Friday, December 23, 2022

هاذا من فضل ربي - دريا خان شنباڻي

هاذا من فضل ربي

ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



مون کي خبر پئي ته منهنجو پراڻو دوست ادا چنيسر بيمار پيو آھي، سو پنهنجي جهوپڙي نما گهر مان نڪري، ڪجھ پنڌ ڪري، ادا چنيسر جي محل نما گهر جي گيٽ وٽ بيهي گهنٽي وڄايم ۽ انتظار ڪرڻ لڳس. ٿوري دير ۾ سندس ننڍي پٽ دروازو کوليو ۽ مرڪي هٿ ملائيندي چيائين؛ ”چاچا سائين! ڪيئن آھيو؟“


چيم؛ ”ٻچا مان ٺيڪ آھيان! خبر پيم ته ادا چنيسر ٺيڪ ناهي، سو کيس ڏسڻ آيو آھيان!“

چاچا! بابا جي ڪنڊيشن ڪجھ بهتر ناهي. سو ملڻ ڪنهن کي به نه ٿا ڏيون.“

”ٻچا تو کي خبر آھي ته مان ۽ ادا چنيسر يار آھيون. يار جي بيماريءَ جو ٻڌي، ويهڻ نه آيو. مان هڪ دفعو ادا چنيسر سان ملڻ ٿو چاهيان.“

سندس ننڍو پٽ ڏاڍو مجبور ٿيو ۽ مجبورن چيائين؛ ”چڱو، اچو ڀلا!“

مان اندر داخل ٿيس ۽ سندس پٽُ، مون کي ادا چنيسر جي ڪمري ۾ وٺي آيو. جتي ڪو نوڪر وغيره سندس تيمارداري ڪري رهيو هو. مکين جا ميڙا هجن، توڙي جو ڪمري ۾ عطر وغيره ڇڙڪيل هئي. ان جي باوجود به مون کي ٿوري ڪراهت ڏيندڙ بدبوءِ محسوس ٿي. سندس ننڍو پٽ مون لاء چانھ آڻڻ جو چئي، ڪمري مان نڪري ويو.

ادا چنيسر اکيون بند ڪري ستو پيو هو ۽ مان پاسي سان رکيل ڪرسي تي ويهي رهيس ۽ چيم؛ ”ادا چنيسر! اسلام عليڪم!“

وعليڪم سلام چوڻ بجاءِ چيائين؛ ”پئسا!“

ادا چنيسر ڪيئن آھين؟“

پئسا!“

ادا چنيسر جون اکيون جيئن جو تيئن بند هيون.

ادا چنيسر! مان رانجهن!“

پئسا!“

”ڳالهائي ڪونه ٿو ڇا؟“ مون سندس تيماردار نوڪر کان پڇيو.

نه سائين، ڪونه ٿو ڳالهائي پر جي ڪوئي ڳالهائيس ٿو ته رڳو چئي ٿو پئسا.“

پئسي جي ڪمي ته واقعي به ادا چنيسر کي ناهي. ملڪ جون سڀئي اسپتالون ڏٺائين، سوين ڊاڪٽرن کي ڏيکاريائون پر نتيجو اهو نڪتو جو ڊاڪٽرن گهر ۾ الله الله ڪرڻ جو چئي، دوا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ادا چنيسر کي ٽي پٽ آھن، ٻه نياڻيون، ٽي نهريون، پوٽا پوٽيون، پر سندس گهرواري ڪجھ سال اڳ وفات ڪري وئي.

سندس پٽن ۾ هڪٻئي سان ملڪيت تي ٽسل آھي پر رهن سڀئي هڪ ئي ويڙھي ۾، گهر ڪشادو ۽ وسيع، پر ڀائر هڪٻئي کان ڪاوڙيل. . . . . ادا چنيسر جا پٽ پنهنجي پيءُ کان ملڪيت جي ورهاست ڪري ناراض ناراض. . . . بظاهر ملڪيت اڃان ورهائي ڪونه ڏنائين ۽ جڏھن ٺيڪ هيو ته چيائين جيستائين جيئرو آھيان، ملڪيت پٽن کي نه ڏيندس، ڏسندس، مرڻ وارو آھيان ته پوء کين ورهائي ڏيندس، هاڻ ادا چنيسر جيئرو ته آھي پر هوش حواس ۾ ناهي، ٿورو ڪير ٿو ڳالهائيس ته ورندي ڏيندي چئي ٿو پئسا.

مان وري ادا چنيسر ڏانهن متوجھ ٿيس ۽ چيم؛ ”ادا چنيسر ڪجھ کائيندين؟“

پئسا!“

ادا جوس آندم!“

پئسا!“

سندس ڀرسان جام فروٽ وغيره رکيل هيس ۽ تيماردار کان پڇيم؛ ”ڪجھ کائي ٿو؟“

ها سائين، پاڻياٺ واريون شيون کائي پيئي ٿو. باقي ٻيو ڪجھ به نه!“

ادا چنسر جي ماضيءَ ۾ هڪ دفعو ٻيهر جهاتي پائي ڏٺم ته هو شروعاتي ڏينهن ۾ وڏو محنتي ماڻھو هو. پوء محنت ڪري ننڍڙا ننڍڙا ڪاروبار ڪرڻ لڳو. ڪاروبار مان ترقي ڪندي ڪندي وڏو بزنيس مين بڻجي ويو.

جنس جو ڪاروبار ڪيائين، ڪلر ڀاڻ هلايائين، ذخيره اندوزي ڪري ناڻو ڪمائڻ لڳو. وياج تي ماڻھن کي روڪ پئسا به ڏنائين. زمينون گروت ۽ مقاطعي تي ورتائين. ذاتي زمينون به ورتائين، ڏسندي ڏسندي پندرهن ويهن سالن ۾ ادا چنيسر تر جو وڏو ڪاروباري ماڻھو بڻجي ويو.

هاڻ به ڪاروبار هليس ٿو، پر ان ڪاروبار کي ننڍو پٽ سنڀالي ته ٿو پر هر ڏھاڙي ڀائرن جي هڪٻئي سان ڦشري ٻڌندا اچون.

ڪيتري دير تائين ويٺو رهيس. پر سندس ننڍو پٽ جيڪو چانھ جو چئي واپس ئي نه ٿيو سو مان اٿڻ لڳس ۽ ادا چنيسر کان موڪلائيندي چيم؛ ”ادا چنيسر مان هلان ٿو!“

پئسا!“

ادا الله سائين خوش ڪندئي!“

پئسا!“

ادا چنيسر الله الله ڪر!“

پئسا!“

مان سندس ڪمري مان نڪري اڪيلو ئي اڪيلو گيٽ تائين آيس، گيٽ کولي ٻاهر نڪري، پوئتي مُڙي سندس وڏي بنگلي ڏانهن نهاريم. بنگلي جي داخلي گيٽ مٿان سهڻن اکرن سان لکيل هو؛ “هاذا من فضل ربي!”

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment