Friday, December 23, 2022

ضرورت - مٺل جسڪاڻي

ضرورت!

مختصر تاثراتي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



ناول نويس سان ڳالھائڻ ٿيو، چيائين “جيئن ناول پڙھڻ لاءِ واندڪائي ڳولڻي پوي ٿي، ڪي ڪم پوءِ ڪرڻ لاءِ معطل ڪرڻا پون ٿا، تيئن ناول لکڻ لاءِ به گهڻا ڏينھن ۽ گهڻي واندڪائي گهرجي”.

ڪھاڻيڪار سان ڪچھري ڪيم، ته چيائين “معاشري ۾ ڪھاڻيون تمام گهڻيون موجود آھن، پر ڪھاڻي جون لوازمات پوريون ڪرڻ لاءِ وقت گهرجي. “


تجزئي نگار مليو، ان چيو “بي ربط ماحول جو بي ربط تجزيو لکي به وٺجي، پڙھندو ڪير؟ جيڪو پڙھندو، ان کان صبر به پڄندو؟”.

شاعر مليو، ساڻس مخاطب ٿيڻ به نه پئي گهريم، پاڻ ئي اڳ جهلي بيھي رھيو، پاڻ ئي چوڻ لڳو:

“گرمي به آھي،

آچر سبب موڪل به آھي،

رمضان جو پھريون روضو به آھي،

۽ ٻيو به الئه ته ڇا ڇا آھي،

مختصر نثري نظم به،

لکيو نه ٿو ٿئي”!

شاعر سندس نڪور نثري نظم ٻڌايو، يا دل جو احوال ڪيو، آئون جنھن ڪم سان نڪتو ھئس، اھو ڪم به ٿي چڪو ھو، پنھنجي گهر کي ويجهو به ھئس. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي. . .

 

(مٺل جسڪاڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۳ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment