Saturday, December 24, 2022

جيب خرچ - غفار سومرو

جيب خرچ

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



رسيس ٿيندي ئي هرپاسي کيڏندڙ ڪڏندڙ ننڍڙن ٻارڙن کان پاڻ بچائيندو اسڪول جو مين گيٽ اڪري سامهون ئي روڊ جي هن پار لائبريري طرف وک کنيم. تڏھن اوچتو هڪ رڪشا ذري گهٽ مٿان چڙھي آيو. ڊرائيور زوردار هارن ڏيئي رڙ ڪندي چيو” پري هٽ!”


مون پاڻ سنڀاري کنيل وک پوئتي موٽائي ۽ پٺيان بيٺل سبزي واري ريڙھي جو پاسو ورتم، ايتري ۾ رڪشو اڳيان وڌي ويو.

انهيء مهل اچانڪ منهنجي ساڄي ٻانهن ۾ اڄاتو هٿ پئجي ويو، مان پنهنجي خيالن ۾ گم هئس، پر ٻانهن ۾ پيل هٿ جي سگھ مان محسوس ٿيو، هٿ جي پڪڙ نرم، نازڪ ۽ ڪومل آهي، منهن ڦيري ڏٺم ته تعجب حيراني ۽ بدناميء جي خوف وچان هڪدم سياري جي ڪچڙي منجهند هوندي به منهن تي پگهر ڦڙا اڀري آيا.

پنهنجي ٻانهن ۾ مضبوطيء سان کپيل هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي آهستڙي چيم” هٿ ڇڏ! اهو ڇا ٿي ڪرين. سڄي بازار جا ماڻھو پيا ٿا ڏسن!”

وڏيون سهڻيون ڀوريون اکيون کڻي بي حجاب منهنجي منهن ۾ نهاريندي چيائين” ڪونهِين ڇڏان! تون پهرين مِنان ماستر تو پرچائي ڏي. “

پنهنجي وچڙي ويل ساھ جو سٽ سلجهائيندي هر پاسي کان نهاريندڙ نظرن کان پاڻ بچائيندي چيو مانس” پنڻ ڇڏي سگهين ٿي!؟”

کاٻي هٿ ۾ جهليل اسٽيل جي ڏولي ۾ پيل کليل پئسن کي کڙڪائيندي چوڻ لڳي” ننڍڙي رو کاڌو، موالي گهر واڙي رو نشو پتو، ٻيجو اُوئي رو سمورو ڏينهن هوٽل تي ٻيسي فلمان جوئنڻ، چانهيان پيئڻ رو خرچو ڪٺو ڪرڻ لئه مانجو پِنڻ جروري هئي!”

چيم” پيار پائڻ چاهين ٿي ته هي پنڻ وارو ڌنڌو ڇڏڻو پوندئي. . . . . “ سندس گلابي موڪري گول چهري تي ڀورڙن وارن جي چڳ کي لڏندي ڏسي ٿوري وقفي بعد ٻيهر چيم” ٽوٽي نڪمي مڙس کي چئو ته ڪو ڪم ڌنڌو ڪري. يا وري تو واري يارڙي ماستر کي ٿو چوان ته هو تنهنجو خرچ ڀري!”

هڪ پل لاء سندس خوبصورت اکيون چمڪي پيون پر وري الاء ڇو سندس اکين جي پڇڙين وٽ ڳوڙھا وهي آيا.

سندس ڳلن تي ڳوڙها ڏسندي منهنجو من به اداس ٿيندو ويو. پنهنجي دوست ماستر سان سندس ننڍي لا کان محبتن جو اکين ڏٺو شاهد هيس. سندس ڀورڙن سنهڙن وارن واري ٻانهن ۾ هٿ وجهي پنهنجي ٻانهن ڇڏائيندي چيم” ٺيڪ آھي اڄ شام ماستر کي تنهنجي پارت ڪريان ٿو اميد ته هو منهنجو چوڻ ڪونه ريٽيندو تون هاڻ مون مان هٿ ڪڍ!”

“ هيڪي بات سُڻان پڇي، ، ، ، ، “ هوء منهنجي وائڙائپ مان محضوض ٿيندي چوڻ لڳي”تان جو پگهار ڪِتو هئي!؟”

“ گنج آ. ماشاء الله ڀلو گذارو ٿئي پيو!” مون وراڻيو

هوء منهنجي ٻانهن مان هٿ ڪڍي هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجي منهن ۾ چتائي ڏسندي پڇڻ لڳي” تانجو روز رو خرچو ڪِتو اي؟!؟”

حيران ٿيندي وراڻيم” منهنجي روز جي جيب خرچ ۾ تنهنجو اڌ يا ٽيهائي!؟”

چوڻ لڳي هُونئن تو ائين ئي پئي پُڇان اندازي ڪاڻ!”

“سگريٽ چانه وغيره ملائي جلائي سئو ڏيڍ روزانو بس!” مون حساب ڪندي چيو

هن ڀرسان گذرندڙ هڪ ماڻھوء آڏو اسٽيل جو ڏولو اڳيان ڪندي خيرات گهري. جنهن کيسي ۾ هٿ وجهي هڪ رپئي وارو سڪو سندس ڏولي ۾ اڇليو. هن ڏولي ۾ پيل کليل سڪن کي کڙڪايو ۽ ذري گهٽ روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين” هُونئن آپري نڪمي گهر واڙي رو سارو خرچو ئي اڄ جائي ٿي بند ڪران!”

وراڻيم” سهي فيصلو ڪيو اٿئي!”

هوء حجائتي ٿيندي چمڪندڙ اکيون کڻي مون ڏانهن نهاري چوڻ لڳي” تون مِنان ماستر تو پرچائي ڏي. همين هُونئن بس رڳو ننڍڙي ري کاڌي ٻيجو ماستر نان جيب خرچي ڏيڻ لا ڏيڍ سئو جيترو پِنينس!!!”

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۱۷ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment