Saturday, December 24, 2022

پير عبيد راشدي جي ڪهاڻين تي هڪ نظر- ڪليم ٻُٽ

پير عبيد راشدي جي ڪهاڻين تي هڪ نظر

ڪليم ٻُٽ



ائين ته ڪهاڻي جي حوالي سان ڪيتريون ئي وصفون ۽ سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن، پر جيڪا سمجهاڻي مون کي سڀني کان وڌيڪ وڻندي آهي اها آهي سنڌي ٻولي جي مشهور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو جي ڏنل وصف. قادر جوڻيجو حميد ابڙو جي ڪهاڻين تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:

“ادب جي سڀني صنفن ۾ ڪهاڻي ڏکئي ۾ ڏکي صنف آهي، اها بلڪل رسي تي هلي ڪرتب ڏيکارڻ مثل آهي، هڪ ته گهٽ لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ ٻيو ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ ته رسي تان به ناهي ڪرڻو. ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻي ۾ هڪڙو اضافي جملو به ڪهاڻي ۾ جهول پيدا ڪري ويندو آهي.“


منهنجو پنهنجو اهو خيال آهي ته ڪهاڻي ۾ وري حقيقت نگاري واري ڌاري ۾ ڪهاڻي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جيئن ته حقيقت نگاري ۾ ليکڪ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش اها هوندي آهي ته واقعن، منظر، ماحول ۽ ڪهاڻي جي سٽا کي جيئن جو تيئن پيش ڪري، ان ڪري ڪهاڻي ڪيڏي مهل مضمون ۾ بدلجي ويندي آهي ان جي خبر ليکڪ کي به نه پوندي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ مضمون لکيو، جيڪو ٽن قسطن ۾ ڇپيو، ان جو عنوان هو “حقيقت نگاري جي مخالفت ۾” ان مضمون ۾ مون اهو دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته افسانوي ادب رڳو حقيقت نگاري يا سماجي حقيقت نگاري تائين محدود ناهي پر افسانوي ادب جو دائرو تمام وسيح آهي ۽ هاڻي سنڌي افسانوي ليکڪن کي به حقيقت نگاري کان پاسيرو ٿي ٻين ڌارائن تي غور ڪرڻ گهرجي. حقيقت نگاري ۾ جيڪي تجربا ٿيڻا هئا اهي ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي ان ۾ ليکڪ ورجا جو شڪار ٿي رهيا آهن. پر جڏهن پير عبيد راشدي جون ڪتاب “ستاويهه ڊسمبر” ۾ ڏنل ڪهاڻين پڙهجن ٿيون ته احساس ٿئي ٿو ته حقتقت نگاري جيڪڏهن پير عبيد راشدي جهڙي جادوگر ڪهاڻيڪار جي قلم مان نڪري ٿي ته اها سوچ ۽ سمجهه جا نوان دروزا کولي وڃي ٿي ۽ اهو به اندازو ٿئي ٿو ته پير عبيد ڪهاڻي جو اهو ڪاريگر آهي جيڪو اکيون بند ڪري ڪهاڻي جي رسي تي هلندو پنهنجو ڪرتب ڏيکارڻ ۾ مهارت رکي ٿو.

ڪتاب “ستاويهه ڊسمبر” مرڪ پبليڪشن ڪراچي سال ۲۰۲۲ع ۾ ڇپرايو آهي ۽ هن ۱۹۰ صفحن جي ڪتاب کي ٻن ڀاڱن “ڪهاڻيون” ۽ “مختصر ڪهاڻيون” ۾ ورهايو ويو آهي. هتي مان پهرين ۽ ٻين ڀاڱي جي ڪجهه ڪهاڻين تي پنهنجو تجزيو ڏيان ٿو. هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي “ستاويهه ڊسمبر” آهي جيڪا ٽائيٽل ڪهاڻي پڻ آهي. انساني تاريخ ۾ ڪي ڏينهن ۽ تاريخون اهڙيون به هونديون آهن جن جي ذڪر سان هڪدم ذهن ۾ ڪو خاص واقعو يا حادثو ذهن ۾ اچي ويندو آهي ۽ ۲۷ ڊسمبر به هاڻي اسان سنڌين لا اهڙي تاريخ بڻجي چڪي آهي جنهن جي ذڪر سان سال ۲۰۰۷ع ۾ لياقت باغ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت وارو واقعو ذهن ۾ اچيو وڃي. هي ڪهاڻي به انهي واقعي جي عڪاسي ڪري ٿي، پر هي ڪهاڻي پڙهڻ مهل ايترا ته سرپرائيز ملن ٿا جو پڙهندڙ جو هن ملڪ جي وحشي سياسي تاريخ تي ماتم ڪرڻ تي دل گهري ٿي.

هن ڪهاڻي ۾ ٽي مک ادبي لاڙا نظر اچن ٿا:

الف) ناسٽليجيه: هي هڪ اهڙو احساستي جذبو آهي جنهن ۾ ماڻهو ماضي جي ڪنهن خاص واقعي يا حادثي جي ياد ۾ ٻڏي ويندو آهي، جڏهن ماڻهو ڪنهن مخصوص جا جنهن سان ماضي ۾ هن جو لاڳاپو هوندو آهي ته گذري ويل وقت کي ياد ڪرڻ لڳندو آهي ۽ آس پاس جي ماحول کان بي نياز ٿي خيالن ئي خيالن ۾ ان گذري ويل وقت ۾ هليو ويندو آهي. هي احساس اڪثر ڪري هاڪاري اثر وارا هوندا آهن، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي ناڪاري اثر به ڇڏي ويندا آهن، جهڙوڪر موجوده وقت ۽ حالتن کان ماڻهو بي نياز ٿي ماضي جي يادن ۾ رهي فراريت جو آسان رستو ڳولي وٺندو آهي. انهن يادن جي ڪري ڊپريشن جو شڪار به ٿي ويندو آهي ۽ موجوده وقت ۾ ڪو لاڀائتو ڪم نه ڪري سگهندو آهي.

ب) سياسي بحران: حقيقت نگاري ۽ سماجي حقيقت نگاري واري ادب ۾ سياسي بحران کي اهم جز سمجهيو ويندو آهي، رياستي ڍانچي جو ڏاڍ جبر، طبقاتي اڻ برابري، هڪ مخصوص ٽولي جو حڪمراني حاصل ڪرڻ لا سازشون ڪرڻ وغيره، طبقاتي جدوجهد ڪرڻ وغيره. هن ڪهاڻي ۾ هن ملڪ جي سياسي بحران کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

ت) تجسس: افسانوي ادب ۾ سڀ کان اهم ڳالهه ڪنهن به ڪهاڻي يا ناول وغيره ۾ تجسس وارو جز اهميت رکندو آهي، اهو ان ڪري به رکيو ويندو آهي ته جيئن پڙهندڙ هڪدم ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهي ۽ غور ويچار ڪندو ڪهاڻي جي پڄاڻي تائين پهچي. هن ڪهاڻي ۾ اهو جز به زبردست ۾ پڙهڻ لا ملي ٿو.

هي ڪهاڻي ضمير متڪلم ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ پي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ پنهنجي پٽ سان ملڻ اچي ٿو ۽ انٽرنيشنل هاسٽل تي ان جو انتظار ڪرڻ لڳي ٿو، اتي هو پنهنجي هڪ دوست سان ملي ٿو جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. هن ڪهاڻي جون هي سٽون ته:

“دنيا جي جن ديسن ۾ سياسي ۽ معاشي حالتون ناساز هونديون آهن ته اتي جون هاسٽلون اڪثر “هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين” جي آلاپ ۾ گونجنديون آهن. “ پڙهندڙ جو ڇرڪ ڪڍرائڻ لا ڪافي آهي. ڪرادار انٽرنيشنل هاسٽل جي ڏاڪي تي ويهي ماضي جي يادن (ناسٽلجيه) ۾ هلي وڃي ٿو ۽ ۱۹۷۰_۸۰ع جي ڏهاڪن جڏهن هو پاڻ هاسٽل تي رهندو هو وارن ڏينهن کي ياد ڪرڻ لڳي ٿو، ائين هو علي مردان شاهه جي قتل واري وارڌات کي ياد ڪري ٿو ۽ سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اچن ٿيون، جڏهن ته ڪهاڻي جون هي سٽون پڙهندي وري پڙهڻ واري جون اکيون به آليون ٿي وڃن ٿيون:

“ڪن حالتن ۾ فرد جو عمل قومي سڃاڻپ ٿي ويندو آهي. “ يا

“گوليون هميشه وڏن جي اشاري ۽ ٻين جي ڪلهن تان هلايون وينديون آهن. . . . . مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾!”

جڏهن ڪردار گيلري ۾ ڪبوتر ڏسي ٿو ته چئي ٿو: “سٺا پکي سهڻن ۽ عظيم انسانن جو ٻيو جنم هوندا آهن، شايد اهي پکي شهيد علي مردان شاهه، احسان ميمڻ جا روپ هجن!!”

جيئن جيئن هي ڪهاڻي پڙهجي ٿي ته اهو احساس ٿيڻ لڳي ٿو ته هي ڪهاڻي سنڌ جي قومپرست سياست جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ان ۾ ستاويهه ڊسمبر واري واقعي جو ذڪر نه ايندو. جڏهن ته ڪهاڻي ۾ مونس اياز جهڙن حقيقي ڪردارن جو ذڪر به ملي ٿو ۽ پو وري پڙهندڙ کي اوچتو هڪ جهٽڪو لڳي ٿو جڏهن مک ڪردار کي پٽ جو فون اچي ٿو ۽ خبر پئي ٿي ته بيبي کي شهيد ڪيو ويو آهي، ملڪ آتشفشان جيان ڦاٽڻ تي آهي ۽ اهڙي نموني ڪهاڻي پنهنجي حيرت انگيز پڄاڻي ڏانهن وڌي ٿي.

ائين تي يونيورسٽي جي پسمنظر ۾ سنڌي سڌو ٻين ٻولين ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ناول لکجن ۽ ڇپجن ٿا، جنهن کي نيو ايڊلٽ فڪشن يا ينگ ايڊلٽ فڪشن سڏجي ٿو. هن قسم جي ادب ۾ ڪنهن يونيورسٽي يا ڪاليج جو ماهول ڏيکاريو ويندو آهي ۽ اهو گهڻي ڀاڱي نوجوانن جي مستقبل جي حوالي سان، سندن عشق بابت يا شخصيت ۽ پڙهائي جي مونجهارن جي پس منظر ۾ لکيل هوندو آهي. سچ اهو ئي آهي ته سنڌي ادب ۾ ڪيمپس جي پسمنظر هن کانسوا رڳو هڪڙي ئي نرالي ڪهاڻي آهي ۽ اها آهي امر جليل جي “ساڻو ساڻو ساهه”. هي ٻئي ڪهاڻيون پنهنجي موضوع ۽ بيان ڪرڻ جي انداز ۾ نراليون آهن ۽ ائين ٿو لڳي ته هي ٻئي ڪهاڻيون سنڌي شاگردن جي رت سان لکيل آهن.

اهڙي ريت هڪ ٻئي ڪهاڻي ڪيچ مڪران کي ڪارونجهر جي ميار! به موضوع ۽ بيان جي انداز ۾ نرالي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪجهه ڪردار فريئر هال ۾ آچر ڏينهن لڳندڙ ڪتابن جي اسٽال تي ملن ٿا. جنهن ۾ ڪتابن جي ذڪر سان گڏ ملڪ جي سياسي صورتحال جو ذڪر به پڙهڻ لا ملي ٿو. اهڙي ريت وري انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر ۱۶ جو ذڪر نڪري ٿو جٿان هڪ شاگرد کنڀجي ويو ۽ کنڀجڻ وقت ان جا ڪتاب جنهن ۾ ٽالسٽا، شولوخوف، گورڪي، مارڪس ۽ فيض احمد فيض جا ڪتاب. ائين ٻنهي ڪردارن ۾ هڪ تعلق جڙي وڃي ٿو ۽ اهي ڪچهري ڪرڻ لڳن ٿا، جنهن تي ڪتاب وڪڻندڙ يوسف ڀائي اشارن ۾ کين ياد ڏياري ٿو ته ماحول خراب آهي ٿورو خيال ڪجي.

مان سمجهان ٿو ته هن ملڪ جو ماحول ته ان جي ٺاهڻ واري ڏينهن کان ئي خراب رهيو آهي ۽ شايد قيامت تائين ئي خراب رهي، هتي ماڻهن جي سوچ سمجهه ۽ ڳالهائڻ تي ڪڙو چڙهيل آهي ۽ هي ڪهاڻي انهي گٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. هن ۾ هڪ لساني سياسي تنظيم جي اڳواڻ بدبخت ۽ انهن جي ٻولي جي هڪ اديب جو ڪردار به ملي ٿو جنهن سان بدبخت وڏي احترام سان ملي ٿي. . . جنهن تي مک ڪردار کي اهو پڻ احساس ٿئي ٿو ته هي لساني ٽولو پنهنجي اديبن ۽ دانسورن جي ڪيڏي نه عزت ڪري ٿو. اها حقيقت به آهي سڌريل ماڻهو پنهنجن ليکڪن ۽ دانشورن کي مان ۽ مرتبو ڏيندا آهن ۽ کين عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا آهن. ان جي ڀيٽ م اسان سنڌي وري پنهنجن ليکڪن کي پاڻ ئي عجيب غريب نالا ۽ لقب ڏئي ڇڏيندا آهيون، جيڪو ليکڪ اسان سان اختلاف ٿو ڪري يا اسان جي ٽولي جو نه آهي اهو سرڪاري ۽ درٻاري ليکڪ آهي، ۽ جيڪو ليکڪ اسان جي ايجنڊا تي لکي ٿو اهو ئي حقيقي ليکڪ سمجهيو وڃي ٿو.

ائين تي ڪيترين ئي ڪهاڻين جي مختلف پاسن تي لکي سگهجي ٿو، پر هتي مان هڪ ٻئي ڪهاڻي کل جو آچار جو ذڪر ڪندس. هي ڪهاڻي به پنهنجي مزاج ۾ الڳ ٿلڳ ڪهاڻي آهي ۽ سنڌي ادب م ان قسم جون ڪهاڻيون گهٽ ئي لکيون ويون آهن. هن ڪهاڻي ۾ وري ٻه نئين رخ ڏسڻ لا ملن ٿا هڪ اربنائزيشن ۽ ٻيو ماڻهن کي نڪ نيم يا پيٽ نيم ڏيڻ.

۱_ اربنائزيشن: جڳ مشهور ناول نگار وي ايس نئپال هڪ هنڌ چيو ته ڪنهن به شهر جو حقيقي حسن ايتري تائين نروار نه ٿو ٿي سگهي جيتري تائين ڪو اديب يا مصور ان کي پنهنجي تخليق جي ڏندڪٿائي حسناڪي نٿو ڏئي.

اهڙي ريت دي پلگريئو هينڊ بوڪ آف ليٽريچر اينڊ دي سٽي جو ايڊٽر جرمي ٽمبلنگ ڄاڻائي ٿو ته شهر يا شهري ادب جديديت جو هڪ اهم موضوع رهيو آهي. شهري زندگي ڪيترين ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي نظريئن جو مرڪزي نقطو رهي آهي، جڏهن ته ان جو ذڪر غيرمعامولي نظم توڙي نثري ادب ۾ ملي ٿو. انهن مان ڪيترن ئي ناولن، ڊرامن ۽ نظمن ادب کي نئيون راهون ۽ سرحدن ڏنيون آهن. هو وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته جڏهن اسين جديديت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان مان مراد شهري زندگي جي وٺون ٿا. برطانيا ئي اهو پهريون ملڪ آهي جنهن ۱۸۵۱ع جي آدم شماري کانپو اهو ظاهر ڪيو ته ان جي شهري آبادي ڳوٺاڻي آبادي کان وڌي چڪي آهي، جنهن مان برطانيا اندازو لڳايو ته اهو ڪيتري تيزي سان صعنتڪاري ڏانهن وڌي رهيو آهي. اهڙي ريت ۱۹۰۰ع ۾ فرانس ۽ ۱۹۲۰ع ۾ آمريڪا به اهڙو اعلان ڪيو.

جڏهن پير عبيد راشدي جي هي ڪهاڻي پڙهجي ٿي ته اها سنڌي سماج ۾ اربنائزيشن جي خوب عڪاسي ڪندي نظر اچي ٿي. هي هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي جيڪا ٻين جي گهرن ۾ وڃي ماني وغيره کائڻ مان مزو وٺندي آهي ۽ پاڙي ۾ پئي هڪ گهر کان ٻئي گهر ڏانهن ويندي آهي، جنهن جي ڪري هن تي پاڙي ۾ آنٽي نه مُئي جو نالو پئجي وڃي ٿو، هن جي ڪرادر کي ڪجهه هن نموني بيان ڪيو ويو آهي:

“آنٽي نه مُئي جي باڊي لينگويج ۾ نه روايتي عورت پنو ڻه وري سونهن جي ڇڪ نه ڪا نياز نوڙت. . . “ هي ڪهاڻي حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي جي پس منظر ۾ لکيل جتي مختلف ذاتن وارن ۽ مختلف طبقن وارا ماڻهو رهن ٿا. جڏهن ته آنٽي نه مُئي اهڙي مائي آهي جيڪا پاڻ ته ورلي ئي ڪنهن جي دعوت ڪندي آهي ۽ ورلي ئي ڪنهن کي ماني کارائيندي آهي، پر پاڻ وري هر دعوت ۾ اڳيان اڳيان بيٺي هوندي آهي ۽ سدائين ويلي ٽارڻ جي ڪوشش ۾ هوندي آهي.

اهڙي نموني ڪهاڻي جو ٻيو پاسو نڪ نيم يا پيٽ نيم ڏيڻ وارو ظاهر ٿئي ٿو: جيڪڏهن انساني سماج جو نفسياتي تجزيو ڪجي ته ان ۾ نالن جي وڏي اهميت هوندي آهي. نالو ماڻهو جي شخصيت جي عڪاسي ڪندو آهي، نالو ئي ماڻهو جي سڃاڻپ هوندو آهي. هر سماج ۽ ثقافت ۾ هڪڙو اصل نالو رکيل هوندو آهي، جڏهن ته هڪ يا ڪن صورتن هڪ ئي ماڻهو کي هڪ کان وڌيڪ نڪ نيم ڏنا ويندا آهن. نفسياتي ماهرن موجب نڪ نيم يا پٽ نيم چئين سببن ڪري ڏنا ويندا آهن:

۱_ عزت ۽ احترام مان

۲_ پيار ۽ پاٻوهه مان

۳_ ڪاوڙ ۽ حقارت مان، ۽

۴_ بدلو وٺڻ لا.

جيئن هن ڪهاڻي ۾ آنٽي نه مُئي جو ڪردار پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته اوڙي پاڙي وارا هن جي عجيب روئي ۽ حرڪتن جي ڪري هن گهڻا خوش نه آهن ۽ ڪاوڙ يا حقارت مان هن تي مختلف نالا رکن ٿا. جيئن هنن سٽن ۾ پڙهڻ لا ملي ٿو:

“وڏن انهي نالي ۽ ٻين نالن جي ڪلپ لڳائي ڇڏي هئي. جيئن مثال آنٽي هڻ ۽ کڻ، ويلو ٽارهڻ ۽ کڻ انهي ڪري جو شادي جي وليمن مان گهوٽيتن، ڪنواريتن کي مليل گفٽس ڪڇ م ڪري ٺوٺيون ٺوڪيندي ٻاهر نڪري ويندي آهي. “

هن ڪهاڻي ۾ سهري زندگي جي عجيب رنگ ۽ مونجهارن جي مهارت سان عڪاسي ڪئي وئي آهي ۽ اها به خبر پئي ته شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو ذهني طور ڪٿي بيٺل آهن.

هن ڪتاب جي ٻين حصي ۾ مختصر ڪهاڻيون ڏنل آهن جيڪي وڌ ۾ وڌ ٻن صفحن جون آهن انهن مان ٻه ڪهاڻيون “الله جو ماڻهو” ۽ “قسطن ۾ مرڻ” خوبصورت انداز ۾ لکيل آهن. جيتوڻڪ موضوع جي حوالي سان اهي عام رواجي موضوع آهن، پر جنهن نموني انهن ٻنهي ڪهاڻين کي پيش ڪيو ويو آهي، اهي شاندار ڪهاڻيون ٿي پيون آهن. ڪهاڻي الله جو ماڻهو ۾ اسان جي سماج جي ناڪاري پاسن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جتي هڪ خوش اخلاق ماڻهو جي کي ڪابه اهميت نٿي ڏني وڃي، پر ان جي ڀيٽ ۾ بدمعاشن کي جتي ڪٿي عزت ڏني وڃي ٿي. جنهن اڳ پٽ آهي انهن جا سڀ ڪم ٿيو وڃي، جڏهن ته اهي ماڻهو جيڪي الله سائين جي آسري آهن انهن جي زندگي ويتر مشڪلن ۾ آهي.

ڪهاڻي قسطن ۾ مرڻ ۾ وري اسان جي ادب ڏانهن ناڪاري روئي جي عڪاسي ڪيل آهي، جنهن ۾ نوجوان هڪ سينئر اديب سان ملي ادبي رسالي ڪڍڻ لا صلاح گهرن ٿا. ان تي سينئر اديب کين چئي ٿو رسالو ڪڍڻ سٺي ڳالهه آهي، پنهنجي ادب جي خدمت آهي پر رسالي لا سرڪيوليشن ساهه جي رڳ برابر هوندي آهي. پاڻ وارا همراهه گهرن ۾ يا ته انگريزي اردو ميگزين رکندا آهن يا اعزازي ڪاپي لا ماندا هوندا آهن. ان هوندي به نوجوان رسالو ڪڍن ٿا پر کين اها موٽ نٿي ملي ۽ وري ان ليکڪ سان ملن ٿا ته کين ليکڪ چئي ٿو:

“سال کن اڳ توهان صلاح مشوري لا آيا هئا. تڏهن هڪ وار مون سوچيو ته توهان کي چوان، اباڻي ٻولي ۾ رسالو ڪڍڻ معنى قسطن ۾ مرڻ يا ڊگهي سڪرات. . . “

هن ڪتاب ڏنل ڪهاڻيون پنهنجي موضوع، بيان ڪرڻ جي انداز ۽ ٽريمنٽ ۾ نراليون ڪهاڻيون آهن جيڪي پڙهندڙ نئين انداز م سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون.

 آفريڪا جو مشهور ناول نگار بين اوڪري، جنهن کي سندس ناول دي فيمشڊ روڊ تي بڪر پرائيز مليو. هو ڪتاب A Time for New Dreams جيڪو ۲۰۱۱ ۾ برطانيا مان ڇپيو، ان جي هڪ مضمون Writers and Nations ۾ هو ڄاڻائي ٿو ته:

“قومن جو زوال ڪا به مبهم ڳالهه نه آھي. اهو ليکڪن جي زوال سان شروع ٿيندو آھي. ان جي پهرين نشاني اها آھي ته قومون پنهنجن ليکڪن کي مان ۽ مڃتا ڏيڻ ڇڏي ڏينديون آھن. ڇو جو ليکڪ لاشعوري طور تي قومي تندرستي ۽ وڙهڻ واري روح جا نمائندا هوندا آھن.

ليکڪ قومن جي نفسياتي صحت جي علامت هوندا آھن.

جڏهن ڪا قوم پنهنجي ليکڪ کي مڃتا ڏيندي آھي ته اها اصل ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃتا ڏيندي آھي. اها قوم جيڪا پنهنجي حقيقي، بهادر ۽ سچن تخليقڪارن کي مان نٿي ڏئي، ان جو مطلب ان پاڻ سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي.

ڪا به قوم جيڪا پنهنجي حقيقي تخليقڪارن کي نٿي ساراهئي، ان جو مطلب اها قوم پنهنجي تخليقي سگهه وڃائي ويٺي آھي. “

ان ڪري اسان سنڌين کي به پير عيبد راشدي جهڙن سچن، بهادر ۽ حقيقي تخليقڪارن کي ساراهڻو پوندو. اهو انهن تي ڪو به ٿورو نه هوندو پر ائين ڪرڻ سان اسان هڪ زندهه قوم هجڻ جو ثبوت ڏينداسين.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۰ ۽ ۱۱ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



ستاويهه ڊسمبر

سنڌي ٻوليءَ جي سينيئر ڪهاڻيڪار پير عبيد راشديءَ جو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب شايع ٿي ويو.

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

پير عبيد راشدي صاحب سنڌي ادب جو سينيئر ليکڪ آهي. توڙي جو سندس لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ٻڌائي وڃي ٿي پر سگهاري سڃاڻپ بهترين ڪهاڻيڪار طور اٿس. سندس پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون“ 2007ع ۾ ڇپيو، جيڪو هاڻ اڻ لڀ ٿي چڪو آهي.

پير عبيد راشديءَ جي سڃاڻپ جا جيتوڻيڪ حوالا ٻيا به کوڙ ملن ٿا. هو بهترين انسان، خوبصورت دوست، ذميدار پيءُ، باوفا همسفر، يارن جو يار، کلڻو ملڻو، سنجيده، سلڇڻو، سٻاجهڙو، بااخلاق، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ اعليٰ شخصيت جو مالڪ آهي. راشدي خاندان سان تعلق رکندڙ هي مانجهي مڙس هر ڪنهن سان هٿ جوڙ واري واٽ رکندي سنگت ۾ سونهين ٿو. سندس چپن تي مُرڪ نه صرف مُسڪراهٽ هجي ٿي، پر سامهون واري سنگت کي سڄي حياتي قيد رکڻ جو فيصلو ٻڌائي ٿي، سندس نظر ۾ نه ڪو ننڍو نه وڏو، نه امير نه غريب آهي، نه پوڙهو نه پڪو آهي، هو پاڻ کان ننڍي عمر وارن سان، توڙي ٻارڙن سان به ساڳي انداز ۾ مکا ميل ٿئي ٿو. هن سنگت ۾ ڪڏهن پيري مرشديءَ کي به نه آندو آهي، نه ئي عام روائتي سيدن جيان انا پرست يا انتها پسند نظر آيو آهي. هو الهه لوڪ ماڻهو ۽ فقراهي طبيعت رکندڙ اعليٰ گڻن وارو انسان آهي. سندس نظرياتي قدم سن واري سيد ڏانهن آهن، پر پير پاڳاري جي خاندان سان به سندس عقيدت رهي آهي.

پير عبيد راشدي سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد رهيو آهي، توڙي جو سڄي سنڌ سان سندس عشق آهي، سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن سان، موهن جي دڙي جي ماڻهن سان بيحد عقيدت اٿس. هو پنهنجي روايتي رمز ۾ توڙي لکڻين ۾ قومي اثاثن، قومي ٻولي، قومي ورثي جو محافظ نظر اچي ٿو. پر علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي اڱڻ تي ورجايل وچن جو به پاسدار آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ سان سندس لاتعداد يادون سلهاڙيل آهن، جيتوڻيڪ سنڌ جي چپي چپي تي چوڪسي نظر اچي ٿو.

پير عبيد راشديءَ جي هن ڪهاڻي ڪتاب ”ستاويهه ڊسمبر“ ۾ ٽوٽل ننڍيون وڏيون اٺٽيهه (38) ڪهاڻيون آهن. هن ڪهاڻي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي ستاويهه ڊسمبر واري سانحي کي ورجائي ٿي، ان کان علاوه ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پسمنظر پڻ آهي. ان کان علاوه هن ڪهاڻي ڪتاب جون مڙئي ڪهاڻيون اسان جي سماج جي عڪاسي ڪن ٿيون. پير صاحب پنهنجي شخصيت ۾ به سنڌ پرست، سماج سڌارڪ ۽ سچيت شخصيت جو مالڪ آهي، اهڙيءَ ريت سندس اڪثر ڪهاڻين جا پلاٽ به پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ مان کنيل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ اڪثر سنڌ سان، سنڌي ماڻهن سان ناانصافيءَ خلاف سگهارو آواز آهن. هن ماروئرڙن جي دانهن اعليٰ ايوانن تائين رسائيءَ جو ذريعو قلم کي بڻايو، ان کان علاوه سندس پسند جي ادبي صنف ڪهاڻي جُڙي، اُهو ئي سبب آهي جو پير عبيد راشديءَ جو ڪهاڻيون ڌرتي ڌڻين سان زيادتين خلاف قلمي جهاد جي حيثيت رکن ٿيون.

پير صاحب جي ڪهاڻين ۾ هڪڙي واڌاري خوبي پڙهندڙ کي ضرور ملندي ته سندس لب لهجو ۽ اسلوب ته آهي ئي سادو ۽ سلوڻو پر هن پنهنجي لکڻين ۾ اصلوڪي سنڌي ٻولي، لهجو ۽ نج سنڌي الفاظ محفوظ ڪيا آهن، سندس ڪهاڻين ۾ روانيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جا اُهي لفاظ ڪتب آندا ويا آهن، جيڪي ويجهي ماضيءَ ۾ نئين نسل ته ٻڌائي ناهن پر نئين ٽهيءَ جي لکندڙن کان به وسري ويا آهن.

پير عبيد راشديءَ جو هي ڪهاڻي ڪتاب ”ستاويهه ڊسمبر“ ڪهاڻي کيتر ۾ يقينن اهم ۽ الڳ حيثيت رکي ٿو، اميد اٿئون ته ليکڪ جو پورهيو ۽ اداري جي هيءَ ڪوشش پڙهندڙن کي ضرور پسند ايندي. 

ڪهاڻين جي هن خوبصورت ڪتاب جو مهاڳ نامياري ليکڪ مدد علي سنڌي لکيو آهي، ڪهاڻي ڪتاب بابت اخلاق انصاري جو مضمون پڻ شامل آهي.

انڊونيشن بهترين پيپر تي ڇپائي ٿيل، پڪي بائيڊنگ واري ۱۹۲ صفحن تي آڌاريل هن ڪتاب جو مُلهه ۵۰۰ رپيا آهي.

ڪتاب گهرائڻ لاءِ 03005182494

نوٽ: رقم موبي ڪيش ذريعي اماڻي ڪتاب سڌو سنئون اداري وٽان به گهرائي سگهجي ٿو.

No comments:

Post a Comment