Friday, December 23, 2022

ٽينٽ نمبر يارهن - دريا خان شنباڻي

ٽينٽ نمبر يارهن

برساتي ڪهاڻي ۲۳

دريا خان شنباڻي

 


هر ٻئين ڏينهن تي ٽينٽ نمبر يارهن تي وڃي، بيوھ ۽ چئن ٻارن جي ماءُ کي چئي. . . . . “هي جيڪو تنبو اوهان هنيو ويٺا آھيو، ان لاء مون کي وڏا ڪشالا ڪرڻا پيا، صاحبن جا ڌڙڪا کاڌم. . . . پر تون پريشان نه ٿيءُ، مان تنهنجي ۽ تنهنجي ٻچن لاء راشن جو به انتظام ڪري وٺندس.”


ائين چئي هو ان عورت جي سُڪڙجي ويل ڇاتيء ڏانهن نهارڻ لڳي ته هوء ويچاري پنهنجي پوتي ڇاتيء تي وڌيڪ سوري ڍڪي ڇڏي ۽ ڪڏھن ڪڏھن تنگ ٿي پنهنجي ڪنهن ٻار کي هُڏي ڏئي چوي “چپ ڪر نڀاڳا!”

ٽينٽ جي مهرباني ڪندڙ نوجوان سمجهڻ باوجود به ان ڪوشش ۾ ته هوء هن کي رات اچڻ جي دعوت ڏئي!!!

هو هليو ويو ۽ هڪ شام جو ٿورو سامان پنهنجي ڪلهي تي آڻي هٿ ۾ ڏيندي چيائين “هي مون پنهنجي خرچ سان ڪجھ سامان آندو آھي، باقي سرڪاري راشن لاء ڊُڪ ڊوڙ ۾ آھيان.”

هن سامان ته ورتو پر همت ڪندي چيائين، “ڀائو! اوهان مهرباني ڪري وڌيڪ راشن آڻڻ جي تڪليف نه ڪريو!”

مرڪندي چيائين “ڇو ڀلا!!”

“بس مان چوان ٿي نه ته، اوهان راشن وغيره جو انتظام نه ڪجو!”

“مان ته آڻيندس” هُجائتي لهجي ۾ چيائين.

“پاسي سان هڪ ٻي ڪراڙي پنهنجي تنبو ۾ آھي، اوهان ان لاء کڻي اچجو، ان کي ضرورت به آھي.”

“ضرورت ته سموري دنيا کي آھي پر منهنجي دل اوهان لاء آڻڻ جو چئي پئي!”

“نه نه، مهرباني اوهان جي!”

“ان ۾ مهرباني جي ڪهڙي ڳالھ آھي، ان جي بدلي تون کڻي ڪا مون تي مهرباني ڪر؟”

“ڪهڙي!!”

“هاء هاء. . . . . مون کي ته سياڻي ٿي لڳين. . . . . . . . “

هوء خاموش بيٺي رهي.

“ڪڏهن ڪا اهڙي مهرباني به ڪر جو پنهنجي زبان سان چئو ته؛ “تنبو ۾ اچ!”

“ڀائو، تنهنجو گهر به ڊٺو!!”

“ڀائو نه سڏ!”

“پر تون ٻڌاء ته تنهنجو گهر ڊٺو آھي!!”

“نه!”

“ته پوء ڪا ماءُ ڀيڻ اٿئي گهر ۾!”

“ڪراڙي امان ۽ جوان ڀيڻ آھي!”

“هيئن ڪر جو انهن ٻنهي کي هتي وٺي اچي تنبوء ۾ ويهار ۽ تون انهن جي ڀڙوت ڪر. . . . . . بيغيرت. . . . . . . نڪري وڃ هتان. . . . نه کپي تنهنجو راشن. . . . . . هنن برساتن ۾ بي گهر ضرور ٿيا آھيون پر بي بيغيرت ڪو نه ٿيا آھيون.“

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيطسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment