Saturday, December 24, 2022

چارو - غفار سومرو

چارو

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



. . . . ۽ جڏھن شام جي پهر مزدوريء تان موٽندي گهٽيء جي موڙ وٽ ماڻھن واتان کيس خبر لڳي؛ “حڪومتي نمائنده شهر جي چوڪ تي ٻوڏ متاثر ڀاڳين کي مال جي لاء ’چارو‘ ڏيئي رهيا آھن.“


تڏھن هو ٿڪل ٽنگون گهليندو، ٻه سير اٽو اڌ سير آلو هڪڙي ڳنڍي بصر واري شاپر ساڄي هٿ ۾ مضبوط جهليو ڇوهو ڇوهو گهر روانو ٿيو. ڪاٺائون در اڪري گهر اڱڻ تي ڇڳل کٽ مٿان سودو اڇلي تڪڙو تڪڙو پنهنجي اڪيلي مينهن جي وٿاڻ ڏانهن ڀڳو. ڪاٺائين ٿوڻين ڪاٺين ۽ ڪانن سان ڍڪيل وٿاڻ ۾ پهتو ته سامهون ڌرتيء ۾ ڪاٺ جو خالي ڪلو ڀان ڀان ڪندو ڏسي جيءُ جهري پيس ۽ هو پنهنجي منهن تي ٻئي هٿ رکي گوڏن ڀر ويهي ڍنڍڪار ڪري روئي پيو.

وٿاڻ ڏانهن ويندو ڏسي ڪم هاج ڇڏي جوڻس به پٺيان لڳي آيس. کيس روئيندو ڏسي هوء پاڻ به پوتيء جي پلئه سان پنهنجا ڳوڙھا اگهندي رهي. کن پل بعد مڙس جي ڪلهي تي هٿ رکي دلاسو ڏيندي روئڻهارڪي آواز ۾ چوڻ لڳي؛ “دلبر جا پيءُ! پاڻ سنڀار! ٻه مهينا اڳ ٻوڏ ۾ لڙھي مري ويل مينهن جو ڏک، برابر وڏو آهي. پر ڇا ڪجي؟! رب جي رضا تي راضي به ته رهڻو آھي نه!!”

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment