Friday, December 23, 2022

سفر - دريا خان شنباڻي

سفر

ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



“اونهان..... اونهان” ائي سهجان مبارڪون هجني پوٽي جون....

پوٽو ڄائو، نپنو، وڏو ٿيو، ڏاڏي مري وئي، ڏاڏو مري ويو، ماءُ مري وئي، پيءُ به گذاري ويو..... جوان ٿيو..... شادي ڪيائين، زال سان جيون گذاريائين، ٻچا ٿيس.... حرام الائجي حلال ڪمائي ٻچا وڏا ڪيائين.... ٻار وڏا ٿيندا ويا پاڻ پوڙھو ٿيندو ويو.... سُک الائجي ڏُک، ٻڻڪ نه ڪڍيائين، زال مري وئي، پاڻ به وڃي کٽ جهليائين.... مکيون مڇر ڪمزور هٿن سان تڙيندو رهيو، شام جو اولاد اچي هڪ هڪ ٿي پڇي “بابا ڪيئن آھين!؟”


“شڪر آھي” اها ئي ورندي.....

بيمار ٿيو، کائڻ پيئڻ ڇڏيائين، ڳالهائڻ به بند ٿي ويس ۽ نيٺ وڃي ڌڻيء پرتو.....

تڙ ڏيارايائون، عطر عنبير هڻي، جنازو پڙھيائون ۽ پوء کٽ ڪلهي ڪري وڃي قبر ڀيڙو ڪيائون..... جهٽ اڳ جنهن کٽ تي هڪ انسان سُتو هيو سا خالي کٽ هينئر ڪانڌين مان هڪ ڪانڌيء جي مٿي تي رکيل هئي..... ٽي ڏينهن تڏو ٿيو.... ٽيجهو..... جماڻو.... چاليهو........

ساڳي گهر مان ڪجھ ڏينهن کان پوء ٻار ڄائو.......

“اونهان اونهان.......!!!” ائي مومل مبارڪون هجني پوٽي جون........!!!

 

(دريا خان شنباڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment