Saturday, December 24, 2022

ڍوليا ڍيل مَ مون - ابراھيم کرل

ڍوليا ڍيل مَ مون

ڪھاڻي

ابراھيم کرل



“ڪاش پنھنجي شادي ٿي وڃي”، سندس جملي تي مون سندس نيڻن ۾ نھاريو، ته ھن جي چھري تان پوپٽ اڏامڻ لڳا، ھوءَ وکريل وارن کي سنوارڻ لڳي ۽ وارن ۾ لڳل ڪانٽن کي ڪڍي چڪ ۾ جھلي ٻئي ھٿ مٿي ڪري وارن جو مچو ٺاھي وڪوڙڻ لڳي ته ھن جي سيني جي اڀارَ، مونکي بي ايمان ڪري وڌو، مون سري کيس ڪس ڪئي ته ھن جي منھن تي مرڪ ڦھلجي وئي،

“ڍئو نٿو ٿيئي؟ “


“ھڪ موت مئي جو ڀئو سھڻا، ٻيو تومان نٿو ٿئي ڍئو سھڻا “مون استاد بخاريءَ جو شعر چيو ته ھن وارن مان ھٿ ڪڍي مون کي سيني سان ملائي ڇڏيو مان ٻن جبلن جي لڪ ۾ ڦاسي پيس، مون ھٿ ھڻڻ شروع ڪيا ته ھن وارن کان وٺي ڌڪي پوئتي ڪيو.

“ھونھن وڌيڪ نه “

ساڳيو جملو ٻڌي، منھنجو موڊ خراب ٿي ويو،

زور سان ڀاڪر پائيندي چيائين “ شاديءَ کانپوءِ”

مان وري جملن ۾ وچڙي پيس.

پنھنجي شادي ٿيڻي ڪونھي، تسان اُچي، تسان دي ذات اُچي، اڳتي ڪجھ چوڻ لاءِ ڪجھ ڪونه اڪليو مان منجھي پيس.

“صرف تون ھا ڪر”

منھنجي ھا سان ڇا ٿيندو؟

“باقي؟ “

پاڇيءَ کي ٿو ڏسان ته پوائنٽن ۾ ٿو ھليو وڃان پرپورو کوڙو لڳي ئي ڪونه ٿو.

ڏس تو کي ته بھانو آھي ته اولاد ڪونھي، پوءِ به ھنيانءُ لاھي ويٺو آھين، ته منھنجي لاءِ ته کوڙ مسئلا آھن. اڪيلي گھر جي وڏي اولاد آھيان، پويان ڊنب ڀينرن ۽ ڀائرن جو آھي، ابو به اجھو رٽائر ٿيو، امڙ کٽ تي پئي آھي، الائي ڪڏھن، اڪيلو ڪري وڃي، تڏھن به توسان سچي آھيان، سئوٽ سان به شاديءَ کان انڪار ان ڪري ڪيم ته ھو ايبنارمل آھي. کٽ تي ماني سابه ٽڪر ڀڃي ڪو وات ۾ وجھيس، سو اھڙي جيئڻ کان ھھڙو جيئڻ ڀلو.

منھنجي مٿي ۾ سور جي سٽ اڀري ته بيد تي سڌو ٿي سمھي پيس.

ھوءَ اٿي ڊريسنگ ٽيبل جي سامھون بيٺي، پنھنجي لپ اسٽڪ درست ڪيائين، شيفون جي قميص مان سندس بريز وارو بڪل چٽو پي نظر آيو،

ھاڻي اٿي ڀلا دير ٿي وئي آ، وري نه ته سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، ايڏي دير ڇو ڪيئي؟. انٽرويو جو ٽائيم ته نوَ ھيو، ڏينھن لڙئي واپس ٿي آھين، اڳي ئي چار ميسيج اچي چڪا آھن؟

ڪنھن جا؟

ننڍي ڀيڻ جا.

ڇو؟

اھوئي ته ابو اچڻ وارو آھي، تون ڪٿي آھين؟ انٽرويو ٿي ويو؟

ڪوڙ، ھروڀرو جو بھانو؟

ھن جھٽڪو ڏئي موبائيل ڪڍيو”پت نه پوئي ته ھي ڏس”

نوڪيا جو پراڻو سيٽ، جنھن کي چوڌاري رٻڙ ويڙھيل ھو، ڏسي مونکان کل نڪري وئي.

کلئين ڇو؟

ھي تنھنجو موبائيل آھي؟

منھنجي سوال تي ھن موبائيل تڪڙ ۾ کڻي پرس ۾ وجھي ڇڏيو.

“توبھ آھي؟. ھر شيءِ تي نظر ٿي “

ھوءَ وري وارن کي ٺاھڻ لاءِ ٻانھون مٿي ڪري بيٺي ته، سندس جسم جا حصا اڀري بيٺا، مان اٿي وڃي سندس پويان بيٺس، چيلھ ۾ ڀاڪر وڌم ته ھن جي واتان نڪري ويو “الاڙي، ڀلا ڇا ٿيو ٿي، “

نئين مان ڏٺو ٿي ڇا؟

ڪنڌ تي ڪس ڪيم ته ويڙھجي وئي. منھنجا ھٿ وڃي سندس بريزر جي بڪل تائين پھتا، ٻانھن جي زور تي بڪل نڪري وڃي پاسن تي پيو.

“قرآن اھڙو رت ڪيو ٿي جو. . . . . . . . . “

ھڪ زور سان ڌڪو جو آيو ته مان وڃي بيڊ تي ڪريس.

سندس ٻئي ھٿ سيني تي اچي ويا، “ڌڪ ته نه لڳئي، “

ھوءَ بريزر سيٽ ڪندي منھنجي مٿان اچي بيٺي.

“جلھيانءِ ٿي ته نه ڪر، پوءِ به. . . . . “

منھنجي اکين تي ٻانه آھي،

ھو ٻانھن پري ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري، پر منھنجو زور وڌيل آھي، ٻانه پري نه ٿي ٿئيس.

“ڇڏ نه ھاڻي، ڏس. . . . . . تون ٺيڪ ته آھين نه؟ “

مان ويتر ڇند ٿو ڪريان.

مان ڇو آيس؟ ھوءَ مٿي کي ھٿ ڏئي منھنجي ڀرسان ويھي ٿي رھي.

ايتري ۾ سندس موبائيل تي ٿرٿراھٽ ٿئي ٿي.

“اوھيو تون مونکي بيعزتو ڪرائيندين، “ھوءَ اٿي پرس مان موبائيل ڪڍي ٿي.

مونکان ٽھڪ نڪري ٿو وڃي.

“ڀلي کل، منھنجي موبائيل تي ٿو کلين نه؟ “

ھن ڪال اوڪي ڪري ڳالھائڻ شروع ڪيو

“بس راڻي منھنجو انٽرويو ٿي ويو آھي، مان نڪران ٿي. “

ھا ھا بس اڌڪلاڪ، چئي ھن موبائيل پرس ۾ رکيو.

“اٿ ڀلا؟ “

“ٻڌ ايڏو ٽائيٽ بريزر ڇو پاتو اٿئي؟ “

منھنجي سوال تي ھن سونڊ وجھي ڏٺو، “ته ڇا لفڪ لفڪ ڪندي اچان ھا. وڏو ڪو. . . . . . . “

ھا ھا چئه رڪجي ڇو وئينءَ؟ منھنجي جواب تي ھن کڻي وات تي ھٿ رکيو.

“تڏھن ته چوانءِ ٿي ته شادي. . . . . . “وري سندس وات تي ھٿ اچي ويو.

“تون ڀلا ديرڇو ٿو ڪرائين، منھنجي بيعزتي ڪرائڻ لاءِ؟ “

مان سندس اکين ۾ ٿو ڏسان جن ۾ ڳوڙھا ڀرجي ٿا اچن.

مان اٿان ٿو، بوٽ پائي ڪھيون ٻڌان ٿو ته ھوءَ مونکي پويان ڀاڪر وجھي ڪالر تي ڪس ڪري ٿي، ڪالر تي ڳاڙھو نشان ڏسي مان کيس چوان ٿو، “تون به منھنجي مارائڻ جي ڪڍ آھين. “

“ڀلي ته ڪٽئي، جيڏو مونکي تنگ ڪيوٿي”

مان سڌو ٿي بيھان ٿو ته ھوءَ ڪمري جي در تائين وڃي پھچي ٿي، وارن کي ڦڻي ڦيري مان ڪڍ ڪڍ وڃي کيس پھچان ٿو. ھيلمٽ پائي موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪيان ٿو ته ھوءَ مونسان ائين ملي ويھي ٿي جيئن پاڻي ڀرڻ واري عورت مٿي تي ٻيلھڙ دلو رکندي آھي، مان ھوائن سان ڳالھيون ڪندي اڳتي وڌان ٿو ته ھوءَ ڪلھي تي ڪنڌ رکي پڇي ٿي،

“دل ۾ ته نه ڪيئي نه، ؟”

ڇا؟

اھوئي. . . . . . .

۽پوءِ منھنجي پٺيءَ تي ڪنھن ڪپھ ڀريل وھاڻيءَ جي ڄڻ ٽاڪور ٿيڻ لڳي ٿي، منھجي جسم تي ورايل ٻانه اڃا به قابو ٿي وڃي ٿي. . . . .

“الا ڏاڍي پڪي آھين. “

“ڪيئن؟ “

“اڃا ڪيئن؟ مان ھٿن مان پيو نڪتو وڃان ۽ تون آھين جو ڪجھ ٿيئي ئي ڪونه پيو؟ “

ھن جي ٻانھن جي پڪڙ وڌي ٿي وڃي،

 “تو کي ڪھڙي خبر، پاڻي پاڻي ڪري ڇڏيئي، الائي ڪيئن پاڻ پليو اٿم. “

“اھي مسڪا نه ھڻ، الا ڪنھن ڪم جي ناھين، مان سندس ھٿ تي ھٿ رکان ٿو ته ھوءَ ڪلھي تي ڪنڌ لاڙي ٿي ڇڏي.

 “ڀئو نٿو ٿيئي”

ڇا جو؟

بدناميءَ جو،

“منھنجي يا پنھنجيءَ بدنامي جي ڳالھ ٿي ڪرين. “

“ھا جائي تنھنجي ڪھڙي ٿيندي، اھا به منھنجي ئي ٿيندي نه، تو کي ڇا ھي، تون ته مرد آھين نه. “

“اڙي يار ڪنھن کي خبر پوندي ته بدنامي ٿيندي نه تون ھروڀرو ٿي وسوساڪرين. “

“ھا ھروڀرو ٿي وسوسا ڪريان، ڪجھ ٿي وڃي ته، پوءِ تون اچي بچائيندين. ؟ “

ڇا مطلب؟

“ننڍڙو ٻار آھين، جو اھوبه مان ٻڌائيانءِ، “اھو چوندي ھن زور سان ٺونٺ ڪک ۾ وھائي ڪڍي.

“ھن مھل تائين زال کي ئي ڪجھ ناھي ٿيو ته تو کي ڇا ٿيندو؟ “

“ضروري آھي ڇا ته مونکي به ڪجھ نه ٿئي، وتان دايون ۽ ڊاڪٽرياڻيون جاچيندي واھ جو عزت ڪرائين ھا. “

“ته احتياط ڪيان ھا. “

“ڪھڙو احتياط ڪرين ھان، اھو سڀ ائين چوندا آھن. “

“نه نه تنھنجو قسم جي تو کي ڊپ ٿو ٿئي ته منھنجو توسان واعدو آھي ته مان احتياط ڪندس. “

“نه با، . . . . . . . ڏس اھو بھتر ناھي ته پاڻ ملون ٿا، ٻيو ڇا گھرجي، اھڙو ڪم ماڻھو ڇو ڪري جو ماڻھو ھر شيءِ کان ھليو وڃي، اھڙي ڪم کان پوءِ دل ڀرجي ويندي آھي. “

“تو کي ڪيئن خبر پئي ته انھيءَ ڪم کان پوءِ دل ڀرجي ويندي آھي. “

“ڇو مان ٻار آھيان، ڏسان ٻڌان ڪونه ٿي. “

“ڪاٿي ڏٺئي. “

“ھي ڊراما، فلم، اوڙو پاڙو، ڪنھن کان ڪھڙي شيءِ ڳجھي آ. “

“معني تو کي ڊپ ٿو ٿئي. “

“تڏھن ته چوانءِ ٿي ته شادي. . . . . . “

“يار تون سمجھين به اٿي ته نه تنھنجا مائٽ راضي ٿيندا ۽ نه ئي مون واري صدوري راضي ٿيندي. “

“ڪريس ني راضي. ڪھڙا ٻار ويٺا ٿس جو. . . . . . ، ڇڏ ڀلا انھن ڳالھين کي، مونکي ٿورو پرتي لاھجانءِ، اتان رڪشو ڪرائي ھلي ويندس. صبح به مئو رڪشي وارو وڃي ئي ڪونه پيو الائي ڪيئن نٽائي نڪتي ھئس. “

“ڇو نيت خراب ھئس ڇا؟”

“الائي مئو، سڃاڻي نه پيو. “ھوءَ رڪجي وري ڳالھائڻ شروع ڪري ٿي.

 “ھاڻي ڀلا پاس به ڪندا يا ٻئي ڪنھن کي رکي ڇڏيندا ڏس مونکي نوڪري جي ضرورت آھي، ڏسين پاڻ ٿو ته مھانگائي ڪيتري ٿي وئي آھي، بابا جي پگھار ته سودي ۾ ئي پوري ٿي ٿي وڃي، ٻارن جا خرچ الڳ، امان جي دوا الڳ. . . . “

“مان جو آھيان. “

“ھا تو کي ڄڻ گھر ڪونھي. چوندين ته ھيءَ جزا الائي ڪٿان اچي ڪنڌ ۾ پئي آھي. سا به مفت ۾، . “وري پاڻ ئي کلڻ لڳي ٿي.

“اھو تون ٿي سوچين، مون توسان حساب ڪيو آھي؟ “

حساب ڪونه ڪيو ٿي، اھا به تنھنجي مھرباني، پر آخر ڪيستائين؟ “

“جيستائين سسيءَ ۾ ساھ آھي توسان نڀائبو، باقي آ تنھنجي مرضي. . . . . . چوڻ مڃين يا موٽائي ڇڏين”

“ڏس ڏنئي نه مھڻو. “

“ڪھڙو مھڻو ڏنو مانءِ”

روڪيو مانءِ اھا باھ ٿو ڪڍين نه.

مان چپ ٿي ٿو وڃان.

“تون بس ھڪڙو احسان ڪر، مونکي نوڪري پڪي ڪرائي ڏي. ڪجھ ته سپورٽ ٿئي، ڀائر ڀينر پڙھي پون ڪجھ ٿي پون ته پوءِ پرواھ ناھي. شاديون ڪن، پنھنجن گھرن جا ٿين ته ڪو سک جو ساھ کڻان. “

“۽ پنھنجي شادي ـ؟ “ مان وچ ۾ ٽپو ٿو ڏيان.

“سڀني کان پوءِ، پوءِ به يا نصيب. “

“ھي جبل جيڏي حياتي ڪيئن گذاريندينءَ. “ مان سندس رکيل ھٿ تي زور ڏيندي چوان ٿو.

“گذري ويندي، ھونئن به خاندان ۾ پڦيون ماسيون ويٺيون آھن، ڀڄي ڪونه ويون آھن جو مان ڀڄي ويندس. “

“مان جو ڀڄائي وڃانءِ. “

“تون ھاڻي ئي ھمت ڪونه ٿو ڪرين ته پوءِ وري ڪھڙا لالڻ ڳائيندين. زال کان ائين ٿو ڊڄين جيئن ڪانءُ ڊڄي ڪمان کان”

ايتري ۾ اسٽينڊ اچي ٿي ته ھوءَ ڳچيءَ تي ڪس ٿي ڪري، “بس مونکي اتي لاھ، مان رڪشا ٿي ڪرايان.

“ڇڏي اچانءِ”

“نه نه مارائيندين ڇا ـ؟ اڳي ئي دير ڪرائي ڇڏي ٿي. “

مان بريڪ ٿو ھڻان ته ھوءَ پٺيءَ سان اچي لڳي ٿي.

“ڏس ته مڙسالو اتي به پنھنجو فائدو ٿو ڳولھي”. ٽپ ڏئي لھي ٿي ۽ برقعو درست ٿي ڪري.

“بس مان وڃان نه. “

“موڪلائڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي ڀلي وڃ. “

“ته ڇا ھت به ڀاڪر پائيانءِ ڇا؟. وڏو ڪو. . . . . . . . “

ھوءَ ھرڻيءَ جيان ٽھندي، ھيڏي ھوڏي ڏسندي ھلي ٿي وڃي، مان موٽر سائيڪل ڦيرائي واپس ٿو ٿيان.

شام جو اين جي او جو ريجنل ڊئريڪٽر فون ٿو ڪري، “سر اصل مسئلو ھي آھي ته توھان جي ڪينڊيڊيٽ کي اسين عارضي طور تي رکڻ جو آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ تيار آھيون، پر پڪو کيس جون ۾ ڪندا سين، ڇو ته اسان سندس ڪم کي نظر ۾ رکندا سين، فلحال سندس سيلري ويھ ھزار ھوندي ۽ پڪي ٿيڻ کانپوءِ پنجويھ آٽو ميٽڪ ٿي ويندي. توھان ييس ڪيو ته مان آرڊ واٽس ايپ ڪيان.

اوڪي سر، جيئن توھان بھتر سمجھو.

ويھن منٽن کان پوءِ سندس آرڊر مونوٽ پھچي ٿو ته، مان آرڊر پڙھي، کيس فون ٿو ڪيان، رنگ ھلي ھلي بند ٿي ٿي وڃي پر وصول نٿي ٿئي، مان پريشان ٿي ٿو وڃان ـ سوين کٽڪا جاڳي ٿا پون.

وري ڪلاڪ رکي ڪال ملايان ٿو، تڏھن به جواب ڪونه ٿو ملي. پريشاني اڃا وڌي ٿي وڃي. ڇا ڪيان ڪنھن کي چوان.

مان احتياطً کيس ميسيج ڪيان ٿو، “تنھجو آرڊر ٿي ويو آھي، جيڪو واٽس ايپ تي وصول ٿي ويو آھي تون پھرين تاريخ کان جوائن ڪري سگھين ٿي. جواب ڇو ڪونه ٿي ڏئين خير ته آھي. “

رات سڄي نه ڪال نه ميسيج، تڙپي رات گذاريان ٿو.

صبح سان آفيس مان آرڊر کڻي، کيسي ۾ رکان ٿو، ڊيوٽيءَ تان موٽي اچي، فريش ٿي، موبائيل کڻان ٿو. ميسيج باڪس کوليان ٿو ته ڏسي مٿي تي ھٿ اچي وڃن ٿا.

“امان اسان کي اڪيلو ڪري ھلي وئي.

ڪالھ گھر ۾ جھيڙو ٿي پيو ھو، رڪشي واري ڏسي ورتو ھو ته مان ڪنھن موٽر سائيڪل واري سان چڙھي ھلي وئي ھئس، تنھن اچي منھنجي ڀاءُ کي ٻڌائي ڇڏيو ھو، شڪر ڪر جو تو مونکي اسٽينڊ تي لاھي ڇڏيو، ھو تاڙ ۾ ھئو، گھٽيءَ واري موڙکان مونکي گھليندو، گھر وٺي آيو، تون آفيس وارن کي سمجھائي ڇڏجانءِ ته ھو منھنجو ذڪر توسان گڏجي اچڻ جو نه ڪن. مونکي ڌڪ لڳا آھن، مٿي ۾ چار ٽانڪا لڳا آھن، امان مٿي تي ھٿ ڦيري هميشه لاءِ موڪلائي وئي آھي، متان مونوٽ موبائيل به نه رھي، سو تون مون لاءِ گھڻو ڪجھ ڪيو آھي؟ مونسان گڏ منھنجين ڀينرن جو ڀرجھلو ٿيو آھين، ڀائرن جي مدد ڪئي اٿئي پر منظر تي نه آيو آھين، جنھن لاءِ تنھنجي مھرباني، زندھ ھوندس ته قرض لاھيندس، نه ته معاف ڪري ڇڏجانءِ.

اکين آڏو اوندھ اچي ٿي وڃي، فيصلو نه پي ڪري سگھيم ته ڇا ڪيان، دعا لاءِ وڃان نه وڃان، . . . . . .

مون کيس دير ڇو ڪرائي، الائي ڇا سوچي کيس ڌڪ ھنيا اٿئون. . . . . . . . . . اھڙا ڪيترائي سوال اڀرندا ۽ جمع ٿيندا رھيا جن جو جواب نه صبح وٽ ھو ۽ نه شام وٽ، رات ڏنگيندي رھي ۽ صبح شام ۾ تبديل ٿيندو رھيو.

سندس ماءُ جو ٽيجھو ٿيو، مونکي پڪ ھئي ته ھوءَ ضرور رابطو ڪندي، ليڪن ھفتو گذري وڃڻ باوجود ھن رابطو نه ڪيو۽ نه ئي سندس نمبر کليو، مٿان اين جي او وارن جو فون اچي پھتو

“سائين توھان جي اميدوار ڊيوٽي جوائن نه ڪئي، اسان اسڪول وارن کي ڪھڙو جواب ڏيون. “

ادا اميدوار جي امڙ جو انتقال ٿي ويو آھي، فلحال ڪو رسپانس ناھي، ڪا اڳڀرائي ٿي ته توھان کي ٻڌائيندس، توھان فلحال پنھنجو سيٽ اپ جوڙي وٺجو، ۽ ڊئريڪٽ خط وڪتابت به نه ڪجو.

اوڪي سر اسان ته توھان جي ڪري کيس سھوليت پئي ڏني، جيئن اوھان جي مرضي،

منھنجي ڳالھ کيس سمجھ ۾ اچي وئي ھئي.

مونوٽ ڪو اھڙو ٻيو ذريعو به ڪونه ھو جو ساڻس رابطو ڪري سگھان ھا، تنھن ڪري مٺي به ماٺ واري چوڻيءَ تي عمل ڪري ويٺس. .

. . . . . . . . . . . . . ‌. . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

وقت واريءَ جيان ھٿن مان وھندو رھيو، منھنجيون بدليون، پروموشن ٿيندا رھيا.

اوچتو طبيعت خراب ٿي پئي، ڊاڪٽر وٽ ويس، بلڊ پريشر چيڪ ڪرايم، ڊاڪٽر گلوڪوميٽر تي شگر چيڪ ڪئي ته رڙ نڪري ويس ۴۹۰ تائين انگ ھليا ويا، پرچو لکيائين، مٺاڻ بلڪل بند، واڪ ڪرڻ جو مشورو، آرام ڪرڻ جي صلاح، ٽڪين ڪيپسولن جي ٿيلھي ساڻ ڪري ڪلينڪ مان نڪري رھيو ھئس ته، نقاب ۾ ھڪ عورت ليڊيز ويٽنگ روم ۾ داخل ٿي رھي ھئي. اکيون ڏٺم ته رڪجي ويس، ھن بيھي پوئتي نھاريو. نرڙ تان نقاب ھٽايائين ته چانديءَ جون تارون چمڪي پيون، نڪ تان نقاب ھٽايائين ته اھوئي گلاب چھرو، جن کي مون ھٿن ۾ جھلي ڪڏھن چميو ھو. ٻرندڙ نيڻ جن جو ڪجل ڪٿي وڃائجي ويو ھو. لھندڙ سج جا پاڇا مون سندس نيڻن ۾ پسيا.

ڪيئن آھين؟

منھنجي سوال تي ھن ٿورو مرڪيو

ڪيئن ھجڻ گھرجي؟ چھرو نه پڙھيئي ڇا؟

مان وري سندس چھري کي ڏسان ٿو ته ھن جي چپن تي مرڪ ڦھلجي ٿي وڃي.

ھاڻي ڇاٿو ڏسين؟

نرڙ تي ٽانڪن جا نشان

ڪنھن جون ڏنل شيون سنڀالي رکيون اٿم، مرندس تڏھن به ٽڪي جيان نرڙ تي چھٽيل ھوندا، سڄي عمر ئي ته ٽانڪا ھڻندي گذاري اٿم، پر ڪوبه ڳنڍجي نه سگھيو آھي.

مٿي ڇانوَ ڪيئي؟

جن جا مٿا اگھاڙا ھجن اھي ڪھڙيون ڇاوون ڳولھيندا، پر تو ھي دوائون ڇو کنيون آھن

پيار مان، . . . . . شگر ٿي وئي آھي

ھن مڪ اولاري “ايڏو مٺو ٿيندين ته کاڄي ويندين ڪجھ ڪڙو به ٿيءُ”

ڪنھن سان ڪڙو ٿيان، ڪو تو وانگي وڙھي به ته

ھا پر تون ھتي ڪيئن خير ته آھي، منھنجي سوال تي ھوءَ ڪنڌ لاڙي بيھي رھي

“ٻڌائين ڇو نٿي “

مونکي به شگر ٿي وئي آھي

ھان

نه ايڏو پيار ڏئين ھان، نه ڪس ڪرين ھان

ھن جون اکيون چمڪي رھيون ھيون

ھن رئو ھيٺ ڪري پنھنجا چانديءَ جھڙا وار ڍڪيا ته منھنجي اکين اڳيان اوندھ ڇائنجي وئي.

ھوءَ ڪاريڊور مان پوئتي نھاريندي گم ٿي وئي

منھنجون اکيون ترورا تروا ٿي. ھڪ گول دائري ۾ گم ٿي ويون.

 

(ابراھيم کرل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment