Monday, December 26, 2022

جنازو - محمد علي پٺاڻ

جنازو

ننڍڙي ڪھاڻي

محمد علي پٺاڻ



اسپتال مان پيءُ جو لاش گھر اڱڻ ۾ پهتو ئي مس ته ٽئين نمبر پٽ وڏي ڀاءُ کي چيو، “سچل ڪالونيءَ وارو بنگلو مان کڻندوسانءِ.“


ٻئي پٽ چيو، “اهو کپائي ڏوڪڙ ورهائڻا پوندوَ. مان انهن مان ڪو ڌنڌو ڪندس.“

“اصلي نه. اُن ۾ مان رهندس ۽ هِن مان ڪوبه حصو نه وٺندس.“ وڏي پٽ وراڻيو.

“ائين نه ٿيندو. اهو مهانگو آ. کپائينداسي.“

“ڏسان ته ڪيئن ٿا کپايو.“

جھيڙو وڌي ويو. ٽنهي هڪٻئي کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو. پوليس آئي ۽ ٽنهي کي وٺي وئي. پٺيان پيءُ جو لاش اڱڻ تي پيو رهيو. جنهنکي دفنائڻ وارو ڪو به نه هو. . .!!

No comments:

Post a Comment