Friday, December 23, 2022

ڍڳي جي ڪهاڻي، ڍڳي جي زباني - دريا خان شنباڻي

ڍڳي جي ڪهاڻي، ڍڳي جي زباني

(مختصر ڪهاڻي ۷۹)

دريا خان شنباڻي



ڪجھ ڏينهن کان ڳوٺ ۾ ڳالھ هُلي ته ڳوٺ ۾ رات جي وقت هڪ عجيب قسم جو ڪو ڍڳو اچي فصل ڀيلي ٿو وڃي.

جيڪڏھن ڍڳي جي نظر ڪنهن ماڻھو تي پئجي ٿي وڃي ته ڍڳو ڀڄي وڃي ٿو.

اوڙي پاڙي ۾ ووڙ ڏيڻ لاء ڪي ماڻھو به نڪتا ته، “ههڙي آرين پارين ڪو ڍڳو رات جو ڇُڙي اچي پاڙيوارن جو فصل ڀيلي ٿو وڃي، جيڪڏھن ڪنهن جو آھي ته مهرباني ڪري پنهنجي ڍڳي کي قابو ڪري.“


پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو ۽ هر ڪنهن جي وات اها وائي ته، “ادا، هاڻ ڍڳا آھن ڪٿي، هر پاڃاري، گاڏي سانهر ئي ڪونه آھن ته ڍڳا ڪٿان اچن، ٽريڪٽرن، ٿريشرن جا زمانا اچي ويا آھن، ڪٿي آھن اهي هاري، ڪٿي آھن اهي هارين جون گهرڌياڻي زالون، ڪٿي رهيا هارپا ۽ ڪُڙمتون. . . . . سو هي پنهنجي تر جو ته ڍڳو ناهي، باقي جي ڪو پرانهين ڏيھ جو آهي ته رب ڄاڻي.”

آخرڪار رات جي وڳڙي ۾ ڪي طاقتور ۽ ٽل ٽليندڙ ڏاها ۽ زوراور ماڻھو رسن سميت لڪي ويٺا ۽ ڍڳي جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا ته ڀلا ٻيو نه ته به، ڍڳي کي قابو ڪري وٺجي پوء متان سندس ڪا مالڪي ٿي پئي.

بهرحال ڪيئن به ڪري ڳوٺاڻن ڍڳو قابو ڪري ورتو ۽ اچي ڪلي ۾ ٻڌائون. . . . . پر ماڻهن وات هيءُ وائي ته، “ڍڳو هن دور جو ناهي ۽ ڪو عام ڍڳو ناهي.”

ڳوٺ جي ڪلُو صحافيء کي خبر پئي ته ههڙي آرين پارين ڪو ڍڳو پڪڙيو ويو آھي سو ڪلُو صحافي پنهنجي ڪيمرا سميت ڍڳو ڏسڻ لاء نڪتو ۽ ماڻھن جي ميڙ ۾ ڍڳي جون تصويرون ڪڍڻ لڳو. ڍڳو ڪيمرا جي ڀئو کان هيڏي هوڏي ڦٿڪڻ ۽ لهرائڻ لڳو پر ڪلُو به ته ڪلُو هيو سو ڪي سٺ ستر کن ڦوٽو ڪڍي ورتائين.

ڪلُو صحافي ڍڳي کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.

ڪلُو صحافي ڍڳي جي ڀرسان وڃي ڍڳي سان مخاطب ٿيو “ڍڳا! تون ڪير ۽ ڪٿان جو” ته ڍڳو پنهنجون ناسون کنڊيري “ڦُشڪر” ڪري.

ڪلُو صحافي ڍڳي کي کلندي چئي “ڍڳي جو مُلھ هزار، ڍڳو پير پيران” ان ڳالھ تي ڄڻ ڍڳي کي به بُڇان پي آئي سو ڍڳو وري ڪاوڙ ۽ ڪراهت وچان “ڦُشڪر” ڪري.

ڳوٺاڻن لاء ڪلُو اڳ ۾ ئي اڌ مغزي ۽ واندو سو ڪلُو ۽ ڍڳي تي کلي کلي کيرا ٿين.

“او چرٻٽ ۽ چوتيا انسان، ڪڏھن ڍڳن به ڳالهايو آھي!!!” ڳوٺاڻا چون ته ڪلُو چئي. . . . . .“او ابا اوهان ناسمجھ ۽ نا قدر ماڻھو، هي اهو ڍڳو ناهي جيڪو هر پاڃاريء ڍُڪندو آھي، هي قديمي ڍڳو آھي، موهن جي دڙي جي زماني وارو ڍڳو ۽ باقي رهي ڳالھ ڍڳي جي ڳالهائڻ ۽ نه ڳالهائڻ واري ته، اهو مُلو عيسو جو چوندو آھي ته جڏھن رب پاڪ ڏاڏا آدم کي زمين تي لاٿو ته هن کي کاڌ خوراڪ جي ضرورت پئي ته ان لاء دعا گهريائين، ۽ ان دعا تي هڪ ڍڳو مٿان اچي لٿو ۽ ڏاڏا آدم ان ڍڳي سان زمين کيڙڻ لڳو ۽ جڏھن ڍڳي کي مار ڪُٽ ڪرڻ لڳو ته ڍڳو پاڃاريء مان ڪنڌ ڪڍي ڏاڏي آدم کي چئي مان به آخر ساسي آھيان، تون مون کي مارين ڇو ٿو ۽ اهو ڍڳو وري ڪنڌ مٿي ڪري رب پاڪ کي دانهن ڏئي چئي ته اي الله سائين مون کي ڪٿي اچي ڦاسايو اٿئي. . . مان هر به هلايان، گاڏي به ڇڪيان، گاھ به پورو سارو ملي، صبح شام اها ڪُٽ ڪُٽان لڳي پئي آ. . . . . . . وڃان ته ڪيڏي وڃان.

ڍڳو دانهن ڏئي بس ڪري ته وري ڏاڏا آدم رب پاڪ کي چئي اي منهنجا مالڪ سائين، مون کي به ته پيٽ آھي، بُکيو اڃيو آھيان، کائڻ لاء گهرجيم. . . . . . مان ڪيڏي وڃان”

الله سائينء ٻنهي جي وچ ۾ اهو فيصلو ڪيو جو ڍڳي کي پابند بڻايائين ته “هاڻ تون پاڃاريء مان ڪنڌ نه ڪڍرائيندين ۽ اوهان ڏٺو هوندو ته اڄ تائين ڍڳو پاڃاريء مان ڪنڌ نه ڪڍرائيندو آھي ۽ ڏاڏا آدم کي ان ڳالھ جو پابند بڻايو ويو ته، تون به ڍڳي کي مڪمل گاھ پٺو ڏي ۽ ڍڳي کي مار نه ڏي.

ان ڏينهن کان پوء ڍڳي ۽ انسان جي وچ ۾ دوستي ٿي پئي ۽ انسان جي ذريعهء معاش جو ڍڳو اهڙو ته وسيلو ۽ واهرو ٿيو جو ڪن مذهبن ۾ ته ڍڳي جي پوڄا ٿيڻ لڳي.

اوهان ڏسندا هوندا ته اڄ به ماڻھن کي ڍڳا پٽن کان به وڌيڪ پيارا ٿيندا آھن.”

ڪلُو صحافي جي ڳالهين تي سڀئي ڳوٺاڻا خاموش بيٺا رهيا ۽ جڏھن ڪنهن ماڻھو ڍڳي کي غور سان ڏٺو ته ڍڳي جي اکين مان به ڳوڙھا ڳڙي رهيا هيا ۽ ان رڙ ڪندي چيو “اڙي ابا هو ڏسو، ڍڳو روئي رهيو آھي.”

پوء ته سڀني ڏٺو ته ڍڳو واقعي روئي رهيو هيو.

ٿوريء دير کان پوء هر ڪو ڇاندان پاندان ٿي ويو ۽ رات پئجي وئي پر ڪلُو جي اندر ۾ بيچيني ۽ بي قراري سو هڪ دفعو ٻيهر ڍڳي طرف وڌيو ۽ وڃي ڀرسان بيٺو ۽ چيائين “اي ڍڳا! ڏاڏا آدم کان وٺي اڄ تائين تنهنجي زبان کي تالو لڳل آھي پر اڄ تون مون سان ڳالهاء. . . . . . واسطو اٿئي رب پاڪ جو.”

ڍڳو جيڪو ان وقت ويٺو هيو سو اٿي بيٺو ۽ پهريان ته اوڳر ورايائين ۽ پوء مٿي ڏٺائين ۽ اکين مان ڪي ڳوڙھا به ڪريس. . . . . . نڪ سان هڪ زوردار ڦُشڪر هنيائين ۽ پوءپنهنجي زبان اٿلائڻ پُٿلائڻ لڳو. . . . . ائين ڄڻ ڍڳو ڪجھ وقت لاء بيهوش ٿي پيو ۽ جڏھن سامت ۾ آيو ته، چيائين “جيءُ!”

ڪلُو صحافي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين

“ڪٿان جو آھين!؟”

“موهن جي دڙي جو.”

“ڪير آھين!!”

“سنڌي.”

“هينئر ڪٿان پيو اچين!!”

“سنڌي ادبي بورڊ مان.”

“اتي ڇا ڪندو هئين؟”

“اتي ٻڌو پيو هوندو هيس.”

“ڀلا موهن جي دڙي وارن جي ڪا خبر چار ڪر!”

“هئي هئي. . . . . . . بس ڪهڙيون خبرون، انهن جيڪا منهنجي عزت ڪئي سا ڪئي. . . . هو هر ڪاهي اچي ڪلي ۾ ٻڌن مس ته وري منهنجي پوڄا ڪرڻ لڳن. . . . بادشاھ منهنجا سلامي. . . . راڻيون مون تي اور گهور. . . . . . ننڍا ننڍا ٻچا مون کي “ابا” ۽ “الله” ڪري سڏن. . . . ڏاند گاڏيء ۾ به ڍُڪائن، هر ڪيڻ به ڇڪرائن پر عزت ايتري ڪن جو پنهنجي ملڪ جو لوگو ئي مون کي بڻايائون. . . . . جتي وڃن پنهنجو تعارف ڪرائن ته، “ڍڳي واري ملڪ جا ماڻھو آھيون.”

مان ڍڳو ضرور هيس ۽ تڏھن به ڳالهائي ڪونه سگهندو هيس پر اهي ماڻھو منهنجي ٻولي، منهنجو درد سمجهندا هيا.

۽ پوء جڏھن موهن جو دڙو ختم ٿي ويو، ملڪ ختم ٿيو، ماڻھو مري ويا، زمينون تباھ ٿي ويون ۽ ڪيترن سالن کان پوء انسان هڪ دفعو ٻيهر اٿي کڙو ٿيو، زمين مان انسان وري ڦُٽي نڪتو. . . . . مائرن ٻچا ڄڻيا. . . . پٽ جوان ٿيا، زندگي رقصان ٿي وئي. . . . ۽ انهن ماڻھن سان گڏ انهن جي خدمت لاء مان به اٿي پيس. . . . ڏاڏا آدم کان وٺي موهن جي دڙي وارن ماڻھن تائين، ۽ موهن جي دڙي کان وٺي اڄ تائين مان خدمت ۾ رهيس ۽ توڙي جو مون کي بُکن ۾ رکيو ويو پر مان پنهنجو نينهن جو ناتو نڀائيندو آيس ۽ نڀائيندو رهندس!”

ڍڳي ٿڌو ساھ ڀريو ۽ ڪلُو صحافي کيس غور سان ٻڌي رهيو هيو. . . .

“پر تون سنڌي ادبي بورڊ ڇو ڇڏي آئين!!!” ڪلُو صحافيء پڇيو

“هاء هاء، ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪرين، سنڌي ادبي بورڊ جون. . . . . يار هي موهن جي دڙي وارا بُت پرست هيا، ڍڳا پرست هيا يا تنهن زماني ۾ ٻيون قومون به هيون، ڪي سج کي پوڄيندا هيا ته ڪي باھ کي. . . . . ڪي مجوسي ته ڪي يهود و نصارا. . . . . ڪي زرتشت ته ڪي شمسي. . . . . ائين سڀني جا الڳ الڳ خدا هيا، پر اڄ سنڌ ۾ هڪ خدا آھي، هڪ ڪتاب آھي، هڪ رسول آھي، هڪ ڪلمو ۽ هڪ راھ آھي پر ماڻھو اهي ناهن. . . . . ٺڳ، چور، ناشُڪر، دولت جا پوڄاري، بي انصافي ۽ بي ايماني سون سالن کان رهندي پي آئي پر جيڪا حالت اڄ آھي سا ڪڏهن به اهڙي نه هئي”

“ٿيو آخر ڇا سنڌي ادبي بورڊ ۾!!!” ڪلُو صحافيء پڇيو

“اهو پڇ ته ٿيو ڇا ڇا ناهي. . . . . جڏهن کان سنڌ ۾ “پيپي” جي هارن واري گاڏي هلڻ لڳي آھي تڏھن کان سنڌ جي ادارن جي تباهي شروع ٿي وئي.

گاڏي ڪري “پيپي” ۽ هيڏانهن ان “پيپي” تي ڄڻ ادارن جي سربراهن کي اجازت واري سيٽي لڳي وڃي ته، “مال ڳڙڪايو!”

جڏھن کان سنڌي ادبي بورڊ وارو رسو منهنجي ڪنڌ ۾ وجهي ٻڌي ڇڏيائون ته مون کي ته کڻي ڇڏيو پر جنهن مقصد لاء ڪم ڪرڻو آھي اهو مقصد ڇُٽو. . . . . وڃي “ڪم ئي ٽيان” ڪرڻ لڳا آھن.

“پر تون اتان ڀڳين ڇو!!” ڪلُو صحافيء پڇيو

“مان نه ڀڳس، مون کي ڀڄايو ويو. . . . ۽ رسو ته هونئن ئي ڪمزور هيو، يقين ڪيو ته انسان نما ڍڳا جڏھن ڀرتي ٿيڻ لڳا ته منهنجي دل به ڪڙھڻ لڳي. انهن ڍڳن کي ڪو ڪم نه ڪار. . . . . نوٽن جون ڀريون آھرن مان چٽي ڇڏن. . . . پئسن جا چيڪ کائي وڃن. اهڙا ته بُکيا ۽ پوڍاوا جو نه پيو پيٽ ڀرجين نه ٿي ڪرسي ڇڏيائون، نه ڪم نه ڪار. . . . . ڪرسيء تي ويهڻ واري مقصد کان ماورا ۽ انڪاري ۽ بي خبر. . . . .

سو هاڻ وري منهنجي ڳولا ۾ ماڻھو ڇڏيا ويا آھن.“

“هاڻ تون واپس ٿيندين؟” ڪلُو صحافيء پڇيو

“بلڪل به نه!”

“پر جيڪڏھن ڪو تنهنجو مطالبو پورو ڪري تو کي واپس آڻڻ لاء چيو وڃي ته پوء تنهنجو ڪهڙو مطالبو آھي!!”

“منهنجو ٻيو ڪوبه مطالبو ناهي، منهنجو خير آ، مان پنهنجي ڏٻرائي برداشت ڪري ويندس ۽ ڪندو رهندس پر سنڌي ماڻھن، موهن جي دڙي جي وارثن جي ته سار لهن. . . . دل چوندي هئي ته سربراهن جي پيٽ ۾ پنهنجا سڱ هڻي سندن آنڊا گونڊا ڪڍي ڇڏيان پر بيوس ۽ لاچار هيس، بس هاڻي وڏي کان وڏو مطالبو اهو آھي ته. . . . . . .“

ڍڳو خاموش ٿيو ۽ ڪلُو صحافيء ڍڳي کي بغور ڏٺو ته ڍڳي جي زبان بند ٿيڻ ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ ڪلُو ڍڳي ڏانهن وڌيو ۽ منٿ ڪندي چيائين “ٻڌاء ڍڳا ٻڌاء. . . . . پنهنجو وڏو مطالبو ٻڌاءِ!”

ڍڳي جي اکين مان پاڻي وهڻ لڳو ۽ بند ٿيندڙ زبان مان صرف ايترو چيائين “جيستائين هالائي ڍڳا نه هٽندا تيستائين مان واپس ڪو نه ويندس!”

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment