Monday, December 26, 2022

جڳاڙي - عبدالرافع شيخ

جڳاڙي

(ننڍڙي ڪهاڻي)

عبدالرافع شيخ



اڄ، سورھن سالن کان پوءِ پنهنجي يونيورسٽي جي بکن ڏکن ۾ گڏ رهندڙ دوست سان ملي رهيو هيس، سندس هڪ ايڪڙ تي ٺهيل محل جهڙي عاليشان گهر کي ڏسي ان جي ٻڌايل موڪلن ۾ هاسٽل تي رهڻ جو سبب ياد اچڻ لڳو، چيو هيائين؛ “موڪلن ۾ گهر ويندس ته هڪ ڪمري جي گهر ۾ ٻين ڀاتين کي سوڙهه ٿيندي ان ڪري هت هيڏي وڏي هاسٽل ۾ اڪيلو مزي سان رهيو پيو آهيان.“


 ننڍپڻ کان مليل ڏکن ۽ تڪليفن هن کي ايڏو تجربو ڏنو هيو جو يونيورسٽي تائين پهڇندي هر ايندڙ مسئلي يا پريشاني جو ڪونه ڪو جڳاڙ تڪڙو ڪڍي وٺندو هيو، هن جي گهر ۾ بيٺل وڏيون مهانگيون ست اٺ گاڏيون ڏسي آءُ هن جي ڪاميابي مان ڏاڍو متاثر ٿيس پر پوءِ جڏهن هو قرب مان ملندي ڀاڪر هڻي ڪيتري دير چپ ڪيون پنهنجو منهن منهنجي ڪلهي تي رکي بيٺو رهيو ته اڳي کان به وڌيڪ غريب ۽ اڪيلو محسوس ٿيو. جڏهن ميز تي چار نوڪر ماني لڳائڻ لڳا ته مون پراڻو وقت ياد ڪندي پڇيومانس؛ “هاڻي ته روز گوشت کائيندو هوندئين، ياد اٿئي تنهنجي ٻڌايل جڳاڙ سان هر ٻئين چوٿين مهيني يونيورسٽي ۾ گوشت ڪڙاهي کائڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ٻئي ڄڻا ڪيئن سڄو ڏينهن بک تي رهي، نيرن منجهند ۽ چانهه جا پئسا بچائي رات جو پاءُ گوشت ڪڙاهي مزي سان کائيندا هياسين؟”

 منهنجي ڳالهه تي مرڪي، ڏک ۾ چيائين؛ “جڏهن گوشت خريد ڪرڻ جا پئسا آيا ته ڊاڪٽرن بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول ۽ يورڪ ايسڊ وڌيل هئڻ جو اعلان ڪندي گوشت کائڻ کان منع ڪري ڇڏيو، هي ڏس اڄڪلهه ڪڻڪ جي ڇڊي ڀت تي گذارو آهي.“

 هن پنهنجي ڀرسان رکيل پيالي ڏانهن اشارو ڪيو.

هن جا لفظ ٻڌي لڳو قدرت ڏاڍي ڪٺور آهي، اونڌائي رات کان نجات جي دعا قبول ڪري هڪ هٿ سان صبح جو سج اڀاري ٿي ۽ ٻئي هٿ سان اکين جو نور کسي وٺي ٿي.

مون وري هن کان پڇيو؛ “تو کي ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هيو، هاڻي ته تون مهانگي کان مهانگو ڪتاب به خريد ڪري سگهين ٿو؟”

“ها اڳي شوق هوندو هيو ته ڪتاب خريد ڪونه ڪري سگهندو هيم هاڻي ڪتاب خريد ڪري سگهان ٿو پر پڙهي ڪونه ٿو سگهان، اکين جو آپريشن ٿيل آهي، ڪتاب پڙهڻ سان اکين ۾ سور ٿئي ٿو، پاڻي به وهڻ شروع ٿي ويندو آهي.“

هن جي ڳالهه ٻڌي آءُ ايڏو غمگين ٿي ويس جو ماني به ڪونه پئي وڻي، هن منهنجي حالت ڏسي وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو؛ “تون پريشان نه ٿي، آءُ خوش آهيان، قدرت ۽ مان هڪ ٻئي کي چڱي طرح سڃاڻي ويا آهيون، هي جيڪو ڪڻڪ جو ڀت ڏسين ٿو اهو گوشت جي يخني ۾ ٺهيل آهي ۽ ڪتاب پڙهي ٻڌائڻ لاءِ هڪ ماڻهو رکيو آهي، پهريون پاڻ ڪتاب پڙهندو آهي جي سٺو هوندو آهي ته واندڪائي ۾ ان کان آرام ڪرسي تي ليٽي سڄو ٻڌندو آهيان، نه ته رڳو خلاصو ٻڌندو آهيان.“

پوءِ پنهنجي هٿ سان چاندي جي پني ۾ ويڙهيل هڪ پڪل تتر مون ڏانهن وڌائيندي اک هڻي مرڪندي چوڻ لڳو؛ “پئسا رڳو مرڻ تائين ٽجوڙي ۾ رکڻ لاءِ ٿورئي ڪمايا آهن، ڪونه ڪو جڳاڙ ڪڍي سڀ شوق پورا ڪندو آهيان.“

 

(مهراڻ ميگزين ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment