Saturday, December 24, 2022

افساني مان تاريخ ڳولڻ واري غلطي - ڪليم ٻٽ

افساني مان تاريخ ڳولڻ واري غلطي

ڪليم ٻٽ



ڪجهه وقت کان سنڌي ٻولي جي ليکڪن ۾ سوشل ميڊيا تي افسانوي ادب جي حوالي سان هڪ بحث هلي رهيو آهي ۽ ان بحث ۾ وري وري اهو سوال سامهون اچي رهيو آهي ته “ڇا افساني ۾ تاريخ کي مسخ ڪري سگهجي ٿو يا نه؟” ۽ اهو سوال تازو ئي اردو ۾ ڇپيل صفدر زيديءَ جي ناول “بنت ڏاهر” جي حوالي سان ٿي رهيو آهي. ان حوالي سان اڪثر سنڌي ليکڪن جو خيال آهي ته ناول ۾ تاريخ کي مسخ نٿو ڪري سگهجي.


اهو خيال ته تاريخ کي افساني يا ناول ۾ مسخ نٿو ڪري سگهجي، پنهنجي پاڻ ۾ هڪ خام خيالي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ افسانو هوندو ئي اهو آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو خاص واسطو ئي نه هجي ۽ ان ۾ ليکڪ کي اها ڇوٽ مليل هوندي آهي ته هو پنهنجي ڪهاڻيءَ جي حساب سان ڪردارن ۽ واقعن کي مسخ ڪري. ڪنهن به لکڻي کي افسانوي چوڻ جو مطلب ئي اهو هوندو آهي ته حقيقت ايئن نه هوندي ۽ اها لکڻي ليکڪ جي تصور ۽ تخيل جو ڪمال هوندي. ان حوالي سان عالمي ادب جا ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا ۽ ان سان گڏ سنڌي ۾ لکيل ڪجهه ناولن جا حوالا به ڏئي سگهجن ٿا. جهڙوڪر محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو مشهور ناول “سانگهڙ” ۽ ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو ناول “اڻويهه عورتون”.

ڏيپلائيءَ جي ناول سانگهڙ ۾ سائين جي ايم سيد ۽ سورهيه بادشاهه جي هڪ ملاقات جو ذڪر ڪيل آهي:

“ترت ئي پير صاحب وٽ سنڌ مسلم ليگ جو ان وقت جو روح روان جي ايم سيد وفد وٺي آيو ته “اوھين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. “

پير صاحب مُرڪي چيو، “ڇا لاءِ؟”

سيد صاحب چيو، “ھن لاءِ ته ۱۹۴۰ع جي قرارداد موجب وطن آزاد ڪرائجي. “

پير صاحب ٽھڪ ڏيئي چيو، “مسلم ليگ ۽ وطن آزاد ڪرائيندي؟ شاهه صاحب مون ته اوھان کي وڏو سياستدان سمجھيو ھو، پر شايد اوھين سياست جي ابجد مان به واقف ڪونه آھيو!”

سيد صاحب پير صاحب سان بي تڪلف ھو، ھن مرڪي چيو: “۽ اوھين شايد مختلف جيلن ۾ رھي، مختلف سياسي قيدين سان ملي، سڄي سياست ازبر ڪري ويا آھيو. “

“اسين سياست جي ازبريءَ جي دعويٰ ته ڪانه ٿا ڪريون، پر جيڪا جماعت سڀ ڪجھه انگريزن جي مشوري سان ڪري، جنھن ۾ سمورا سر، خانبھادر، وڏيرا ۽ سيٺيون ھجن، سا به ڪري آزاديءَ جي دعويٰ، ته پوءِ ته ڍاڪئون ئي پَڪو!”

شاهه صاحب سنجيدو ٿي چيو: “ڏسو، اسين ته اسيمبليءَ ۾ به تُرت پاڪستان جي آزاديءَ جو ٺھراءُ بحال ڪرائينداسون. “

پير صاحب ٽھڪ ڏيئي چيو: “بس اوھان ٺھراءُ بحال ڪرايو ۽ انگريزن اوھان کي آزادي ڏيئي ڇڏي! شاهه صاحب! ياد رکو، انگريز اول ته پاڪستان ڏيندا ئي ڪونه، پر جي ھندو ٺاهه تي نه آيا ۽ ڪجھه ڏنائون کڻي، ته اھو پاڪستان اھڙو ھوندو، جنھن جي واڳ ڪيترائي ورھيه ته وري به انگريز جي ھٿ ۾ رھندي!”

سيد صاحب ٿورو جوش ۾ اچي چيو، “اسان ھن کي پنھنجي آزاد مُلڪ ۾ ڪوبه دخل رکڻ نه ڏينداسون. “

پير صاحب ٽھڪ ڏيئي چيو، “۽ اوھين ھوندؤ ڪٿي؟ ڇا ان وقت تائين به اھا واڳ اوھان جي ھٿن ۾ ھوندي؟ شاهه صاحب! ڀُليل آھيو، وڙھڻ لاءِ اوھين ھوندؤ، ۽ فتح وقت واڳون انھن جي ھٿن ۾ ھونديون، جي انگريزن جا ازلي غلام ھوندا؛ اوھان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو، بلڪه شڪ ناھي، جو جيل ۾ به رکيا وڃو! جيڪڏھن زندگي آھي ۽ اسان جي پيشنگوئي سچي نڪري، ته پوءِ ٻڌائجو ته سياست مان گھڻو ڪير ٿو ڄاڻي، اوھين يا اسين!”

“انشاءَالله تعاليٰ، اسين ته “وطن يا ڪفن” حاصل ڪنداسون؛ پر اوھين پيا ڏُکن ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا!”

شاهه صاحب چُپ ٿي ويو، ھو خاموشيءَ سان خدا حافظ ڪري پوئتي روانو ٿيو. “

ناول ۾ مٿي ڄاڻايل ملاقات جو ڪوبه تاريخي حوالو نٿو ملي ۽ ان حوالي سان هڪ ڀيرو مون سنڌ ايڪتا ميگزين جي ايڊيٽر خدا بخش جويو، جنهن سن جي سيد خاندان سان زندگي جو وڏو حصو گڏ گذاريو آهي، هن هڪ انٽرويو ۾ مون کي ٻڌايو ته:

“تاريخي طور سائين جي ايم سيد ۽ سورهيه بادشاهه جي وچ ۾ اهڙي ڪا ملاقات ٿي ئي ڪونه هئي. جڏهن ته ناول جو اهو ٽڪرو ڏيپلائي صاحب لکي پو سائين جي ايم سيد وٽ کڻي آيو هو ۽ سائين کي پڙهي ٻڌائي اجازت ورتي هئائين ته جيڪڏهن سائين اجازت ڏين ته هو ڇپرائي ۽ سائين جي ايم سيد ڏيپلائي صاحب کي اجازت ڏني هئي. ان کانپو سائين ناول جي ان ٽڪري جو حوالو پنهنجي عدالتي بيان ۾ ڏنو، جنهن مان ماڻهن وري اهو سمجهو ته اها ملاقات تاريخي طور سچ آهي. “

اهڙي ريت ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول “اڻويهه عورتون” ۾ مک ڪردار کي هڪ عرب عورت ملي ٿي جيڪا پيٽ سان آهي، هو هن کي ٻڌائي ٿي ته راجا ڏاهر هن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي جنهن جي ڪري هو پيٽ سان ٿي وئي آهي. مک ڪردار هن کي خليفي وٽ وٺي ٿو اچي ۽ خليفي کي اڳڪٿي ٻڌائي ٿو ته هي ئي اها عورت آهي جنهن مان هن کي پُٽ جو اولاد ٿيندو، خليفو ان عورت سان شادي ڪري ٿو ۽ جڏهن ان عورت کي پٽ ڄمي ٿو ته ان جا مهانڊا ڏاهر جهڙا هئا.

پر تاريخي طور ان قسم جو ڪوبه حوالو نٿو ملي ته راجا ڏاهر ڪنهن عرب عورت سان جنسي ڏاڍائي ڪئي يا ڪنهن عرب عورت کي هڪ اهڙو پُٽ ڄائو جنهن جا مهانڊا راجا ڏاهر جهڙا هئا. ان هوندي به جيڪڏهن ان ڳالهه تي بحث ڪجي ته ايئن تاريخي طور ٿيو هو يا نه ٿيو هو اهو وقت وڃائڻ کانسوا ڪجهه به نه هوندو. ڇو ته اهو ٽڪرو ليکڪ ناول ۾ افسانيت پيدا ڪرڻ لا ڏنو آهي.

عالمي ادب مان ته ڪيترن ئي اهڙن ناولن جو حوالو ڏئي سگهجي ٿو جن ۾ نه رڳو عام تاريخ پر مذهبي تاريخ کي به مسخ ڪيو ويو آهي. مثال طور ڊين برائون جو مشهور ناول “ڊا ونسي ڪوڊ”، جنهن جون هن وقت تائين لکين ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن، هن ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته مسيح ميري ميگڊلن نالي مائي سان شادي ڪئي ۽ جڏهن مسيح کي صليب تي چاڙهيو ويو ته هو پيٽ سان هئي، مسيح پنهنجي ساٿين کان وڌيڪ محبت جو اظهار ميري ميگڊلن لا ڪندو هو جنهن جي ڪري پطرس کي ان سان ساڙ هو ۽ هن ئي پو سازشون ڪري ميري ميگڊلن جي ڪردارڪشي ڪرائي. اهو سمورو واقعو ۽ ان ناول ۾ ڄاڻايل اهڙا ٻيا ڪيترائي واقعا مسيحي عقيدن جي بلڪل ابتڙ آهن، پر پو به دنيا ان ناول کي افسانوي حوالن سان قبول ڪيو آهي ۽ اهو ناول وڏي وقت تائين بيسٽ سيلر جي لسٽ ۾ رهيو آهي.

ان کانپو نوبل انعامي يافته ليکڪ حوزي سراماگو جي ناول “ڪائن” (قابيل) جو ذڪر به ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ هن قابيل جي ڪردار ذريعي پراڻي عهدنامي جي سمورن واقعن کي ابتو ڪري پيش ڪيو آهي، هن ناول کي به حوزي جو هڪ اهم ناول ليکيو وڃي ٿو، پر ڪڏهن به هن ناول مان تاريخي حقيقتون ڳولڻ يا ڀيٽڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي.

اهڙي ريت تاريخي پسمنظر ۾ رشدي جو ناول “دي انچينٽريس آف فلورينس” آهي، جيڪو سال ۲۰۰۸ع ۾ ڇپيو ۽ ان سال بُوڪر پرائيز لا به نامزد ٿيو. ائين ته هي ناول جادوئي حقيقت نگاريءَ جو بهترين مثال آھي جنهن ۾ ڪيتريون ئي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون ۽ واقعا ڏنل آھن جنهن ۾ سڀ کان اهم واقعو فتحپور واري درياهه جو سڪي وڃڻ ۽ اڪبر جو خاندان سوڌو لڏپلاڻ يا اڪبر جي نون رتن جو احوال يا وري فلورينس ۾ مڊيسي خاندان جو حڪومت ۾ اچڻ ۽ هنن کان حڪومت جو کسجي وڃڻ شامل آھن.

ان سڀ کان وڌيڪ اڪبر جو قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌڻ جو شوق، جڏھن هيڊي مٿي وارو اتالوي همراهه نيڪلو ويسپوسي کيس اهو ٻڌائي ٿو ته هن وٽ هڪ اهڙو قصو آھي جيڪو رڳو اڪبر جي ٻڌڻ جو آهي ته ان تي هن جو تجسس وڌي وڃي ٿو ۽ هو کيس پاڻ سان گڏ نويڪلائي ۾ وٺي وڃي قصو ٻڌڻ لڳي ٿو.

هن ناول جي سڀ کان حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اڪبر جي محبوب زال جوڌا ٻائي جي حوالي سان ڪيل آھي. تاريخي حوالي سان ڏٺو وڃي ته اڪبر جي زال مريم از زماني کي ئي جوڌا ٻائي سڏيو ويو آھي، جيڪا اجمير جي راجڪماري هئي پر هن ناول موجب جوڌا ٻائي رڳو اڪبر جي تصور ۾ ئي هئي، جيڪا رڳو هن کي ئي نظر ايندي هئي ٻيو ڪنهن کي به نه ۽ هن پنهنجي ان خيالي محبوبه لا مندر به اڏرايو. جڏهن ته هن جي خدمت لا الڳ سان خادم به رکيل هئا، هو ڪڏهن به ڪمري کان ٻاهر نه نڪرندي هئي ۽ کيس ڪنهن به ڪونه ڏٺو پر سڀئي ايتري تائين جو مريم ان زماني به اڪبر کي اهو احساس ڏياريندي هئي ته جوڌا ٻائي حقيقي وجود رکندڙ انسان آھي. پر جڏهن ويسپوسي اڪبر کي ڪارا ڪوز جي سونهن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته جوڌا ٻائي پاڻمرادو گم ٿي وڃي ٿي ۽ ان جي جا ٻي مائي وٺي ٿي.

جيئن ته ناول افسانوي هوندو آھي، ان ڪري ان مان حقيقي تاريخي واقعا ۽ شخصيتون ڳولڻ اجايو آھي ڇو ته افسانوي ادب ۾ ليکڪ وٽ پوئٽڪ لائسنس هوندو آھي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان ڪجهه به لکي. پر هندستاني تاريخ ۽ ان ۾ وري خاص ڪري مغلن واري دور جي تاريخ ته اهڙي انداز ۾ لکيل آھي جو ان مان حقيقت ۽ افساني جو ڪو فرق نه ڪري سگهبو آھي. هن ناول لا ڄاڻايو ويو آھي ته هن تي ليکڪ باقي ناولن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تحقيق ڪئي آھي. جڏهن ته آخر ۾ انهن ڪتابن جا نالا به ڏنل آھن، جن تان مواد ڪهاڻيءَ ۾ استعمال ڪيو ويو آھي.

ان طرح جا ٻيا به ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا، جتي ڪيترن ئي شهڪار ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ تاريخ کي مسخ ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن هر افساني جي پرک تاريخي حوالن سان ڪبي ته هوند ڪيترائي شاهڪار ناول رڌي ۾ اڇلائڻا پوندا.

مان سمجهان ٿو ته افسانوي ليکڪ انهي اظهار جي آزادي جو ئي تصور ڪندو آهي ته هن جي لکيل ڪهاڻي يا ناول کي حقيقتن ۽ تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ بدران افساني جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ گهرجي ۽ افساني جي ڪسوٽي اها آهي ته ڪهاڻي ڪهڙي انداز ۾ بيان ڪيل آهي، ڪردار ڪيئن تخليق ڪيا ويا آهن ۽ ان ۾ افسانوي رنگ ڪيئن ڀريو ويو آهي. ان کان هٽي جيڪڏهن ڪنهن به افسانوي لکڻي کي تاريخ يا حقيقتن سان ڀيٽ ڪبي ۽ ان تي وري ليکڪ کي گهٽ وڌ ڳالهائبو يا هن جي ناول جي حوالي سان اهڙي ڪا ڳالهه ڪبي ته اهو اظهار جي آزادي تي وار هوندو. اسان جي سماج ۾ سهپ ۽ جمالياتي سگهه انهي ڪري ئي گهٽجي رهي آهي جو اسين افساني کي صحيح طور تي سمجهون ئي نٿا ۽ افساني تي به بلڪل ايئن ئي ردعمل ڏيکاريون ٿا جيئن تحقيق يا نان فڪشن تي ڏيکارڻ گهرجي. جيستائين اسان پنهنجي خلاف لکيل ڳالهين کي برداشت نه ڪنداسين، ايستائين هن سماج ۾ سهپ پيدا نه ٿي سگهندي ۽ اسين ڪنهن نه ڪنهن نموني جنوني ئي رهنداسين.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment