Saturday, December 24, 2022

ٽِڙيل پکڙيل - تنقيدي رايو - خليق ٻگھيو

اندرا پوناوالا جي ڪھاڻي ”ٽِڙيل پکڙيل” جي فڪري ساخت تي تنقيدي رايو

خليق ٻگھيو



اندرا شبنم پوناوالا جي ڪھاڻي ”ٽڙيل پکڙيل” ھڪ اھڙي ڪھاڻي آھي، جنھن جو ٿيم نھايت غير روايتي آھي، سنڌ جي فڪشن ادب ۾ اھڙن موضوعن تي نھايت گھٽ لکيو ويو آھي، پر پرئين پار، اُن موضوع سان ڪافي انصاف ڪيو ويو آھي.


ھِن وقت تائين ھن ويھڪ ۾، اُن قِسم جي معياري ٿيم کي، ڪنھن به ڪھاڻيءَ ۾ نه پڙھيو ويو آھي، سنڌ ۾ سرجندڙ سنڌي ڪھاڻي جا اڪثر ٿيمس، محبت جي ناڪاميءَ کان شروع ٿي، ڪارو ڪاريءَ تائين سفر ڪن ٿا، ڳوٺ جي وڏيري جي ظلم کان شروع ٿي، شھر جي وجودي اڪيلائيءَ تي ختم ٿي وڃن ٿا، جيستائين تخليقي ادب سگھارن تصورن کي پاڻ ۾ سموئڻ جي تخيلاتي قوت نٿو ساري، تيستائين اھو پنھنجي مڃتا جي رڃ جو مسافت ۾ اساٽيل ئي رھندو.

ڪھاڻين جا ٿيمس اھڙا ئي ھجن، جن جي پاداش ۾ اتھاس جا پس منظر ساھ کڻي سگھن، جن ۾ حال توڙي ماضيءَ جي دورن کي عڪسي، ان مان ايندڙ زماني لاء، نئين سرت ۽ ساڃھ جاڳائڻ جو شعوري سعيو ساريو ويو ھجي، جيئنءَ ھِن ڪھاڻيءَ” ٽڙيل پکڙيل” جو ٿيم آھي.

 ڪھاڻيءَ جي فڪري جوھر تائين رسائي ڪجي ته ھِن ڪھاڻيءَ ۾” ٽڙيل پکڙيل” جو ڪوڊ ڪھڙي زاويي ڏانھن نقيب بڻيل آھي؟ اُن جي معنويت جو نيٽ ورڪ ڪيستائين سفر ڪري ٿو؟ ٽڙيل پکڙيل ڪا قوم آھي ـ ورھايل ھنڌان ھنڌان ڇنل ٽُٽل ـ تسبيح جي داڻن جيان ٽُٽل، جيڪا صدين جي سفري ڪٿائن بعد به وري سماجي وحدت الوجود Unity of Existence ۾ پوئجي نه سگھي آھي.

ٽِڙيل پَکڙيل، جو سگني فائيڊ سنڌي قوم جي ورھاڱي طرف اشارو ڪري ٿو. ٽڙيل پکڙيل مرڪب لفظ، نشانَ يا علامتون آھن، جيڪي قوم جي زميني، معاشي، سماجي تاريخي ثقافتي ۽ تھذيبي ورھاست جي ڪري ٿيل استحصال جي ڪٿَ ڪن ٿيون.

ھِن ڪھاڻيءَ جو پلاٽ ٻولي آھي، ٻوليءَ جو حال آھي ٻوليءَ جو مستقبل آھي، ٻوليءَ سان فطري محبت جو اظھار آھي، جذبي جي طرفداري آھي، استحصال جي نقابي آھي، جبر جي شڪل جي صورت ڪڇڻ آھي، ڪلچر جي ٽُڪرن جي وکرڻ جي شڪايت آھي، تھذيبي امانتن سان روا رکيل ھٿ ـ چراند جي تصوير ڪشي آھي اھو ئي ھن ڪھاڻيءَ جو اظھار آھي، جنھن کي ڪھاڻيءَ جي پلاٽ جي ايڪسپريشن چَئي سگھون ٿا.

ھِن ڪھاڻيءَ جي ٽيچنگ ھيءَ آھي ته ٻوليءَ کي صرف زبان نه سمجھو، ٻولي صرف اظھار جو وسيلو ڪونھي، ٻولي صرف، لفظن جو ميڙ يا اکرن جي راند ڪانھي، پر ٻولي قوم جي معاشي حقن جي پاسدار ٿيندي آھي، ٻولي توھان جي روح جي محافظ ٿيندي آھي، ٻولي توھان جي تواريخي اثاثن جي ضمانت آھي، ٻولي توھان جي سماجي زندگيءَ کي منظم ڪري ٿي تمدني زندگيءَ جي مرتب نگار آھي.

اُھو ئي سبب آھي جو اندرا صاحبه جي ڪھاڻيءَ ۾ مختلف ڪردار انھيءَ ڪري ڏکويل آھن، جو اُنھن جي ٻولي ته ساڳي ھئي، پر انھن پنھنجي مادريءَ ٻوليءَ کي خدا حافظ چَئي، پنھنجي اولاد کي ٻين ٻولين ۾ تعليم ڏياري، جنھن جي ڪري اُھي پنھنجي جلاوطن ـ سماج ۾ اڪيلا ۽ بي سھارا رھجي ويا آھن.

ڪھاڻيءَ ۾ ڪنھن ڪردار وٽ شڪايت آھي ته واپار ڪندي، کيس ٻين ٻولين وارا نشانو بڻائن ٿا ۽ سندن ھتي ڪوبه ڪونھي، جيڪو سندن ڀرجھلو ٿئي! ڪو ڪردار دانھي ٿو ته سندس گھر ۾ ميت آھي ته ٻين ٻولين وارا ويجھو نٿا اچن ته خبر نه آھي ھنن جو ڌرم الائي ڪھڙو آھي؟

 مختلف ڪردارن سان ڪھاڻيءَ ۾ مختلف زيادتيون ٿين ٿيون، پر ساڳي ٻولي ڳالھائيندڙن ۾ ڪو اتحاد ئي ڪونھي، ٻولي ته قومن ۾ اتحاد جو محرڪ آھي ٻولي ئي توھان جي قومي اتفاق ٻڌيءَ اتحاد جي منزلن جي ساکي ٿئي ٿي، پر ٻوليءَ جي بي قدريءَ يا ان جي ڳالھائيندڙن جي ورھاست ڪيڏا ھاڃا جنم ڏيئي ٿي!؟

ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ناصحانا نُڪتا آھن ته ساڳي ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن ۾ فڪري امتزاج ڪيئنءَ ٿو جنمي سگھجي؟ اُن ڪري ئي ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ گھر ۾، بظاھر اڻ ـ ڄاڻ پر (ھڪ ئي قوم جي) ساڳي ٻولي سنڌي ڳالھائيندڙن کي منظم ڪيو وڃي ٿو.

اندرا پونيوالا جي ڪھاڻي” ٽڙيل پکڙيل” ٿيم توڙي پلاٽ جي لحاظ کان ھڪ زبردست قابل ساراھ ڪھاڻي آھي، اُنھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي، پر ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾” جھولي لعل ٻيڙا پار” وارو سلوگن، ڪھاڻيءَ جي تخليقي زاويي کي نقصان ڏيئي ٿو، عقل، حقيقت جي برعڪس، جذبي جي شدت، ھن ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس تي غالب پيل آھي. جھولي لعل وارو سگنيفر ڌرمي استعارو آھي يا مزاحمتي؟ سياسي يا خالص تخليقي به آھي؟ منھنجي خيال ۾ نعري بازيءَ جي استعاري ڪري، ھيءَ ڪھاڻي، تخليقي زاويي کي وڃائي ٿي.

 ٻيو ته جُھولي لعل واري ڪوڊنگ يا ڪنوينشنسز ڪنھن خاص رخ ۾ روحاني سفر جا متقاضي ڪوڊس آھن ته پڙھندڙن ان زاويي کي به نه اکوليو آھي. لساني سطح تي سماج ۾ موجود جمود ٽُٽُڻو نه آھي، اُن لاءِ ٻولي، ڪلچر جي تنظيم-سازي جو وڌيڪ شعور ڪھاڻي به اڳتي نٿي ڏئي. ڪھاڻي جھولي لعل جي نعري ھيٺ وڃڻ جي ڪري تنظيمي سج اڀارڻ تائين محدود ٿي آھي، جھولي لعل کي استعارو بڻائڻ سان، ڪھاڻي ھڪ ٻي رخ ڏانھن ٿي وڃي، اھا نعري بازي نه ڏني وڃي ھا ته بھتر ھو!

ٽرئجڊي ھيءَ به آھي ته سنڌي ٻوليءَ بابت سرجيل ھن ڪھاڻيءَ ۾ جملن جي گرامر جا به نقص آھن، ڪھاڻيءَ جي اسلوب ۾ ڪھاڻيڪاره مخاطب ۽ مخطوب جي فرق کي واضح ڪري نه سگھي آھي، جنھن ڪري ڪِٿي ڪِٿي خبر نٿي پوي ته ھيءُ مڪالمو ڪنھن ڳالھايو ھو؟ اُن جو سبب، ڪھاڻيڪارا جي، پنھنجي” ٻوليءَ جي وطن” کان ڌار ٿيڻ ڳڻائي سگھجي ٿو، ڪھاڻيءَ ۾ ٻوليءَ ۾ مختلف لھجا، پڙھندڙ کي مُونجھائين به ٿا.

ٻِي طرف ڪھاڻيءَ ۾ ٻوليءَ بابت سندس چنتائون برحق آھن، پرئين پار وارن جي ھٿان، ٻولي کسڪندي پئي وڃي، سندس ديس جي اڪثر لکارين وٽ، سنڌ ۽ سنڌي سڀيتا توڙي ڀاشا بابت نھايت سڀاويڪ ۽ سندر گمان آھن، جن کي قدر جي نگاھ سان ڏسون ٿا.

اندرا صاحبه جي ھيءَ ڪھاڻي فڪري طرح دانشورانه قسم جي آھي، ڇاڪاڻ ته، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ٻوليءَ کي قوم جو سماجي، معاشي ۽ سياسي بنياد ڪوٺيو، ھڪ وڏو پيغام ڏنو ويو آھي فني طرح کيس سلوگن واري ڀيٽا کان بچڻ گھرجي ۽ تخليقي عڪسن کي وڌائڻ گھرجي!

No comments:

Post a Comment