Monday, December 26, 2022

پَڪي گهڙي - محمد علي پٺاڻ

پَڪي گهڙي

ننڍڙي ڪھاڻي

محمد علي پٺاڻ



“ھي تو ڇا ڪيو آ رفيق!؟. .“ ماءُ ڏوراپي ۽ ميارِ واري انداز ۾ ننڊ پوڻ کان ٿورو اڳ بورچيخاني مان ٻاھر ايندي ڏکاري لھجي ۾ رفيق کان پڇيو.


“ڇا ڪيو ٿئين؟!. .“ پڻس کٽ تي پاسو ورائي رفيق ڏانهن ڏسندي ماڻس سان مخاطب ٿي پڇيو.

“چوري ڪئي ٿئين. .“

“چوري!”

“ھا. .“

“ڇا چورايو ٿئين؟. .“ پڻس ٻيو سوال ڪيو.

“مان. . چوري. . نه ڪئي آ. .“ رفيق ھيسجي ماءُ بدران پيءُ کي وراڻيو.

“ٻڌاءِ کنڊ گهڻي وٺي آئين؟. .“ ماڻس ٻيو سوال ڪيس. .

“پنج ڪلو. .“

“ڪوڙ ٿو ڳالهائين. کنڊ پئوڻا چار ڪلو آ. مان تارازيءَ ۾ ٻه دفعا توري آ.“

“نه امان، قسم آ. .“

ان کان اڳتي جو وڌيڪ ڪجهه چوي ماءُ چيس، “مان توري آ. ڪوڙ تي قسم نه کڻ. گناھُ آ ۽ اھا عادت سٺن ٻارن لاءِ تمام گهڻي خراب آ. سچ سچ ٻڌاءِ، شاباس. .“

“ھا، پئوڻا چار ڪلو ئي ورتي. . . ھي دفعو معاف ڪر. . . اڳنان ائين نه ڪندس. .“

“ڪڍي ڏي کيسي مان پئسا، سموري جا سمورا. .“

رفيق ڏڪندي سڀ ڏوڪڙ ھڪدم قميص جي پاسي واري کيسي مان ڪڍي ماءُ جي تِريءَ تي رکي ڇڏيا. .

ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، “وڃ ھاڻي اندرئين ڪوٺيءَ ۾ وڃي سمھ. اڄ کان مان تو کي ڪوڙو سمجهنديس. مونکي تنھنجي ماءُ سڏائيندي شرم ايندو. .“

رفيق خاموشيءَ سان تڪڙو تڪڙو اندر وڃڻ لڳو ته پٺيان چيائينس، “منهنجو توسان ڳالهائڻ ٻولھائڻ ھينئر کان ختم آ. مونکي امان ڪري نه سڏيندو ڪر. نه ئي مان ڪنهن چور جي ماءُ ٿينديس. .“

پوءِ پڻس جي ڀرسان رکيل پنهنجي کٽ تي ويٺي مس ته ان چيس، “تنهنجي اھا ڳالھ مونکي وڻي. مارَ بجاءِ اھڙي نفسياتي طريقي سان ڪچي ۾ ئي ٻارَ کي پلڻ ۽ گندين عادتن کان بچائڻ گهرجي. نه ته پَڪي گهڙي ڪي ڪَنا پوندا ڇا. .“

No comments:

Post a Comment