Saturday, December 24, 2022

هڪ ڪهاڻيڪار جي ٻئي ڪهاڻيڪار سان ملاقات - غفار سومرو

هڪ ڪهاڻيڪار جي ٻئي ڪهاڻيڪار سان ملاقات

غفار سومرو



ماڻھو يونيورسٽي پڙھڻ لاء ايندا آهن ۽ پوء نيٺ آخري سال جي آخري ڏينهن ۾ هميشه لاء وڇڙي ويندا آھن. پر اسين يونيورسٽيء ۾ پڙھڻ دوران ڪونه مليا هئاسين اسين ته بس رڳو ملڻ لاء يونيورسٽي ۾ مليا هئاسين.


تڏھن چئبو ته اسين وڇڙيا ڪونه آهيون ۽ پڪ آھي ته هڪ ٻي کي ياد نه ڪندي به وساري ڪونه سگهنداسين!

وساريندا ته اسان هونئين به ڪنهن کي ڪونه آھيون ۽ نه ئي ياد ڪندا آهيون ڇو جو وسرڻ جو تعلق ياد ڪرڻ سان ۽ ياد ڪرڻ جو واسطو وسارڻ سان آهي!

آءُ بيٺو هوس Quest نواب شاھ جي سينٽرل لائبريري جي اڳيان لان ۾ پوکيل بيد مشق جي هڪڙي ڊگهي سفيد وڻ هيٺان. تڏھن پري کان ڏٺم ته سامهون روڊ سان هو آهستي موٽر سائيڪل تي ڄڻ پنڌ هلندو هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندو پئي آيو. ان کان پهرين جو سندس مشتاق اکڙيون ڪنهن مھ جبين جو مهانڊو پسي کيس ٿاٻڙائي ڪيرائي وجهن. مون جلدي وچان پنهنجو هٿ اڀو ڪندي کيس پنهنجي پوزيشن واضع ڪري ڇڏي.

هن موٽر سائيڪل کي ڄڻ ڪن کان پڪڙي مون ڏانهن موڙي ورتو ۽ ويجهو اچي بريڪ تي لت ڏني. سئچ آف ڪندي چاٻي ڪڍي موٽر سائيڪل اسٽينڊ تي بيهاري ابتي لانگ ورائي لهي پيو ۽ پوء مرڪندي مون کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو.

هي هيو پيارو دوست امداد ڪانهيو! جيڪو رڳو مون سان ملڻ لاء سئو سوا سئو ڪلوميٽر جو پنڌ پٽي ڳوٺ احمد خان ڪانهيو ضلع ميرپور خاص کان هليو آيو هو يا کڻي چئجي ڇڪجي پنهنجو پاڻ آيو هو!

بلڪل ائين جيئن اسان واري شهر وارو هڪڙو همراه عورتاڻي آواز تي هرکجي رانوتي ڪچي واري ٻيلي ۾ وڃي لٿو هو.

پر هتي معاملو ڪجھ ٻيو هو ڇو ته هي يارڙو مرداڻي آواز تي هرکجي هليو آيو هو ۽ اها به اميد آهي ته گهڻو مايوس ڪونه ٿيو هوندو ڇوته سندس وڪيلاڻي نظر وڏي تيز هئي جيڪا هر هر مون ڏي پيار ۽ پاٻوھ وچان کڄندي ٿي رهي! باقي غيب جي گدو چوي خبر خاوند کي!!

پر هن يار پاڻ اعتراف ته ڪيو آهي جيئن لکي ٿو” فاصلا وڌائڻ سڀڪو ڄاڻي، پر فاصلا گهٽائڻ هر ڪنهن جي وس ڪونهي! ۽ جيڪو فاصلا گهٽائي ڄاڻي، سو ئي مُحبتون ماڻي ڄاڻي.

فاصلا گهٽائڻ وارو هي دلبر ماڻهو، محبوب شخصيت، پريت جو پرچارڪ جڏهن ڏهرڪي مان اُسهي ٿو ته نه صرف پيار جي سنيهي سان ساري ٿو پر ڪتاب جهڙن انمول تُحفن کي به سانڍيو اچي ٿو. “

ته من امداد ڪانهيو مٿين سٽن ۾ “ڏھرڪي” ڊليٽ ڪري ميرپورخاص لکو ۽ پوء اهي ساڳيا احساس مون پاران به ريڪارڊ تي رکو ته مهربانيون ٿينديون!!

ڪينٽين جي ڪنڊ ۾ چانھ جي چسڪين تي ڪچهري شروع ٿي. اول اول مون ڏھرڪيء واري سنگت جا سلام دعائون عرض رکيون ۽ پاڻ رڳو سانگي شبير ڪنڀر جو مون سان ملاقات لاء سنڀريل هجڻ جو ٻڌايائين. جنهن کي به ڪنهن ويساري سبب وساري هليو آيو هو. پوء به سانگي شبير ڪنڀر جا وڏا وڙ جو ملاقات لاء سنڀريو ته سهي!

ساڻ ئي مڌ ماٽي جهڙي مدهوش ڪندڙ شاعر مٺو سانگهڙائي سان هڪڙي فون ڪال تي حالي احوالي ڪرايائين. مٺو سانگهڙائي گهڻو زور ڏئي زور ڀريو ته سانگهڙ هليا اچو ته مڇيء سان ماني کارائينداسين ڇو ته اڄ ڪالھ کيس رڳو ٿيلها ۽ ڏنڀرا ئي گفٽ ٿي رهيا آھن. پر پاڻ ست ڪونه ساريو ۽ هتي به ڪم گهڻو هو ۽ ماڻھو کپن پيا. ٻيو ڊپ هي به هو ته ڪٿي مٺوء واري مڇيء سان گڏ مٺو وٽان عام جام ملندڙ پاڪ پاڻيء ۾ تڙڳندا نه رهجي وڃون ۽ پٺيان هڪ عدد پرائمري ٽيچر دوست ۽ ٻه ڳڀرو ڇوڪرا راهن ۾ رُلي وڃن!

ڪچهريء ۾ دنياوي دستور موجب گهڻن ئي غير حاضر دوستن جون گلائون ڪرڻ کان پوء گهڻن ئي سهڻن سريلن سنگتين کي سٺن لفظ ۾ به ياد ڪيوسين جن ۾ سرفهرست مشهور ڪهاڻيء، ، سگريٽ ڪٿان دکائجي، ، جي رائٽر سائين ضراب حيدر، نفيس طبيعت جي مالڪ سائين طارق قريشي، مشهور نقاد ڪهاڻيڪار سائين خليق ٻگهيو، امداد ۽ مون سان گهڻو پيار ڪندڙ بزرگ دوست سائين رزاق سهتو، انور ڪليم، هوش محمد ڀٽي، سنهڙو سهڻو ڪهاڻيڪار سائل مهراڻ ۽ هو يارڙو ڇا نانءُ اٿس! ها سڀ کان پيارو ڪهاڻيڪار شبير لغاري کي به وارو ڏنو سين. ان سان گڏوگڏ ڪجھ ليڊي ڪهاڻيڪارائن تي به ٻه ٽپا ڳالهاياسين.

بس نه ڳالهايوسين ته اصل ئي ڪونه ڳالهايوسين رڳو ان موضوع تي جنهن لاء پڪو پھ ڪري چڪا آهيون ته، ، هاڻ نه ئي ان موضوع واري ڀلي کان ڀلي پوسٽ تي راء ڏبي نه لائق هڻبو ۽ نه ئي ڪڏھن ڀل چڪ ۾ پنهنجي پاران ڪا پوسٽ رکبي!”

ملياسين کلياسين ۽ جڏھن شام جا پاڇا ڊگها ٿيندي ٿيندي صفا سمهي پوڻ جون تياريون ڪرڻ لڳا تڏهن، ، موڪلاڻي ڪونهي سدائين گڏ، ، چئي پنهنجي پنهنجي روڊ ڪڇي سين!!

پيارا امداد ڪانهيو!!

هي هئي پنهجي پهرين روبرو ملاقات .

جنهن لاء مون رات ئي تو کي لکيو هو ته؛ هڪ ڪهاڻيڪار جو ٻئي ڪهاڻيڪار سان مکاميلو ڄڻ هڪ چور جي ٻي چور سان ملاقات. ڇا ڇا نه ڊاڙون ڇڪيون هوندائون. . . . . . !!!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

چنڊ اچڻو هو

هڪڙي اجائي شخص جي هرڀرو جي تعريف. . . . .

امداد ڪانهيو

اُها رات سموري چنڊ جي پويان ڊوڙيو هئس، پر اُن رات چنڊ نه اُڀريو!

مهيني جا پهريان ڏينهن هئا، چنڊ سوير اُڀري سوير لهي پئي ويو. وقت جو حساب هو يا پڇاڙي اڳياڙي جو ڪو منطق! پر سِگهو ئي خبر پئي چنڊ اُڀرڻو نه هو، چنڊ اچڻو هو.

سانجهيءَ ۷ وڳي کان اسُر ويل ٽي، ساڍا ٽي وڳي تائين خُدا جي پٽ پڌر مان خُدا پاران ئي وارث قرار ڪيل مخصوص ٻنيءَ جي ٻارڙي تي پنهنجي همراهن سان وهندڙ پاڻي جي نگهباني ڪندي ۽ سماج جي ڪُجھ ڪُڌن ماڻهن کان مقرر وقت جو مختص ڪيل پاڻي بچائيندي، اُها سڄيءَ رات، ڄڻ رات جي اوندھ سان نه، سماج جي اوندھ سان جهيڙيندي گُذري. ڪُجھ بي شرم، بي شناس ماڻهو، ضمير ماري شريف لاءِ چالاڪ ۽ مٿي اُگهاڙي سامهون چاپلوس هوندا آهن، اُنهن کان پاڻ بچائڻ لاءِ اڪثر اوجاڳا ڪري، انيڪ راتيون ٻنيءَ تي هِن دور ۾ اڃان به پوکن سان پچي پارڻيون پون ٿيون، اهو به هڪ نشو آهي!

اُن نشي جي مڌُر سنگ کان ساٿ ڇِني اسُر جو موٽيو هئس، ۽ وري ايندڙ صبح ساجُهر ئي اُٿڻو پيو، جو سويري سويري ٻِج ڇٽڻو هو. ٻِج ته همراهن پئي ڇٽيو، پر ڌرتي جو عشق ڌرتي کان دُوري تي قائل ئي ڪونهي! بس پوءِ اُنهي ڪِرت ۾ اُها ئي پوکي سوکي جي ڊُڪ ڊوڙ جاري هُئي ۽ اوجاڳيل اکيون موکي جي پئماني وانگر سرمست هيون ته هُن جي قسمتي ايندڙ فون ڪال اچي وئي!

“من. . . . . ؟

“جي من!

“من پهرين تاريخ ڪُئيسٽ اچبو، جيڪر تون به ڪُجھ اڳتي اچين ته من وھ وا”

مون هُن کي جام ڏٺو هو، جام گڏ هُن سان گُهميو هئس! پر روبرو ڪڏهن به نه مليو هئس. گڏ گُهمڻ ۽ ڏسڻ مڪان ۾ ڪونه هو، لامڪان ۾ شايد هُجي! پر هُن جي نيينڍ ۾ سِڪ هُئي، سِڪ مون کي ڇِڪ پاتي، پر تڪڙو جواب ڏئي نه سگهيس. تجسس ته منهنجو به وڌيو هو، دل ته منهنجي به چاهيو هو، روبرو ساڻس ملجي ۽ کيس ٻُڌجي ته لفظ “وٺيو” جهڙن کي اُترادي لهجي ۾ “ورتيو” جهڙو ڪيئن ٿو چئي اُچاري!

ڳالھ اُتي آئي وئي ٿي وئي، جو مون واندڪائي جو سوچيو پئي، ايندڙ ڏينهن جو وچور پئي نهاريم، جو سُڀاڻ پرينهن اُن شريف نفس ڌوڪيباز سان به ملڻو هو، جنهن اٺ مهينن کان معزز لِبادي ۾ مُنهن لِڪائي روز پئي ڪُوڙ ۽ ٺڳيءَ جا بهانا ڪري پنهنجي هلڪائپ ظاهر ڪئي. بي عزت ماڻهو ٻين کي به بي عزت سمجهندو آهي ۽ پنهنجي عزت ته ڪُوڙ سان وڃائيندو آهي، پر پنهنجي وڏن جي عزت به پنهنجي ڪُوڙن ۾ خاڪ ڪندو آهي! خير رات وري هُن ڳالهايو، “من. . . .

ڀوڳ ڪندي چيومانس، “اچبو بس ڀاڙو هٿ ڪريان رُڳو!”

ڀاڙئي جي پويان ڀڄڻ کان مُڙس جي ڪڍ لڳجي، اها چوڻي ساريندي مون ڪُوڙي سان پوءِ اچي ملڻ جو سوچي ورتو، پهرين دوست جي نينهن ڀرئي نياپي تي لبيڪ ڪجي واري پڪ پرين کي ڏني ۽ پوءِ پهرين تاريخ فاصلن کي رد ڪندو ڪڪر جان اُڏاڻو ٿي ويس! ڪا ڇِڪ هئي جا ڇِڪيندي پئي وئي!

هُو به ته ڪلوميٽر کُٽائيندو فاصلا مِٽائيندو پئي آيو! فاصلا سوڙها ٿيندا ڇِڄندا پئي آيا، سانگهڙ جي ويجهو ٿيندي ويچاريم گهڻا ئي ڀيرا سانگهڙ مان گذرندي مٺوءَ جو مياري رهيو آهيان، اڄ ته بي ساهي کي ساهي ڏيڻ بهاني مٺوءَ جي درڪار ديدار کي به شِفا ڇو نه کڻي ڏجي؟ ڪجھ پل اُتي فوٽو واريءَ مڇي جي غير موجودگي ۾ مٺوءَ ۽ محترم مجيد مڱريو سان دل ورنديون ڪري، وري جو اُڏاڻس، ته سامهون ڪُئيسٽ هئي!

مزاجن کُهري شهر جي چائنٺ تي پُڄي پڇيو مانس، “ڀائو ڏي خبر؟ اچين پيو يا مون کي گهرائي پاڻ گهر ويهي رهين؟”

“ڪُئيسٽ جي مرڪزي در وٽ بيھ بس پُڄان پيو. “

بس پوءِ ڪُئيسٽ پُڄي در گُذري سامهون اڳتي اچي، جوڙن کان پر ڀريون وڇوڙن جهڙيون ڪرسيون ڏسي، انهن اڪيلين ڪرسين مان هڪ تي اڪيلو ئي ويهي رهيس. ڪي پل ئي گذريا ته هن رابطو ڪيو، “ڪٿي من؟”

۽ مان هڪ ڀيرو وري پکي ٿي پيس، ڦيرو پٽي سامهون ٿيس، پريان سامهون هُو ائين پري کان نظر آيو، جيئن ڄڻ ايامن کان گڏ هو! بِنان ڀلجندي بنان سوچيندي ۽ سڃاڻڻ ۾ بنان دير ڪرڻ جي هُن اتان ئي پنهنجا ٻئي هٿ مٿي ڪيا ۽ منهنجي سواري جو ڪنڌ پاڻ مرادو اُن پاسي ڍرڪي پيو.

 آجيان مون کي ڪرڻي هُئي پر آجيان لاءِ هُو منتظر بيٺو هو، منهنجي لهندي هُو ٻکين پئجي ويو، سندس هاٺي اڳيان منهنجو وجود ڊينڊڙو هو. مان هُن جي ڀاڪر ۾ سمائجي ويس ۽ هُو پنهنجي شهر مان جيڪي به ڀاڪر کڻي آيو هو، سي سڀ لڳاتار پپيون جهپيون پائيندي هُن جھٽ مون کي ارپي ورتا ۽ پوءِ هٿ هٿن ۾ هو ۽ ڪُئيسٽ جي پُر سڪون رستن تي قدم گڏ هيا، هُو منهنجو هٿ جهلي ۽ مان هن جو هٿ پڪڙي ائين هلي رهيو هئس، جيئن هُو ڪنهن ٻار کي شام جو آڱر جهلي شهر جون گهٽيون ۽ رستا گُهمائي رهيو هجي.

نوابشاھ جي ماڻهن جي مزاج جي خبر ڪونهي، پر اُن ڏينهن نوابشاھ جو ڏينهن گرم هو، جنهن جو احساس نرڙ تي اڀري آيل پگهر جي بوندن ڪرايو پئي ۽ پاڻي جي طلب ۾ ڪئنٽين تي مختصر چانھ ۽ ڌار ڌار ڪش جي گڏجي پيل دُونهين جي ڇانءُ ڪهاڻي کان ڪهاڻيڪار تائين اسان کان پنڌ ڪرايو، پُڄايو ۽ پوءِ ڪٿي بيهاريو ته ڪٿان وري واپس موٽايو.

اسان سدائين پري کان گڏجي ٽهڪ ڏنا هئا، هُن ڏهرڪي مان ۽ مُون سنڌڙي مان! پر اُن ڏينهن اسان گڏجي روبرو ٽهڪ ڏنا، اسان ٻنهي جي حسرت يا تمنا رهي هئي، يونيورسٽي پڙهجي، پر اسان يونيورسٽي پڙهي نه سگهيا آهيون، يونيورسٽي ۾ مليا ضررو آهيون.

اُهو ڏينهن اسان هر پل ڀر ڀر ۾ رهياسين، ذڪر پنهنجا، پرايا، دوستن جا ڪياسين، سندس چواڻي گِلائون به خوب ڪيوسين، شڪوه شڪايتون اسان ٻنهي وٽ هيون ڪونه! سِڪ هُئي جنهن ۾ سلهاڙيا رهياسين، ساڻس گڏ آيل معزز مهمان اسان کان لاتعلق رهيو، سندس سمجھ ۾ اسان جهڙا چرٻٽ اچڻا نه هئا، وقت گذرندي تِک ڏيکاري ۽ پوءِ. . . .

۽ پوءِ موٽڻ به ضروري هو!

رهيل ڀاڪر هُن ارپيا ۽ اسان موڪلائي ورتو جو اُها موڪلاڻي نه هُئي، اميد هئي وري وري ملڻ جي! تڏهن به موڪلاڻيون دل اداس ته ڪنديون آهن!

سڀن کان آخر ۾ وڃي ڪار ۾ ويهندي هُن هٿ لوڏي اشاري سان باءِ جو آٽو گراف ڏنو، جيڪو منهنجي اکين جي ڪاغذ تي لکجي ويو!

ٻئي پل هُو پنهنجي شهر ڏهرڪي روانو ٿي چُڪو، پويان مان اُهو ئي اڪيلو هئس! منهنجو ساٿي جي هو ته بس اُهو گهوڙو هو، جنهن جي سواريءَ سدائين هڪ ساٿ وانگر مون سان رهي آهي!

واپس ورندي مون نه ڏٺو چنڊ اُڀريو آهي يا نه!؟

باقي مون محسوس ته ڪري ورتو هو چنڊ مليو آهي ۽ چنڊ جون ڳالهيون پاڻ سان پاڻ ڪندو پئجي ويندڙ رات ۾ وري مان لهر لهر ٿي ڇُلي پيس ۽ ڇُلندو ڇُلندو سانت سان اڪيلو اڪيلو واپس وري پيس.

اُهو چنڊ هو منهنجو دوست عبدالغفار سومرو آف ڏهرڪي سنڌ ۽ جيڪو سنڌي تُز ڪهاڻي جو آهي غفار سومرو ۽ اسان دوستن ڀائرن لاءِ من آهي! من سان پهرين من ڀري ملاقات ٿي ۽ من واري ملاقات رهي.

سلامتيون پرين!!!!

 

(امداد ڪانھيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۴ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment