊي آھي ته پوسٽ ڪالونيلزم جي دور ۾ ماڻھوءَ جا حواس بتالجي ويا آھن

ماڻھو بد حواسيءَ جو شڪار ٿي ويو آھي دنيا کي بي نفس شاعر ڪوٺيو آھي دنيا بي نفس عقلي اعتبارن کان ته ڪانھي پر اھو الھام نہ، پر لاشعوري يا وجداني ڪيفيت آھي جنھن کي شعوري رستن تي دريافت ڪرڻ محال آھي

نظم ۾ تخليقڪار ھڪ ئي وقت، ادراڪي عمل جي دوران مطلعاتي نچور جي اثرن کان به تخليق کي ظاھر آھي پناھ ته نٿو ڏئي سگھي جنھن جي ڪري نظم ۾ ساڳي وقت ڊاڊازم، سررئيلزم ماڊرنزم کان پوسٽ ماڊرنزم ۽ افٽر پوسٽ ماڊرنزم توڙي ڊي ھيومن جا جي علمن ۽ عملن جا اثر آھن

--------------------------------------------

رسول ميمڻ جو ھڪ نظم :

ڏينھن کي جيئري رکڻ لاء،

نظم لکڻ ضروري آهي ـ

ــــــــــــــــــــــ

صبح ٿيو

روشني پکڙجي وئي .

ھن انڌيارن جي دنيا ۾

روشني رڃ آهي،

جنهن سھڪائي ماريو .

منجھند جي تيز اس،

جسم ٻه اڌ ڪيو .

منهنجو وجود اولھ

۽ پاڇو اوڀر ويو .

رات آئي تہ

ھڪ بي مقصد ڏينهن

اوندهه ۾ دفن ٿي ويو ۔

ڏينهن جي مرڻ جو سبب،

منهنجو نظم لکڻ نه ھيو ۔

 رسول ميمڻ

____________________________

 مٿيون نظم به منھنجي خيال ۾ عقل جي دائرن کان اڳتي سفر ڪندڙ ھڪ محسوسات آھي

جيئنءَ روشنيء جو رڃ ھجڻ

. . . . . . . . . . . . ۽ وجود کي پاڇي جو ٻن حصن ۾ تقسيم ڪرڻ. . . . . . . . . . . .

______________________________

عقل جي دائرن اندر سفر ڪندڙ محسوسات. . . . . .

صبح جو روشني پکڙجڻ. . . . . .

منجھند جي تيز اُس. . . . . . . . . . . .

. . . . . . . . . . . . . . . ۽ رات ٿيڻ. . . . . . . . .

“رات آئي ته

ھڪ بي مقصد ڏينھن

اوندھ ۾ دفن ٿي ويو”

. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

وجوديت جي فلسفي کي سپورٽ ڪندڙ ھي خيال آھي

[ وجودي فلسفي موجب حياتي اڪارج آھي ]

“ڏينھن کي جيئري رکڻ لاء نظم لکڻ ضروري آھي “

سررئيلسٽڪ خيال لڳي ٿو يا ڪو تخليقي مفروضو پاداش ۾ آھي؟

. . . . . . . . . ان عنوان کي ماوره حقيقت Hyper reality خيال به چئي سگھجي ٿو. . . . . . . . . !!!

. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . پر اھو خيال / ٿاٽ شايد تخليق ڏانھن رومانس جنمڻ جي ڪوشش ھجي؟

. . . . . . . . . . . . پر وري ائينء چوڻ ته

“ڏينھن جي مرڻ جو سبب منھنجو نظم لکڻ نه ھيو “

عنوان واري خيال جي ڄڻ نفي آھي. . . . . . . . . . . .

. . . . . . . . . . . . ٻئي طرف ھڪ چٿر آھي ته لکڻ سان فطرت کي تبديل نٿو ڪري سگھجي چٿر واري عادت پوسٽ ماڊرنزم جي رھي آھي

پر ان مان پنھنجي حصي جو رومانس وٺي سگھجي ٿو

رسول ميمڻ صاحب جي ڪھاڻين ۾ سررئيلزم ماڊرنزم ۽ پوسٽ ماڊرن فلاسافيءَ جو اھو مڪسچر ملي ٿو جنھن ۾ سندس تخليقي خيال جي اصلي اُڻت تائين پھچڻ لاءِ خود نقاد مقابلي جي امتحان ۾ ڄڻ ويھي رھي ٿو ۽ چئلينج جو شڪار ٿي وڃي ٿو

رسول ميمڻ جو ٽيون نظم :

وقت جو بوتو .

Effigy of time .

. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

اي ڪاري علم جا فلسفي .

حال جا ڀوپا .

اچ

وقت جو بوتو ٺاهي،

ان ۾

ٽي سوء پنجھٺ سيون ھڻي .

يادن جي قبرستان ۾

دفنائي اچون .

شل حياتيء جو ھڪ سال،

ماضيء کان آجا ٿيون .

(رسول ميمڻ )

___________________________

منھنجي خيال موجب، وقت ايونٽ کانسواءِ اھميت نٿو رکي ايونٽ ئي وقت جي ڪسوٽي چئجي

ڪاري علم جو استعارو لڪل آھي

ڪاري علم وارو فلسفي به آھي

۽ وقت جو بوتو ٺاھڻ ان ڪري ئي جو، ان جي ڪو مقرر وجود ڪونھي، ھي خيال جو افسانوي روپ آھي

يا. . . . . . . . . . . .

مابعد الطبيعات مان اخذ ڪيل مفروضاتي تصور آھي؟

مادي حقيقتن کان بظاھر اُوجھل پر ھي (متن ) فڪري ڏسائون اندران ئي اندران يعني [متن در متن ] زندگيءَ جي حقيقتن سان نزديڪي رکن ٿيون

يادگيرين ۾ بوتي کي سُيون ھڻي دفنائڻ وارو خيال آرٽسٽڪ ضرور آھي. . . . . . . . .

نظم ۾ گذرندڙ وقت کي زندگيءَ جو زيان سمجھڻ وارو تصور پنھان آھي؟

انسان ھونئنءَ به وقت جو کپائيندڙ ئي آھي

اھا کپت جڏھن سرپلس پيداوار ڀائنجڻ لڳي ته رسول ميمڻ جھڙا تخليقڪار ان حساسيت کي تخليقي ڪوڊس ۾ جذب ڪن ٿا

ھن قسم جي اظھاريت غير معمولي ادراڪ جي حامل آھي ڇوته ھن ۾ دور جو اي پس ٽيم لڪل نموني وارد ٿيندو آھي

. . . . . . . . . اُھو دور جي جملي نفسيات جي اثرن جو نتيجو ئي ھوندو آھي پر ان کي ڪو جينئس ئي ڳولي سگھندو آھي

ٻئي طرف وقت، جنھن کي ڊارون ارتقا جي قيد خانن ۾ بند ڪيو ھو تنھن قيد خاني ۾ خود ڏار پئجي ويا آھن

. . . . . . . . . ڪوبه سائنسي پيراڊيم وقت جي مسافت ۾ سائنسي ايجادن جي رد عملن کي ته منطقيت بخشي سگھي ٿو

. . . . . . . . . . . . پر خود وقت کي، ڪارج جي رد عملن جي پيچيده نظامن مان گذاري ڪونه سگھيو آھي

وقت مان حالتون، دورن جو پوکون لڻن ٿيون تاريخ نويسن جون عينڪون وقت کي دورن ۾ ورھائيندي ڌنڌليون ٿي وڃن ٿيون

. . . . . . . . . ۽ وقت جي ھنج مان پاليل دور ۽ ان جي تقسيم خود دانشورن جي جذيري تي جبريت جو شڪار قرار ڏني وڃي ٿي

. . . . . . . . . ۽ اھڙن وقتن جي اثرن کي مخاطب صرف ڪي نظم ٿين ٿا جيئنءَ ھي رسول ميمڻ جو نظم Effgy of time آھي جنھن ۾ موجود ميٽافزڪس خود فزڪس اڳيان سوال اڀاري ٿي

جيئنءَ ته نظم جو سمورو رخ موضوعي نوع جو آھي جنھن ڪري پوسٽ ماڊرن تحت اضافي آھي

. . . . . . . . . ۽ اسان وقت جا جوڳي سچائيءَ کي نطشي جي جدولي صورت واري جاميٽري باڪس جي اوزارن ۾ ماپڻ وارا ته اُن کي اڃان ٻاھر ڪڍي لامڪاني سمجھي ڪونه سگھيا آھيون

ھن نظم ۾ ھڪ آفاقي خيال کي نئين عصري تقاضائن موجب اضافيت جي دائري ۾ آندو ويو آھي

. . . . . . . . . . . . ڇو ته وقت ھڪ يونيورسل موضوع آھي جنھن وٽ اڳ تاريخي سطح تي ڪلاسڪ ھجڻ جو منھاج موجود رھيو ھو

. . . . . . . . . . . . پر جديديت پڄاڻان جي دور ۾ ڪلاسڪ/ آفاقيت کي قبول ئي نٿو ڪيو وڃي ۽ ان جي بدلي وقت ھاڻي نئين لمحي جي سچائي بڻيل آھي

. . . . . . . . . ۽ نئين سچائي اھا آھي ته تصوراتي خاڪن ۾ وقت جو بوتو دفنائڻ لاءِ ٺَھي چڪو آھي ڇوته وقت جيڪا ويڌن ڪئي آھي

. . . . . . جيڪو ڪجھ ڦريو آھي تنھن جو ادراڪ ممڪن ئي نظر نٿو اچي ۽ ھي ھڪ آرٽسٽڪ رد عمل آھي

 ھاڻي اسان جي جوھر ۾ سندس ھڪ بوتو آھي. . . . . . . . . . . . جنھن کي سيون ھڻي سمھاري اسان پنھنجي پاڻ کي سال کن لاءِ ئي نجات ڏيارڻ ٿا چاھيون. . . . . .

. . . دراصل اھا فڪري ٿڪاوٽ ئي سھي، پر ان ۾ روحاني اک Inward Eye جا ڳوڙھا سمايل آھن. . . . . . !!

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۱۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment