Monday, December 26, 2022

طوفان ۾ ڪکائون گهر- ڊاڪٽر مرلي ڌر

محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب “طوفان ۾ ڪکائون گهر” تي هڪ راءِ

ڊاڪٽر مرلي ڌر



سائين محمد علي پٺاڻ سان هڪ کان وڌيڪ رشتا آهن دوست، همٿائيندڙ، انسان دوست ۽ نظرياتي، مان لهڻا ڪونه تنهن هوندي به هي ڪتاب انهن منهنجي نالي ارپڻ ڪيو آهي. مان سائين جو ٿورائتو آهيان.


مسلسل لکڻ، محمد علي جي هڪ انوکي سڃاڻ آهي. گهٽ ليکڪ ائين مسلسل لکندا رهندا آهن. لکڻيون هميشه عام ماڻهن جي مسئلن جو اظهار هونديون آهن. هي ننڍڙين ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب آهي، ننڍڙيون پر بامقصد، هو فقط لکڻ خاطر ڪو نه ٿو لکي. هو پاڻ به لکي ٿو ته جيڪي ڪهاڻي جي حقيقي ۽ سچي تخليق لاءِ ڪشٽ ڪاٽيندا آهن، ڪهاڻي انهن جي جگر جو رت پيئندي آهي، ڪردار انهن جو چين آرام، حرام ڪري ڇڏيندا آهن.

محترمه ماهتاب محبوب لکي ٿي محمد علي پٺاڻ جون “وڏي وٿ واريون ننڍڙيون ڪهاڻيون” اِهي واقعي ائين ئي آهن. ڊاڪٽر نواب ڪاڪا لکي ٿو محمد علي پٺاڻ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ جو اهم ڪهاڻيڪار آهي. ڊاڪٽر شير مهراڻي لاءِ محمد علي پٺاڻ سماجي سائنسدان ۽ نقاد ڪهاڻيڪار آهي. سماجي مسئلن کي جيڪو سمجهندو ۽ انهن تي لکندو اهو واقعي سماجي سائنسدان آهي. محمد علي پٺاڻ سماج لاءِ، سماج تي ۽ سماج خاطر ٿو لکي. ڪهاڻي “بخشش” ۾ مفت علاج جي اهميت کي اجاگر ڪندي هو ڪهاڻي جي ڪردار کان اِهو ٿو چورائي ته اکين جو ڊاڪٽر ٿيندي ئي يا عمر ماڻهن جو مفت علاج ڪندس. هو اِهو لکي چوڻ ٿو چاهي ته مفت علاج حق آهي ٿورو ناهي. ڪِهاڻي “بادشاهي ڪرسي” ۾ هو سماج ۾ طاقتور ماڻهن جي زيادتين ۽ چاپلوسي ڪندڙ ۽ ٻين جي ننگن کي پنهنجو ننگ نه سمجهندڙن کي وائکو ڪري ۽ اسان جي اڏوهي کاڌل سماج جي نيچ پڻي کي ظاهر ٿو ڪري. وڏيرو ڪمدار کي چوي ٿو ته اها تو واري ڌيءَ ڦاپل جڏهن کان ساماڻي آ مونکي پنهنجي بادشاهي صفا اڌوري ٿي لڳي.“ ٻيو ڪنهن کي چوان ۾ هڪ پاسي پٽ جي غربت وڌي مجبوري کي پڌرو ٿو ڪري ته ٻئي طرف وري ٻارن جي پنهنجي مائٽن سان زيادتي جي نشاندهي ٿو ڪري.“ جنهن ۾ ٻار ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مائٽن کي پنرائڻ کان به ڪونه ٿا ڪيٻائين. ڪهاڻي “هنيانوءَ ۾ چهنڊي” ۾ ڪتي جي چڪ ۽ ڊينگي مڇر کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت کاتي جي ڪتن جي نس بندي ۽ ڊينگي مڇرن کي مارڻ لاءِ مڇين جي استعمال تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته خبر ناهي ته حڪومت جي مک ڪرسين تي ويٺل اهڙي کِل واري فيصلي تي ڇو نه ٿا قدم کڻڻ. ڪتن مارڻ جو رواج اسان وٽ پراڻو آهي. ڪتا به ساهه وارا آهن. مهذب دنيا هاڻي انهن کي ماري ڪو نه ٿي اها ڪتن کي ويڪسين ٿي لڳائي ۽ مهذب دنيا ۾ اوهان روڊن رستن تي ڪتا ائين کليل نه ڏسندا. اتي جانورن جو قدر گهڻو آهي سو اهو صحت کاتي جو فيصلو ڪجهه قدر درست آهي. نسل گهٽائڻ لاءِ نس بندي ڇاڪاڻ ته اسان جي سرڪار انسانن کي ڪونه ٿي سنڀاري سگهي ته ڪتن کي ڪيئن سنڀاريندي بهرحال اِهو ڪتن کي مارڻ کان بهتر عمل آهي پر سڀ کان بهتر اِهو ٿيندو ته ڪتن کي روڊن تي گهمڻ نه ڏجي ۽ انهن کي سرڪار پنهنجي ذمي ۾ وٺي ۽ ويڪسين لڳائي. ڪتي کي ويڪسين لڳائڻ بهتر آهي. ڪتا مار مهم غير انساني عمل آهي. ڪهاڻي “ٻي باهه”۾ عورتن سان ظلم ۽ زيادتي جو ذڪر آهي ۽ ٽيڪنالوجي جي غلط استعمال جي نشاندهي آهي. جڏهن ماڻهن کي سزائون نه ملنديون ۽ مجرم قانون جي هٿن مان نڪري ويندا ته پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي. ڪهاڻي “نوان دروازا کلندا” ۾ سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جي اشتقاقي لغت متعلق لکيو آهي. جنهن جو رهيل ڪم سندس پٽ ڊاڪٽر اسلم سنديلو جيڪو منهنجو ڪلاس ڀائي آهي ۽ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو گڏجي پورو ڪيو آهي. ڪهاڻي “سمڪ” سماج ۾ نياڻين جي شادي ڪنهن لالچ تحت وڏي عُمر جي ماڻهو سان ڪرائڻ جو ذڪر آهي. ان ڪهاڻي جو انت سماج ۾ ايندڙ آهستي آهستي چڱائي ۽ سجاڳي جو اظهار آهي.“ٿڃ نه بخشينديسانءِ” ڪهاڻي به سماج ۾ ٿيندڙ چڱاين ۽ بهتري طرف اشارو ٿي ڪري ۽ اهڙي ماءُ جو ذڪر آهي جيڪا پنهنجي ٻارن کي چڱو سبق سيکاري بهتر معاشري قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

محمد علي پٺاڻ جيڪو ڏٺو آهي، محسوس ڪيو آهي ۽ جنهن تجربي مان گذريو آهي ان جو ايمانداري سان اظهار ڪيو اٿائين، ڪو وڌاءُ يا نعريبازي ڪو نه ڪئي اٿائين.

“وري نه ٿيندو” ڪهاڻي پڙهندي به اِهو ٿو لڳي ته اسان جو سماج مهذب ۽ سمجهدار ٿيندو پيو وڃي.“مان راضي آهيان” ڪهاڻي به اسان جي سماجي مسئلي کي ٿي ظاهر ڪري. ٻارن کي شادي مائٽن جي مرضي سان ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي اهم مسئلي جو اظهار به آهي ته پئسي جي چمڪ ڪڏهن ڪڏهن متيون منجهائي ٿي ڇڏي. اِهو اهڙي هر سماج جو مسئلو آهي جتي پئسو وڏي اهميت ٿو رکي پيار، محبت، رشتا ناتا ايترا اهم ناهن. پر دنيا هاڻي انهن مسئلن مان جند ڇڏائي چڪي آهي ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جن کي زندگي گذارڻي آهي انهن کي هر فيصلي جو اختيار هوندو آهي. اسان وٽ اڃان به خاندان جو رشتن ڪرائڻ ۾ عمل دخل رهي ٿو. طب جي سائنس ويجهي مائٽي ۾ شادي جي منع ٿي ڪري ڇاڪاڻ ته پيدائشي بيمارين جو خطرو وڌي ويندو آهي.“ڇڪ پنڌ کي” ڪهاڻي ۾ دڪاندارن جي پئسي ڪمائڻ جي حوص جي نشاندهي ٿيل آهي. مجبور کي ڪيئن لٽجي ان جو اظهار آهي. ماڻهن ڪورونا جهڙي وبا ۾ به مال ڪمايو ماسڪ، دوائون، سينيٽائزر سڀ مهانگا ڪري ڇڏيائون. ڪهاڻي “ڪيئن اکيون ٻوٽيندي” سماج جي اهم مسئلي کي ٿي ٻڌائي ته ڇا شادي کان اڳ ڇوڪري ڇوڪرو جا سمورا ٽيسٽ ٿيڻ گهرجن. هن ڪهاڻي ۾ ته ايڇ آءِ وي ٽيسٽ جو ذڪر آهي. اسان وٽ جيئن ته اڳ ۾ ايڊز کي مڃيو ئي نه ويو هيو ۽ چيو ويو ته اسان وٽ ايڊز نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته اسان جو ڪلچر مختلف آهي. محمد علي پٺاڻ انتهائي اهم مسئلي تي قلم کنيو آهي. شادي سڄي زندگي جو معاملو آهي، سوال ڏکيو آهي. شادي هڪ ٻئي تي ڀروسي، اعتماد ۽ سڄي زندگي نڀائڻ جو معاملو آهي. رتيديري ۾ ته اِهو سرنج جي هڪ مريض کان ٻئي ۾ استعمال، خون بغير چڪاسن جي لڳائڻ ڪري ٿو. ايڊز جو هڪ سبب جيڪو اهم سبب آهي “بغير بچاءُ وارو جماءُ” ڪهاڻي ۾ اٿاريل سوال سائنسي ته ضرور آهي پر ان جا مستقبل ۾ ازدواجي زندگي تي ڪهڙا اثر پوندا اِهو ٻنهي تي ٿو مدار رکي.“اندازو لڳايو” ڪهاڻي اسان جي معاشري جو سچ آهي ۽ عام ماڻهو سان ظلم. اهو مهذب معاشرن ۾ ٿئي هتي ڪونه. ڊاڪٽر جي نسخي کانسواءِ ميڊيڪل اسٽور تي دوا ملندي ئي نه. اسان وٽ انڌير نگري آهي ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. فقط لائسنس هجڻ ڪافي ڪونهي پر جنهن جي نالي تي لائسنس آهي ان جو دڪان تي ويهڻ به ضروري آهي. ڪجهه ته اسان وٽ اڃان قانون ئي ٺهيل ڪونهن. جهڙوڪ ڊاڪٽر جو نسخو ضروري آهي. جيڪي قانون موجود آهي ان تي به عمل ڪونه ٿو ٿئي. اسان وٽ دوائن جي غير ضروري استعمال ڪري اينٽي بايوٽڪ کي جراثيم لفٽ ئي ڪونه ٿا ڪرائن.“نقل” ڪهاڻي، سگريٽ جي خلاف ماڻهن کي خبردار ڪري ٿي.“خفيه ڌنڌو” ۾ اسپتالن ۾ ٻارن جو ڪاروبار، ٻار بدلائڻ ۽ چوري ٿيڻ وارن ڪڌن ڪمن جي نشاندهي آهي. ڳورهاپي دوران الٽر سائونڊ ڪرائڻ جي فائدي کي به سمجهايو ويو آهي. فوتي ڪوٽا وري هڪ ٻيو قانوني مسئلو آ. جيڪڏهن سرڪار ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جو ذمو کڻي ته پوءِ پيئرن کي خودڪشي نه ڪرڻي پوي. انڌير نگري پهڻ ۽ پيچرو سماجي مسئلا آهن بغير چڪاس وارو خون ۽ ڊگري هٿ ۾ کڻي نوڪري لاءِ ڌڪا کائڻ “طوفان ۾ ڪکائون گهر” نوڪري پيشه ماڻهن سان انهن جي مالڪن طرفان زيادتي جو اظهار آهي. ٻڍاپي ۽ موت کانپوءِ جو سهارو جهڙي ڪا به سهولت خانگي نوڪري ڪندڙ ملازمن کي ڪونهي. ايماندار ماڻهوءَ جي واهر ڪرڻ وارو ڪو به ڪونهي.

محمد علي پٺاڻ جون سموريون ڪهاڻيون ڪنهن نه ڪنهن سماجي مسئلي جو اپٽار آهن، هي انهن مسئلن کي اجاگر ڪن جيڪي اسين سڀ ڏسندا رهندا آهيون. انهن مسئلن کي پنهنجي قلم جي نوڪ سان اجاگر ڪرڻ وارو وڏو نيڪ ڪم محمد علي پٺاڻ جو آهي. اِهو ڪتاب ضرور پنهنجي لائبريري جي زينت بڻائجي ۽ وري وري پڙهجي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment