Friday, December 23, 2022

ڪس هاسپيٽل - دريا خان شنباڻي

ڪس هاسپيٽل (Kiss Hospital)

ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



سالن کان ٺهيل “ڪس هاسپيٽل” جي بلڊنگ مريضن کان ته خالي هئي پر ان “ڪس هاسپيٽل” ۾ عملو ۽ مختلف ڊپارٽمينٽ موجود هيا.

مثال طور. ڪسيالوجي، ڪسيوٿراپي، ڪسياميسٽري....

شھر جي هڪ کدڙي رات جو پنهنجي ساٿي کدڙن سان صلاح مشورو ڪري اهو فيصلو ڪيو ته هو سڀاڻي “ڪس هاسپيٽل” وڃي پنهنجو علاج ڪرائيندو ۽ “ڪس هاسپيٽل” جو پهريون مريض بڻجي پنهنجو نالو  گنيز بوڪ ۾ لکرائيندو.


پنهنجن کدڙن دوستن کيس روڪيو ته؛ “جڏھن نر ۽ ماد ان اسپتال ۾ علاج لاء ڪونه ٿا وڃن ته پوء تنهنجو ڪهڙو ڪم؟” پر کدڙو ان ڳالھ کان لاپراھ بڻجي، سڀاڻي وڃڻ جو ارادو ڪري، سمهي پيو.

صبح جو سڀني کدڙن کان سوير اٿي، وهنجي سهنجي، ڪپڙا لٽا مٽائي، ميڪ اپ ۽ هار سينگار ڪري ٻين ستل کدڙن جي ڪنن ۾ سس پس ڪري نڪتو.

هو فوٽ پاٿ تان سٽاڪي چپل سان سٽڪ سٽڪ ڪندو اچي “ڪس هاسپيٽل” جي گيٽ جي سامهون بيٺو ۽ مٿي ڏٺائين ته وڏن اکرن سان لکيل هيو، “Kiss Hospital

هو اندر داخل ٿيو ته سامهون ڪس رسپشن ڏانهن وڌيو، جتي هڪ نوجوان ويٺو هيو پر ڄڻ صدين جو اوجاڳيل ۽ ٿڪل.... جڏھن کدڙو هن وٽ پهتو ته، ڪس رسپشن واري نوجوان پڇيو “جي حڪم ڪيو”

“مون کي پنهنجو علاج ڪرائڻو آھي” کدڙي تاڙو وڄائيندي چيو.

ڪس رسپشن وارو نوجوان ڦري اچي کدڙي کي چمي ڏني ۽ پوء واپس وڃي رجسٽر کولي نالو پڇيائين ته کدڙي پنهنجو نالو “ريما” ٻڌايو.

رسپشن تي ويٺل نوجوان رجسٽر ۾ نالو لکي پڇيو؛ “اوهان کي ڪهڙي تڪليف آھي!؟“

“هڪ کدڙي کي ڀلا ڪهڙي تڪليف ٿي سگهي ٿي، منهنجي بيماري دور ڪرڻ وارو ڪو ڊاڪٽر آھي؟” کدڙي چيو

“بلڪل ريما! هي سموري هاسپيٽل ئي اوهان جي هر بيماري کي ڀڄائڻ لاء کولي وئي آھي، پر سڀ کان پهريان اوهان هي ننڍڙي پرچي کڻي وڃي ڪس ليبارٽريء وڃو ۽ اتان اوهان کي ڪليئرنس ڏيندا ته اوهان کي ڪھڙو مرض آھي ان کان پوء هو ڪو ڊاڪٽر تجويز ڪندا”

“پر پهريان ته ڪو ڊاڪٽر ڏسي پوء ليبارٽري موڪليندو نه”

“نه نه ريما، اسان وٽ قصو ٿورو ابتو ۽ اونڌو آھي”

“اونڌو......!!”

“منهنجو مطلب آھي ته قصو ٿورو مختلف آھي”

“اڇا اڇا.....”

“سامهون ڪس ليب آھي اتي وڃو”

کدڙو سٽڪ سٽڪ ڪندو ڪس ليب پهتو ته ڪس ليب وارن پهريان ته کدڙي کان چميون ورتيون ۽ پوء چيڪ اپ ۾ لڳي ويا ۽ “مرض” ڳولڻ لڳا.

ٽيسٽون ٿيون ۽ نتيجو اهو نڪتو ته، ريما کي وڏي بيماري آھي، سو ان کي “سيڪسيالوجي” وارن ماهرن ڏانهن موڪلڻ کپي.

ريما کي ٻڌايائون ته، “ريما! اوهان هتان کان پهريان کاٻي ۽ پوء ساڄي مُڙي سيڪسيالوجي ڊپارٽمينٽ وڃو جتي اوهان جو علاج ٿيندو” پر کدڙو چئي “اوهان ئي مرض ڳولي لڌو آھي ته پوء اوهان ئي هڪ هڪ ٿي علاج ڪيو، مون کي ڪوبه اعتراض ڪونه هوندو.”

پر سڀني اهو چئي انڪار ڪيو ته اهو ڪس هاسپيٽل جي اصولن جي خلاف آھي.

ريما ضد تي ته، “اوهان علاج ڪيو، مان ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندم”

پر سڀئي جواب ڏئي ويٺا ۽ ويندي ويندي اها فرمائش ڪيائين ته، “ڀلا مُئا، سڀئي گڏجي ڪي سٺ ستر چميون ته ڏيو جيئن اڳتي مون لاء آساني ٿئي” سو سڀني ريما کي چميون ڏئي هٿ ڪڍي سيڪسيولوجي ڊپارٽمينٽ ڏانهن موڪليو.

هو جڏھن مطلوبه ڊپارٽمينٽ پهتو ته سمورا ڊاڪٽر ريما جي فزيڪل ٽيسٽ ۾ جنبي ويا........ سڀني ڊاڪٽرن هڪ هڪ ٿي ريما جي “هسٽري” ورتي.

هسٽريء کان پوء ريما ٻاهر نڪتو ته خوش ڏاڍو هيو پر هلڻ چلڻ کان ٿورو لاچار هيو.

هو واپس رسپشن واري نوجوان وٽ آيو ۽ چيائين “مون کي منهنجي فيس ڏيو”

رسپشن واري نوجوان چيو، “فيس ته اڃان تون ڏي، تنهنجو علاج ڪيوسين”

ريما چئي، “فيس مون کي ڏيو، اصل ۾ منهنجو علاج ڪونه ٿيو پر ڊاڪٽرن مون کان پنهنجو علاج ڪرايو”

ريما ۽ رسپشن واري نوجوان جي تلخ ڪلامي زوردار رڙين ۽ دانهن ڪوڪن ۾ بدلجي وئي ۽ “ڪس هاسپيٽل” جو سمورو عملو ٻاهر نڪري آيو ۽ ريما جون دانهون هجن ته، “مون کي فيس ڏيو”

بهرحال ڪيئن به ڪري ريما کدڙو ڪس هاسپيٽل جي عملي کان اها ڌمڪي ڏئي فيس ورتي ته، “نه ته مان عدالت ويندم ۽ اوهان جي خلاف دانهون رڙيون ڪندم ته، هڪ کدڙي سان هڪ اسپتال ۾ ڇا ڇا گذريو”

ڪس هاسپيٽل جي ڊاڪٽرن کدڙي مان جان ڇڏائڻ لاء پنهنجي پنهنجي کيسي مان هزار هزار جو نوٽ ڪڍي ريما جي کيسي ۾ وڌائون ۽ ريما خوش ٿي سٽڪ سٽڪ ڪندو پنهنجي مڙھيء پهتو جتي سندس ساٿي انتظار ڪري رهيا هيا ۽ ريما سمورا پئسا ڪڍي پنهنجي گروء جي پيرن تي رکيا ته سڀئي کدڙا خوشيء ۾ تاڙيون وڄائڻ ۽ نچڻ ۾ لڳي ويا.......!!!

ان ڏينهن کان پوء ڪس هاسپيٽل به بند ٿي وئي ۽ ريما کدڙو جڏھن به گيٽ وٽان گذرندو آھي ته ٻه پل بيهي هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري چوندو آھي “هاء هاء.... الائي ڪهڙن نڀاڳن هن اسپتال کي بند ڪري ڇڏيو آھي، وڏيون سهولتون هيون......!!! “

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment