Monday, December 26, 2022

جان اسٽائين بيڪ جا ناول - عبدالرافع شيخ

جان اسٽائين بيڪ جا ناول

عبدالرافع شيخ



جان اسٽائين بيڪ (۱۹۰۲-۱۹۶۸) اهو امريڪي نوبل انعام کٽندڙ ليکڪ آهي جنهن جا ناول اڄ به امريڪا ۾ ادب پڙهندڙن کانسواءِ معاشيات، رياضي، ڪيمسٽري ۽ فزڪس جي شاگردن کي به ان ڪري پڙهايا وڃن ٿا ته جيئن انهن جي سوچ ۾ گهرائي پيدا ٿئي. پوئين هفتي جان اسٽين بيڪ جي هيٺين هڪ ناول ۽ ٻه نوويلاز جو اردو ترجمو پڙهڻ جو موقعو مليو

The Grapes of Wrath (اشتعال ڪي فصل ناول)

The Pearl (در شهوار نوويلا)

Of Mice and Men (چوها اور آدمي نوويلا)


۱.“اشتعال ڪي فصل” اسٽائين بيڪ جو سڀ کان بهترين ناول آهي، جيڪو۱۹۳۰ جي امريڪا ۾ آيل سخت معاشي بحران (Great Depression) وقت هارين جي مشڪلاتن جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي فصل سٺو نه ٿيڻ جي ڪري بينڪيون ورتل قرض بدلي زمينون پنهنجن قبضن ۾ ڪري رهيون هيون ته ٻئي پاسي ٽريڪٽر نالي هڪ نئين مشين اچڻ جي ڪري جيڪا ۱۰ ماڻهن جيترو ڪم اڪيلي هڪ ڊرائيور جي مدد سان ڪري رهي هئي، گهڻن ڪڙمين جي ضرورت ئي ڪونه رهي هئي. جنهن جي ڪري اوڪلوهوما رياست جا هزارئين هارين جا خاندان پنهنجين پنهنجين پراڻين گاڏين ۾ ڪيليفورنيا ڏانهن هجرت ڪن ٿا، جتي اشتهارن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آڙو ۽ انگور پٽڻ لاءِ هزارن ماڻهن جي ضرورت آهي. اهو اشتهار پڙهي جوڊ خاندان به خوشحالي جا خواب کڻي ڪيليفورنيا ويندڙ ۶۶ نمبر هائي وي تي سفر ڪن ٿا. هائي وي تي کين خبر پوي ٿي ته هو اڪيلا نه پر هزارئين خاندان ڪيليفورنيا لاءِ نڪتل آهن ۽ ڪافي ته واپس موٽي اچي رهيا آهن جو ڪيليفورنيا ۾ نه گهڻي مزدوري آهي نه عزت کين اوڪلو هوما رياست سان تعلق هجڻ جي ڪري اوڪي سڏي ذليل ڪيو وڃي ٿو۽ اتان جا ماڻهو انهن اوڪي سان ان ڪري به نفرت ڪن ٿا جو کين ڊپ آهي ته هو انهن جي علائقي ۾ اچي سندن زمينون ۽ نوڪريون نه کسين. جڏهن ته گهڻي روزگار جو اشتهار سستا مزدور حاصل ڪرڻ لاءِ زميندارن ڄاڻي واڻي هلايا ته جيئن مزدورن جي ڪثرت ۽ روزگار جي قلت ٿيڻ سان ۳۰ سينٽ ڪلاڪ تي مزدوري ڪرڻ وارن مزدورن کي پهريون ۱۵ سينٽ تي راضي ڪبو پوءِ فقط ماني ٽڪر تي به ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويندا. هن ناول ۾ هڪ پاسي امير ماڻهن جو غريبن جي مجبوري جو فائدو وٺڻ کي ته ٻئي پاسي غريب ۾ غريب جي مدد جي جذبي کي ڏاڍي سهڻي نموني بيان ڪيو ويو آهي، ناول جو انجام به ان منظر تي ٿئي ٿو جڏهن جوڊ خاندان مسلسل ٿيندڙ مينهن کان بچڻ لاءِ هڪ واڙي ۾ پناهه وٺندو آهي جتي هڪ پوڙهو ڪيترن ڏينهن جي بک جي ڪري مرڻ وارو هوندو آهي، ان پوڙهي جو پٽ جڏهن جوڊ خاندان کي پيءُ جي زندگي بچائڻ لاءِ ماني ٽڪر يا کير چُڪيءَ جي درخواست ڪندو آهي ته جوڊ خاندان جي ڇوڪري، جنهن تازو هڪ مئل ٻار کي جنم ڏنو هوندو آهي، ڪجهه به نه هئڻ جي ڪري، ا ان ڪراڙي سان ليٽي ان کي پنهنجو کير پياري ان جي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ۱۹۳۹ ۾ ڇپيل هن ناول تي ۱۹۴۰ ۾ فلم ٺاهي وئي ۽ ۱۹۶۲ ۾ جان اسٽائين بيڪ کي نوبل انعام ڏنو ويو.

هن ناول تي روس ۾ ان ڪري پابندي هنئي وئي جو هن ناول ۾ امريڪا ۾ معاشي بحران هوندي به هارين کي پنهنجين پنهنجين گاڏين ۾ سفر ڪندي ڏيکاريو ويو هيو، جنهن سان اهو تاثر وڃي پيو ته سرمائيداري نظام ان حالت ۾ به اشتراڪي نظام کان بهتر آهي. هي ناول امريڪا جي اسڪولن ۾ لازمي پڙهايو وڃي ٿو.

۲. جان اسٽائين بيڪ جو نوويلا “در شهوار” به هڪ غريب مهاڻي جي استحصال جي ڪهاڻي آهي جنهن کي غربت ۾ ڪو پڇندو ڪونهي ۽ جڏهن کيس سمنڊ مان وڏو موتي هٿ ايندو آهي ته سڀ وڏا ماڻهو ان موتي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن جا دشمن ٿي پوندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف هن جو گهر ساڙيو ويندو آهي پر هن جو نئون ڄاول واحد پٽ به مارجي ويندو آهي، آخر ۾ اهو مهاڻو ۽ ان جي زال اهو موتي واپس سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن، ۱۹۴۷ ۾ هن نو ويلا جي اچڻ سان ئي ان تي فلم به ٺاهي وئي.

۳. جان اسٽائين بيڪ جو نوويلا چوها اور انسان هڪ الڳ اسلوب جي ڪري ڪافي مشهور ويو، هي نوويلا ٻن دوستن ليني جسم ۾ موٽي پر قد ۽ عقل ۾ ننڍڙي ۽ ٻئي جارج چالاڪ ۽ شاطر ماڻهو جي ڪهاڻي آهي، جيڪي نئين نوڪري لاءِ هڪ فارم تي اچن ٿا، سندن مسئلو ليني جي نرم شين کي پسند ڪندي ان تي گهڙي گهڙي هٿ ڦيرائڻ جي چريائپ واري عادت آهي، جنهن جي ڪري ڪڏهن هو ڪنهن عورت جا نرم ڪپڙا ڏسي هن تي هٿ ڦيرڻ جي ڪري مشڪل ۾ ٿو پئجي وڃي ته ڪڏهن ڪوئي، سيهڙ يا ڪتي جي ٻچي کي ڏسي هو ان کي پنهنجي موٽي سخت هٿ سان مهٽي ان جو ساهه ٿو ڪڍي ڇڏي. هي ناول جيترو پنهنجن جملن جي ڪري مشهور ويو اوترو انهن کي اشتعال ڏياريندڙ قرار ڏئي ان تي ڪافي تنقيد به ڪئي وئي، هن ناول جو اصل مزو ان کي انگريزي ۾ ئي پڙهڻ ۾ آهي، هن ناول جي ٻن ڪردارن کي پڙهي ذهن ۾ الف نون ڊرامي جا ڪردار علڻ ۽ ننهو اچن ٿا، شايد اهي ڪردار به هي ناول پڙهي لکيا ويا هيا.

 

(عبدالرافع شيخ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment