Monday, December 26, 2022

سنڌ ٻڏي وئي - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

سنڌ ٻڏي وئي

ٽن لفظن واري ڪھاڻي

ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري



سوشل ميڊيا تي ٻھ سال اڳ مون ھڪ اسٽيٽس رکيو ھو ته ٽن لفظن جي ڏکاري ڪھاڻي لکو. اھو ھڪڙو غير شعوري پر انتھائي داخلي ڪيفيت وارو سوال ھو، جيڪو سنڌ جھڙي خطي ۾ رھندي پاڻمرادو اڀري ايندو آھي نه ته دنيا جو نيٽ ورڪ کولي ڏسو ته تخليقي ادب لاءِ چيو ويندو آھي ته ٽن لفظن جي خوشي واري ڪھاڻي لکو پر اسان وٽ اھو لقاءَ ٻئي نموني ٿيندو آھي. دنيا ۾ ھيمنگوي جھڙي ليکڪ ڇھن لفظن واري ڪھاڻيءَ جي شروعات ڪئي. جنھن جي مختصر ڪھاڻي.


For sale, Baby shoes, Never worn.”

”وڪري لاءِ: ٻاراڻا جوتا، جيڪي ڪڏهن نه پاتا ويا.“

جھڙي مختصر ڪھاڻي لکي سموري صورتحال کي واضح ڪيو ويو. ان کان پوءِ تمام وڏن ليکڪن ڇھن توڻي ٽن لفظن واريون ڪھاڻيون لکيون. جيتوڻيڪ ساخت ۾ ٽن لفظن واري ڪھاڻيءَ کي نه مڃجي يا نينو ڪھاڻي يا فليش فڪشن کي به رد ڪري ڇڏجي پر ڪڏھن ڪڏھن مختصر ڪھاڻي تمام وڏو پيغام کڻي ايندي آھي.

عالمي سطح تي ڏسجي ته مارگريٽ ايٽووڊ Margaret Atwood کان ويندي Steven Meretzky، Stephen Baxter، Jeffrey Kent Eugenides، Rudy Rucker وغيره جي وڏي لسٽ آهي جنهن ۾ عالمي سطح جي مڃيل افسانه نگار کي دعوت ڏئي، ڇهن، اٺن ۽ ڏهن لفظن واريون ڪهاڻيون لکرايون وينديون رھيون آهن. اها مشق اسان وٽ موجود “طرحي مشاعري” وانگر آهي، جنهن ۾ هڪڙي ميدان جي هڪڙن دائرن اندر رهي پنهنجا جوهر ڏيکاريا ويندا آهن. اها وڏي درجي جي مهارتن مان هڪ اهم فني ۽ ادبي مهارت آهي. ان کانپوءِ ٽن لفظن واري ڪھاڻي به اچي وئي. ڪھاڻيءَ جي ساخت جو بحث ھڪ پاسي رکندي اسان ڏسنداسين ته اھو ھڪ اھم مورچو آھي ته ماڻھو رڳو ٽن لفظن ۾ پنھنجي درد ڪٿا بيان ڪري ٿا وڃن. ٻھ سال اڳ ان سڏ تي ۲۲۵ ماڻھن ٽن لفظن ۾ درد ڪھاڻيون بيان ڪيون ۽ ارادو اھو ھو ته انھن دردن کي ڪنھن درد جي ٿيوريءَ جي درجابنديءَ تي کڻي وڃي بحث ڪجي پر وقت جي مصروفيتن سبب اھو ڪم اڃا اڌورو ئي ھو ته ۲۰۲۲ع ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سنڌ جي انھن دردن کي ٻيڻو ڪري پيش ڪيو. مثال طور گذريل سال جي دردن ۽ ھن سال جي دردن ۾ درجابندي ڪجي ته ھڪڙي ڪلاسيفڪيشن اھا ٿيندي ته ان وقت ڪجھه بيان ڪندڙن جا ڏک داخلي ھئا. جيئن عشق، محبت، بيوفائي، دوستن يارن جي دغا، گھر ڀاتين جي بيوفائي يا پاڻ پنھنجي زندگيءَ کان بيزار يا زندگي بي معنيٰ وغيره پر ھن ڀيري واري درجابندي ھيئن ٿيندي ته ٻوڏ کانپوءِ تقريبن درد ڪٿا خارجي آھي. ٻيو ته ان درد ۾ سنڌ شامل اول آھي باقي پيڙائون پوءِ جون آھن. داخلي پيڙائون به اجتماعي پيڙائن ۾ شامل ٿي ويون آھن.

ھن ڀيري يعني ۸ سيپٽمبر تي ٽن لفظن واري درد ڪھاڻيءَ جي اينورسري موٽي آئي ته ظاھر آھي سنڌ جي ھن درد ناڪ سانحي کي ڪيئن وساري سگھجي ھا. ان تسلسل کي برقرار رکندي دوستن کي دعوت ڏني وئي ته ٽن لفظن ۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي حوالي سان ڪھاڻيون لکيون وڃن ته دوستن جي پيڙا اٻڙڪا ڏئي ٻاھر نڪري آئي ۽ دل کولي اظھار ڪرڻ لڳا. ظاھر آھي جيڪي دوست علم ۽ ادب سان سلھاڙيل آھن ۽ لکن پڙھن ٿا. اھي حساس ھجڻ ڪري ھن درد کي انهن وڌيڪ گھرائي ۽ پيڙا مان محسوس ڪيو آھي. ان ڪري سموري درد ڪھاڻي جيڪا ٽن لفظن تي مشتمل ھئي، ان کي وري درجا بنديءَ ۾ رکڻ جي ضرورت محسوس ٿي جنھن کي اسان ۱. سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن جي تباھڪاري، ۲. ھن تباھڪاريءَ جا ذميوار ۳. غلامي ۴. پيڙا ۵. سھائتا ۶. اميد ۽ تبديليءَ جو سڏ جي موضوعن ۾ ورھايو آھي. جن موضوعن تي دوستن جو چڀندڙ ڪھاڻيون يا درد ڪٿا آھن، انھن جو جائزو ورتو ويو آھي. ان ۾ سڀ کان پھرين موضوعاتي درجابندي سنڌ ۾ ٻھ ھزار ٻاويھه جي برساتن ۽ ٻوڏ جي حوالي سان آھي.

 

۱ - سنڌ ۾ برساتون ۽ ٻوڏ

ھن موضوع تي ڪيترن ئي دوستن ٽن لفظن جي ڪھاڻين جي ڀيٽا پيش ڪئي آھي. جنھن ۾ ٿلھي ليکي گھڻن دوستن “سنڌ ٻڏي وئي” جي نالي سان اظھار ڪيو آھي. ڪھاڻيءَ جي ٽن لفظن جي پيٽرن تي به پورو ٿي آيو ته اھو اظھار اظھاريو به گھڻن دوستن جن ۾ عين سحر، علي لاشاري، زاھد ڀٽو، جتوئي نويد، ارشاد سومرو، يحييٰ ٻپڙ، روماسا بلوچ، اسماعيل مھر ۽ ڪن ٻين ٽن لفظن جي ڪھاڻي ۾ لکيو ته “سنڌ ٻڏي وئي”. ان کان وڌيڪ ڪو تز اظھار شايد نٿو ٿي سگھي جو انھي درد پيڙا کي انھن ٽن لفظن کان اڳتي وٺي وڃجي. اھي ٽي لفظ سمورو منظر ڏيکارين ٿا. پر ھن موضوع تي ان کان سواءِ به اھم اظھار سامھون آيا آھن. جھڙوڪ احسان دانش لکيو آھي ته آئون انھي ڏَس ۾ ٻن لفظن واري ڪھاڻي لکان ٿو اھا آھي “لڙڪ، پاڻي”. پاڻي ۽ لڙڪ پاڻ ۾ ھڪجھڙائي رکندڙ عنصر آھن. لڙڪ پاڻيءَ ۾ ڪِرن ٿا ته خبر نٿي پوي ۽ ساڳئي ريت پاڻي ڄڻ لڙڪن جو درياهه ٿو ٺاھي. سنڌ ٻنھي عنصرن لڙڪن ۽ پاڻيءَ ۾ اڄ تر آھي. اڄ پاڻي ئي پاڻي آھي. ڊاڪٽر احسان دانش وري ٽن لفظن واري ڪھاڻي به ھيئن لکي ته “سنڌ، لڙڪ، پاڻي”. اھي ٽيئي لفظ به انھي سموري درد ڪٿا جو اظھار آھن. ساڳئي موضوع تي ڊاڪٽر محمد خان سانگي ھڪ درديلي ڪھاڻي لکي آھي ته “اسانجو ڳوٺ ھو”. الا الا، انھي ماجرا ۽ ٽريجڊي مان جيڪي گذريا انھن کي اھا ڄاڻ ھوندي ته ڪيئن ھڪڙو اجھو ٺھندو آھي ۽ پوءِ اھو اجھو ته ويو پر سمورو ڳوٺ ئي پٽ پئجي وڃي ته اھو درد بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي. سڪندر علي جي ڪھاڻي “برسات، برباد، دربدر” اسان کي روڊن جي ٻنھي پاسي ويٺل ماڻھن جو عڪس ٿي ڏيکاري ته ڪيئن برسات پڄاڻان سنڌي ماڻھن جي بربادي ٿي ۽ ڪيئن دربدري ٿي، جيڪي روز راشن لاءِ واجھائيندا ويٺا آھن ۽ قطارن ۾ ڌڪا پيا کائين. محمد ابراھيم کوکر جي مختصر ڪھاڻي “ٻاويھن واري ٻوڏ” به ھڪ تاريخي اظھار آھي. ان حوالي سان ھڪ بھترين ناول “ٻھ ھزار ٻاويھه” جي نالي سان لکي سگھجي ٿو. جنھن ۾ سنڌ جي پيڙا. ذميوار، غلامي جو طوق، سھائتا ۾ خردبرد، پيڙائن جو ذڪر ۽ اميد يا مستقبل جا آثار به ڏئي سگھجن ٿا. محمد ابراھيم جو اظھار ٻاويھن واري ٻوڏ ھڪ تاريخي علامت طور ياد رکيو ويندو. ساڳئي نموني بخشل باغي جي ڪھاڻي “پاڻي ئي پاڻي”، سائل مھراڻ جون ٽن لفظن واريون ڪھاڻيون “سنڌ، ٻوڏ، زندگي” يا “سنڌ، موت، زندگي” به المياتي اظھار آھن. صدام بجير جي ڪھاڻي “سڀ لڙھي ويو”، نازڪ شيدائيءَ جي ڪھاڻي “تعبير لڙھي وئي” ۽ زائرا نسيم جي ڪھاڻي “ڳوٺ ٻڏي ويو” به علامتي اظھار آھن، جن سان سنڌ کي ايندڙ تاريخ ۾ پسي سگھجي ٿو. ٻوڏ واري منظرنامي ۾ جيڪا چٽ ڪاري سڪندر علي جي آھي، اھا بنھه اھم آھي. جنھن جي ٽن لفظن جي ڪھاڻي “برسات، بربادي، دربدر” اھا تصوير آھي جيڪا اسان ھن مھل تائين ڏسي چڪا آھيون. ھي ڪھاڻيون برسات ۽ ٻوڏ جي پسمنظر ۾ اھي چٽساليون آھن جنھن ۾ اسان ھن دور کي ڏسي سگھون ٿا.

۲ - ذميوار

ھاڻي ٻي درجا بندي ڏانھن ھلجي ته جيڪا مٿئين تصوير ڪشي ٽن لفظن جي ڪھاڻي ذريعي ٿي آھي. ان کي ڏسجي ته ان ۾ تقريبن سڀني تخليقڪارن انھي تباھيءَ جو ذميوار حڪمرانن، پ پ ۽ زرداريءَ کي قرار ڏنو آھي. انھن تخليقڪارن ۾ سڀ کان اول نالو ڊاڪٽر طفيل چانڊيي جو آھي جنھن لکيو ته “تباھي قدرتي ناھي”. ھڪ انڪار اظھار جو اھم پاسو آھي جيئن ھڪ نئريٽو تخليق ڪيو ويو مٿين ۽ حڪمران طبقي ذريعي ته ھي قدرتي آفت يا مصيبت آھي پر ايئن ناھي. انھن تخليقڪارن ۾ ڊاڪٽر طفيل چانڊيو، شيراز احمد، عمر تيوڻو، بلال تبسم، امر کھاوڙ، ديال صحرائي، حزب اللھ سومرو، نديم چاولا، غوث محمد، علي لاشاري، محمد عثمان پلھه، زھرا جوڻيجو، مرتضيٰ ناز، ممتاز جروار، علي حسن احسن چڍڙ ۽ ٻيا شامل آھن.

گلزار پنھنجي ھڪ ترويني ۾ چوي ٿو تھ؛

ڪوئي چادر ڪي طرح کھينچي چلا جاتا ھي

ڪون سويا ھي تلي اس ڪي، جسي ڊھونڊ رھي ھين،

ڊوبني والي ڪو بھي چين سي سوني نھين ديتي!

گلزار جي ترويني ھوبھو انھيءَ ڳالهھ جي عڪاسي آھي، جيڪا ڳالهھ جھڏي مان ايوب کوسي ٻھ ڏينھن اڳ ٻڌائي ته رات جو سيپٽمبر واري برسات ۾ جڏھن ٻوڏ ستايل ماڻھن جي عارضي اجھن ۾ برسات راڱا ڪري وسڻ لڳي ته انھن ٻوڏ ستايل ماڻھن جي ٻارڙن ۽ عورتن ۾ رڙيون پئجي ويون ۽ انھن دانھون ڪري روئڻ شروع ڪيو، جو وٽن ان کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه ھو. رات جو ھڪ ته اھي شاخن يا بندن جي ڪڙ تي ويٺا ھئا. ٻيو چئني طرفن کان پاڻي ئي پاڻي ھو. وري مٿان زوردار مينھن وسڻ شروع ڪيو. انھي سموري تباھيءَ جي پٺيان ڪھڙا ھٿ ھئا؟ اھي ھٿ اسان کي ٽن لفظن واري ڪھاڻيءَ ۾ جن دوستن ٻڌايا. انھن تخليقڪارن ۾ ڊاڪٽر طفيل چانڊيو، شيراز احمد، عمر تيوڻو، بلال تبسم، امر کھاوڙ، ديال صحرائي، حزب اللھ سومرو، نديم چاولا، غوث محمد، علي لاشاري، محمد عثمان پلھه، زھرا جوڻيجو، مرتضيٰ ناز، ممتاز جروار، علي حسن احسن چڍڙ ۽ ٻيا شامل آھن.

طفيل چانڊيو لکي ٿو ته “وڏيرو، ڪامورو ذميوار”، شيراز احمد لکيو ته “اسان کي ٻوڙيو ويو”، بلال تبسم ته ھڪ تز ڪھاڻي ۾ ٻڌايو “پاڪستان پيپلز پارٽي”، عمر تيوڻي ٻڌايو ته “۽ ھنن ٻوڙي ڇڏيو”. امر کھاوڙ لکيو ته “پنھنجن ٻوڙي ڇڏيو”، مرتضيٰ ناز لکيو ته “پنھنجا غدار آھن”. ايئن مٿي ذڪر ڪيل تقريبن سڀني ماڻھن لکيو ته اھا قدرتي آفت يا مصيبت بدران پنھنجن ٻوڙيو آھي. شايد انھن کي پنھنجو چوڻ به غلط ٿئي ڇو ته جيڪي پنھنجي ھوندا آھن، اھي فقط اڄ جو نه سڀاڻي جو اونو به ڪندا آھن، جيئن چوندا آھن ته اھڙو ڪجھه ڪجي جو وسندي مينھن ۾ ڪم اچي. اھي حڪمران ان ڪري به ذميوار آھن جو سنڌ جا سمورا وسيلا گذريل ڪيترن ڏھاڪن کان انھن جي ھٿ وس رھيا آھن. اھي چاھين ھا ته ھر اداري جي بجيٽ ان اداري تي خرچ ڪن ھا ۽ ماڻھو اجھا، رستا، زمينون، درياهه، پاڻيءَ جا لنگھه اھڙا بڻائين ھا جو ھر مشڪل ۾ ڪم اچي ھا پر انھن ايئن نه ڪيو. انھن سنڌ کي وکر سمجھي پئي وڪيائون ۽ آخر ۾ ھر ماڻھو پنھنجي حال تي پيو جيئندو ۽ مرندو رھيو.

غلامي: غلامي اھم موضوع آھي جنھن جي نسبت اسان پنھنجي ماضي، پنھنجو حال ۽ پنھنجو مستقبل ڏسي سگھون ٿا. اسان ڇو پنھنجي وسيلن جا وارث نه آھيون؟ اسان پنھنجن وسيلن کي پنھنجي ڌرتيءَ تي خرچ ڇو نٿا ڪري سگھون؟ اھا اسان جي سماجي غلامي، سياسي غلامي، علمي غلامي ۽ عملي غلامي ئي ڪنھن نه ڪنھن صورت سامھون اچي ويندي آھي. ٽن لفظن واري ڪھاڻي ۾ حاڪم علي لغاري لکيو ته “سنڌ قبضي ھيٺ”، ظاھر آھي وڏيرڪي يعني اندروني قبضھ خور ھر ھنڌ وڏيرڪي شڪل ۾ موجود آھن، جيڪي جاگيردار وڏيرا آھن. مير آھن، پير آھن. جيڪي ذھني طور سنڌ کي غلام رکيو ويٺا آھن. ٻيو شھري زندگيءَ کي يوپي ۽ سي پي مان آيل ڌاريا قبضا خور آھن جن کي ھن ملڪ جي وارثن پاران طاقت ۽ اختيار ڏنا ويا آھن ته توھان ڌرتي ڌڻين کي آزار ۾ وجھي سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪريو. اندروني قبضي خورن سان گڏ ٻاھريون قبضا خور ھن ملڪ جي اشرافيا به آھي. ساڳئي نموني محمد يوسف جويي لکيو ته “ھاءِ غلام سنڌ!!!”. جويو صاحب جو اظھار انتھائي طاقتور اظھار آھي. سنڌ جي مظلوم ۽ غريب ماڻھن جي تصوير ئي سماجي، سياسي ۽ معاشي غلامي واري آھي. گلزار چواڻي؛

جو لکھو گي، گواھي دي دون گا

ميري قيمت تو منه پر لکھي ھي

“پوسٽل پوسٽ ڪارڊ” ھون مين تو.

سنڌي ماڻھن جو منھن به پوسٽل پوسٽ ڪارڊ وانگر آھي، جنھن تي سڄو ڪجھه تحرير ٿيل آھي. جيستائين اجتماعي طور ھيءَ قوم انھيءَ حالت کي پڙھي وٺي ۽ مفھوم سمجھي وٺي ته ان مفھوم جو عملي ردعمل به سامھون ايندو ھڪ ڏينھن.

پيڙائون: ھنن برساتن ۽ ٻوڏ ۾ سنڌي ماڻھن جون پيڙائون اڻ ڳڻيون آھن ۽ ان حوالي سان ٽن لفظن ۾ اڻ ڳڻيون ڪھاڻيون به مليون آھن، جن جو جيڪڏھن ويھي ڇيد ڪجي ته پورا ڪتاب يا ناول لکي سگھجن ٿا. مثال طور شبير پياڪ ٽن لفظن واري ڪھاڻيءَ جو ھڪڙو تسلسل لکيو آھي تھ:

امان مري وئي

بابو ٻڏي ويو

ڀاءُ وڃائجي ويو

آئون بچي ويس

انھن چار ٽن لفظي ڪھاڻين ۾ ھڪ وڏي ڪھاڻي محفوظ ٿيل آھي. جيڪڏھن مٿيان المياتي حادثا ٿيا آھن ته بچي وڃڻ وارو وجود بچيو ھوندو؟ اھو بچڻ به بچڻ آھي يا سو دفعا مري وري جيئڻ آھي؟ ان جو المياتي تصور ئي لڱ ڪانڊاريندڙ آھي جنھن جو مھذب دنيا ۾ تصور ئي نٿو ڪري سگھجي پر اسان وٽ اھي نه فقط جيئريون جاڳنديون ڪھاڻيون آھن پر اھي اُھي واقعا آھن، جيڪي تازو اسان پنھنجي اکين سان ڏٺا آھن، اسان جي سنڌين اھو درد محسوس ڪيو آھي، انھي درد جي سُرڪ پيتي آھي، انھي ڪرب مان رات ڏينھن گذريا آھن. ايئن عين سحر جي ڪھاڻي “رت ڳوڙھا زندگي”، جيا سيتائي جي ڪھاڻي “سنڌ تڙپندي ڏٺي”، غلام رسول چانڊيي جي ڪھاڻي “سَتُر رُلي ويا”، نوشين اڄڻ جي ڪھاڻي “سور سلجي ڪيترو”، سنجھا پروين طارق جون ڪھاڻيون “زندگي درد ئي درد” ۽ “اڃا جيئون پيا”، ڊاڪٽر طفيل چانڊيي جي ڪھاڻي “لھر لھر لاش” جھڙيون ڪھاڻيون وڏا داستان آھن. انھن مختصر ڪھاڻين جو جيڪو پسمنظر آھي اھو ڇرڪائيندڙ آھي. انھن ڪھاڻين کي جيڪڏھن پيٽنگز ۾ تراشي دنيا ۾ نمائش لاءِ رکجي ته سڌريل دنيا يقين ئي نه ڪندي ته ھيتري سڌريل دنيا ۾ ھھڙا ڪلور به اڃا ٿين پيا ۽ ماڻھن جا حال اڃا ھھڙا به آھن. اھو به انھيءَ قوم جو حال جنھن وٽ تيل به آھي، گئس به آھي، زرخيز زمينون به آھن، دادلو دريا به آھي، سھڻو سنڌي سمنڊ به آھي. ميدان به آھن ته جبل ۽ ڪارونجھر جون چوٽيون به آھن. ٿر جي واريءَ جا سونا ذرا به آھن. ڍنڍون به آھن، چيڪي مٽي به آھي ته سھڻا منظر به آھن. ڪھڙي شيءِ جي کوٽ آھي. جنھن ڪري ھيءَ قوم خوشحال نٿي ٿي سگھي؟ ڪيتريون ڳالھيون ڳڻي ڪيتريون ڳڻجن. وڌيڪ دوستن ٽن لفظن جي ڪھاڻين ۾ زمان جمالي “بک، عشق ادب”، معشوق قاضي “ڌرتي ڌڻي دربدر”، سيد قوت علي “غربت نه ھجي” سومرو اعجاز “سنڌ سڏڪي پئي” منير احمد جوکيو “اکين ۾ پاڻي” عاصمھ کرل “سنڌ ۽ سور” سارنگ پيرزادو “ٻوڏ امداد روزگار”، سيد منصور “منھنجو گھر ھيو” حاجي ساند “بک وڪامي ٿي”، زاھد گل جمالي “ڇتون نيڻ ٽمن” وغيرو لکي درد ۽ پيڙا جو اظھار ڪيو آھي. ٻين ڪيترن ئي دوستن جھڙوڪ عبدالحفيظ دايو، شنڪر ساگر ميگھواڙ، صوفي منور بليدي وغيره به انھي پيڙا کي جيئن چٽيو آھي جو اھا پيڙا اکين اڳيان اچي بيھي ٿي ۽ انسان بي اختيار ٿي وڃي ٿو.

سھائتا: ٻوڏ يا برسات متاثرن جي سھائتا ڪنھن ڪئي ۽ ڪاڏي وئي جي حوالي سان به ڪافي دوستن اظھاريو آھي. جھڙوڪ روپ ڪمار لکيو “راشن ڪامورن کاڌو” طفيل چانڊيي به ساڳئي نموني سھائتا جي ڳڙڪائڻ جي ڳالهھ ڪئي ۽ سموري سنڌ ان ڳالهھ جي گواه آھي ته برسات ۽ ٻوڏ جي ڏينھن ۾ جڏھن سنڌ حڪومت سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏنو ته پنھنجا امدادي خزانا کولي ڇڏيا پر اھي خزانا ڪرپٽ ڪاموري شاھي ۽ وڏيرا شاھي جي حوالي ٿي وئي. راشن جي ھڪڙي ٿيلھي يا بريانيءَ جي ھڪڙي پليٽ لاءِ ماڻھن کي وڙھندي ڏٺو ويو. ھڪٻئي کي ڌڪا ڏيندي ڏٺو ويو ۽ ماڻھن کي دربدري کانسواءِ اڄ ڏينھن تائين ڪجھه به ناھي مليو. ماڻھن پاران انھن ماڻھن تي تنقيد به ڪئي وئي ته اھي راشن يا برياني تي ڇو ٿا وڙھن؟ تاريخي طور تي انھن ماڻھن کي ايئن بکيو ۽ بدحال اڇليو ۽ رکيو ويو آھي جو ماڻھن کي ھڪ وقت ويلي ملڻ کانپوءِ ٻئي ويلي جي پڪ نه ھوندي آھي ته ڪي اسان جا حڪمران منصف آھن جو سڀاڻي به ڳڻي ڏيندا. ان ڪري انھن ماڻھن حڪمرانن جي روش ڪري پنھنجي مذھب پاران ٻڌايل واٽ ته “روزي يا ماني جو ضامن خدا آھي” تي به ڀروسو نه رھيو آھي، تنھنڪري انھن کي جانورن جيان ٽريٽ ڪيو ويندو رھيو ۽ ماڻھن جي جبلت يعني بک جي جبلت اڀري ٿي آئي جن کي نه تھذيب جا ڀاشن سٺا ٿا لڳن نڪي انھن نصيحتن تي ڪو ڀروسو رھيو آھي. سنڌ جو شعور دعاڳو آھي ته اھا بک شل حڪمرانن کي ڳچي ۾ وٺڻ جي انھن ماڻھن ۾ جرئت پيدا ڪري.

اميد ۽ تبديلي: ڪجھه دوستن انھي پسمنظر ۾ اميد ۽ تبديلي جي ڳالهھ به ڪئي. جھڙوڪ محمد علي گبول لکيو “نيٺ ته مرڪندي”، طفيل چانڊيي لکيو “ھاڻي ھنکي ڊاهه”، امتياز پلھه “ھوءَ نيٺ ته اچڻي آ”، امتياز علي ميمڻ “جوڙيو نئين سنڌ” احمد علي گبول “اڃا جيئون پيا”، وڪرم شيرواڻي “سنڌ جاڳي پئي”، ثمينه ابڙو “پنو نه ڪمايو” وغيره انھي اميد جون ڪھاڻيون آھن جن مان ٿورڙي اميد جاڳي آھي ته شايد ماڻھن کي ھي پيڙا، ھي دربدري، ھي ويڳاڻپ ھي بک ۽ بدحالي ڀانءَ اچي ۽ اھي پنھنجي غلامي جي تجربي مان سکو نئون رستو اختيار ڪري، خود مختيار ٿئي، سياسي، سماجي، معاشي ۽ مذھبي غلامي مان ڇوٽڪاري جو رستو لھي ۽ اڳتي وڌي جيئن آئنده سنڌ واسين کي ھيئن دربدري نه ڏسڻي پئي. جيتوڻيڪ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ تمام گھڻي قرباني گھربل آھي پر عزت نفس جي ھي تباھي ۽ قرباني به گھڻو سبق سيکاري وئي آھي. شال اسان سنڌ پنھنجي ڌرتي، پنھنجن وسيلن ۽ پنھنجي حق حڪمراني تي ھڪ صفحي تي بيھون ۽ ھڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم ٿي، ھن ٻوڏ ۽ تباھي مان اسري جاپاني قوم کان به اڳتي وڌون.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۰ ۽ ۱۵سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment