Friday, December 23, 2022

خميسي جو گهر - درياخان شنباڻي

خميسي جو گهر

ڪهاڻي

درياخان شنباڻي



ڪالھ شام چاچو خميسو مليو ته ڪافي پريشان لڳي رهيو هيو. مون کانئس پڇيو “چاچا! ڪيئن آھين!”

“ابا ٺيڪ آھيان پر ڪتي وفا نه ڪئي.“ هن ائين چيو ته مون کي ڪجھ حيرانگي ٿي

“چاچا! ٻچا ڪيئن آھن.“ مون پڇيو.

“شڪر آھي پر ڪتي وفا نه ڪئي.” منهنجي حيرانگيء ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو سو پڇيم “چاچا خير ته آھي جو زبان تي هڪ ئي جملو اٿئي ته، “ڪتي وفا نه ڪئي ڪتي وفا نه ڪئي.“


“ابا! آخر ڪيئن نه هجي اهو جملو زبان تي.“ هن ڏک وچان چيو ۽ ڪجھ گهڙين کان پوء چيائين “مون کان اها سردين واري رات نه ٿي وسري جڏھن مان ڪوڏر ڪلهي ڪري پاڻي جي واري تي گهران نڪتس ته اڃان ڪجھ اڳتي وڌيس ته ڇا ڏسان هڪ ننڍڙو گُلر سيءُ ۾ ٿڙڪي رهيو آھي سو مان وڌي وڃي ان کي کنيو ۽ ساڳين پيرن سان گهر آيس ۽ اچي پنهنجي حصي جو رکيل کير به هن کي پياريم ۽ گهرواريء کي پارت ڪري پاڻي ورائڻ لاء نڪري ويس. گُلر ڪجھ ڏينهن ۾ اسان گهر ڀاتين سان اهڙو ته رلي ملي ويو جو ڇا ٻڌايان، هيڪر دليون هنيم ته هاڻي ڪافي چڱو ٿيو آھي سو شھر ڇڏي اچانس پر وري سوچيان ته شھر ۾ ڪنهن گاڏيء جي ٽائر هيٺان اچي چٿجي نه وڃي ۽ هونئن به در لاء ڪتي جي ضرورت هئي سو ڇونه هن کي پاليان ٻيو نه ته ڀلا “ٽئون ٽئون” پيو ڪندو. ائين سوچيندي سوچيندي ڪتو به وڏو ٿيڻ لڳو گهر جو ڪو ڀاتي ٻاهران اچي ته آجيان ۽ خوشامد ڪري ۽ پير نوسي پر ڪجھ خراب عادتون به هيس، هلڪي ڦلڪي مار به ڏنم پر انهن عادتن کان نه مُڙيو. سوچيم ته ڪجھ وڏو ٿيندو ته پاڻھي سمجھ اچي ويندس. گُلر اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو سو جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن ڏسڻ ۾ سهڻو لڳڻ لڳو ۽ منهنجو ڀلا ان جي سونهن ۾ ڪهڙو ڪم پر اوڙي پاڙي ۾ هُوڪ ته خميسي خان هڪ نسلي ڪتو الائجي ڪٿان آندو آھي ائين ڳالھ ڪٿان کان ڪٿي پهتي جو مون وٽ ڪتن جا شوقين اچي ڪتو گهرڻ لڳا.

مان کين چوان، “اڙي بابلا، هي در جو ڪتو آھي مان ڪيئن ڏيان.“

شوقينن جو زور ته “ڪتو ڏاڍو ڀلو آھي ۽ ويڙھ به ڪندو” پر مان انهن کي ٺڙٺپ جواب ڏئي ويٺس ته ادا ڪتو ناهي ڏيڻو.

ياريون دوستيون به ڪتي جي ڪري ڦٽائي ويٺس پر منهنجي به اها مجبوري ته در لاء پاليل ڪتو ڪيئن گهران ڪڍي ڇڏيان.

هڪڙي ڏينهن هڪ ٻيو شوقين آيو ۽ ڪتو ڏيکارڻ لاء چيائين ته مون ان کي ڪتو ڏيکارڻ کان جواب ڏنو.

هو چوي “ادا خميسا! توکان ڪتو گهرڻ نه پر صرف ڏسڻ آيو آھيان.“

مون چيو، “نه ڀائو مان ڪتو نه ڏيکاريندس.“

ميارون ڏيڻ لڳو ته “ڪٿان پنڌ پيو آھيان ايترو به خيال ڪو نه ٿو ٿيئي.“

سو مون ڪتي کي سڏيو ته ڪتو ڊوڙندو اچي منهنجي پيرن تي ڪري پڇ لٽڪائڻ لڳو “ڀائو خميسا! ڪتو گهران ڪڍي ڇڏ.”

شوقين جي ان ڳالھ تي مان ڇرڪي پيس ۽ چڙندي چيم “اچي وئين نه پنهنجي مقصد واري ڳالھ تي!”

“ادا خميسا! يقين ڪر مون کي ڪتي جي لالچ ناهي.“ هن چيو

“ته پوء ائين ڇو پيو چئين!” مون رُکائي وچان چيو.

“ادا خميسا! ڪتو بدنسل آھي.“ هن چيو ته مان ويتر تپي باھ ٿي ويس سو چيم “تون مون کي شوقين لڳين ئي ڪونه ٿو.“

“ادا خميسا! مان هي وار اُس تي اڇا ڪونه ڪيا آھن.“

“ڀلا تو ڪتي ۾ ڪهڙي خرابي ڏٺي آھي!” مون پڇيو.

“ڏس نه ادا خميسا! ڪتو ڏسڻ وائسڻ ۾ به سهڻو سيبتو، قد بُت جو به ڀريل ۽ رنگ ۾ به گُسيل ناهي پر هن جي هڪڙي عادت ته تو کي اتي جو اتي ٿو ٻڌايان ته گهر ۾ هر شيء جي ڀرسان بيهي ٽنگ مٿي ڪري گند ته ڪندو هوندو.” هو خاموش ٿيو ته مون کي ڳالھ دل سان لڳي، ان خراب عادت جي ڪري ئي ته ٻه ٽي مارون به ڪڍيم پر رهندو زور ڏيندو رهيو ۽ ڄڻ چيلنج ڏيندو رهيو ته، تون مار ڏيندين ۽ مان هر شيء مٿان ٽنگ مٿي ڪري پيش. . . . . . . مان اڃان اهو ئي سوچي رهيو هيس جو منهنجو خيال ٽوڙيندي چيائين “ڳالھ دل سان لڳي نه ادا خميسا خان! هڪ دفعو هينئن ڪر جو ڪنهن سوئر يا رڇ تي ڇڏينس پوء ڏس ته ڪيئن نه پڇ پوين ٽنگن جي وچ ۾ ڏئي ڪوڪاٽ ڪندو ٻانهي ٽوڙي اهڙو ته ڀڄي ويندو جو راڄ کلائيندو.”

“ادا مون کي ڪتو ويڙھائڻو ته آھي ڪونه.”

“ويڙھائين يا نه ويڙھائين پر منهنجي صلاح اها اٿئي باقي تنهنجي مرضي.”

ائين چئي هو هليو ويو. ڪجھ ئي ڏينهن کان پوء ان شوقين جون ڳالهيون دل سان لڳنديون ويون جو هڪڙيء رات هڪ ٻلو اچي منهنجي گهر جو ڪڪڙ کڻي ويو پوء ائين گهر جون شيون غيرمحفوظ ٿينديون ويون ۽ چورائجڻ لڳيون. منهنجي پريشاني ان ڳالھ ۾ وڌيڪ وڌي وئي جو ڪتو ان معاملي ۾ صفا بيپرواه هجي. پوين ڏينهن ۾ ڪتو ڏينهن جو ته نم جي ڇانو ۾ ستو رهي پر رات جو غائب ٿي پيو وڃي اصل ۾ هن جهنگ ۾ وڃي منهنجي گهر جي دشمنن سان هڪ ٿي انهن دشمن گدڙن، بگهڙن، ٻلن سان ياري رکيائين ۽ انهن کي ساڻ ڪري منهنجي گهر مان ڪڏھن ڪا ٻڪري ٺڪري ته ڪڏھن گيھ مکڻ کارائڻ لاء وٺي اچي. ڏينهن جو گهر ڀاتين سان سنمک ته رات جو چورن سان ياري.

اڳين ڏينهن صبح جي وقت ڪتو نم جي ڇانو ۾ ستو هجي سو مان به لٺ کڻي ان نيت سان ته ٻه ٽي لٺيون هڻانس ته من سڌري پوي، مان اڃان لٺ اُڀي ڪئي جو جهٽ ڏئي منهنجي ٻانهن ۾ کڻي چڪ هنيائين، منهنجي ٻانهن کي رهڙي ڀڄي ويو ۽ مان رت ڳاڙيندو گهر پهتس ۽ گهرڀاتين سان سربستي ڳالھ ڪيم ۽ کين هدايت به ڪيم ته ڪتو ڏاڍو ڏنگو ٿي پيو آھي سو ڪير ڪجھ به نه چئيس. پر ان جي ابتڙ منهنجي پٽ کي ڏاڍي چڙ آئي ۽ ٻئي ڏينهن تي ڪتو گهر آيو ته هن به نه ڪئي هم نه تم وڃي ڪتي سان ڳنڍيو. سو ٻئي گهر جي اڱڻ تي اهڙا ته لوٽ پوٽ ٿيا جو ڪڏھن ڪتو هيٺان ته ڪڏھن مڙس هيٺان آخرڪار ڪتو جان ڇڏائي ڀڄي ويو ۽ ڇوڪري کي به رهڙي وڌائين.” اها ڳالھ ڪري چاچو خميسو خاموش ٿيو ته مون چيو “چاچا پوء ته ڪتو وري نه وريو هوندو.”

“ابا! ڪهڙي ٿو ڳالھ ڪرين ڪتو چئي هي گهر ئي منهنجو آھي اوهان جو هن گهر ۾ ڇا.”

چاچي خميسي هڪ ٿڌو ساھ ڀريندي وڌيڪ چيو “اوڙي پاڙي ۽ ڳوٺ وارن چيو به هيو ته خميسا خان! ڪتي تي ڪارتوس ئي هڪ زيان ڪر يا ڏئينس ڪتي مار گوري پر سچي ڳالھ اها ته اسان اهڙا ماڻھو جو وک به سنڀالي کڻون متان ڪا ڪول لتاڙجي پوي سو ڪتو ڪيئن ماريون.”

“چاچا! مون کي ته لڳي ٿو اڳتي هلي ڪتو تو کي وڏي خفي ۾ وجهندو سو ڪو طريقو اختيار ڪر ته چڱو.”

“ابا! ا ڪجھ ڏينهن پهريان اهڙن زوراور جانورن کي پڪڙڻ ۽ مارڻ وارن شڪارين ڏانهن به کوڙ نياپا نڙا ڪيم پر لڳي ٿو ته يا ته انهن جو به پيٽ ڀريل آھي يا هو مون کي ڪتي طرفان وڌيڪ چٽڪو ڏيڻ تي راضي آھن. انهن کي خبرون به آھن ته ڪتو منهنجن ٻچن، منهنجي گهر، اوڙي پاڙي ۽ ڳوٺ جو دشمن ٿي پيو آھي بس اهي رڳو همت ڪري پاڻ سان گڏ ڪهاڙا، ڪل، رنبا، رسا ۽ گهوٻاٽا کڻي اچي ڪتي کي پڪڙي کڻي وڃن ته کين ڇا ٿيندو پر انهن کي ڪهڙي پرواھ!”

“مون کي ته لڳي ٿو اهي ڪونه ايندا چاچا!” مون چيو.

“مون کي به ائين پيو لڳي.” چاچي خميسي ڳنڀيرتا وچان چيو.

پر ٿوري دير کان پوء هن جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي جڏھن چيائين “ڳوٺ وارن سان مون صلاح مشورو ڪري ڇڏيو آھي ته پاڻ همت ڪنداسين ته ڪتو پڪڙ ۾ اچي ويندو، ڳوٺ وارا في الحال ڪمن ڪارين ۾ ڦاٿل آھن ۽ ڪجھ ڪتو به ٿانئيڪو ٿئي ڪجھ ئي ڏينهن اندر ڏسندين ته ڪتو ٻوريء ۾ پئجي ويندو ۽ پوء ٻوريء جو ٻوٿ ٻڌي کڏ کڻي اهڙو ته پوري اينداسين جو نه ڪتو رهندو نه ڪتي جو خوف. . . . ڇٽندي جان بدنسل ڪتي مان.”

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment