Monday, December 26, 2022

عبدالواحد سومري جي ناول مس ڪال جو اڀياس - وحيدمحسن

عبدالواحد سومري جي ناول مس ڪال جو اڀياس

وحيدمحسن



پاٺڪ ۽ نقاد ڪجھ سال اڳ ۾ چوندا ھئا ته سنڌي ادب ۾ ناول جي تمام گهڻي کوٽ محسوس ٿئي ٿي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي انهيَ ڳالهه کي سنڌ جي اديبن ۽ ڪھاڻيڪارن اڃان به وڌيڪ سنجيدگيء سان ان طرف ڌيان ڏنو؛ ادبي محفلن ۾ ان تي بحث مباحثا ٿيڻ لڳا جنهن جي ڪري سنڌي ڪھاڻيڪارن پنهنجو اولين فرض سمجهندي ناول لکڻ شروع ڪيا ان سان گڏ شاعرن به ناول لکيا جنهن ۾ ايوب کوسو به شامل آهي ۽ محمد علي پٺاڻ ڪوتا ناول لکي نئون تجربو ڪيو اھو ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهي ان تي به نقادن کي لکڻ جي ضرورت آهي ۽ ھاڻوڪي ادبي وايو منڊل ۾ موجوده ڪھاڻيڪارن مان بيدل مسرور؛ رسول ميمڻ؛ اسحاق انصاري؛ اڪبر سومرو؛ ممتاز بخاري؛ ڪليم ٻٽ؛ حسيب ڪانھيو؛ انور شيخ؛ اختر حفيظ؛ منير چانڊيو؛ انور ڪليم؛ رزاق سھتو شامل آهن ان کان علاوه ٻيا به ناول نگار اڀري آيا آهن ڪجھ ٻاھرين ادب جا ناول به ترجمو ٿيا جنهن سان ناول کي ھٿي ملي انهن سان گڏ عبدالواحد سومرو به ناول نگاري ۾ پنھنجا جوھر ڏيکارڻ لڳو آهي سندس پھريون ناوليٽ ايلسا ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيو جنهن کانپوءِ جلد وري “مس ڪال “۲۰۲۱ع اوھان جي ھٿن ۾ آهي -


عبدالواحد سومري جو ھڪ ٻيو ناول به ڪمپوز ٿئي پيو جنهن جي شايع ٿيڻ کانپوءِ ان جي ھيٽرڪ ٿيڻي آهي جنهن کي ڏسي اھو محسوس ٿئي ٿو ته موجوده دؤر ۾ سنڌي ناول ترقي جي طرف وڌي رھيو آهي ۽ ناول جو رجحان اسان جي ادب لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو ۽ اھا سوچ سنڌي ناول جي لاءِ راھ ھموار ڪندي رھندي -

عبدالواحد سومري جو ناول ھونئن ته رومانوي آهي پر اھو اسان جي سماج سان به گهڻو ڳنڍيل آهي؛ جنهن مان سياسي شعور جو به ادراڪ ملي ٿو -

ھي ناول ڪراچي جي ماحول تي لکيو ويو آهي ۽ ھتان جي ماڻهو جي نفسيات جو فڪري جائزو آهي جنهن ۾ ناول نگار پنهنجي لکڻ جي صلاحيت سان ڪھاڻي کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي -

ناول شروع ته جميلا کان ٿئي ٿو جنهن جميلا نالي جي معلومات آرٽسٽ جيان ڏني آهي جميلا عورت به آهي ته جميلا روسي ليکڪ جي ناول جو نالو به آهي ۽ جميلا رستو به آهي -

ناول نگار صفحي نمبر ۱۲ تي لکي ٿو ته : “ھي رستو بندر سعيد منزل کان اي ون ريسٽورنٽ کان شروع ٿي؛ لياريء جي ٻڪرا پڙيء تي وڃي دنگ ڪري ٿو جنهن کي پراڻن ڏينهن ۾ “بارنيس اسٽريٽ “جي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو -

اڳتي وري لکي ٿو ته: “جميلا کليل ميدان تي گندي پاڻيء جي گٽرن ذريعي نيڪاسيء واري نظام جي پراڻي دؤر جي وڏي کوکي ٽائيپ پراڻي؛ بيرڪ نما عمارت آهي!”

ناول پڙهڻ سان دلچسپي وڌندي وڃي ٿي ھن ۾ ڪا عام رواجي ڪھاڻي ناهي پر ھي منفرد قسم جو ناول آهي ۽ ناول نگار واقعن کي پنهنجي آرٽ سان پيش ڪيو آهي ۽ ھن ناول جو مک ڪردار ھيرو سلمان جيڪو ھڪ اجنبي ڇوڪري صائما سان پيار ڪري ٿو جيڪا لاھور جي بزنس مين جي ڌيء آهي ۽ ٿئي ائين ٿو ته ھڪ اڻ واقف نمبر تان ان جي موبائيل تي مس ڪال اچي ٿي جنهن کانپوءِ اھي روز ڳالھائيندا رھن ٿا ۽ اھا دوستي پيار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي - “صائما ---- لاھور جي مھجبين؛ پريوش پنهنجي ذات ۾ سڀ تون ئي تون واري رمز ۾ ئي پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگهي؛ اھو روڳ ڪنهن ٻي شڪل ۾ سندس زندگيء کي ڏنگڻ جا سانباھا ڪري رھيو ھو - ھوء مسلسل زندگيء کان مايوس رهي؛ مس وڃي سلمان جي سايي ۾ ڪجھ بھارون ڏٺيون ھئائين؛ ويچاري سلمان جي ڪال اچڻ سان سندس آواز تي آبشار بڻجي مٿس وھڻ لڳندي ھئي - ان کان اڳ جو ھو کيس ڪنهن موڙ تي حاصل ڪري سگهي؛ پر سندس زندگي ھڪ روڳ ۾ داخل ٿي چڪي ھئي؛ ان روڳ ھڪڙي ناسور جي صورت اختيار ڪئي ھئي! پر ان جي پرواھ ڪرڻ بنا ھوء سمورو زندگي جو درد سلمان جي رس ڀريي آواز تي وساري ويھندي ھئي” -

صائما کي ڪينسر جو مرض ھو جنهن جي پھرين اسٽيج ھئي ان جي نشاندهي ڪنگ ايڊ ورڊ ميڊيڪل ڪاليج ھاسپيٽل جي ڊاڪٽر نذير ڪئي ھئي ۽ ان جي والدين کي چيو ھيائين ته علاج سان گڏ ان کي حوصلو ڏيو ته جيئن اھا مرض سان جھيڙي سگهي --- صائما اھا ڳالھ سلمان کي ڪو نه ٻڌائي ھئي ۽ بار بار سلمان جي خواهش ھئي ته صائما سان روبرو ملي پر ھر دفعي صائما ان سان انڪار ڪري ڇڏيندي ھئي ۽آخري ڀيري ته سلمان کي چئي ڏنائين ته ٻيھر ان ڳالھ جو مون سان ذڪر نه ڪجو اھا به ان جي رمز ھئي باقي ته موبائيل تي انهن جي ڪچھري ٿيندي رھندي ھئي -

سلمان سان ان جي سئوٽ شميم به بي انتھا پيار ڪندي ھئي پر ان جو اظهار سلمان سان ڪو نه ڪري سگهي ھئي؛ ڪنهن موقعي تي ان لاءِ خط به لکيو ھئائين پر اھو ان کي ڏئي نه سگهي ۽ پاڻ سان خود ڪلامي ڪندي خوابن ۾ سلمان سان پيار جي واديء ۾ گھمندي ھئي!

سلمان جي ماسات افشان به ان کي گهڻو چاھيندي ھئي ۽ وقت جو گھوڙو تيز ڊوڙي رھيو ۽ سلمان جي ماء خديجا پنهنجي ڀيڻ سان سلمان ۽ افشان جي رشتي جي ڳالھ سوري ته ان راضپو ڏيکاريو ڪجھ ڏينهن ۾ انهن جي مڱڻي ٿي وئي - افشان شڪي مزاج ڇوڪري ھئي ۽ سلمان کي پنهنجي سئوٽ شميم سان گڏ شاپنگ ڪرڻ تي به اعتراض ھوندو ھيس - ھوڏانھن شميم کي جڏهن سلمان ۽ افشان جي مڱڻي جي خبر پئي ته اھا انھيء رشتي تي گهڻو اداس ٿي پئي ھئي؛ شميم ايڇ ايس ٽي ھئي ان ڏينهن ڪلاس ۾ ليڪچر به ڏيڻو ھيس پر اھا ائين ليڪچر ڏئي رهي نه شاگردن کي سمجھ ۾ آيو نه وري پاڻ سمجهي سگهي ته ڇا ٿي ڳالھيان -

ناول جي ڪردارن ۾ ھڪ ٻي ڇوڪري شميم جي ڀيڻ نورين جو رضا سان لنوء لڳي وئي ته ھڪ ٻئي جي تمام گهڻو ويجهو ٿي ويا ۽ اھي پيار جي آخري سرحد ماڻي ويا ۽ نورين جي پيٽ ۾ رضا جو ٻار پلجڻ لڳو ۽ اھا ڳالھ عيان ٿي پئي ته انھن جي گهر ۾ اھڙي عمل تي گهڻو گوڙ به ٿيو پر پوء بدنامي کان بچڻ لاء سلمان جي چوڻ تي انهن جي سادگيء سان شادي ڪرائي وئي -

افشان جي سلمان سان مڱڻي ٿيل ھئي پر ھاڻي ھوء سلمان بدران پنهنجي ساٿي بئنڪ آفيسر سھيل سان گڏ رھڻ سبب ان جي پيار ۾ فدا ٿيڻ لڳي ۽ سلمان کان بدلو وٺندي ان سان تعلق ختم ڪري ڇڏيو ۽ انھيء تلخي کانپوء شميم  لاء رستو ھموار ٿيو -

رضا سان فيس بڪ تي ملتان جي ڇوڪري فائزا فرينڊ ھئي جيڪا ملتان جي تاريخ تي ريسرچ ڪندڙ ھئي ۽ ان رضا کي چيو ھو ته اھا ڪراچي جي تاريخي عمارتن ۽ بازارن تي تحقيق ڪرڻ لاء ڪراچي اچڻ پئي چاھي جنهن کي رضا ويلڪم ڪيو ته پوء اھا پنهنجي وقت تي ڪراچي آئي ۽ رضا جي گهر اچي مھمان ٿي -  فائزا مڊل ڪلاس فيملي جي آزاد خيال ڇوڪري  ھئي ۽ ان پنهنجي گهر وارن کي اھو   اطلاع ڪري ڇڏيو ته اھا پنهنجي فرينڊ جي گهر ترسيل آهي - فائزا پنهنجي شيڊول مطابق ريسرچ شروع ڪئي جنهن ۾ ان سان رضا جو مڪمل سھڪار شامل رھيو ۽ ھو ڪراچي جون تاريخي  عمارتون وزٽ ڪن پيا ته پوء فائزا رضا کي چوڻ لڳي؛  ناول نگار ڪتاب جي صفحي نمبر 100 تي لکي ٿو ته : " ھاڻي لي مارڪيٽ ھلبو "

لي مارڪيٽ جو ٻڌي رضا بائيڪ کي ڪڪ ھنئي؛ فائزا پويان ويھي رهي -

" ھنن بازارن تي لکڻ مان ڪھڙو فائدو !"

" ھي ته تاريخي ورثو آهن -" فائزا کيس سمجھائيندي چيو -

" ايندڙ نسلن کي خبر پئي ته سندن تاريخ ڪيتري مالامال آهي -"

رضا ۽ فائزا ٿوري وقت ۾ ھڪ ٻئي جي گهڻو ويجهو اچي ويا ۽ آخر ڪار اھي گهر ۾ اڪيلائي ملڻ کانپوء اھي ٻئي وجود ھڪ وجود بڻجي ويا -

ھوڏانھن سلمان افشان جي تلخي کانپوء ذھني طور پريشان ٿيو ۽ پوء پاڻ سان فيصلو ڪري ماء کي به راضي ڪيائين ته جيئن شميم سان شادي ڪري ۽ پوء شميم به سلمان جي گهر اچڻ وڃڻ لڳي ۽ انهن جي مڱڻي به ٿي چڪي ھئي -

سلمان جو موبائيل تي صائما سان به عشق چوٽ چڙهيل ھو ۽ اھا ان جي ذهن تي گهڻو ڇانئيل ھوندي ھئي ھن وري صائما جو نمبر ڊائل ڪيو ھو ته نا آشنا آواز ٻڌي تجسس ۾ اچي ويو ھو ۽ ان سان صائما جي ڀيڻ پئي ڳالھايو ٺيڪ انهيَ ڏينهن صائما جو آپريشن ٿيڻو ھو؛ سلمان ان کي چيو ته مون کي ان جي خير آفيت جو اطلاع ضرور ڪجو ۽ پوء ڪال ڪٽجي وئي - سلمان اھڙي خبر ٻڌڻ کانپوء ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو ۽ اھو رستي تي گھري سوچ ۾ ھيو ته ان کان موبائيل ڦر ٿي وئي ۽ سلمان کان ڄڻ ڪنهن زندگي کسي ھجي ڇو ته موبائيل ۾ صائما جو نمبر سيو ٿيل ھو !----

”مس ڪال ناول ۾ دلچسپي جا سڀئي رنگ ڀريل آهي خاص ڳالھ اھا به آهي ته ان ۾ ڪردارن جي نفسيات کي آرٽسٽ جيان پيش ڪيو ويو آهي ۽ منظر ڪشي به ڪمال جي آهي ۽ ناول پڙھندي ڪٿي به بوريت جو احساس نٿو ٿئي ۽ ڪھاڻي پنهنجي جمالياتي رنگ سان پڙھندڙ کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي وٺي ٿي ۽ ھن ناول جي حوالي سان مان اھو چوندس ته ليکڪ پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو ۽ ڪھاڻي کي زندگي جو عڪس بڻايو ويو آهي جنهن ۾ ڪراچي جي ماحول ۾ رھندڙ ڪردارن جي نفسيات کي عيان ڪيو آهي؛ ناول جو ڪلائيميڪس به شاندار آهي ۽ پڙھندڙ آخر تائين ان مان زندگي جو احساس ماڻي ٿو جيڪا ناول نگار عبدالواحد سومري جي وڏي ڪاميابي آهي.

No comments:

Post a Comment