Saturday, December 24, 2022

هاسٽل، يوٽيوب ۽ هڪ ياد - ڪليم ٻُٽ

هاسٽل، يوٽيوب ۽ هڪ ياد

ننڍڙي ڪهاڻي

ڪليم ٻُٽ



خبر ناهي اڄ ويٺي ويٺي هن کي ڇا ياد آيو جو ليپ ٽاپ تي اهو گيت ٻڌڻ لڳو جيڪو هو سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھائي وارن ڏينهن دوران هاسٽل جي ڪمري نمبر ۱۷ ۾ ويهي هڪ رات ۾ ۲۷ ڀيرا ٻڌي ويو هو. ان گيت سان گڏ کيس پنهنجو دوست حليم به ياد آيو. جيڪو آء بي اي جي ان بئچ ۾ پنهنجي مستي مذاق ۽ کل ڀوڳ جي ڪري مشهور هو. هڪ ڀيرو جڏهن اهي اڃا پهرين سال ۾ هئا ۽ حليم سان هن جي دوستي پڪي ٿي وئي هئي ته آء بي اي جي ڪاروڊور ۾ سيمنار لائبرري کان گذريندي هن حليم کان پڇو:


“پيارا تون ايتري مستي مذاق ڪرين ٿو، ڪن ڪن ڪلاس مان اڙي به هڻي ڀڄي وڃي ٿو. . . پوء هي پيپر ڪيئن پاس ڪندين!”

ان تي حليم ڪلهي تي هٿ رکي چيس:

“پيارا تون ڪيڏي به مٿي ماري ڪرين پر مارڪون مان ئي توکان وڌيڪ کڻندس. “ ۽ سچ به ان سمسٽر ۾ حليم جن به پيپرن ۾ پاس ٿيو ان ۾ هن کان وڌيڪ مارڪون هئس.

هو هاڻي هڪ بئنڪ ۾ آفيسر هو ۽ ڪڏھن ڪڏهن حليم سان فون تي رابطو ڪري پراڻيون يادون تازيون ڪندو هو.

هي ان دور جي ڳالهه آھي جڏهن يونيورسٽي ۾ سمارٽ فون ۽ ليپ ٽاپ عام ٿي رهيا هئا. گرلس هاسٽل تي ڇوڪرين جي ته خبر ناهي ته ڇا ڪنديون هيون؟ پر بوائز هاسٽل تي ڇوڪرن تاس ۽ لڊو مان جان ڇڏائي ليپ ٽاپن ۽ سمارٽ فونن تي فلمون ڏسڻ سان گڏ يوٽيوب تي گانا ٻڌڻ شروع ڪري ڏنا هئا. جيئن ته ان دور ۾ چائنا جو ڪو به سامان مارڪيٽ ۾ وڏي انگ ۾ موجود ڪونه هو ان ڪري اهي مسڪين جن جي رسائي اڃا سمارٽ فونن تائين نه ٿي هئي اهي ڪاريڊورن جي ٺلهن کي ٽيڪ ڏئي بيهي ڪمرن مان ايندڙ گانن جي آوازن تي ڪنڌ لوڏيندا هئا ۽ نوڪيا ۳۳۱۰ ۽ ۲۱۰۰ تي نانگ واري راند پيا کيڏندا هئا. ڪئي ته ان راند اهڙا ماهر ٿي ويا هئا جو سندن نانگ نوڙي وانگي پيو وڪڙجندو هو.

انهن ڏينهن ۾ هن جمنا کي ڏٺو هو. جڏهن جمنا تي نظر پيس ته هن کان سڀ ڪجهه وسري ويو. هو جمنا لاء تڙپڻ لڳو ۽ حليم کي ٻڌايو هئائين ته هو جمنا سان عشق ٿو ڪري پر کيس چوڻ جي همت ڪونهي. جنهن تي حليم هن کي چيو هو:

“پيارا دير نه ڪر ۽ هن کي چئي ڏي. هن ڀيري پنهنجي بئچ ۾ ۱۸۰ شاگرد آيا آھن جن مان ۱۲۰ ڇوڪرا آھن هاڻي ٿيوري آف پراببلٽي جيڪا اڄ ئي ميڊم سائي پڙھائي آھي موجب هر ڇوڪريء جي ڪڍ گھٽ ۾ گهٽ ٻه ڇوڪرا ۽ جمنا جا آءُ باءُ ڏسي لڳي ٿو ته ٻن کان وڌيڪ پيارا دوست هن جي پٺيان هوندا. “

حليم جي اها ڳالهه هن غور سان ٻڌي ۽ سوچڻ لڳو ته هن کي جلد کان جلد جمنا کي دل جي ڳالهه ٻڌائڻ گهرجي.

ٻئي ڏينهن جڏهن هو ڊيپارٽمنٽ ٻاهران بيٺو ته جمنا کي هڪ وڏي ناسي سرڪاري گاڏي مان لهندي ڏٺو هئائين، هن سان گڏ سرڪاري گارڊ به هئا، جن جي هٿن ۾ آٽوميٽيڪ بندوقون هيون. انهن کي ڏسي هو ڊڄي ويو ۽ جمنا کان پري پري رهڻ لڳو. پر من اندر ۾ عشق جي باهه لڳل هئس.

هو پنهنجي بيوسي جي ڳالهه ڪنهن سان به نٿي ڪري سگهيو. ڊيپارٽمنٽ ۾ جمنا تي نظر پوندي هئس ته کيس بندوقن وارا گارڊ ياد ايندا هئا ۽ ڪنڌ جهڪائي ٻئي پاسي هليو ويندو هو.

هڪ ڏينهن هاسٽل جي ڪمري تي هو حليم سان گڏ ويٺل هو جو جمنا بابت هن کي ٻڌائڻ لڳو. حليم هن کي ڏاڍو ئي سمجهايو ته هو جمنا کي هڪ ڀيرو چئي ڏسي وڌ ۾ وڌ هوء نه ڪندي نه. ان سان ڳالهه ته هڪ پاسي ٿي ويندي.

پر هن ۾ نه ئي جمنا سان محبت جو اظهار ڪرڻ جي همت هئي نڪو وري هن جي نه ٻڌڻ جو حوصلو هئس. ان تي حليم مذاق مذاق ۾ يوٽيوب تي ڊاڪٽر جوشيء جو هڪ گيت هلايو:

“مشکل هے اپنا ميل پر يے

يه پيار نهيں کھيل پر يے

تم فوجي افسر کي بيٹي پر يے

ميں تو کسان کا بيٹا هوں

اس طرح گر هم چپکے پيار بڑا هين گے

تو اک روز تيرے ڈيڈي امريش پوري بن جائيں گے

هڈي پسلي توڑ کے پر يے

بھجوا ديں گے وه مجھے جيل پر يے

تم چکن سوپ برياني هو

ميں کنکر والي دال پر يے

تم ايک کے ۴۷ جيسي

ميں تو ديسي کٹا هوں

تم هسي مادھوري ڈکشٹ کي

ميں پوليس مين کي گالي هوں

گر جيل مجھے هو جائے تو

دل وا دينا بيل پر يے

تم سوني کا موبائل پر يے

ميں ٹيلي فون والا چوگا هوں

مشکل هے اپنا ميل پر يے

يه پيار نهيں هے کھيل پر يے. . . . “

يوٽيوب تي هلندڙ اهو گيت هوبهو هن جي حالت جي عڪاسي ڪري رهيو هو. هن کي اهو گيت اهڙو ته وڻيو جو اهو هن هڪ ئي رات ۾ ۲۷ ڀيرا ٻڌو. . .

ٽين سال جي پهرين سمسٽر ۾ هڪ ڏينهن جڏهن جمنا اوچتو ئي اوچتو ڪاريڊور ۾ هن جي سامهون اچي بيٺي ته هو ڏڪي ويو.

“اهو تو پاڻ نٿي چئي سگهيو!” جمنا اکيون ڏيکاريندي چيس.

“جي. . . . !” هن وائڙو ٿيندي جواب ڏنس.

“پهرين مون کي لڳو اهو وري حليم جو ڪو نئون مذاق آھي. پر هن قسم کڻي ڳالهه ڪئي. “ جمنا چيس.

هو اڃا به وائڙن جيان بيٺو رهيو، جمنا هن کي نمبر ڏئي هلي وئي.

اڄ وڏي وقت کانپوء وري هن کي هاسٽل جي ڪمري ۾ ٻڌل اهو گيت ياد آيو. هن آفيس ۾ ويٺي اڃا ان کي يوٽيوب تي هلايو مس جو هن جو موبائيل وڳو. جمنا جو نمبر هو، هن ڪال کڻي “هيلو” ڪيو.

“ها ٻڌو مان شاپنگ لاء پئي وڃا. ڪامي کي ممي وٽ ڇڏينديس هن کي اتان پڪ ته ڪندا اچجو. “

“اوڪي. . . . “ هن چئي ڪال ڪٽي ۽ ان سان گڏ يوٽيوب به بند ڪري ڇڏيائين.

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۴ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment