Saturday, December 17, 2022

ڪيملاٽ جو بڻ بنياد - ڪليم ٻٽ

ڪيملاٽ جو بڻ بنياد

افسانو

ڪليم ٻٽ



جڏهن کان ڏمر سنگهه راڻي جو ٽيڪٽون وٺڻ وارو ڌندو بند ٿيو هو تڏهن کان ئي هن جي ذهني حالت به عجيب ٿي وئي هئي. جيئن ئي سيارو ايندو هو ته ڏمر سنگهه تي اهو دورو پوندو هو ته هو ڪو وڏو محقق ۽ لفظن جي بڻ بنياد جو عالم آھي. شروع شروع ۾ جڏهن ڏمر سنگهه کي اهڙا دورا پوندا هئا ته مائٽ پراڻا پادر ۽ بصر سنگهائيندا هئس، پر انهن جو هن تي ڪو به اثر نه ٿيندو هو ۽ پنهنجي ڳالهه شد مد سان ڪندو رهندو هو. مائٽن به بيزار ٿي ڏمر سنگهه مان هٿ ڪڍيا.


پر هن جا ڀاڳ ڀلا هئا يا هن وٽ وڏن ماڻهن کي خوش ڪرڻ ۽ سندن چاپلوسي جا ڪي اعلي قسم جا گر هئا جن جي ڪري اڌ پڙھيل، گهٽ پڙھيل ۽ اڻ پڙھيل ماڻهو هن جي واهه واهه ڪرڻ لڳا، هن کان ليڪچر ڪرائڻ لڳا ۽ ايئن ڏمر سنگهه جو نالو سرڪاري نلڪن کان ٿيندو منتري جي ڪنن تائين پهتو. هي منتري به وري منتري هو ڏسڻ ۾ ته سنتري لڳندو هو پر هتان جي مائروڙن هن کي منتري ڪري ڇڏيو. جڏهن ڏمر جون ڳالهيون سرڪاري نلڪن مان ٿينديون منتري جي ڪنن تائين پهتيون ته منتري وقت وڃائڻ بنا اهو حڪم ڪيو ته ڏمر سنگهه راڻا کي ترت هن جي درٻار ۾ پيش ڪيو وڃي. ڏمر سنگهه کي ته ورهين کان ان موقعي جو انتظار هو سو هڪ ناسي پيتي جنهن کي هن ليپ ٽاپ جو نالو ڏنو هو کي ڪلهن تي رکي منتري جي درٻار ۾ اچي پهتو.

“ها ڏمر ڏيکار پنهنجو ڪرتب....” منتري مڇون وٽيندي چئس. ڏمر سنگهه اها پيتي جنهن کي هو ليپ ٽاپ چوندو هو کوليندي منتري جي شان ۾ قصيدو پڙھڻ لڳو:

“منهنجا آقا اوهان جهڙو عظيم منتري نه ڪنهن اڳ ڏٺو نه ٻڌو ۽ ايندڙ هزار سان تائين نه ايندو. ڏمر جون هي ڳالهيون ڏمر جي ذات لاء نه پر اوهان کي تاريخ ۾ امر ڪرڻ جو آب حيات آھن. تاريخ ۾ اوهان جي عظمتن تي ايترو لکيو ويندو جو ماڻهو پڙھي پڙھي ٿڪي پوندا، قلم لکندي لکندي گسي ويندا پر اوهان جون عظمتون نه کٽنديون.”

ڏمر جون اهي ڳالهيون ٻڌي منتري گد گد ٿيڻ لڳو. ايتري ۾ ڀت تي روشني ٿي ۽ هڪ قلعي جي تصوير ظاهر ٿي. ڏمر ان تصوير ڏانهن اشارو ڪندي ڳالهايو:

“آقا هي رهزن انگريزن جي هڪ بادشاهه نالي آرٿر جو ڪيملاٽ وارو قلعو آھي. پر آقا منهنجي تحقيق موجب هن جو نالو اسان واري ڪاڪ محل تان چوري ڪري رکيو ويو آھي. ڏسو آقا پهريون لفظ ڪيم ڪاڪ سان ملي ٿو ڪاڪ مان انگريزن ڪان ڪيو ۽ وري ڪان مان ڪيم ڪري ڇڏين. اتي وري ليڊي مورگينا نالي هڪ مائي به رهندي هئي. پر آقا منهنجي تحقيق موجب هوء ليڊي مورگينا نه پر پاڻ واري مائي مومل هئي. آقا انگريزن اهو سڄو قصو پاڻ واري مومل راڻي جي قصي تان چوري ڪيو آھي. مان پنهنجي تحقيق ذريعي هن ڌرتي جي چورايل علم کي مٽائي مائروڙن کي ڏيڻ گهران ٿو.” ڏمر ڳالهائڻ بس ڪيو. منتري ڳالهائڻ جي وچ ۾ ڏمر جي هٿ لوڏڻ واري انداز مان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن جي تحقيق لاء پنهنجي خزاني جا سڀ در کولي ڇڏڻ جو حڪم ڏنائين.

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment