Friday, December 23, 2022

خوشيون - مٺل جسڪاڻي

خوشيون

مختصر ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



گَلي جا سڀ بٽڻ کولي، نئين موٽر سائيڪل تي، پيٽرول پمپ تي پھتو، ته وڏي رش ھئي! ضرورتمند قطار ۾ بيٺل ھئا ۽ چار پنج قطارون ھيون. ننڍي مان ننڍي قطار ڏسي، ان ۾ پاڻ به وڃي بيٺو.


سٺو ٿيو سج لڙي چڪو ھو، اس نه ھئي، نه ته نمبر اچڻ تائين وٽس موجود سڀ پيٽرول ٻاڦ ٿي نڪري وڃي ھا. پگهر جو خير آھي، ماءُ حياتي ھجڻ ڪري، ڪپڙا ڌوتل ۽ استري ٿيل ملنس ٿا.

جڏھن پيٽرول ڀرائڻ جو وقت آيو، ھن پنھنجي مخصوص مھذب انداز ۾ پنجاھ جو نوٽ اڳتي وڌايو، ته ھڻ وٺ ۾ ٿڪي بيزار ٿيل پمپ جي مزدور چيس؛ “پيٽرول جي اگهه جي ته خبر اٿئي نه، منھنجو وقت نه وڃاءِ، پري ٿي ته ٻئي کي واندو ڪريان”!

ھن کي خواب خيال ۾ ئي نه ھو ته ڪو ائين ۽ اھڙو جواب ملندو، پر جواب مليس ته ھن به ماٺ نه ڪئي، چيائين “ڇو؟ ھي ڏوڪڙ ناھن ڇا؟ مان پيٽرول وٺي پوءِ ھٽندم”.

پمپ مزدور پريان بيٺل منشي ڏي نھاري ھن کي چيو “ڀائو، پنجاھ روپين ۾ گهڻو پيٽرول ايندو؟ اھو ته ٽانڪي ۾ لھندي اڏامي ويندو. گهٽ ۾ گهٽ اڌ لٽر يا ھڪ سئو روپين جو ته پيٽرول وٺ”.

ھن وٽ ھئا ئي پنجاھ روپيا، انھن کي سئو روپيا ڪرڻ وس ۾ نه ھئس. پمپ تي رش وڏي ھئي، ڪڇي ھا ته ماڻھو پاڻ تان کِلائي ھا، وڏي رعب سان موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪري چوندو ويو “اوھان به پيٽرول پمپ ھلايو، مان ٻئي تان وڃي ٿو وٺان”.

پيٽرول پمپ کان ٿورو پرڀرو ٿيو، ته ھڪ دفعو لوڻو ھڻي پيٽرول پمپ ڏي ڏٺائين، پوءِ سڌو گهر پھتو، موٽر سائيڪل بيھاري ڪروڌ ڪرڻ لڳو ته “ھاڻي ته پنجاھ روپين جو پيٽرول به نه ٿا ڏين، مان کي روز جو خرچ وڌائي ڏيو”.

ماءُ ته ويچاري ماءُ آھي، پُٽ سان ڪھڙو ڪڇندي؟ پيءُ زماني جو حال ڏسيو ۽ ٻڌيو ويٺو آھي، ان ماٺ رھڻ مناسب سمجهيو. ھن جي ڏاڏي ٻه چار منٽ چپ رھي، پر جڏھن ھن خرچ وڌائي ڏيڻ جو ٻه چار دفعا چئي ورتو، ته ڏاڏي ڀُڻڪِي “نوجوان پُٽ آھين، پيءُ جي ٻانھن جو ٻل ٿي، ڪو ڌنڌو ڌاڙِي ڪر، پنھنجي به پورت ڪر، ته ٻه ڏوڪڙ گهر به ڏي، تنھنجو ڪو وھانءُ ڪرايون، خوشيون ڏسون”. . .

 

(مٺل جسڪاڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۷ جون ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment