Saturday, December 24, 2022

وارتا ابراھيم کرل

وارتا

ابراھيم کرل



چھري تي اداسي، ماحول کان لاتعلقي، پين سان ڊيسڪ تي لکڻ، بال پوائنٽ کي وات ۾ وجھي چڪ ھڻڻ، ۽ اسپرنگ کي دٻائي ٽڙڪ ڪرڻ، ڪلاس جي آخري بئنچ تي ويھي نرڙ تي ھٿ رکي، ڀرسان ويٺل سھيليءَ کي ڪن ۾ ڪجھ چوڻ، ۽ پوءِ پنھنجي پيرن ۾ پاتل پمپيءَ کي لڪائڻ، جھڙا عمل مون لڳاتار نوٽ پي ڪيا. ڪلاس ۾ پڙھائڻ دوران مونکي سئو سيڪڙو پڪ ٿي وئي ھئي ته ھوءَ اسان جي سماج ۾ ايندڙ تبديلين کان خائف رھي ٿي، ڇو ته ڪاليجي ڪڪيون جڏھن ڪاليج اچڻ لاءَ تياري ڪن ٿيون ته ھو پاڻ کي سنواري، ڪپڙا درست ڪري، چادر يا گائون پائي، پنھنجو اسٽائلش ٿيلھو کڻي ڪلھي ۾ وجھن ٿيون، ڪي اسڪارف پائين ٿيون ته ڪي وري برقعي جي نقاب ۾ اچي ڪاليج پھچن ٿيون، پر ھي واحد ڪاليجي ڪڪي آھي، جيڪا ٻھراڙيءَ جي ماحول مان سوين ڇڇورن ڇورن جي نظرن کان پاڻ بچائيندي، مٿان پاتل چادر سان منھن ويڙھي جڏھن ڪلاس رومز جي ٽن ڏاڪن وٽ اچي، ھڪ کٿل ۽ پکي ڀڳل موٽر سائيڪل تان لھي ٿي ته پنھنجو پاڻ ۽ پمپي لڪائيندي ائين ڪلاس ڏانھن جوه وجھي ٿي ڄڻ سندس من ۾ ڪيتريون ئي ڪميون ڪوتاھيون موجود ھجن. ھوءَ ڊائيس تي اچڻ کان لنوائي ٿي، ڊيسڪ تي ئي ڪتاب کولي ريڊنگ کي لڳي وڃي ٿي، ريڊنگ دوران ھوءَ ڪتاب مان نظرون نٿي ڪڍي، ڪريڪشن مھل به ھوءَ ڪتاب ۾ ئي ڏسندي رھي ٿي، ٺٺول تي به ھوءَ ٺٺول ڪندڙ ڇوڪريءَ ڏانھن نٿي نھاري. مسلسل ٽن پيرڊس کان پوءِ جڏھن رنگين ٿيلھا کلن ٿا ۽ رفريشمينت لاءِ ڪلاس ۾ ڪليڪشن ٿئي ٿي ته ھوءَ گرلس ڪامن روم ۾ ھلي وڃي ٿي، وقفي دوران ھوءَ سامھون ٺاھيل پارڪ ڏانھن نڪري وڃي ٿي، جتي گل پوپٽ، ڏسي ٿي، بيٺل ٻير جي ھيٺيان بيھي ٿي، ڏار کي ڌوڻو ڏئي ٿي ۽ ٻير ميڙي، ٻڪ ڀري، رکيل ڪولر مان ڌوئي اچي، آخري ڊيسڪ تي ويھي ٿي، ٻين سڀني ڇوڪرين جي اڳيان، چاٽ، سموسا، بسڪٽ چاڪليٽ، برياني، ڇولا، چاڪليٽ پيل ھجن ٿا پر ھوءَ ڪنڌ ھيٺ ڪري، ٻيرن سان سندن ساٿ ڏئي ٿي، ڪنھن جي به آفر کي قبول نه ٿي ڪري.


ڪاليج کان ھفتو گم رھڻ کان پوءِ ھوءَ جڏھن فارم ڀرائڻ لاءِ اچي ٿي ته پير پير ۾ ڏئي جڏھن منھنجي آفيس جي در تي بيھي ٿي ته سندس منھن چادر ۾ ويڙھيل آھي، ھوءَ مونڏانھن فارم وڌائي ٿي ته فارم تي پروفيسرن جي ڏنل اٽينڊنس ڏسي مونکي حيرت ٿئي ٿي، جيڪي ڇوڪريون سال ۾ ھڪ دفعو به نه آيون انھن کي به نائنٽي پرسنٽيج فارم تي ڏني وئي پر ھن فارم تي سيونٽي فائيو ورسنٽيج جي لڪير ڇڪيل ھئي. مون ڏٺو سندس نيڻن ۾ اداسي ھئي. ھن ڪابه ڊمانڊ نه ڪئي بال پوائنٽ وڌائي جيڪا چڪن سان چٻاڙيل ھئي، ھڪ دفعو مون کيس ڏسي چيو، توھان پروفيسرن کي ڇو ڪو نه چيو ته مان ريگيولر آھيان؟

سر مان صرف پويون ھفتو نه آئي آھيان جنھن جو به سبب آھي؟

ڪھڙو سبب آھي؟

ھوءَ منجھي بيھي رھي ٿي

ٻڌايو نه بابا؟

سر دراصل منھنجو بابا، ھاري آھي، پاڙي وارن جي زمين تي ڪم ڪندو آھي، کجين جي چاڙھپ ڪندو آھي، کائڻ لاءِ ان ۽ گھر کي ھلائڻ جو خرڄ مشڪل سان سال جو ھلي ٿو، ھتي مونکي شرمندگي ٿئي ٿي، ھر روز جي ۵۰ سوَ جي ڪري، جڏھن ڇوڪريون ڪجھ گھرائڻ لاءِ ڪليڪشن ڪن ٿيون، ۽ ڪليڪشن نه ڏيڻ تي جملي بازي ڪن ٿيون ته روئڻ اچي ٿو، روز روز جي جملي بازيءَ کان بچڻ لاءِ مون صرف ھڪڙو ھفتو گسايو جنھن جي سلي ۾ مونکي ھي اٽينڊنس ملي آھي، اھوئي منھنجو قصور آھي.

ھن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ٿا اچن، منھنجي ھٿ ۾ جھليل پين مهھنجي وات تائين اچي وڃي ٿي ۽ مان پين کي چڪ ھڻي، سوڄ ۾ پئجي وڃان ٿو.

 

(ابراھيم کرل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۵ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment