Saturday, December 24, 2022

وني ماڻين ونڙا - ابراھيم کرل

وني ماڻين ونڙا

افسانچو

ابراھيم کرل



مون ھن کي جاچي ڏٺو، ھن جون اکيون نيريون ھيون، سندس نيڻن ۾ نھارڻ کان پوءِ مون مان سمنڊ جي ٻڏڻ وارو خطرو خبر ناھي ڪاڏي گم ٿي ويو ھو، سندس اکين وارا ڇپر سنھري مائل ناسي ھئا، جيڪي ڦوڪ ڏيڻ سان لڏي رھيا ھئا، کيس نيري رنگ جو گائون پاتل ھو، شيفون جي رئي جي چوڌاري نيري زريءَ واري ربن لڳل ھئي، اسڪن ڪلر جي ٽائيٽ ٽائوزر تي سنھري گل ٺھيل ھئا. کيس پيرن ۾ ميرون ڪلر جو پمپي نما سيندل پاتل ھو. مون ڪجھ سوچي ھن کان پري رھڻ جو سوچي ورتو، ڇوته مونکي خوف ٿي رھيو ھو، مان ٻه چار ڀيرا ڌڪ کائي چڪو ھوس، ٻيو مون ٻڌو ھو ته نيرين اکين واريون ڇوڪريون بيوفا ٿينديون آھن. مون حساب ڪيو ته منھنجي عمر چاليھن کان ڪو سال ڏيڍ مٿي ٿي چڪي آھي، مٿي ۾ اڇا وار تيزيءَ سان وڌي رھيا آھن ۽ ڄنگھ ۾ اھا طاقت به نه رھي آھي ۽ نه ئي مون وٽ ايتري دولت آھي جو پنھنجي صحت تي خرچ ڪري، پاڻ کي نئون بنو رکي سگھان، ٻاڪرو گوشت وٺي واپرائي سگھان، سو سڄي رات پور پچائيندي پاسا ورائيندي گذري. ھونئن به اھي جوانيءَ جا شوق آھن، اسان جا وڏڙا بافتا پائي، ھرک جو سلوارون ڄنگھن تي چاڙھي، جڏھن گھروارين يا گھر جي عورتن لاءِ گربيءَ جون سلوارون وٺي، ڇر جا چولا وٺي اچي ڇڳل کٽ تي ٻڊ رکندا ھئا ته گھر جون سڀ عورتون اچي مٿس ڳاھٽ ٿينديون ھيون، ڪا پاڻيءَ جو گلاس کنيو بيٺي ھوندي ھئي ته ڪا وينجڻو پئي ھڻندي ھئي ته ڪا کيس ماني کڻي اچي اڳيان رکندي ھئي. مرد پيو ھڪ ھڪ کي گھوري ڏسندو ھو ۽ سندس نرڙ مان گھنڊ ڪونه لھندو ھيو ته ھي جو ھيڏو خرچ ڪري اچي کيسا خالي ڪري ويٺو آھيان ان جو ڪو تدارڪ به ٿيندو. اڳي عزت به ڄڻ گھري ملندي ھئي. ھاڻوڪي دور ۾ عزت ۽ بي عزتيءَ جي ته خبر ئي ڪونه ٿي پوي، عزت جھاز ۾ چڙھي ھلي ٿي وڃي ۽ بي عزتي بيل گاڏيءَ جيان پئي ٿي رينگٽ ڪري،

سوچي سوچي مٿو پيو ڦاٽي ته ڪجي ته ڇا ڪجي؟


سو رکي رکي خيال پي آيو ته جيڪر زندگيءَ جو ساٿي اھڙو ھجي، وري خيال پي آيا ته اھڙي حسين عورت کي ماڻھو رکي يا رھائي ڪٿي. اسان جي معاشري ۾، جتي ماڻھن کي اکين ۾ ايڪسري مشينون لڳل آھن، جيڪي ننھن کان چوٽيءَ تائين ڦوٽو ڪڍي وتن گگ ڳاڙيندا.

سڀئي پاسا جاچي ڍئو ڪيم پر مطمئن ڪندڙ جواب نه پيو ملي وڃي پئي ڳڻتي ورائيندي. ھي ڪھڙو عذاب اچي ڳڄيءَ ۾ پيو آھي، ڏٺم ته نم جي وڻ ۾ ڪھاڙي ڏنگيل ھئي ھڪ دل چيو ته لاھي ڪھاڙي ڪيانس ٿو مٿو ٻه اڌ، وڍيانس ٿو جسم جو ھر عضوو، نه ھوندي نه دل ھرڪندي، وري جھٻو آيو ته اجائي ڪيل قتل صدين تائين ذھن تي سوار رھندو آھي، سوچي سوچي ماڻھو چريا ٿي ويندا آھن. سو اھو خيال به لاھي ڇڏيم.

ڇاڪيان کيس ڀڄائي وڃان پر وڃان ڪاڏي. . . . . گلا جو گھانگو کڻي ڪاڏي ويندس، ھڪ نه ھڪ ڏينھن ظاھر ٿي پوندس. . . .

مون دريءَ مان. جھاتي پائي ڏٺو ته ھوءَ بيڊ تي سڌي ٿي ستي پئي ھئي ھڪ دل چيو ته موقعو ڀلو آھي کيس ماڻي گھٽو ڏئي ماري ڇڏيان پر ائين به نه ڪري سگھيس.

صبح سان اٿي واش روم ويس ۽ فريش ٿي جيئن ئي ڪمري ۾ موٽيس ته ھوءَ ياد اچي وئي، مون دريءَ وٽ وڃي بيڊ تي نھاريو ته ھن جي ھڪ ٻانھن وھاڻي تي الڳ ٿي پئي ھئي، ٻي ٻانھن سندس نيرين اکين تي آيل ھئي، سسي ڌڙ کان ڌار لڳي پئي ھئي، منھن مٿان سندس ڀورا ناسي وار وکريا پيا ھئا.

سندس ٻئي ڄنگھون ڍڍريءَ کان ڌار لڳيون پيون ھيون، جڏھن ته ڍڍري غائب ھئي. منھنجي اکين اڳيان اوندھ ڇائنجي وئي.

منھنجو پٽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي ماءُ کي ٻڌائي رھيو آھي ته مون ڏس ھن سان ڪھڙي تعدي ڪئي آھي،

نڀاڳا مون پنجين ھزارين ۾ تولئه لعل ڪنوار آندي ھئي تو ان جو اھو حشر ڪيو آھي.

مون پردو بند ڪري سوچيو واقعي سنڌ ۾ سھڻين عورتن جو اھو قدر آھي.

 

(ابراھيم کرل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment