Saturday, December 24, 2022

ممتاز مهر جي ڪهاڻين تي ٽيڏي اک سان وڌل نظر - ڪليم ٻٽ

ممتاز مهر جي ڪهاڻين تي ٽيڏي اک سان وڌل نظر

ڪليم ٻٽ



دنيا جا ليکڪ جيئن جيئن وڏي ڄمار جا ٿيندا آھن ته سندن لکڻين ۾ پختگي ايندي ويندي آھي ۽ اهي جواني جي دور کان وڌيڪ لکڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. پر سنڌي ليکڪن جي ڳالهه ئي ٻئي آھي جيئن جيئن وڏي ڄمار ٿيندن ته لکڻ ۽ پڙھڻ کان پاسيرو ٿي ويندا ۽ پنجاهه سالن جي ادبي هڻ هڻان کانپوء به رڳو ٻه ٽي پنفليٽ نما ڪتابڙا ئي ڏئي سگهندا. . . . ان جو بهترين مثال ممتاز مهر جون هي چوپڙيون آھن.


ممتاز مهر پنهنجي لاء پاڻ ئي چوندو وتندو آھي ته جديد سنڌي ڪهاڻي شروع ئي هن کان ٿي ٿئي. جڏهن ته هو ان ڳالهه تي به پاڻ ئي زور ڏيندو آھي ته هن تخليقي تنقيد ڪئي آھي. پاڻ کي جدت جو سرواڻ سمجهندڙ ممتاز مهر جون ڪهاڻيون پڙھڻ لڳس ته وڏو ٽھڪ نڪري ويو ۽ ائين لڳو ڪافڪا جي ڪهاڻين کي سنڌي ويس پارايو ويو آھي مثال: ڪهاڻي مٽي جو طوفان ۽ ڪوئن جو دڙو وغيره. اهڙي ريت ڪجهه ڪهاڻين جي شروعات وري ايسوپ جي آکاڻين يا وري پراڻي دور ۾ ٻارن لاء لکيل ڪهاڻين واري آھي. مثال طور ڪهاڻي نئون تجربو جي شروعات ڪجهه هن نموني ٿيل آھي:

“شمون ۽ رجب هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا هئا ۽ ننڍي هوندي کان ئي گڏ پڙھندا پئي آيا ۽ هاڻ مئٽرڪ ۾ اچي پهتا هئا. شمونء جو پيء گوديء ۾ مزدور هو ۽ رجب جي پيء کي چوڪ ۾ دڪان هو. . . . . “

ڇا ڪهاڻي جي اهڙي شروعات ڪنهن به زخ کان جديد لڳي ٿي؟ ممتاز مهر پاڻ ئي پنهنجي لاء چوندو آھي ته هو جديديت جي حوالي سان سنڌي جو اهم تخليقڪار آھي پر هن جون اڪثر ڪهاڻيون جديديت جي ڪنهن به لقاء تي پوريون نٿيون لهن. ڪيتريون ڪهاڻيون ته مرڳو ئي سفر ناما آھن.

اهڙي ريت هڪ ٻي ڪهاڻي: ڪهاڻيء جي ڪهاڻي جي شروعات پڙھي به ٽھڪ نڪري ويندو ته هي ڪهڙي قسم جي جدت آھي:

“صديق جڏهن ڏھ پندرهن روماني ۽ غير روماني ناول پڙھي ڇڏيا ۽ وقت جي مشهور رسالن “فلمستان” ۽ “اعلي ادب” جي انهن سڀني افسانن کي پڙھي پورو ڪيو جن جي ليکڪن بابت هن ٻڌو هو ته اهي هن دور جا چوٽيء جا افسانه نگار ڪري ليکيا ويندا آھن، تڏهن کيس به شوق جاڳيو ته ڪو افسانو لکي ادبي دنيا ۾ نالو ڪڍي.

“پوء هن هڪ افسانو لکيو ۽ دوستن کي چانهه پياري کين اهو پڙھي ٻڌايو جيڪو انهن ڏاڍو پسند ڪيو ۽ کس صلاح ڏنائون ته اهو افسانو ڪنهن رسالي ۾ ضرور شائع ڪرائي. . . . . “

مونکي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهڙي قسم جي شروعات ۾ ڪهڙي جدت آھي؟ ان قسم جون ڪهاڻيون ته سيکراٽ لکندا آھن. هنن ڪهاڻين جا پلاٽ، موضوع، اسلوب، انداز ۽ پريزنٽيشن سڀ جا سڀ روائتي آھن ۽ ڪٿي ڪٿي ته اهو به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ليکڪ چوڻ ڇا ٿو چاهي. . . . !

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ جولاءِ تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment