Saturday, December 24, 2022

ڇورين ڏنا ڇال - تنقيدي نگاھَ - خليق ٻگھيو

غفار سومري جي ڪھاڻيءَ “ڇورين ڏنا ڇال” جي ڪرداري سمت ۽ نفسيات ڏانھن ھڪ تنقيدي نگاھَ!

خليق ٻگھيو



غفار سومري جي ڪھاڻي” ڇورين ڏنا ڇال” ھڪ پيار-ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ پيار جو انجام ناڪاري روين ڪارج، نقصان ۽ زيان جي صورت ۾ نمودار ٿئي ٿو، مومل جي مشتاق سان محبت پاڙيسري ـ محبت ھُئي، جنھن سان مشتاق جي خراب رويي جي ڪري نقصان ٿيو. مومل جي محبت جو سبب بلڪل واضح ٿيل آھي ته دنيا ئي مشتاق جي حسن تي حيران ھئي، مشتاق جو حسن ئي، مومل جي محبت جو سبب ھيو.


محبت ڪنھن به منطق جي محتاج نه ھوندي آھي، اُھا بس ٿي ويندي آھي روح جا پکي پنھنجو بسيرو ڳوليندا رھن ٿا ان ۾ ڄمار به پنھنجو فڪري ڪارج وڃائي ويھندي آھي، ڪھاڻيءَ ۾ مومل کي بس، مشتاق سان محبت ٿي وئي، پوءِ اُھا حقيقي ھئي غير حقيقي، عقلي ھئي يا غير حقيقي اصلي ھئي يا نقلي ھئي، چونڊ ھئي يا ايڊجيسٽمينٽ ھئي؟ بس ٿي وئي ھئي، مومل جي احساسات جي آئيني ۾مشتاق ئي ھو.

ادب تخليقيت جي پڇاڙيءَ ۾ انتقادي اکين جي عقابي نگاھُن تائين پھچندي، گھڻو ڪجھ انڪشاف وٺندو آھي، زندگيءَ ۽ سماج بابت، ڪائنات ۽ لڪل شين بابت!

مومل جي محبت ڀلي منطقيت جي محتاجي نه قبولي، پر ڪھاڻي منطقيت ضرور گُھري ٿي، ڇاڪاڻ ته جذبي بعد عقل جي دروازي کان ايندڙ روشنين ۾ ئي زندگيءَ جي حقيقتن کي سمجھڻو پوي ٿو.

ھن ڪھاڻيءَ جي پلاٽ ۾ مشتاق جي عمر، سندس مئٽرڪ جي شاگرد ھجڻ سان پاڻ ـ ھرتو واضع ٿي وڃي ٿي، پر خود مشتاق، جيڪو ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار آھي، تنھن جي عمر ڄاڻايل ڪانھي ته اھا به مشتاق جي عمر جيتري ھئي يا نه؟ پڙھيل به ھئي يا نه؟ ڇوته عقل ۽ علم واضع ڪرڻ سان، مومل جي ڪردار جي نفسيات کي سمجھڻ ۾ پڙھندڙ جي ذھنن تائين وڌيڪ روشني پيدا ٿئي ھا!

مومل جو ڪردار، سموري ڪھاڻيءَ ۾ عورت جي نفسيات کي سمجھڻ بابت آگاھي ڏئي ھا، پر ڪھاڻيءَ ۾ مومل جي ڪردار بابت گھٽ ڄاڻ آھي جيتري به ڄاڻ ڪھاڻي ميسر ڪري ٿي، اُن مان واضع ٿئي ٿو ته مومل ھڪ عام قدر رکندڙ حسن تي ھرکي پوندڙ عورت آھي، جيڪا مشتاق جي حسن کان وڌيڪ ڪو ڇوڪرو يا مرد ڏسي ان جي پويان لڳي پوي ھا!

ساڳي طرح خاص مھمان محترم ابراھيم کرل جي بقول ته مشتاق جي ڪردار جي آس پاس واري ماحول ۽ تربيت وارو پاسو به ڪھاڻيءَ۾ نظر انداز ٿيل آھي. مشتاق کي مئٽرڪ جي شاگرد طور ڏيکارڻ جي، ڪھاڻيءَ ۾ ته ڪا ضرورت ڪا نه ھُئي؟ ائينءَ ڪرڻ سان سوال پيدا ٿئي ٿو ته ھِن ڪھاڻيءَ کي ٻاراڻي ادب ۾ رکجي يا نه!؟

مشتاق جي ڪردار جي جيتري به ھن ڪھاڻيءَ۾ نفسيات واضع ٿئي ته ان مان ته اندازو ٿئي ٿو ته ھُو بلوغت جي ڄمار ۾ شايد مڪمل طرح پير نه پائي سگھيو آھي، جڏھن ته سندس عمر جو اندازو ان جي نفيءَ ۾ اچي ٿو!

جنھن جي منطقيت خود ڪھاڻي به ڪجھ واضع ٿئي ته ھُو بس پڙھڻ چاھي ٿو ٻيو ڪجھ به نه، جيڪا ڳالھ حق بجانب آھي، اُنھيءَ عمر ۾ عشق ڪرڻ نه پر پڙھڻ جي ضرورت ھُوندي آھي، پر سندس انھيءَ مثبت سوچ جو انعام کيس اُھو ڏنو ٿو وڃي ته مومل پلاند طور افضل جھڙي داداگير ۽ فسادي ڇوڪري جي ھٿان، سندس چھري تي تيزاب ھارائي، گھر لڪي ھلي وڃي ٿي، جنھن ڪري مشتاق سان ٿيندڙ زيادتيءَ جو ڏک، پڙھندڙ جي دل ۾ به رھجي وڃي ٿو.

ھِن ڪھاڻيءَ ۾ عورت ظالم ۽ مرد مظلوم آھي، عورت جي ظالماڻي ڪردار کي تڪڙ ۾ ٽريٽ ڪرڻ سان خود عورت( مومل) سان مڪمل انصاف ٿي نه سگھيو آھي، مومل جي ڪردار بابت صرف اندازا ڪري ٿا سگھجن ته ھوءَ اھو سڀ ڪجھ محبت جي جذبي تحت ڪري ٿي ۽ سندس عقل تي جذبو غالب رھي ٿو، محبت ته ڪڏھن ويندڙن کي به دعا ڏيندي آھي ته ويندڙن جي درد جي سزا پاڻ به کائيندي رھندي آھي!

پر وقتي مصلحتي ۽ عارضي مقصديت واري محبت پلاند جي صورت ۾ نمودار ٿيندي آھي، جيئنءَ ھِن ڪھاڻيءَ ۾ مومل پنھنجي سچيت جذبن جي اڻ مڪملتا يا سڦلتا جي سزا پنھنجي ئي محبت کي عطا ڪري ٿي!

ڪھاڻيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ به ڪجھ تڪڙ ڪئي وئي آھي جن تي صاحب راءِ شخصيتن درست اعتراض اڀاريا آھن. مختصر ڪھاڻيءَ ۾ سڀ ڪجھ واضع ممڪن نه آھي، پر ضروري پاسن کي ضرري اوليت ڏيڻ گُھرجي، ڪھاڻيءَ جي غير اھم منظر نگاري به، ڪھاڻيءَ جي ضروري پاسن جي جاءِ والاريندي آھي

مثال ھن ڪھاڻيءَ ۾ مومل جي والد جو پوليس مين ڏيکارڻ ۽ ڪڏھن رات جو به گھر نه اچڻ وارو پاسو توڙي مشتاق جي ماءُ ڪو ڪردار ايترو ڪھاڻيءَ سان رليونٽ ڪردار نه ھو، يا مشتاق جي ديدار لاءِ عاشقن صادقن جو ويھڻ ڏيڻ واري پاسي سان ڪھاڻي ٻئي موضوع ڏانھن ھلي وڃي ٿو،

يا مشتاق کي ڊپريشن ٿي وڃڻ يا بخار تي وڃڻ سان مشتاق جي خوفزده حالت ته ڏيکاريل آھي، پر ان خوف جي شڪل جي نفسياتي شڪل واضع ڪانھي ته ھُو محبت کي نٿو سمجھي سگھي يا ھُو ننڍي عمر جي ڪري سندس حالت خراب ٿئي ٿي؟

ڪنھن نه ڪنھن طرح ڪھاڻيءَ جي تت ڪڍڻ سان مومل جو ڪردار ھڪ ڏوھي عورت جو ڪردار ٿي سامھون اچي ٿو سندس محبت مشڪوڪ ۽ سندس پلاند ڪرائيم ۾ شامل آھي، ڪھاڻيءَ مان اصلاح ۽ مقصديت واضع ٿي وڃي ٿي ته محبت جا روپ به ڪيترا نه ڀيانڪ ٿين ٿا!؟

ھيءَ ڪھاڻي واقعن جي ترتيب، اسلوب، تجسس، تاثر ۽ فني پاسن جي اتحاد جي لحاظ کان ھڪ چڱي ڪھاڻي آھي، جنھن مان سماجي سائنس بابت ڪافي اصلاحي نتيجا اڀرن ٿا، اڃان به تڪڙ نه ڪئي وڃي ھا، ڪھاڻيءَ جي گھٽ ريليونٽ ايونٽس کي نظر انداز ڪري، ڪرداري سمت ۾ وڌيڪ نفسياتي لاڙن وارن وضاحت جوڳين ڳالھين کي منطقيت ڏني وڃي ھا ته ڪھاڻي فني طرح وڌيڪ سگھاري نموني اثرائتي بڻجي وڃي ھا! غفار ھڪ سٺو تخليقڪار آھي، سندس تخليقيت ۾ فطري ڪشش آھي، پر کيس فني طرح اڃا وڌيڪ پختگيءَ جو مظاھرو به ڪرڻ گھرجي!

No comments:

Post a Comment