Friday, December 23, 2022

ڌنڌلو عڪس - مٺل جسڪاڻي

ڌنڌلو عڪس

ننڍڙي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



ھُو بس ۾ اڪيلو سوار ٿيو ھو، پر جنھن وقت کانئس ڀاڙو گهريو ويو، ته پاڻ اڪيلي جو ڀاڙو ڏيڻ تي، ان کي ڀاڙو گهرندڙ ھٿ جي اشاري سان، عورتن لاءِ مخصوص سيٽ تي ويٺل ھڪڙي عورت بابت ٻڌايو، ته ان سندس ڀاڙو اوھان کان وٺڻ لاءِ چيو آھي.


اوچتي نئين صورتحال تي ٿوري حيرت به ٿيس، پر ان دوران ذھن ۾ آيس، متان ڪا واقفڪار ھجي، وٽس ڀاڙي جا پيسا نه ھجن، مون ۾ ھجت سنڀالي اٿس، ڏئي ٿو ڇڏيان. . . ان ڪري ھن عورت جو به ڀاڙو ڏئي ڇڏيو.

جڏھن ھن جي لھڻ وارو اسٽاپ ويجهو اچڻ وارو ٿيو، ته ھي اڳواٽ اٿي، اڳيون دروازو ويجهو ۽ ان طرف رش نه ھجڻ سبب، دروازي تي وڃي بيٺو.

جڏھن بس کي بيھارڻ لاءِ ڪلينر بس جي دروازي وٽ ھٿ سان زوردار ڌڪ ھڻي چيو “روڪي استاد”، ته ھن جو لھڻ لاءِ ڌيان دروازي ڏانھن ئي ھو. ان ڪري کيس خبر نه ھئي، ته جنھن عورت جو ڀاڙو ھن ڏنو، اھا به پنھنجي سيٽ تان اٿي، بس بيھڻ تائين دروازي وٽ به پھتي. بس آھستي ٿيندي ئي ھو پاڻ ته لھي ويو، پر بس باقائدي بيٺي ته عورت به لھي پئي، جنھن جي کيس خبر نه رھي.

بس اسٽاپ تي صرف ھي ٻه مسافر ئي لٿا ھئا. ھن کي ڪا خبر نه ھئي، ته عورت ڪير آھي؟ ڪيڏانھن وڃڻي آھي؟ نه ئي ھن عورت ۾ ڪا دلچسپي ورتي، نه ئي ان ڏانھن ڌيان ڏنائين. ھو چپ چاپ سندس گس سان ھلڻ لڳو. ٿورو ئي اڳتي وڌيو، ته ھن پٺيان کان عورت جي آواز ۾ ٻُڌو “ٻُڌجو ته. . . “.

ھن پوئتي لوڻو ھڻي ڏٺو. ڪپڙن مان شڪ پيس ته ھي اھا ساڳي عورت ٿي سگهي ٿي، جنھن جو ھن ڀاڙو ڏنو ھو. ان وقت ھو پٺيري ويٺل ھئي. ھاڻ جڏھن سامھون، ويجهو، ٿڌڙِي شام، ڊگهن وڻن ۽ گل ٻوٽن واري سائي ستابي، خوبصورت ۽ معطر ماحول ۾ ڏٺائين ته ڇا ڏسي. . . ھڪ خوبصورت، ڪڻڪ رنگي، ويڪرو منھن، جاڙا ڀرون، سنھڙا چپ، پاڻ کان ٻه چار سال ننڍي، نوجوان ڇوڪري. . . ڏسندي ئي حيران، چپ چاپ ان ڏانھن ڏسڻ لڳو. . .

“آئون اوھان سان گڏ، اوھان جي گهر ھلنديس، اوھان سان رھنديس، آھستي آھستي ھلو، ته گڏ گڏ ھلي سگهون” ڇوڪريءَ ھن کي چيو.

ھو ڪجهه وکون ته چپ چاپ ھلندو رھيو، پر ھن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي. ھن سوچيو “ھي جي گهر ھلندي ته امان ڇا سمجهندي؟ بابا ته بنا دير گهر مان ڪڍي ڇڏيندو. سڄو ڳوٺ گڏ ٿي ويندو. ماما وارا منھنجي کل ئي لاھي ڇڏيندا. . . “

ھلندي، ويچاريندي، ھمٿ ڪري ھن ڳالھايو “اوھان ڪير به آھيو. مھرباني ڪري مون سان نه ھلو. آئون ھتان کان ڳچ پري، ڳوٺ ۾ رھندو آھيان. اسان جي ڳوٺ جو پنھنجو ماحول آھي. تنھنجي ڪري مون اڪيلي سان ئي نہ، اسان جو سڄو گهر سورن ۾ اچي ويندو. اوھان مھرباني ڪري واپس وڃو، بس اسٽاپ تي بس ايندي، ان ۾ چڙھي، پنھنجي گهر وڃو”. . .

ان وچ ۾ ھن سان ڇوڪرِيءَ ڳالھائڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر ھن ھڪ به نه ٻُڌي، ھن کي واپس ورڻ جو چيو.

پھرين ھي ٻئي گڏ گڏ ھلندا، اڳتي وڌندا پئي رھيا، پر ھاڻ ٻئي گس ۾ بيھي رھيا. ڇوڪريءَ ھر صورت ۾ ھن سان گڏ ھلڻ جو ضد پئي ڪيو. ھو چاھيندي به ڇوڪريءَ کان پڇي نه سگهيو، ته “تون ڪير آھين؟ ڪٿي جي آھين؟ پاڻ ته ھڪ ٻئي کي سڃاڻون به ڪونہ، منھنجي ئي پٺيان ڇو لڳي آھين؟” ڇو ته ھن ڪنھن به صورت ۾ ڇوڪريءَ کي گڏ وٺي ھلڻ جو نه پئي چاھيو. ھن جي دل ته گهريو پئي، گس ھلندي مليل ڳاڙھي ڪنوار کي گهر وٺي وڃان، ساڻس لائون لھان، پر کيس مٽن مائٽن جو خوف به ڪو ٿورو نه ھو.

ھن ۽ ڇوڪريءَ جي وچ ۾ ڳالھيون به گهڻيون ٿيون. شام به ھاڻ گهڻي ٿي وئي ھئي. ھِن ڇوڪريءَ کي آخري دفعي منٿ ڪندي چيو “اوھان مھرباني ڪري پنھنجي گهر موٽي وڃو. مون وانگر ٻئي ڪنھن اڻ واقف سان به نه وڃجو. مون سان ھلڻ جو ضد نه ڪريو”. ھن ڳالھائيندي، رستي جي ھڪ ڪناري طرف ٿي، ويھندي، وري چيو “ڏسو سج لھي پيو، ٿوري دير کان پوءِ رات ٿي ويندي. آئون اوچتو ڀڄي، لڪي، اوھان کان جان ڇڏائي ويندس، پر اوھان ھن عمر ۾. . . “

ڇوڪريءَ وچ ۾ ڳالھائڻ جي ڪوشش به ڪئي، ڪجهه ڳالھايائين، منٿ به ڪيائين، پر ھن چيس “اوھان چاھيو ته بس اسٽاپ تائين اوھان سان گڏجي ھلان، اوھان کي بس ۾ روانو ڪري، پوءِ وڃان”. . .

ڇوڪريءَ جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، سڏڪندي چيائين “اوھان ڀلي وڃو، آئون ڄاڻان، منھنجو نصيب. منھنجي ڪري پريشان نه ٿيو. اوھان جي پٺيان نه ايندس”.

ھو ڇوڪريءَ کي ڪجهه به چوڻ بنا، پنھنجي گس سان ھلندو، رکي رکي پوئتي لوڻو ھڻي، پٺيان ڇوڪريءَ جي نه اچڻ جي پڪ ڪندو، پنھنجي ڳوٺ ڏانھن وڌندو ويو.

ان ڏينھن جو پويون سج ھو. جيڪو ھنن جي ڳالھين دوران لڪي چڪو ھو. روشني تيزي سان گهٽجندي، اونڌاھي وڌندي پئي وئي.

ھُن جي آخري لوڻي کان اڳ واري لوڻي تائين، ساڳي جڳھه تي بيٺل ڇوڪريءَ جو ڌنڌلو عڪس ڏٺو ھئائين، جيڪو آخري لوڻي ۽ ان کان پوءِ به ٽي چار لوڻا ھڻڻ تائين، نه ڇوڪريءَ، نه ان جو ڌنڌلو عڪس نظر آيس.

 

(روزاني “آجيان” شڪارپور، جمعو ۰۴ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع)

No comments:

Post a Comment