Monday, December 26, 2022

رُسي نٿو - محمد علي پٺاڻ

رُسي نٿو. .

ڪھاڻي

محمد علي پٺاڻ



“مئڊم، منهنجي شاديءَ کي ارڙھن مھينا ٿيا آهن. پر مان پاڻ کي مڙس جي گهر ۾ تمام گهڻو ڏکيو ٿي محسوس ڪريان. انڪري طلاق وٺڻ ٿي چاھيان. .“صائمه عورت وڪيل شبروز کي اکين ۾ پاڻي آڻيندي چيو، “مھرباني ڪري عدالت ذريعي منهنجي جند آجي ڪرايو. .“


“مڙس جي ذھني يا جسماني تشدد ڪري ٿي طلاق وٺين؟. .“

“نه، نه. .“

“ته پيارُ نٿو ڏيئي؟!. .“

“پيارُ به حد کان وڌيڪ ٿو ڏئي. پر. .“ اڳتي جملي کي مڪمل نه ڪيائين.

“ڪو نقص اٿس ڇا؟! ياشڪل صورت جو چڱو ناهي. .“

“اھڙي به ڪا ڳالهه ناهي. گهڻن کان سٺو آ.“

“ته، پئسا نٿو ڏيئي يا فرمائشون پوريون نٿو ڪرئي. .“

“اھي به پوريون ڪري ٿو. وات مان جنهن شيءِ جي طلب جو لفظ مس ڪڍندي آھيان، ته اڌ رات مڌرات به نه ڏسندو آهي ۽ ان جو پورائو ڪيئن به ڪري ان مھل ئي ڪندو آهي. .“ رئي جي پَلَوَ سان صائمه وھي آيل ڳوڙها اگھيا. . .

“باقي ڪھڙو ڏک رسايو ٿئين، جنهن سبب ھي انتھائي قدم ٿي کڻين؟. .“ شبروز جوُھَ وجهي ھن جي چھري جا تاثر جاچيندي پڇيو. .

“جهيڙو نٿو ڪري. رُسي نه ٿو. بورچيخاني ۾ ماني ٿي پچايان، ته چوي ٿو، وڃي کٽ تي ويھُ. مان ٿو سڀڪجهه رڌي کارايانءِ. امان مونکي ننڍپڻ ۾ ھر قسم جو رڌ پچاءُ سيکاريو آ. ٻُھاري پوچي ٿي ڏيان يا گهر جي ٻي صفائي سٿرائي ته اھي به ڪرڻ نٿو ڏئي ۽ پاڻ ٿو ڪري. مطلب ته. .“

“مطلب اِھي سڀ ڳالهيون، جيڪي ڪرين پئي، انھن سان ته ھو سوين ھزارين مردن کان وڌيڪ سٺو ۽ غير معمولي انسان ٿو لڳي. .“ شبروز ھن جي ڳالھ کي ڪٽي پيار ڀرئي انداز ۾ ٿورو مرڪندي چيو.

“مان جنهن ماحول ۾ وڏي ٿي آھيان. ھو ان سان مطابقت نٿو رکي. منهنجي امڙ ۽ بابو سائين پاڻ ۾ ھر وقت جهيڙا ئي جهيڙا ڪندا رھندا هئا، چوٽَ جا. پوءِ يا بابو امڙ کي روئي ۽ تمام گهڻا ايلاز ڪري پرچائيندو ھو يا امان. جن کي ڏسي ڏاڏي گد گد ٿي چوندي ھئي، ته گهڻي پيار جي اھائي نشاني آهي ته وڏي کان وڏو جهيڙو ڪري پوءِ پرچجي. ان ۾ جيڪو مزو آ، پيار جي ٻئي ڪنھن به رنگ ۾ اھڙو ناهي. سو مان به چاھيندي آھيان ته ھو مون سان وڏا وڏا جهيڙا ڪري ۽ پوءِ بابو جيئن امان کي پرچائيندو ھو، ائين پرچائي يا امان جيان ڳالھ ڳالھ تي ھن سان اٽڪان ۽ ھو رُسي، ته پوءِ پرچايانس. پر منهنجي گهڻي کان گهڻي چڙڻ يا وڏي جهيڙي باوجود ھو ٿڌي گهڙي جھڙو مزاج رکندڙ آهي ۽ رڳو ئي مونکي ٿو پرچائي. انڪري ھاڻي مونکي صفا ئي نٿو وڻي. تڏهن ھن کان ھميشه لاءِ ڌار ٿيڻ ٿي چاھيان ۽ ھڪ پل به اھڙي خاموشيءَ واري دوزخ ۾ رھڻ پسند ڪونهي. اوھانجي جيڪا في وغيره آهي، مونکي پنهنجي والدين طرفان گھڻو ڪجھ مليو آهي، اھا بنا ڪجهه ڇَڏُ ڇَڏاءَ جي سولائيءَ سان ادا ڪنديس. .“

“ھڪ ته ڪورٽ اھڙو ڪيس ڪڏهن به داخل نه ڪندي، جنهن ۾ مڙس جو ڪو به ڏوھُ نه ھجي ۽ ان کي طلاق ڏيڻ لاءِ چيو وڃي. قانون جي ڪتابن ۾ اھڙو ڪو به نقطو ڪونهي. .“

“ته پوءِ مان ڪنهن کي چوان؟!، بابا ۽ امان جن به جواب ڏئي بيٺا آهن. .“

“ٺريل کير کي ڦوڪون نه ڏي. چُپڙي ڪري وڃي ان جنت جھڙي گهر ۾ گذار ۽ خدا جا شڪر ادا ڪر، ته اھڙو وَرُ مليو اٿئي، جيڪو جُتي مٿي تي کنيون بيٺو ٿئي. .“

“ته ٺيڪ آ، مان پنھنجي ذات برادريءَ جي چڱي وٽ ٿي وڃان. اھو منهنجي جانِ ضرور ڇڏائيندو. . .“ ائين چئي صائمه اتان اٿي. .

ذات جو چڱو سائڪارٽسٽ ڏانهن وٺي ويس. جنھن وڏا مثال ڏئي، سندس پيءُ ماءُ کي ذھني مريض ثابت ڪندي ڏاڍي پيار سان سمجهاڻي ڏنس، ته پوءِ ئي صبح جي ڀليل شام جو کل خوشيءَ سان پنھنجي گھر موٽي. .

No comments:

Post a Comment