Sunday, December 11, 2022

سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر

سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر

قسط ١ پھرين

نديم شر



افسانو يا ڪهاڻي هڪ اهڙي نثري صنف آهي، جنهن ۾ آکاڻي، واقعو، ڪردار، ماحول ۽ وقت فرضي هوندا آهن، پر انهن ۾ موجود موضوع ۽ زندگيءَ جو فلسفو حقيقت جي عڪاسي ڪندا آهن. افسانو يا ڪهاڻي انساني معاشري جي حالتن ۽ واقعن، امنگن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا زندگيءَ جي حقيقتن جي قريب تر آهي. سنڌي ادب جي اوائل ۾ جيڪڏهن نظر وجهبي ته اٽڪل اڌ صدي اڳ ۾ افساني تي خاص توجھه ڏنو ويو. جديد سنڌي ادب ۾ افساني بدران ڪهاڻيءَ جو نالو پختو ٿي چڪو آهي. 


ڪهاڻي ڇا کي ٿي چئجي؟ اهو هڪ ڊگهو بحث آهي. ڪن جو خيال آهي ته انسان جي زندگي بذات خود هڪ ڪهاڻي آهي. صدين کان انسان جڏهن پنهنجي شعور جي اک کولي آهي ته هن پنهنجي چوگرد ڪهاڻيءَ کي ڏٺو آهي. انسان جي چوگرد، ننڍن وڏن حادثن، واقعن، خوابن، حقيقتن، لاهين ۽ چاڙهين، مختلف رشتن ۽ ناتن ڪهاڻيءَ جا ڀرپور رنگ پيش ڪيا آهن. ان ڪري مختلف اديبن ۽ ڏاهن جي نقطه نظر موجب ڪهاڻيءَ کي انسان جي زندگي، هن جي تهذيب ۽ تمدن توڙي ترقي، عروج ۽ زوال کان ڪنهن به طرح جدا نه ٿو ڪري سگهجي. مشهور آمريڪي ڪهاڻيڪار ‘ايڊگر ايلن پو’ چوي ٿو ته “ڪهاڻي اها آهي، جنهن ۾ هڪ مرغوب خيال يا واقعو هجي، مادي يا روحاني، جيڪا هڪ ويهڪ ۾ پوري ڪري سگهجي. جيڪا اصلوڪي هجي، جيڪا ماڻهوءَ کي جنبش ۾ آڻي، مٿس اثر ڇڏي ۽ مکيه ڳالهه ۾ ان ۾ ڪجهه غير ضروري نه هجي ۽ اها ڪلا جو هڪ ڳڻ ڳوت ڪيل حصو هجي.” ڪيترن نقادن وري ڪهاڻيءَ جي فن کي فوٽوگرافيءَ جي ويجهو محسوس ڪندي، ان کي ساڻس ويهي ڀيٽيو آهي ۽ ڪيترن کي وري ڪهاڻي چترڪاري يا مصوري لڳي آهي. جيتوڻيڪ ڪهاڻي هڪ فن آهي، جنهن ۾ تخليقڪار جي تخيل جي ڪارفرمائي گهڻي هوندي آهي. دنيا جي ٻين ملڪن وانگر سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعات به واقعاتي ڪهاڻيءَ کان ٿي، جنهن ۾ خاص زور ڪنهن واقعي يا حادثي تي ڏنل هوندو هو. داستان، قصا، آکاڻيون، اُن جا اوائلي نمونا هئا. ۱۸۵۳ع ۾ سنڌي [عربي- سنڌي] آئيوٽيا ٺهڻ سان سنڌي نثر لکڻ توڙي ڇپائڻ کي وڏي هٿي ملي ۽ اوائلي ڪتاب، جيڪي نڪتا، سي آکاڻين جا هئا. جن آکاڻين کي ‘قصا يا ڳالهيون’ چيو ويندو هو. انهن ۾ ساديون سوديون ڳوٺاڻيون يا گهرو ڪهاڻيون بيان ڪيل هونديون هيون، ۽ منجهن اخلاقي نصيحتن تي زور ڏنو ويندو هو. اهڙيءَ طرح پهرين نثري آکاڻي ‘آڪاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي’ منشي اڌارام ٿانورداس جي لکيل هئي، جيڪا ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي ‘سنڌي گرامر’ [ديوناگري لپي] ۱۸۴۹ع ۾، ضميمي طور ڏني وئي هئي. ۱۸۵۳ع ۾ سنڌي آئيوٽيا ٺهڻ بعد جيڪا پهرين ڪهاڻي، ۱۹۵۴ع ۾ ڇپي هئي، سا غلام حسين قريشيءَ جي لکيل ‘ڀنڀي زميندار جي ڳالهه’، جيڪا پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي تان ورتل هئي، ۽ سنڌي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ بيهاريل هئي. تنهن کانپوءِ سيد ميران محمد شاهه (اول) ‘سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه’ [۱۸۵۵ع ۾] ساڳئي پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي ‘ڪيڌي سيڌي’ تان سنڌيءَ ۾ اُلٿو ڪئي هئي. [جيڪا بعد ۾ مهراڻ رسالي ۾ ۱۹۵۹ع جي پهرين شماري ۾ پڻ شايع ٿي] ۱۸۵۴ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻئي بنيادي نثر نويس منشي ننديرام ميراڻيءَ، ايلس صاحب جي شراڪت ۾ انگريزيءَ تان سنڌيءَ ۾ ‘ايسپ جون آکاڻيون’ ترجمو ڪيون. ۱۸۶۰ع ڌاري منشي اڌارام جو ‘طوطي نامو’ آکاڻين جو ڳٽڪو پڌرو ٿيو، جيڪو اصل سنسڪرت تان ورتل هو ۽ اڌارام فارسيءَ تان ترجمو ڪيو هو. ۱۸۶۱ع ۾ سيد ميران محمد شاهه (اول) جو ٻارن لاءِ جهونين آکاڻين جو هنديءَ تان ترجمو ڪيل ڪتاب ‘مفيد الصبيان’ ڇپيو. ديوان ڪيولرام سلامت راءِ حڪمت آميز آکاڻين جو ڪتاب ‘سوکڙي’ ۱۸۶۴ع ۾ شايع ٿيو. ۱۸۹۰ع ۾ مرزا قليچ بيگ مشهور ‘Lamb’s Tales From Shakespeare’ جو ترجمو ‘دلپسند قصا’ نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ ڇپايو. صديءَ جي آخر ۾ ساڳئي ئي نالي سان ‘دلپسند قصا’ هڪ ٻيو ٻاراڻو وندرائيندڙ ڪتاب روچيرام گجومل ڪرپالاڻيءَ جو پڻ پڌرو ٿيو. مرزا صاحب زندگيءَ جي آخر تائين ڪيتريون طبعزاد ۽ ترجمو ڪهاڻيون ڇپايون. جهڙوڪ: شيطان جي ناني، دل جو آرام ۽ عجيب دوا (۱۹۱۶)، دل وندرائيندڙ ڳالهيون (۱۹۱۸ع)، گلابي جوڙو، حسينا ۽ ساوتري (۱۹۲۶ع) وغيره. ۱۸۹۰ع ۾ ساڌو هيرانند جي جاري ڪيل پهرين سنڌي مخزن ‘سرسوتيءَ’ ۾ ديوان ديارام ۽ بولچند ڪوڏو مل جون ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهيون. بولچند ڪوڏومل جون Grimm’s Fairy Tales تان ترجمو ڪيل ڪهاڻيون ڇپيون. هن مخزن تان ساڌو هيرانند ۽ ٻين جون ڪهاڻيون کڻي ڀيرومل مهرچند آڏاواڻيءَ ‘هيري جون ڪڻيون’ نالي ڪتاب ۱۹۲۶ع ۾ ڇپرايو. ۱۸۹۰ع ڌاري گرداس مل ڪرپالاڻيءَ مشهور هندي آکاڻين جو ڪتاب ‘بيتال پڇيس’ مان ۱۲۵ آکاڻيون ‘الف ليليٰ ’ جي طرز تي لکيل ترجمو ڪري ڇپايون. انهيءَ سال هيرانند کيمسنگھه جي مهاڀارت تان ورتل ڪهاڻي ‘ساوتري’ به پڌري ٿي. ۱۸۹۱ع ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪيون ‘ٻاراڻيون آکاڻيون’ لکيون. ان کانسواءِ ٻارن جي روحاني ۽ ڪرامتي آکاڻين جو هڪڙو ڪتاب ‘واندڪائيءَ جي وندر’ ٽهلرام لوڪومل پنواڻيءَ لکيو. ۱۸۹۵ع ۾ هڪڙو ٻيو اخلاقي ڪهاڻين جو ڪتاب ‘عجيب نقطا’ روچيرام گجو مل جو ڇپيو. ۱۹۰۲ع ۾ ديوان ڪوڙي مل ‘ڦول مالا’ لکيو، جنهن ۾ سکيا ڀريل آکاڻيون ڏنل هيون. ۱۹۰۵ع ۾ هڪ اخلاقي آکاڻي ‘رڀوتي’ لکيائين ۽ ۱۹۰۶ع ۾ هڪڙي ڌرمي آکاڻي ‘سريتي ۽ سنيتي’ لکيائين. ۱۹ صديءَ جي آخر ۾ ساڌو هيرانند سان گڏ ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ، بنگال جي سماجي ۽ ادبي سجاڳيءَ واري تحريڪ برهمو سماج جو اثر قبوليو. اها تحريڪ راجا رام موهن راءِ، بنگال ۾ سال ۱۸۲۸ع ۾ شروع ڪئي هئي. وڏي ڄمار ۾ بنگالي ٻولي سکي ديوان ڪوڙي مل ‘بنڪم چندر چئٽرجي’ جون سماجي آکاڻيون ‘راڌا راڻي ’ (۱۹۱۴ع)، ‘انڌيرا’، ‘ٻه منڊيون’ (۱۹۱۶ع)، شريمتي گھوشال (ٽئگور جي ڀيڻ) جو ناول ‘Fatal Garland’ آکاڻيءَ جي روپ ۾ ‘ندورو هار’ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ آندائين. ان کان سواءِ [ٿياسافيڪل تحريڪ جي باني] مئڊم بلئوٽسڪيءَ جي انگريزيءَ تان ورتل آکاڻي ‘کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي’ ۱۹۱۵ع جي ‘سنڌي ساهت سوسائٽيءَ’ جي ماهوار رسالي ۾ ڇپي [جيڪا ڪهاڻي پوءِ ۱۹۴۵ع ۾ ديوان ڪوڙيمل ساهتيه منڊل ‘ڪرم ڦل’ جي نالي سان ڇپائي]. اوائلي آکاڻين جي دور وارا ٻيا به ڪي دلچسپ ڪتاب نڪتا، جن ۾ هاسارام ۽ سوڀراج ڏاسواڻيءَ جو ‘سڀا جو سينگار’ ۱۸۹۴ع ۾ ڇپيو، جيڪو سنسڪرت ڪتاب ‘پنج تنتر’ تان ورتل هو. ان ئي دور ۾، جهمٽ مل نارو مل، پنڊت نارائڻ سواميءَ جي ‘هتو پديش’ جو ترجمو ڪيو، جنهن ۾ پڻ اخلاقي آکاڻيون هيون. پنج تنتر جي فارسي ترجمي ‘انوار سهيليءَ’ تان ڪجهه آکاڻيون، محمد بخش واصف ‘گلزار چنبيليءَ’ جي نالي سان ۱۹۱۴ع ۾ ترجمو ڪري ڇپايون. هن دور جا آخري ڪتاب پرمانند ميوارام جا ‘دل بهار’ (۱۹۱۲ع) جا چار ڀاڱا، نانڪرام ڌرمداس جون اخلاقي ڪهاڻيون ‘ڌرمراءِ جي وهي’ ۽ ‘جيوت جو حس’ (۱۹۱۵ع) ۽ ڏيئو مل محبوبراءِ جو ڪتابڙو ‘اخلاقي تعليم’ (۱۹۲۱ع) هئا. سنڌي آکاڻيءَ جو ٻيو دؤر لعلچند امرڏنيمل جڳتياڻيءَ جي برپا ڪل سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جي ماهوار رسالي سان ۱۹۱۴ع ۾ شروع ٿيو. هي رسالو آکاڻين/ ڪهاڻين جي اوسر ۾ حد نشان هو. هن رسالي جي شروعاتي شاهڪار ڪهاڻي، لعلچند امرڏنيمل جي ‘حر مکيءَ جا’ (۱۹۱۴ع) هئي، جيڪا پهرين ‘سنڌ ڪاليج مسلنيءَ’ ۾ ڇپي هئي، جنهن ۾ ‘حر تحريڪ’ جو ذڪر آهي ۽ ان کي پهرين جديد ڪهاڻي قرار ڏنو ويو آهي. لعلچند صاحب بنگالي جيوت جي پسمنظر ۾ هڪ ننڍي ڪهاڻي ‘ڏکن ڏڌي زندگي ’ (۱۹۲۵ع)، پنهنجي بدليل نالي ‘آوتراءِ روپچند منچديءَ’ جي نالي سان لکي، جيڪا ڏاڍي پسند ڪئي وئي. ان کانپوءِ لعلچند امرڏنيمل ۱۹۲۳ع ۾ ‘نو ورنيءَ جو خون’ ۽ ‘ننڍڙي نئنا’ لکي [جيڪا گھڻو اڳتي هلي ۱۹۴۶ع ۾ ‘مهراڻ’ ۾ ڇپي]. لالچند امرڏنيمل جي هڪڙي بهترين آکاڻي ‘مون به سنگتيءَ ۾ ڪي ته ڏٺو هو’ ۱۹۴۷ع ۾ ‘مهراڻ’ ۾ ڇپي هئي. ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ ۱۹۱۶ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ روزاني اخبار ‘هند واسي’ جاري ڪئي هئي. ان ۾ هو سماجي پسمنظر ۾ لکيل ڪهاڻيون لکندو هو، جنهن ۾ سندس مشهور ڪهاڻي ڪلجڳي ٻانڀڻ تمام گهڻي مشهور ٿي هئي. بعد ۾ هن سال ۱۹۲۳ع ۾ انهن ڪهاڻين کي ڪتاب جي شڪل ۾ آڻي، ان جو نالو ‘چمڙا پوش جون آکاڻيون’ رکيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻين جو اهو پهريون مجموعو هو. بنگالي جيوت جي پسمنظر ۾ ننڍي آکاڻي ‘ڏکن ڏُڌي زندگي ’ ۱۹۲۵ع ۾ لکيائين. ڀيرو مل مهرچند جي ۱۹۱۴ع ۾ هڪ اخلاقي آکاڻي ‘پريم جو مهاتم’، ‘سنڌي ساهت سوسائٽيءَ’ واري رسالي ۾ ڇپي. ۱۹۱۵ع ۾ ‘سنڌي ساهت سوسائٽيءَ’ جيڪي ڪهاڻيون ڇپيون، تن ۾ پرمانند ميوارام جي مصري تاريخي آکاڻي ‘يوسف مصري’، ٽيجو مل شاهاڻيءَ جي فرانسيسي تاريخي آکاڻي ‘جيني’ (Joan of Arc)، پروفيسر موٽو مل گدواڻيءَ جي راجپوت تاريخي آکاڻي ‘ستيوتي’، کيئلداس ليکراج جي آکاڻي ‘اندرا ۽ چندرا’، محمد صديق ‘مسافر’ جون تاريخي آکاڻيون ‘زيب النساءِ’ (۱۹۱۴ع) ۽ ‘چاند بيبي’ ۱۹۲۰ع ۾ ڇپيون. ۱۹۱۴ع ۾ ٽهلرام نارائڻي جي ترجمو ڪيل آکاڻي ‘نل دمينتي’ نانڪ ڌرمداس جي تاريخي ڪهاڻي ‘لـڪـل لـعـل’ (۱۹۱۸ع)، لـيـلارام ولايـت راءِ جي ‘سمن موچيءَ جي ڳالهه’ (۱۹۲۰ع)، آسانند مامتورا جي شريمتي گهوشال جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو (بلوو) ۽ طبعزاد ڪهاڻي ‘فيلسوف’ جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ جون طبعزاد ڪهاڻيون (۱۹۲۰ع) ۽ پوتر پريم (۱۹۲۵ع) وغيره شامل آهن. ۱۹۳۰ع ۾ لطف الله بدويءَ جي آکاڻين جو ننڍو مجموعو ‘دسته گل’ به هن سوسائٽيءَ ڇپايو. لطف الله بدويءَ جون هي آکاڻيون اصلوڪيون هيون. ڄيٺمل پرسرام پنهنجي هفتيوار اخبار ‘ڀارت واسي’ ۾، ۱۹۲۴ع ۾ منگھارام ملڪاڻيءَ جون به ترجمو ٿيل ڪهاڻيون ڇپايون. ٽئگور جي ‘گونگي ڪنوار’ (جيڪا Sudha تان ورتي وئي هئي) ۽ ‘بن ديوي’ ٽئگور جي ڀيڻ سؤرنا ديوي گھوشال جي Spirit of The Place تان ورتي وئي هئي. ۱۹۲۷ع ۾ منوهر داس ڪوڙيمل ‘من جا مڻيا’ ۽ ‘اخلاقي ڪهاڻيون’ ٻه مجموعا ڇپيا. ۱۹۲۸ع ۾ ٽهلرام پنواڻيءَ ‘واندڪائيءَ جي وندر’ نالي ڪهاڻين جو مجموعو ڇپرايو. ڄيٺمل پرسرام، ناٽڪ ڪار ’ميٽر لنڪ‘ جي ناٽڪ تان ڪهاڻي ‘مونا وانا’ (۱۹۲۶ع) ۽ ٽالسٽاءِ جي ناٽڪ Power of Darkness تان ورتل ‘ٻال هتيا’ ڪهاڻي ڇپائي. مرزا قليچ بيگ جون آکاڻيون ‘وامق ۽ عذرا’، ‘ليليٰ مجنون’ (عربيءَ تان ورتل)، ‘ليا خان درزي ۽ خليفو ڪهنگ’ ۽ ‘نيلو پکي’ (انگريزيءَ تان ورتل)، ‘طلسمي گڏي’، ‘جاڙا ڀائر'>ٻه جاڙا ڀائر’ ۽ ‘ديو يا راڪاس’ به ڇپيون. ان کان سواءِ نئين سنڌي لائبرريءَ، پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ جو ‘ٻاراڻيون ٻوليون’ (۱۹۲۶ع)، گرڌاري ڪرپالاڻيءَ جو ‘رابندرناٿ جون آکاڻيون’ (۱۹۲۷ع) ڇپايا. شيوارام لالا جو ‘ٽالسٽاءِ جون آکاڻيون ۽ جيون چرتر’ جا ٽي ڀاڱا (۱۹۳۵ع) سنڌو ساهت منڊل ڇاپيا. ۱۹۳۴ع ۾ ‘ڪوڙو مل ساهتيه منڊل’، پرمانند ميوارام جون اخلاقي آکاڻيون ڇاپيون، جن ۾ ‘هيري جي منڊي’ ۽ ‘ڌرم مورتي’ شامل هيون. ۱۹۴۰ع ۾ پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جون ’مها ڀارت جون آکاڻيون’ ڪهاڻي مندر ۾ شايع ڪيون ويون. ۱۹۴۱ع ۾ پنڊت ليلارام شرما ‘جئه گرنٿ’ ڇپايو، جنهن ۾ مهاڀارت جي لڙائيءَ جو احوال ڏنو ويو هو. غلام محمد شهواڻيءَ شيخ سعدي جي فارسي مشهور آکاڻين کي ‘گلستان’ جو ‘گلشنِ بهار’ جي عنوان سان ترجمو ڪيو. ۱۹۴۴ع ۾ سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ پاران عثمان علي انصاريءَ جو ادبي انتخاب ‘پنج’ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ عثمان علي انصاريءَ عربي، انگريزي، فرينچ ۽ آمريڪي ادب جا نمونا ڪهاڻين جي صورت ۾ ڏنا هئا. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي وچ واري دور ۾ ترجمو ڪيل آکاڻين کان سواءِ ڪي طبعزاد ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ پڌرا ٿيا، جن ۾ سماجي ۽ اقتصادي شعور ظاهر ٿيو. ڄيٺمل پرسرام جي ڪهاڻين جي مجموعي ‘چمڙا پوش جون آکاڻيون’ (۱۹۲۳ع) ۾ سنڌ جي سرمائيدارن جي ڏوهن/ گناهن تي سخت نڪته چيني ٿيل هئي ۽ ڪيترين ئي معاشرتي/ سماجي اوڻائين جهڙوڪ: زوري شادي، هوس، بيواهن وغيره تي وڏي بيباڪ نموني سان لکيو ويو هو. ڀيرومل مهرچند جو پٽ پرڀداس ڀيرومل جون پنهنجن ذاتي آزمودن، تجربن ۽ مشاهدن جي آڌار تي گھرو جيوت وارين آکاڻين (‘جوت’ ۾ ڇپيل) ۾ ڏکن جي ڪٿا ڀرپور هئي. اهي آکاڻيون ‘سِک ٽرئڪٽ’ وارن بعد ۾ ‘اندر جا اڌما’ نالي سان ۱۹۳۲ع ۾ ڇپرايون. انهن ڪهاڻين مان ‘ماٽيجي سس’ هڪڙي ڀرپور آکاڻي هئي. هن سنڌيءَ ۾ سماجي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ‘سِک ٽرئڪٽ’ سوسائٽيءَ ‘هيرا جواهر’ جي نالي سان ۱۹۳۱ع ۾ ڇپرايون. ان کان سواءِ سندس اصلوڪا ڪتاب ‘مکڙيون’، ‘موتين جو مهراڻ’ ۽ ‘ملهه رتن’ سک سوسائٽيءَ وارن ڇپرائي پڌرا ڪيا. جديد ۽ حقيقت نگاريءَ واري دور جو سرفهرست ۽ پهريون ڪهاڻيڪار ‘امر لعل هنگوراڻي’ هو. سندس ڪهاڻيون سندس ئي جاري ڪيل مخزن ‘ڦلواڙيءَ’ ۾ ۱۹۳۰ع ۾ شايع ٿيون. امر لعل کي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل جديد ڪهاڻي نويسيءَ جي فن جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ڪهاڻي ‘ادو عبـدالرحـمـٰن’ ۱۹۴۰ع ڌاري ٻيهر سندس رسالي ۾ ڇپي. هيءَ ڪهاڻي ڪردارنگاريءَ جي شاهڪار ڪهاڻي هئي. ان کان سواءِ ‘ڏس ڏيـو ته ڪـٿان لـڀـندي’، ‘رانجھـوءَ سـنـدي رمـز’، ‘رام ۽ رحـيـم’، ‘گولـيءَ جـو گـنـاهه’، ‘لـکيـو ڪـين ٽـريـو’ مـشهـور ڪهـاڻيـون هـيـون.

امر لعل هنڱوراڻيءَ جون ڪهاڻيون سنڌي ادب جون جديد ڪهاڻيون آهن. امر لعل هنڱوراڻي سنڌيءَ جو پهريون جديد ڪهاڻيڪار هو.

مرزا نادر بيگ ان دور جي مشهور ادبي مخزن ‘سنڌو’ ۾ ۱۹۳۲ع کان ۱۹۳۶ع تائين درجن کن سماجي اوڻاين بابت ڪهاڻيون ڇپايون، جن ۾ ‘پاڪ محبت’، ‘موهنيءَ جي ڊائري’، ‘ماءُ جو قهر’، ‘انقلاب’، ‘اجوت’، ‘گھر جي ڇڪ’ ۽ مزاحيه ڪهاڻي ‘عينڪ جو آواز’ شامل آهن. نادر بيگ جي ڪهاڻين ۾ عام زندگيءَ کانسواءِ هندو، مسلم ۽ پارسي لوڪن جي رهڻي ڪهڻي به ڏيکاريل آهي.

آسانند مامتورا، حقيقت نگاريءَ واري جديد دور جو ٽيون قابل ۽ برک ڪهاڻيڪار هو. هن جي ڪهاڻين ۾ جنسي مسئلن ۽ مونجھارن جي نفسياتي ڇنڊڇاڻ آهي. سندس پهرين بيباڪ سماجي ڪهاڻي ‘هي پريم’ هئي، جيڪا ۱۹۳۲ع ۾ ‘سنڌو’ مخزن ۾ شايع ٿي. ان کانسواءِ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘جيوت: پريم ۽ پاپ جون ڪهاڻيون’ جي نالي سان ڪهاڻي ساهت منڊل ۱۹۳۹ع ۾ ڇپرايو هو.

عثمان علي انصاري، حقيقت نگاريءَ واري جديد دور جو چوٿون وڏو ڪهاڻيڪار هو. وٽس جديد ڪهاڻي نويسيءَ جو هنر هو، عثمان علي انصاري ڳوٺاڻي مسلم زندگيءَ تي پنجن ڪهاڻين جو مجموعو ‘پنج’ ڇپايو، جنهن ۾ ‘ململ جو چولو’، ‘مقام’ داد لائق ڪهاڻيون هيون.

سنڌي ٻوليءَ ۾ اصلوڪين اقتصادي آکاڻين جو آخري دور ۱۹۴۲ع واري ڪئٽ انڊيا هلچل سان شروع ٿيو. ان وقت سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلا بهتر نموني اجاگر ٿيڻ لڳا، هي اهو دور هو، جـنهـن ۾ سـنڌي ادب ۾ ڪـهاڻيءَ کـي اهـم ۽ لوڪ پـسند درجـو مليو. هن دور ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار روسي انقلاب جي اثر هيٺ سامهون آيا. ‘سرد آهون’ هن دور جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو هو، جيڪو ۱۹۴۲ع ۾ ‘نئين دنيا ڪتاب گھر شڪارپور’ ڇپيو. هي مجموعو گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو هو. هنن ڪهاڻين ۾ پورهيت ۽ عام ماڻهوءَ جو بيان ۽ سرمائيدار سماج ۾ انقلاب آڻڻ جي للڪار هئي.

سنڌي ڪهاڻي نويسيءَ ۾ انقلاب آڻيندڙ پهريون ڪتاب ‘ريگستاني ڦول’ هو، جيڪو ۱۹۴۴ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گھر شڪارپور طرفان گوبند مالهيءَ ڇپرايو. هن ڪتاب ۾ نون ليکڪن جي ڪهاڻين ۾ سماجي ۽ اقتصادي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جو ڇيد ڪري ڀرپور نموني سان ٿيل هو. ڪتاب جا ڪهاڻيڪار هئا: ڀڳوان لعلواڻي، شيخ عبدالستار، آنند گولاڻي ۽ سوڀو گيانچنداڻي. ۱۹۴۵ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گھر طرفان ‘پرهه ڦٽي’ نالي هڪڙو مجموعو ڇپرايو ويو، جنهن ۾ گوبند مالهيءَ جي ‘هاري حقدار’، گوبند پنجابيءَ جي ‘نيلو’، رام امرلعل جي ‘انساني مرغي’، ‘ڀڳوان بي چين ’ ، ‘جي رام’، ‘راڄ’، جيوت نرياڻيءَ جي ‘بي نڪو’ ۽ ڪرشن کٽواڻيءَ جي ‘ڪتي جو موت’ ڪهاڻيون شامل هيون. ان کانپوءِ آنند گولاڻيءَ جي طرفان ‘ڦڙڪ’ نالي ڪتاب آندو ويو، جنهن ۾ ڀڳوان لعلواڻيءَ جي بهترين آکاڻي ‘ليلا’ هئي. ماهوار رسالي ‘آشا’ ۾ پڻ ڪيتريون ئي اصلوڪيون ڪهاڻيون ڇپيون هيون.

پروفيـسـر رام پنجـواڻـيءَ جي ادارت هيٺ ڪـراچـي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان سنڌي سرڪل جو هڪ رسالو ۱۹۴۶ع ۾ نڪرندو هو، جنهن جو نالو ‘لهرون’ هو. انهيءَ رسالي ۾ پروفيسر ڊي ڪي منشاراماڻيءَ جي هڪڙي بهترين سماجڪ ڪهاڻي ‘گھوٽ راجا’ ڇپي هئي، ان کان سواءِ هڪ دلڪش ڪردارنگاريءَ واري هرومل سدارنگاڻيءَ جي ڪهاڻي ‘بيمو ٿري’ پڻ ڇپي. انهيءَ زماني ۾ ‘هند واسي’ اخبار ۾ پڻ سٺيون قومي ڪهاڻيون ڇپيون، جن ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جي ‘پدما’، ڀڳونتي ديالاڻيءَ جي ‘ڀارتي’ ۽ ڪرشنا ڪيولراماڻيءَ جي ‘ديش دروهي’ بهترين ڪهاڻيون ثابت ٿيون، جيڪي ۱۹۴۵ع ۽ ۱۹۴۶ع ڌاري ڇپيون. ‘سنڌو’ مخزن ۾ پڻ ڪيتريون سنڌي اصلوڪيون ڪهاڻيون ڇپبيون رهيون، جن ۾ نادر بيگ مرزا جي ڪهاڻين کانسواءِ تيرٿ بسنت جي ‘نيلم’، حشو ڪيولراماڻيءَ جي ‘هڪ ٻه ٽي’ جون ۱۹۴۵ع ۾، حبيب ڀٽيءَ جي ‘غلط فهمي’ سيپٽمبر ۱۹۴۵ع ۾ ۽ امر لعل هنگوراڻيءَ جي ‘لالي’ ۱۹۴۶ع ۾ ڇپي. ۱۹۴۵ع ۾ پروفيسر جھامنداس ڀاٽيا پنهنجي ننڍين/ مختصر ۽ طويل ڪهاڻين جو مجموعو ‘مرڪندڙ مکڙيون’ ڇپرايو. هن مجموعي ۽ اهي ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون هيون، جيڪي ‘سنڌو’ مخزن ۾ شايع ٿيل هيون. ۱۹۴۵ع ۾ ايم. آر. مائيداساڻيءَ آکاڻين جو هڪ مجموعو ‘بکايل’ ڇپرايو، جنهن ۾ ڀارتي (هندي) ٻوليءَ تان ترجمو ڪيل سماجي ڪهاڻيون ڏنل هيون. انهيءَ سال ايم. آر. مائيداساڻيءَ ڪهاڻي رسالي ۾ ڇپيل پنهنجون ڪهاڻيون کڻي ‘خوشبو’ نالي مجموعو آندو ۽ ۱۹۴۷ع ۾ ‘هيسٽنگس جا ڪارناما’ ۽ ٻيون آکاڻيون ڇپرايائين. اهي تاريخي ڪهاڻيون ‘ديوت شرما’ جي هندي ڪتاب تان ترجمو ٿيل هيون. ۱۹۴۷ع ۾ محمد عيسيٰ نظاماڻيءَ جو ڪتاب ‘شهيد وفا’ شايع ٿيو، جنهن ۾ هندستاني تاريخ تي ٻڌل افسانا شامل هئا. سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ جي مخزن ‘مهراڻ’ جي ۱۹۴۷ع واري شماري ۾ محمد حسن ڪروڙپتيءَ جي مزاحيه ڪهـاڻـي ‘عـاشـق مـعشـوق’ ۽ سـندس ٻي ڪهاڻـي ‘بخـشـش’ (آمريڪي سپاهي سنڌي ٻارن کي ڪيئن بخشش ڏين ٿا، ان پسمنظر ۾ لکيل) جولاءِ ۱۹۴۷ع واري پرچي ۾ ڇپيون. نجم عباسيءَ جي ڪهاڻي ‘همت ۽ ڪوشش’ به هن دور ۾ ڇپيون. ساڳئي مخزن ۾ ساڳئي سال ڊسمبر واري شماري ۾ سائينداد سولنگيءَ جي ڪهاڻي ‘ملاقات’ ڇپي، جيڪا بهترين آکاڻي هئي. هن ڪهاڻيءَ ۾ عشق جي تڙپ ۽ ٻهراڙيءَ وارا اصطلاح بهترين نموني آندا ويا هئا. ان کان سواءِ نجم عباسيءَ جي حقيقت تي ٻڌل ڪهاڻي ‘کنڊ جي چوري’ چڱي ڪهاڻي هئي.

۱۹۴۷ع ۾ زندگي پبليڪيشن جي بانيڪار بهاري ڇاٻڙيا ‘سنڌي ڪهاڻيون ’ مجموعو ڇپرايو، جنهن ۾ ليکو تلسياڻيءَ جي ڪهاڻي‘منجري ڪولهڻ’ ان دور جي هڪ شاهڪار ۽ عاليشان ڪهاڻي هئي.ان کانسواءِ هن مجموعي ۾ ڀون پنجواڻيءَ جي ڪهاڻي ‘ڀيڻ’، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ڪهاڻي ‘هوءَ’ به هن مجموعي جون سٺيون ڪهاڻيون هيون. لڇمڻ راڄپال جي ‘نئون زمانو’ هڪڙي جوشيلي آکاڻي هئي، جنهن ۾ انڌي عقيدت، ڌرم ۽ خون خرابي واري انقلاب کي کنيو ويو هو. سال ۱۹۴۷ع ۾ ‘سنڌي ڪهاڻيون ’ جي نالي سان باغي منڊل جي بانيڪار شيخ اياز هڪ مجموعو ڇپرايو، جنهن ۾ آنند گولاڻيءَ جي بهترين ڪهاڻي ‘سومان’ ڇپي هئي، جيڪا هڪ ڪنواري ماءُ جي مسئلي تي طويل آکاڻي هئي. ساڳئي سال ‘باغي منڊل’ جي طرفان ٻيو رسالو ‘سوشلسٽ پاڪستان’ ڇاپيو ويو، جنهن ۾ جيوت نرياڻيءَ جي بهترين آکاڻي ‘هٿ نه لاهه’ ڇپي. باغي منڊل پاران ساڳئي سال هڪ ٻئي مجموعي ‘سفيد وحشي’ ۾ شيخ اياز جي ڪهاڻي ‘رولو’ ڇپي، جيڪا حسن پرستيءَ تي لکيل هڪ بهترين آکاڻي هئي. ۱۹۴۷ع ۾ شايع ٿيل رسالي ‘اڳتي قدم’ ۾ شيخ اياز جي هڪ ٻي بهترين ڪهاڻي ‘کلڻي’ ڇپي. سنڌيءَ ۾ اصلوڪين اقتصادي ڪهاڻين جو دور شيخ اياز جي هن ڪهاڻيءَ سان ختم ٿيو، جيڪا ان دور جي آخري شاهڪار ڪهاڻي هئي. ساڳئي سال ۾ شيخ اياز جي مشهور ڪهاڻي ‘پاڙيسري’ به شايع ٿي. ڪهاڻي ‘سفيد وحشي’ ۾ اياز، ڌارين جي ظلم ۽ قبضي کان آگاهه ڪيو آهي. ان سان گڏ عورت جي محبت ۽ لاچاريءَ کي اهڙي نموني آندو آهي، جو ڪهاڻيءَ جو هيرو ان جي محبت ۽ مجبوريءَ کي محسوس ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ وچولي طبقي ۽ هيٺين طبقي جي هلت کي حقيقي نموني آندو اٿس. هڪ عورت سان جيڪو بي رحميءَ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس پير جي جُتي سمجهيو وڃي ٿو، ان رويي کي نهايت جرئت سان بحث هيٺ آندو اٿس ۽ سماج ۾ مروج ٿيل ان فرسوده رجحان کي عوام جي سامهون آڻي ننديو اٿس. عورت کي خريد ڪرڻ ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ سندس ڪهاڻيءَ ۾ نظر اچن ٿا. ان ڪهاڻيءَ جو مثال ‘نظيران’ آهي، جنهن ۾ عورت جي خواهشن ۽ تمنائن جا گل مرجهايل نظر اچن ٿا. اياز جون ٻه ڪهاڻيون ‘ڪارو رنگ’ ۽ ‘شرابي’ surrealism يا حقيقت کان دوريءَ جي لاڙي هيٺ لکيون ويون آهن، جنهن جو اعتراف اياز پاڻ ‘سفيد وحشي’ ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي. هن ۾ شخصيتن جي ورتاءَ انساني ڪردار جي ان نموني جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ حقيقت ۽ نيم حقيقت ۾ تفاوت ڪري سگهجي. ‘ڪارو رنگ’ ۾ ڪهاڻيءَ جي سورمي ڪاري رنگ هئڻ جي ذهني مونجهاري جو شڪار آهي ۽ سندس نفسيات تي گهرو اثر ٿئي ٿو. آخر ۾ هوءَ ڪاري رنگ مان ڦري اڇي رنگ جي ٿي پوي ٿي ۽ موت جو شڪار ٿي وڃي ٿي. دراصل ڪهاڻي ‘ڪارو رنگ’ هڪ subnormal انسان جي طبيعت جي ڦيرگهير جو هڪ عڪس آهي. ڪهاڻي ‘شرابي’ ۾ سونهن جي احساس کي جڏهن ڌڪ پهچي ٿو ته ڪردار وئشيا ڏانهن وڃي ٿو. ‘شرابي’ هڪ غير معمولي شخصيت جي سڀاءَ جو ڏيک آهي، جيڪو دنيا جي اونداهين جو ڳولائو ۽ روشنيءَ کان ڀڄندڙ آهي. ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي اهڙن پهلوئن کي به آندو ويو، جيڪي روشن نه اونداها هئا.

هن دور ۾ سنڌي ڪهاڻي نون لاڙن ۽ رجحانن سان گڏ نمودار ٿي، جن ۾ Stream of Consciousness and Existentialism جي جديد نقطه نگاهه سان تعلق رکندڙ ڪهاڻيڪارن جو تعلق آهي، جنهن جو ذڪر آزاديءَ کانپوءِ واري دور ۾ اچي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ادب تي ڪجهه ماٺار ڇانئجي وئي. مقامي هندو اديبن مان اڪثريت وطن ڇڏي وڃي ٻيو ديس وسايو. جڏهن ٿورو ساهه ۾ ساهه آيو ته ڪهاڻيءَ جو سلو وري اڀريو ۽ ان کي نروار ٿيڻ جو موقعو مليو. سنڌي ڪهاڻيءَ شعور جي لاٽ کي روشن ڪيو ۽ پڙهندڙ کي سماج جو آئينو ڏيکاريو، جنهن ۾ سنڌي سماج جي ڳولا ۽ سڃاڻپ جو احساس اجاگر ٿيل محسوس ٿئي ٿو، جنهن ۾ حقيقت پسنديءَ جي روپ کي ڀوائتي نموني ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڪهاڻي ’آکيري جو ٽُٽڻ‘ ۾ ٻهراڙيءَ جي آباديءَ جو شهرن ڏانهن منتقل ٿيڻ کانپوءِ پيدا ٿيل مايوسيءَ واري ڪيفيتن ۽ حالتن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ سيڪيولرزم واري ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ڪهاڻيءَ ۾ آزاديءَ جي تلخ تجربي جو ڪڙو سواد به آهي.

ع. ق. شيخ جي ‘حيدرآباد ’ پهرين ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ استحصالي طبقي جو رويو ظاهر ڪيو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ لساني نفرت ابتدا کان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ حيدرآباد شهر جي رونقن ۽ خوبصورتيءَ جي بيان سان گڏ سنڌين جي خريداريءَ تي ٻاهران آيل دڪاندار جي نفرت جي انتها جو اُڀار (climax) به ڏيکاريو ويو آهي. ڪپڙي جي قيمت پڇڻ تي پناهگير دڪاندار جي ذهنيت جو اندازو بخوبي ڪري سگهجي ٿو: “جائو جائو، بڙي آئي ليني والي، دو روپيي مين تو بوري نهين ملتي، جا جا، تمهاري باپ دادا ني ڀي ڪپڙا پهنا تها.” هن جو آواز پنهنجي چهري وانگر ڦري ذري گهٽ جانور جهڙو ٿي ويو. هو ويچارا هڪا ٻڪا ٿي دڪان ڇڏي پاڻ ۾ گڏجي بيٺا.

ورهاڱي بعد ۱۹۴۹ع ۾ ڪراچيءَ مان ‘خلافت‘ اخبار نڪتي، جنهن جو ايڊيٽر قادربخش نظاماڻي هو. هن اخبار ۾ ڪجھه اديبن، خاص ڪري ڪهاڻيڪارن جا نالا اخباري صفحن جي زينت بڻيا. جن ۾ جمال ابڙو ۽ ع. ق شيخ شامل آهن. ‘مسلم ادبي سوسائٽي’ جيڪا سنڌ ۾ اڳ ئي قائم هئي. ان سوسائٽيءَ جي اڳوڻن خدمت گذارن طرفان ۱۹۵۱ع ۾ هڪ ماهوار ‘جريدو’ سنڌي ادبي رسالو ڪيو ويو، جنهن جو روح روان صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ هو. هن حيدرآباد ۾ پنهنجن ادبي دوستن جي ساٿ سان رسالو جاري ڪيو، جنهن جي اشاعت ۾ ڪن غير معروف ڪهاڻيڪارن جون ڪوششون ۽ سهڪار پڻ نظر آيو، پر اهو رسالو جلد ئي پڙهندڙن جي سرد مهريءَ جو شڪار ٿي ويو.

۱۹۵۰ع کان ۱۹۶۰ع تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيئي رسالا نڪتا، جن جو ڪهاڻين جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار رهيو. ڪراچيءَ مان ماهوار ‘نئين زندگي ’ ، حيدرآباد مان ٽه ماهي ‘مهراڻ’، ماهوار ‘روح ادب’، ماهوار ‘فلمي دنيا’، هفتيوار ‘وطن’، ٽه ماهي ‘شاعر’، ماهوار ايڊيشن ‘هلال پاڪستان’، ماهوار ايڊيشن ‘عبرت’، ‘پرهه ڦٽي’، ‘مارئي’، هالا کان ماهوار ‘فردوس’، نوابشاهه کان ماهوار ‘ادا’، ماهوار ‘رهنما ’ ، دادوءَ کان ‘اسان جي منزل’، ٽنڊي محمد خان کان هفتيوار ‘ميراث’ ۽ ‘روشني’، سکر کان ماهوار ‘تقاضا’ ۽ ‘اڳتي قدم’ وغيره شامل رهيا. ان کان سواءِ ٻيا ادارا، جن ۾ ان وقت افسانوي ادب جو وڏو حصو ڇپجي پڌرو ٿيو. انهن ادارن طرفان نه صرف رسالا ئي ڇپيا ويا، پر گڏوگڏ ڪيترائي ادبي ڪتاب به شايع ٿيا. جيتوڻيڪ انهن ادارن جو تعداد گھڻو آهي، پر انهن مان آر. ايڇ. احمد برادرس هڪ وڏو پبلشنگ ادارو هو، جنهن ڪثير انداز ۾ سنڌي ڪتاب ڇپرايا، جن ۾ ڪهاڻي، ناول ۽ داستان شامل هئا. پبلشنگ اداري گنج بخش پڻ افسانوي ادب جا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. انهيءَ عرصي ۾ اشاعت جو هڪ ناليوارو ادارو ‘اداراه آوازِ ادب ’ قائم ٿيو، جنهن

ادب جي سمورن موضوعن تي تمام گھڻا ڪتاب ڇپرايا ۽ ڏهن سالن تائين باقاعدگيءَ سان اشاعتي سلسلو جاري رهيو. انهن سڀني مان ‘حبيب پبليڪيشن سکر’ جو نالو اهم آهي، جنهن مختصر ڪهاڻيءَ جي اشاعت ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ۽ ڪجھه ناميارن ڪهاڻيڪارن جا مجموعا پڻ شايع ڪيا، جن کي سنڌي ادب ۾ مستقل طور اهميت حاصل ٿي. ورهاڱي کان اڳ مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ

‘اداره عبرت’، ‘اداره انسانيت’ ۽ ‘هفتيوار انسان’ جهڙا سلسلا ۽ رسالا جاري ڪيا، جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ نئين ذهن ۽ روح سان نروار ٿيو ۽ پنهنجي مخصوص انداز واريون ڪهاڻيون سنڌي ادب کي ڏنيون. ‘هاري حقدار’ پريس مان پڻ ڪهاڻين جا ٻه مجموعا شايع ٿيا، جن جو ليکڪ نامور هاري اڳواڻ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي هو.

۱۹۵۰ع کان ۱۹۶۰ع تائين واري ادبي دور کي ‘ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو شروعاتي دور’ پڻ چئي سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ ته

هن دور ۾ ڪيترائي اهڙا ڪهاڻيڪار هئا، جيڪي ڪهاڻيون لکڻ لڳا هئا، پر انهن مان ڪجهه پوءِ اوچتو ادبي پسمنظر تان گم ٿي ويا. هن زماني ۾ جن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون سامهون آيون، تن ۾ محمد بخش جي ‘چيخون ۽ رڙيون’، ‘ٻه پاءُ مال’، ‘جڏهن نور جهان کي گرفتار ڪيو ويو’، حسيني محمد حافظ ٽکڙائيءَ جون ‘باقيدار’، ‘نسيم’، ‘تباهي’، ‘في سبيل الله فساد’، شمشيرالحيدريءَ جون ‘مهراڻ جي ڌيءَ’ ۽ ‘پورس جا هاٿي’، نجم عباسيءَ جون ‘شرط’، ‘امين گل’، ‘شاهه دولي جو ڪوئو’ (ترجمو)، عبدالجبار شام(عبدالجبار جوڻيجي) جي ‘اباڻو گھر’، ‘ٻچن جو ماس’، شيخ حفيظ جي ‘ٻه پاڇا’، نور عباسيءَ جون ‘انڌن جي حڪومت’، ‘انڌو عاشق’، ڪريم ڏني راڄپر جي ‘خواب جي حقيقت’، احسان ڀُٽي جي ‘بيوس راهي’، نسيم فردوس جي ‘بد حواسي’، ممتاز مرزا جي ‘اڄ پڻ اکڙين’، شير علي خواجه جون ‘مهمان’ ۽ ‘دل’، علي احمد بروهيءَ جون ‘نماڻي نوران’ ۽ ‘واسينگن جي ويس’ شامل آهن. ان کان سواءِ ثميره زرين، رشيده حجاب، بيگم زينت چنا، امينه هاليپوٽو، ابن حيات پنهور، رعنا حيدرآبادي، قاضي اختر مورائي، ساقي سجاولي، شيخ عبدالرزاق ‘راز’، ابن الياس سومري جا نالا پڻ سنڌي ڪهاڻيءَ جي آغاز واري زماني ۾ نظر اچن ٿا.

ابتدائي ڪهاڻيون گھڻو ڪري سماجي حقيقتن جي سنگين واقعن تي ٻڌل هيون. انهن ڪهاڻين جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ڪهاڻي نويسيءَ جي فن کي مڪمل طور پذيرائي نه ملي هئي، پر اهي تڪميل جي مرحلن ۾ هيون. انهن مان ڪي ڪهاڻيون بيانيه ۽ ساديون هيون ته ڪن ۾ وري واعظانه انداز هو. ان وقت جي ڪهاڻين مان اها ڳالهه پڻ پڌري هئي ته ڪهاڻيڪار فني راهه اختيار ڪرڻ بدران صرف جذبات جي رستي مسئلن جي حل تائين پهچڻ چاهيو ٿي. جيتوڻيڪ انهيءَ دور ۾ ڪجھه ڪهاڻيڪار اهڙا به هئا، جن ڪهاڻيءَ ۾ انفرادي تجربا به ڪيا ۽ اڳتي هلي سندن نالو سٺن ڪهاڻيڪارن جي ڳڻپ ۾ ٿيڻ لڳو. انهن ۾ ثميره زرين، نجم عباسي، شيخ حفيظ، علي احمد بروهي وغيره اچي وڃن ٿا. پر حقيقت ۾ سنڌي ڪهاڻي جن نالن سان سڃاپجڻ ۾ آئي، اُهي ٻيا هئا. ان کان اڳ ۾ ڄڻ سنڌي ڪهاڻي آزمائش ۽ ابتدا واري ڪيفيت ۾ ڦاٿل هئي، جيڪا انهن ڪهاڻيڪارن جي فني نڪته نظر سبب آزمائشي مرحلي مان گذري عبوري منزل ۾ داخل ٿي، انهن ۾ جمال ابڙي ۽ غلام رباني آگري جا نالا سر فهرست آهن.

سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اؤج ۵۰ واري ڏهاڪي کان پيدا ٿيو. محمد ابراهيم جويي جي ادارت ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٽماهي ‘مهراڻ’ جاري ٿيو ۽ ماهوار ‘نئين زندگي ’ جي اشاعت جي شروعات پڻ ٿي چڪي هئي. انهن سرڪاري ۽ نيم سرڪاري رسالن سبب سنڌي ڪهاڻيءَ کي اوج مليو ۽ سنڌي ڪهاڻي اوجهڙ مان نڪري سڌي راهه کي رسي. انهيءَ حوالي سان شيخ اياز جي شخصيت ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ڇانيل رهي. عبوري دؤر ۾ سندس ڪهاڻين جو هڪڙو مجموعو ‘پنهل کانپوءِ’ ڇپيو، جنهن جي ٽائٽل ڪهاڻيءَ کان سواءِ سموريون ڪهاڻيون ورهاڱي کان اڳ به ڇپيل هيون. جيتوڻيڪ هن مجموعي ۾ ‘ٻه ايڪڙ ٻني’، ‘نوران’ ۽ ‘ڪارو رنگ’ کان سواءِ ‘ڳجھه’ هندو مسلم فساد واري موضوع تي لکيل ڀرپور ڪهاڻي آهي. ان کانپوءِ محمد عثمان ڏيپلائي افسانه نگاريءَ ۾ پنهنجي انفرادي حيثيت رکي ٿو. ڏيپلائي پڻ ورهاڱي کان اڳ قلمي زندگيءَ جو آغاز ڪيو ۽ ۱۹۶۰ع تائين ڀرپور انداز ۾ لکندو رهيو.

‘اداره انسانيت’ ۽ ‘اداره عبرت’ ۾ سندس ڪيتريون ڪهاڻيون شايع ٿيون. سندس ڪهاڻيون عوام لاءِ خوش طبعي ۽ مزاح جو سامان پيدا ڪندڙ هيون. هن ادبي اظهار توڙي سياسي جدوجهد واري عمل ۾ هڪ خالص قومپرستاڻو نقطه نظر اپنايو. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون ڪهاڻيون بنيادي طور سماجي بدعتن خلاف لکيل هيون. ڏيپلائيءَ پنهنجي ٽيڪنڪ ۽ بيانيه انداز بدران مڪالمي وارو انداز اپنايو. هن ڪهاڻين ۾ شروع کان آخر تائين مڪالمن (ڊائلاگن) ذريعي واقعا دهرايا. ‘ڪونڍير’ سندس هڪڙي لاجواب ڪهاڻي آهي، جيڪا طبقاتي موضوع تي لکيل آهي. ان کانسواءِ ‘سُڃي جو سر’، ‘مهربان خوني’ جهڙيون ڪهاڻيون شاهوڪار شاهي ۽ زمينداري ظلمن جي واقعن تي ٻَڌل آهن. ‘مرشد جي ٿڪ’ ۽ ‘ابتدا’ پڻ مزاح وارو نوع رکندڙ ڪهاڻيون آهن.

سـنـڌي ڪـهـاڻـيءَ ۾ ڪـردار کـي جـمـال ابـڙي، اياز قـادري ۽ غلام رباني آگري اُڀاريو. سراج الحق ميمڻ ۽ شيخ حفيظ جي ڪهاڻين تي عبدالڪريم لغاري هفتيوار ‘آزاد ’ ۾ تنقيد ڪئي، جيڪا ۵۳ قسطن تي مشتمل هئي. بلو دادا (اياز قادري)، شيدو ڌاڙيل (رباني) ۽ بدمعاش (جمال ابڙو) جهڙا ڪردار تخليق ٿيا، جيڪي ماحول ۽ حالت جي پيداوار آهن ۽ حالتن جو ئي شڪار ٿي ختم ٿي وڃن ٿا ۽ تبديليءَ جي ڪا راهه نٿي سُجهي. انهن ڪردارن کان پوءِ ‘پشو پاشا’ جهڙو ڪردار سامهون اچي ٿو ۽ جدوجهد ڪندي حالتن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. غلام ربانيءَ جي ڪهاڻيءَ ‘بري هن ڀنڀور ۾’ ۾ عيسو لاچاريءَ جي تصوير بڻجي سامهون اچي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ پيش ٿيل ماحول ۾ ڪي خاميون به آهن ته به هنن ڪردارن جي پرورش جهڙي ماحول ۾ ٿئي ٿي. ان مان سنڌي سماج جي عڪاسي ٿئي ٿي.

‘شاهه جو ڦر’ (جمال ابڙو) ڪهاڻيءَ ۾ هڪ معصوم ڇوڪري، گُل وانگر کلندي، مور وانگر ٽلندي، شاهه جي اڳيان اچي سندس ظلم جو شڪار ٿي وڃي ٿي. ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ سـندس پيءُ جنهن نموني ‘شـاهه جو ڦـر’ جملو چئي پيرن جي مڪروهه ڪردار کي وائکو ڪيو آهي، ان جو ڪو جواب نه آهي. جمال ابڙي پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ جاگيرداري نظام خلاف، سماج جي عيبن کي باريڪ بينيءَ سان پرکي ٿو. ڪهاڻي ‘پيراڻيءَ’ ۾ هو ننڍين ڇوڪرين جي خريد ۽ فروخت تي برهم آهي، جتي پيراڻي پنهنجي ڪٽنب کان ڌار ٿي زندگي گهاري ٿي، اُتي سندس ماءُ جي دلي ڏک وارين ڪيفيتن کي دردناڪ لفظن ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ پيراڻيءَ جو ماءُ کان ڌار ٿيڻ جو نظارو اجهو هن ريت چٽيو ويو آهي:

“پڻس ڏڪندڙ هٿن سان پيراڻيءَ جي ٻانهن کي ڇڏايو، ماءُ جو هنيانءُ ڦسي پيو، آنڊا وڍجي پيا، دل دانهن ڪئي، اڙي منهنجو پيراڻي ننڍڙو، ڇوڪريءَ هنيان ڦاڙي دانهن ڪئي، پکي ڀڙڪو ڏئي اُڏاميا، ‘منهنجو پيراڻي ننڍڙو، او ٽڪر کي باهه لڳي. سنڌ وسي، منهنجو پيراڻي ننڍڙو’، هن وار پئي پٽيا.”

انهن جذباتي ڪيفيتن کي پڙهندڙن پنهنجيءَ دل ۾ محسوس ڪيو. ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ ‘پيراڻي اڄ به زندهه آهي’ زندگيءَ جا آثار پيدا ڪري ٿي. جمال وٽ جذبي جي فراواني آهي، جذبات جي لاهه چاڙهه ۾ جمال پاڻ کي منفرد رکيو. سندس ڪهاڻين ۾ احتجاج آهي. هن لاڙي تحت محمد عثمان ڏيپلائي پڻ لکيو. هي اهو نظريو آهي، جنهن تحت مذهب جي وجود جي خلاف نه، پر ان جي نام نهاد دعويدارن خلاف لکيو ويو آهي. هن لاڙي کي ‘احتجاجيت’ چيو وڃي ٿو. ‘منهن ڪارو’ ڪهاڻيءَ ۾ ان نظريي کي پرکي سگهجي ٿو.

اياز قادريءَ جون ‘بلو دادا’ ۽ ‘فرشتو’ ڪهاڻيون موضوع جي لحاظ کان منفرد آهن. سندس ڪردار ‘بلو دادا’ سماجي براين جي خلاف وڙهي ٿو ۽ نتيجي ۾ کيس غنڊو چيو وڃي ٿو. هتي هي سوال اُڀري ٿو ته ڇا

بلو دادا وانگر روش اختيار ڪرڻ گهرجي؟ اهڙا ڪردار ٿي ته سگهن ٿا، پر کين ساراهيو ڪونه ٿو وڃي. سندن شخصيت متنازعه بڻجي سامهون اچي ٿي. تنهن هوندي به اياز قادري پهريون افسانه نگار آهي، جنهن کي فن تي عبور حاصل آهي ۽ جنهن جو اعتراف موهن ڪلپنا پنهنجي هڪ مقالي ۾ ڪيو آهي، جيڪو ‘آرسي’ رسالي ۾ ڇپيو آهي. اياز قادري ۽ جمال ابڙي، ٻنهي کي فن تي گرفت آهي، جنهن ۾ ‘پيراڻي’ ڪهاڻي اهم آهي. ‘فرشتو’ ۾ سرمائيداريءَ جي موضوع تي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ هن نظام تحت ٿيندڙ ناانصافين جي تصوير پيش ڪئي وئي آهي.

پٽ ماءُ کي دوا جي جاءِ تي زهر ڏئي ٿو ۽ هوءَ ان کي زندگي سمجهي قبول ڪري ٿي.

ڪهاڻين ۾ ملڪ جي آزاديءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل حالتن

۽ بي انصافين کي به آڏو رکيو ويو، جنهن ۾ سراج جي ڪهاڻي ‘ٻُهڻي’

به هڪ آهي.

“زماني جي انقلابن حقيقتن جو چهرو کرڙي رت ڪري ڇڏيو آهي. آزادي آئي ۽ هلي به وئي. وقت جي چهري جا زخم اونها ٿيندا ويا، پرڏيهي آيا ۽ ڏيهي وطن جا وڻ ڇڏي ويا، لڏپلاڻ ۾ سندس ساٿين پنهنجا گهر کڻي ڀريا، پر هو سڪي پگهار آڻيندو رهيو.”

مٿيون سٽون سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ناانصافين کي ظاهر ڪن ٿيون. ‘هوندا سي حيات’ ۾ غلام ربانيءَ انهن ئي حالتن تي روشني وڌي آهي، جنهن جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

“هندو ويا ته سندن سموريون جايون ڊهرائي وڃي مٿي چڙهيو، سڄو ڳوٺ سڃ ڪرائي پنهنجو پنجويهن ڪمرن وارو رنگ محل جوڙايائين. مفت جو مال. سرون ۽ لوهه هندن جو، پورهيو تنهنجو ۽ منهنجو، هاڻي ويٺو مزا ڪري.”

بشير مورياڻيءَ جي ‘ٽڪري’ ۽ سراج جي ڪهاڻي ‘ٻهڻي’ ۾ موضوع جي هڪجهڙائي آهي. ڪهاڻيءَ جا ڪردار سچ جي راهه تي هلندي هلندي غلط پيچري تي اچن ٿا ۽ زندگيءَ جي خوشين کي، جن تي هر انسان جو بنيادي حق آهي، حاصل نٿا ڪري سگهن. هي ٻئي ڪهاڻيون absurd ادب جو مثال آهن. زندگي جيئن آهي تيئن ان کي پيش ڪن ٿا. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ انسان کي ٽٽل ڀڳل ڏسي سگهجي ٿو. هو پنهنجي ذات جي ان انا کي قائم نٿو رکي سگهي، جنهن جي ڪري انسان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن دور ۾ ڪي جزوي رومانوي ڪهاڻيون به ملن ٿيون، جن ۾ رومانوي ادب جون مکيه خاصيتون نظر اچن ٿيون. رومانوي ادب جو خاص رويو انفراديت ۽ سورهيائي آهي، جنهن ۾ ڪردار پاڻ تي ويساهه قائم رکي ٿو ۽ حالتن مٿان فتح پائيندو اچي ٿو. رومانوي ادب فطري طور انسان جي امنگن ۽ جذبن جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي هڪ اتساهه وارو رخ ڏئي ٿو.

محمد ابراهيم جويي جي لکيل ڪهاڻي ‘روزي جي ماني’ زندگيءَ جي اونداهن رستن کي روشن ڪري ٿي ۽ شعور جون نيون واٽون ڏسي ٿي. سندس هڪ ئي ڪهاڻي آهي، جنهن جو سنڌي ادب ۾ هڪ سهڻو مثال آهي. هيءَ ڪهاڻي هڪ نئون خيال ڏيندڙ ڪهاڻي آهي ته بک، مذهب ڪانه ٿي ڏسي. نجم عباسي شروع کان ئي لکندو پئي آيو. سندس لکڻين ۾ مختلف رنگ ۽ موضوع آهن. ‘دعا ۽ تاڙيون’ ۾ هڪ ائبنارمل ڪردار کي ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو هڪ مخصوص ماحول ۾ تربيت حاصل ڪري ٿو ۽ جنسي خواهشن کي دٻائڻ ۾ پنهنجو ڇوٽڪارو سمجهي ٿو.

جنسياتي نظريي کي غلام ربانيءَ پنهنجي ڪهاڻيءَ ‘اکڙيون اجايون’ ۾ پيش ڪيو آهي، پر ڪهاڻيءَ جي پيشڪش فني نموني مضبوط نظر نٿي اچي. فرائڊ جي نظريي جو اثر سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نظر اچي ٿو، جن ۾ دٻيل جنسي جذبن جو اظهار نمايان آهي. شيخ حفيظ جون ڪهاڻيون مقصديت جي لحاظ کان ڪو اثر نه ٿيون ڇڏين. پر ان هوندي به سندس ٻه ڪهاڻيون ‘ٻه ڳوڙها’ ۽ ‘امان مان اسڪول ڪونه ويندس’ اهم آهن. ڪهاڻين ۾ حفيظ جي ننڍپڻ کي ڏسي سگهجي ٿو، جو سندس زندگيءَ جو هڪ خاص پس منظر آهي. ڪهاڻين ۾ معصوم ٻار جي نفسيات کي آندو اٿس ۽ ماستر جي ان روايتي ڪردار کي ننديو اٿس، جيڪو مار ۽ تشدد جي ذريعي ٻار کي تربيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ‘ٻه ڳوڙها’ ۾ هوتل تي ڪم ڪندڙ ٻارن جي زندگي ۽ ان ۾ اٿاريل سوال هينئن بيان ڪري ٿو:

“هتي هوٽل ۾ نوڪري ڇو ڪئي اٿس. پڙهي ڇو ڪين ٿو. هن جيترا ٻيا ڇوڪرا ته اسڪول ۾ علم ... يڪايڪ هن جي خيالن جي زنجير ٽٽي پئي.”

هن ڪهاڻيءَ ۾ اخلاقيات جو پڙاڏو آهي ۽ سماج ۾ مڪروهه روين تي تنقيد ڪئي وئي آهي. هي حقيقت پسنديءَ جو هڪ مثال آهي.

سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ طبقاتي تفاوت ۽ تضاد تي پڻ لکيو ويو. ان سلسلي جي ڪهاڻي ‘مٺي’ (زينت چنا) ۾ هڪ سرمائيدار گهر جي هلت چلت کي ڏيکاريو ويو آهي. رشيده حجاب به ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ ‘ڪنڊن جي سيج’ ۾ عورت جي مايوسيءَ ۽ محروميءَ جو احساس اجاگر ٿيل آهي. عورت جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پيش ڪيو اٿس. عورت جي مٿان ٿيل ظلم ۽ ستم سندس موضوع آهن. ثميره زرين جي ‘وطن’ ڪهاڻيءَ ۾ ٻاهران آيل هڪ هندوءَ جو پنهنجي اصل گهر ۾ اچي اجنبيت جو شڪار ٿيڻ بيان ٿيل آهي. مجموعي طور سنڌي ڪهاڻي مختلف لاڙن ڏانهن مائل نظر اچي ٿي، جنهن ۾ حقيقت پسنديءَ جو لاڙو نمايان آهي ۽ اڪثر ڪردار فراريت ڏانهن راغب آهن، جو حقيقت پسنديءَ جو خاص جز آهي. مثال طور: ‘منهن ڪارو’ (جمال ابڙو) ۾ دين محمد پنهنجن مسئلن سان منهن نٿو ڏئي سگهي، هو حالتن سان ٽڪر نٿو کائي سگهي ۽ پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري نٿو سگهي. ‘ٻُهڻي’ (سراج) ۾ خانو ڪو رستو چونڊي نٿو سگهي ۽ کيس روشني ملڻ بجاءِ اونداهي ملي ٿي. ان کان سواءِ به ڪيترائي ڪردار ڪهاڻين ۾ ڏسي سگهجن ٿا.

سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سماجي عيبن کي، جيڪي ثقافت جو جز بڻجي چڪا آهن. ليکڪن اهڙي نموني پيش ڪيو آهي، جن کي پڙهڻ سان انسان جي انهن لڪل پهلوئن کي ڏسي سگهجي ٿو، جن کي عام زندگيءَ ۾ محسوس نٿو ڪري سگهجي. طبقاتي ۽ جاگيرداري نظام کي ليکڪن پنهنجي ڪهاڻيءَ جو خاص موضوع بڻايو، جنهن ۾ جاگيردار ۽ سندس ظلم کي ننديو ويو، جنهن ۾ حالتون اتفاق جو منصوبو گهڙين ٿيون ۽ ڪردار ان جو شڪار ٿين ٿا. ‘بڻ’ ڪهاڻيءَ (رشيد ڀٽي) ۾ هڪ وڏيرو غير اخلاقي ڪم ۾ رڌل آهي، جيڪو انسان جي تڪليف ۽ درد کي محسوس نٿو ڪري، پر سوئر ۽ ڪتي جي زخمي ٿيڻ جو کيس وڏو الڪو آهي. انسان جي نسل جو قاتل وڏيرو ان غريب جي ڳالهه نٿو ڪري، جنهن جي هڪ ننڍڙي دنيا آهي، جنهن جو سپنو ميهل ۽ سندس بيمار ماءُ ڏٺو آهي. هن کي ته صرف شغل کپي. سوئر ۽ ڪتن جي ويڙهه ۾ ميهل موت جو شڪار ٿئي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ انسان کي، ڪتي جي موت کان به گهٽ اهميت ڏني وئي آهي ۽ اها اشاريت ڪهاڻيءَ کي اهم بڻائي ٿي ۽ فني طور تي نئون ڏيک ڏئي ٿي. هن ڪهاڻيءَ تي تبصرو ڪندي موهن ڪلپنا لکي ٿو:

“سنڌي ڪهاڻي ڪردار نگاريءَ جي دور کان پاسو ڪري نون نون ماڻهن تي اچي موڙ کائي ٿي، جتي مختلف ڪردارن جا زندگيءَ طرف مختلف رخ ظاهر ٿين ٿا ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جو مزاج ٻاهر مکيءَ [خارجي] کان انتر مکي [داخلي] ٿيڻ لڳي ٿو.”

طبقاتي نظام ۾ هڪ ساهه واري کي انسان به نٿو سمجهيو وڃي. هي سرشتو جيڪو اڻ برابريءَ جي بنياد تي بيٺل آهي، تنهن جي نشاندهي ڪري ٿو. ان سرشتي جي عيبن کي اجاگر ‘چهڙي’ ڪهاڻي ڪري ٿي. بشير مورياڻيءَ جي هن ڪهاڻيءَ ۾ سماج جي ڇوت ڇات جو پراڻو مسئلو کنيو ويو آهي، جنهن ۾ ڇيمي چهڙي هڪ گهر جي ٻار کي بچائيندي پاڻ زخمي ٿئي ٿي، پر سڀني جون اکيون ان ٻار ۾ آهن ۽ هن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ سندس وجود جي نه هجڻ جو ڀرپور احساس ملي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي اهميت ڏني وئي آهي. ‘لوئي’ (تنوير عباسي) ۾ ان نقطي بابت سهڻي نموني ڌيان ڇڪايو ويو آهي. لوئي، جيڪا تقدس جي علامت آهي، تنهن کي نمايان ڪندي چترڪار پنهنجا چتر عريان ڪري پيش ڪري ٿو ته اهي وڪامجڻ لڳن ٿا. هن ڪهاڻيءَ ۾ واويلا نه آهي. هن ۾ ليکڪ نشاندهي ڪري ٿو ته اسين لکون ٿا ۽ سوچڻ توهان جو ڪم آهي. سجاڳ اوهين ٿيو.

هن دور ۾ ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي تقدس ۽ مان کي اهميت ڏني وئي ۽ سندس شخصيت جي پهلوئن کي مختلف انداز ۾ پرکيو ويو. ‘مارئي’ (قمر شهباز) انسانيت جي عقيدي ۾ اعتماد کي ورجائي ٿي. مارئي سنڌ جي هجي يا يورپ جي، سندس هڪ ئي روپ آهي، جيڪو ازل کان سندس لاءِ قدرت چونڊيو آهي. قربانيءَ ۽ قرب لاءِ کنيل وکون هن ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي تقدس ۽ مان کي وڌائين ٿيون. آغا سليم ‘چنڊ جا تمنائي’ ڪهاڻيءَ ۾ محبت کي مختلف خانن ۾ رکيو آهي ۽ نفسياتي ڇنڊڇاڻ ڪئي اٿس. پهرين محبت کي مقدس ڄاڻايو اٿس ۽ ٻيون محبتون زندگي گذارڻ جو بهانو آهن. محبت کي آغا سليم ازل کان انساني مزاج جو ورثو قرار ڏئي ٿو. ڪائنات جي تخليق کانپوءِ محبت هڪ اهم جذبو هو ۽ محبت کي حاصل ڪرڻ جي تمنا ڪئي وئي.

بيگم زينت چنا ورهاڱي کانپوءِ پهرين عورت ڪهاڻيڪاره آهي، جنهن جون ڪجھه ڪهاڻيون ‘نئين زندگي ’ ، ‘مارئي’ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيون. زينت چنا جيتوڻيڪ ورهاڱي بعد سنڌ جي هڪ پڙهيل لکيل سجاڳ خاتون هئي. سندس ادارت ۾ نڪرندڙ عورتن جي ماهوار مخزن ‘مارئي’ تمام گھڻي مقبوليت حاصل ڪئي. زينت چنا جي ڪهاڻين جو تعداد ٿورو آهي، جن ۾ ‘اونداهي’، ‘رانديڪو’، ‘مِٺي’، ‘ڏاڏيءَ جو وٽو’ کي پنهنجي دور جي سٺين ڪهاڻين ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. سنڌي ڪهاڻين ۾ ٻارن جي سادي فطرت جا ڪردار چٽيا ويا آهن. جمال ابڙي جي ‘شاهه جو ڦر’، بشير مورياڻيءَ جي ‘چهڙي’ ۽ زينت چنا جي ‘مٺي’ انهن ۾ شامل آهن. ڪهاڻين ۾ کنيل اهي ٽئي ڪردار، اسان جي سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار ۽ تصويرون آهن، جن کي ڪهاڻيءَ جي موضوع هيٺ ڏاڍي سهڻي پيرايي سان کنيو ويو آهي.

ع. ق. شيخ پڻ ان دور جو ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻين ۾ ‘پريشان انسان’ هڪ چڱي ڪهاڻي آهي، جڏهن ته ‘حيدرآباد ’ ۽ ‘ريل ۽ زندگي ’ پڻ سندس خوبصورت ڪهاڻيون آهن. ان کان سواءِ سندس ڪهاڻي ‘مڪو مست’ پڻ مشهوري ماڻي.

شيخ عبدالرزاق ‘راز’ به ادب جي ٻين صنفن سان گڏ ڪهاڻيءَ تي به طبع آزمائي ڪئي. ورهاڱي کان هڪ ٻه سال اڳ ۾ ترقي پسند اديبن جي جماعت تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي اديب شرڪت ڪندا هئا. شيخ راز جي ذهني ۽ ادبي تربيت انهن ميڙاڪن ۾ ٿي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعاتي دور ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي فني تعمير ۽ واڌاري ۾ شيخ راز جون تجرباتي ڪوششون به شامل آهن. ‘ڊاڪ بنگلو’ سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي، شيخ عبدالرزاق ‘راز’ داستانوي انداز ۾ لکيو، جنهن ۾ واقعات نگاري پڻ شامل هئي. سندس ڪهاڻيءَ جي فضا ۾ پر سراريت ڇانيل ملي ٿي. سندس ڪهاڻين ۾ ‘ڊاڪ بنگلو’، ‘ناڪام محبت’ ۽ ‘گريجوئيٽ’ چڱيون ڪهاڻيون آهن.

ان دور ۾ ابن الياس سومري به سٺيون ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ ‘ڪنارو’، ‘انجام’، ‘نئون شڪار’ ۽ ‘اختيار’ شامل آهن. سندس ڪهاڻيون ٽماهي مهراڻ جي ۱۹۵۵ع وارن پرچن ۾ به شايع ٿيون. رشيد آخوند جو شمار به سنڌي ادب جي انهن بنيادي ترقي پسند ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن ورهاڱي کانپوءِ جديد ڪهاڻيءَ کي زندگيءَ سان ڀرپور قدر ۽ لاڙا ڏنا. سندس ڪهاڻين ۾ ‘ڍونگ’، ‘ڪارو هسو’، ‘موٽندڙ ڇولي’ جديد ڪهاڻيءَ جو سُراغ ڏيندڙ ڪهاڻيون آهن.

جاري.........

 

(نديم شر جي پوسٽ، سنڌي ادب ۽ ھسٽري فيسبڪ پيج تان ۲ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment