Friday, December 23, 2022

سنڌي افسانوي ادب ۾ شريف بدمعاش جو ڪردار- مختيار احمد ملاح

سنڌي افسانوي ادب ۾ شريف بدمعاش جو ڪردار

مختيار احمد ملاح



۱۶ صديءَ جي اسپانوي ادب ۾ خاص طور تي هڪ نئون اصطلاح ”پڪارو“ (pícaro) وجود ۾ آيو، جنهن جي معنيٰ هئي ”رهزن“ يا ”بدمعاش“. هي اصطلاح اڳتي هلي ناولن ۾ عام ٿيو، جن کي ”پڪارسڪ ناول“ (Picaresque Novel) چيو ويو. هن قسم جي ناول ، مرڪزي ڪردار يا هيرو هڪ رول، ٺڳ يا بدمعاش پيش ڪيو ويندو آهي، پر اندر ۾ هو شريف ۽ مددگار هوندو آهي. هن قسم جا ڪردار هيٺين طبقي مان اڀرندا آهن، حقيقي زندگيءَ جي رنگن ۽ سماجي عڪاسي سان ڀرپور هوندا آهن. هن قسم جا ناول مزاح ۽ طنز سان به سلهاڙيل هوندا آهن. انگريزي ادب ۾ اهڙي ڪردار جو پهريون ناول The Unfortunate Travelerمشهور ٿيو. ان ڏس ۾ هينري فيلڊنگ جوTom Jones به ڪافي نالو ڪمايو. اڳتي هلي چارلس ڊڪنس جي Pickwick Papersبه مشهور ٿيو. ان کان سواءِ انگريزي، فرانسيسي ۽ ٻين ٻولين ۾ به اڪيچار ناول لکيا ويا. هن قسم جي ڪردار جي مشهوري جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ فلمون ٺهيون، جن ۾ خاص طور تي هيرو بدمعاش ۽ گنڊو ڏيکاريو ويندو آهي. پر هو وڏن ماڻهن کي لٽي غريبن جي مدد ڪندي ڏيکاري ويندو آهي. ناول ۽ ڊرامن جي مشهوري کان پوءِ هن قسم جو رجحان ڪهاڻين ۾ به آيو ۽ انگريزي ڪهاڻيءَ ۾ وڏي شهرت جو سبب بڻيو. اڻويهين ۽ ويهين صدين ۾ هندستان جي مختلف ٻولين ۾ جيڪي ناول ۽ ڪهاڻيون ترجمو ٿيون انهن ۾ ”شريف بدمعاش“ جو ڪردار حاوي هوندو هو. سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ به اهڙا ڪردار شامل ٿيا.


سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ترقي پسند لاڙو، آزاديءَ کان ٿورو اڳ شروع ٿيو ۽ انگريزي افسانوي ادب وانگر هڪ اهڙو ڪردار تخليق ڪيو ويو، جيڪو عمل ۽ ڏسڻ ۾ بدمعاش هو پر مجموعي طور تي شريف ۽ مددگار هو. اهڙن ڪردارن تي انگريزي ادب ۾ ڪيترائي افسانا ۽ ناول لکيل آهن. سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جي ڪهاڻي ”رفيق“ پڻ حوالي سان اهم آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ مطابق: ”رفيق“ ڪهاڻيءَ ۾ مزدورن جي اتحاد جو ذڪر آهي ۽ خود رفيق جو لفظ ڪامريڊ طور استعمال ڪيو ويو آهي. هندو مسلم اتحاد جو خاڪو به ان ۾ ڏسجي ٿو، جنهن جو نهايت ئي بي باڪ ۽ جرئتمندانه اظهار ڪيل آهي. ازنسواءِ سنڌي قوميت جي به هڪ معصوم شڪل نظر اچي ٿي. ائين لڳي ٿو ڄڻ هي ڪهاڻي صرف آدرشن ۽ نظرين لاءِ لکي آهي. ان ڪري ان جا فني پهلو جهڪا ٿي ويا آهن“.(۱)

آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهڙي ڪردار کي اياز قادريءَ “بلو دادا” جي روپ ۾ ظاهر ڪيو. جمال ابڙي پنهنجي ڪهاڻي “بدمعاش” ۽ “پشوپاشا” ۾ اهڙا ڪردار پيش ڪيا. ان سلسلي ۾ آغا سليم لکي ٿو ته “انهيءَ دور ۾ سنڌي ادب ۾ هڪ اهڙو ڪردار پيدا ڪيو ويو، جنهن کي ”شريف بدمعاش“ (Gentle Rogue) سڏيو ويندو آهي ۽ جيڪو اياز قادريءَ جي “بلو دادا”، ربانيءَ جي، “شيدو ڌاڙيل”، جمال جي “بدمعاش” ۽ “پشو پاشا” جداجدا روپن ۾ ظاهر ٿيو“.(۲) سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هيءُ هڪ نئون لاڙو هو، ڇو ته سنڌي معاشرو ڳوٺاڻو ۽ شهري ماحول ۾ هو، جتي فيڪٽرين جو شور نه هو. موهن ڪلپنا لکيو هو ته “سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٻوليءَ ۾ ڳوٺن جي خوشبوءِ آهي پرشهريت جو اهو تيزاب ناهي جو هند جي سنڌي ڪهاڻي ۾ موجود آهي“.(۳)

آزاديءَ کان پوءِ ترقي پسند لاڙن جي اثر هيٺ شهري ماحول ۾ به ڪهاڻيون شايع ٿيون، جن ۾ سرمائيداري نظام کي به ننديو ويو ته مزدور کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويو ته ٻئي طرف زميندار جي ڪڌن ڪرتوتن کي وائکو ڪيو ويو ۽ هاريءَ کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويو. ان ڏس ۾ انگريزي ”پڪارسڪ ناول ۽ ڪهاڻين“ وانگر هتي به ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا ويا. اهڙين ڪهاڻين ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڪهاڻي ”مهربان خوني“ به اهم آهي. “مهربان خوني” سندس جيل دوران ڪيل مشاهدي تي ٻڌل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ غريب هاري غيرت ۾ اچي هڪ وڏيري جو خون ڪري ٿو. هڪ هنڌ وڏيري جي سوچ کي هيئن بيان ڪيو اٿائين:

“ادا، خانو، اهو تنهنجو وڙ ناهي، جو غريبن جي ٻارن ۾ اکيون وجهين”، هن نماڻو ٿي، نوجوان وڏيري کي چيو، “وڏو آيو آهي ٻارن ٻچن وارو! بس، اسين هارياڻين ڏانهن نهاريون به نه، ته جيئن وڻين تيئن پيون ڪن؟“.(۴)

ڊاڪٽر اياز قادري ۱۹۵۷ع کان باقاعده ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سندس ڪهاڻي “بلو دادا” سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئين لاڙي کي جنم ڏنو، اهو هن “شريف بدمعاش جو ڪردار” (Gentle Rogue) لکيو. هن ڪرداري افساني جي شروعات ڪردار جي تعارف سان ڪري ٿو، ”هو سڄي پاڙي ۾ بدنام هو. هرڪو هن کان ڪُو کائيندو هو. جهڙو تهڙو ته هن جو نالو به ڇرڪي وٺندو هو. پئسي وارا، هن کي بنهه گنڊو سمجهندا هئا. پاڙي جو داداگير ليکيو ويندو هو. سندس نالو بلاول هو، مگر کيس ڪوٺيندا هئا ’بلو دادا“.(۵) “بلو دادا” شهري معاشري جي بدنام طبقي جي ڪردار تي ڪرداري شاهڪار آهي، جنهن ۾ هنِ ان ڪردار جي زندگيءَ جا واقعا جيئن جو تيئن بيان ڪندي ان جي برائين سان گڏ سندس شخصي زندگيءَ جون خوبيون ۽ خصوصيتون به نروار ڪيون آهن. “بلو دادا” هڪ مڪراني غنڊي جي ڪهاڻي آهي، جيڪو سيٺين کان پئسا ڦري غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪري ٿو. “بلو دادا” ۾ اياز قادري شهري ماحول ۾ بظاهر هڪ غنڊي جي ڪردار کي ڏيکاريو آهي، جيڪو پنهنجي سگهه سان جابر قوتن سان مهاڏو اٽڪائي ٿو.

هن ڪهاڻيءَ ۾ ظالم قوتن کي ننگو ڪيو ويو آهي، جيڪي انسانيت جي جذبي کان خالي آهن، ساڳئي وقت غريبن، مجبور ۽ بيڪس انسانن جي زندگيءَ جو عڪس به ڏيکاريو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سٺي واقعات نگاري ٿيل آهي.

سنڌي ٻولي جي مشهور ۽ مقبول ڪهاڻي نويس جمال ابڙي پنهنجو شاهڪار افسانو ’پشو پاشا‘ اياز حسين قادري جي افساني ’بلو دادا‘ کان متاثر ٿي لکيو. جمال ابڙي پاڻ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف هڪ خط ۾ ڪيو ، جيڪو ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيو. جمال ابڙي جي “پشو پاشا” ڪهاڻيءَ کي سنڌ جي جاگيرداري نظام خلاف علامتي، آدرشي ۽ انقلابي نموني پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ جو هيرو پشو پاشا هڪ صحتمند پر معصوم شخص آهي. هن جي معصوميت ان مان ظاهر آهي ته هو وڏيري جي گلاس ۾ پاڻي پيئڻ لڳي ٿو ته کيس روڪيو ويو، ان لاءِ پڇي ٿو ته ڇو ادا ڪنهن چهڙي جو گلاس آهي ڇا؟ هن جو ضد ته ڏسو جو مڙيئي نٿو ۽ وري پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اصل ۾ هن جو ذهن اها شيءِ قبول نٿو ڪري ته هڪ غريب هاري، وڏيري جي گلاس ۾ پاڻي نٿو پي سگهي. هن ڪهاڻي لاءِ پروفيسر قاضي خادم لکيو آهي ته “پشو جو ڪردار هڪ لحاظ کان پراڻي نظام خلاف جدوجهد جو هڪ انقلابي ڪردار آهي. هن جي اهميت جو دائرو زمان و مڪان کان مٿانهون آهي. دنيا جي ادب ۾ هر دور ۾ اهڙا ڪردار ملندا آهن، جن پنهنجي وقت جي خرابين ۽ جهالت خلاف جهاد ڪيو هوندو. اهڙو ئي ڪردار مئڪسم گورڪيءَ جي جڳ مشهور ناول Mother ۾ موجود آهي“.(۶)

غلام نبي آگري جي ڪهاڻي “شيدو ڌاڙيل” به ساڳي تسلسل ۾ لکيل آهي. هن ڪهاڻيءَ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته “ڪهاڻي شيدو ڌاڙيل ٻين ٻن ارهن ڪردارن “پشو پاشا” ۽ “بلو دادا” سان گڏ ٽيون ارڏو ڪردار آهي. شيدو هڪ گوسڙو ڇوڪرو وڏو ٿي ڌاڙيل بنجي ٿو. ڳوٺ ۾ زيبيءَ سان دل اٿس جا هڪ رن زال آهي. وڏيرو ڌڱاڻو خان شيدو کان ڏاڍائي ۽ ظلم جا ڪيترائي ڪم ڪرائي ٿو. جڏهن هو ڏسي ٿو ته وڏيرو زيبي سان کري پوي ٿو ته شيدو ڇتو ٿي ٿو پوي. نيٺ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، شيدو ڦاسي چڙهي ٿو“.(۷)

مطلب ته ترقي پسند لاڙي تحت اهڙا ڪردار تخليق ڪيا ويا، جيڪي بظاهر غنڊا ۽ بدمعاش هئا، پر سندن ڪردار ناڪاري نه هو. مثال طور “بلو دادا” همدرد، پاڙي جي عزت جو محافظ، هڏ ڏوکي، بلئڪ مارڪيٽنگ جو دشمن آهي، پر هن سرمائيدارن ۾ هٿ وڌو ۽ کانئن غنڊا ٽيڪس وصول ڪندو هو پر ان هوندي به آخر ۾ ليکڪ پڙهندڙن کان سوال ڪري ٿو “ڇا بلو غنڊو هو؟”. جمال ابڙي جو “پشوپاشا” به هڪ اهڙو ڪردار آهي، هن ڪردار لاءِ هو لکي ٿو ته “پشو قدرت جي هڪ اڻ گهڙيل تخليق هو. هو ننڍي هوندي کان ئي ڇيڳرو، الڙ ۽ ارڏو هو.”

اڳتي هلي امر جليل اهڙو ڪردار “بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو” ۾ تخليق ڪيو. هي ڪردار به ڪراچي شهر سان تعلق رکي ٿو. جيڪو هڪ وڏيري ۽ سندس موڪليل گنڊي سان مهاڏو اٽڪائي ٿو.

غلام حسين ڪجھھ دير خاموش رھڻ کانپوءِ پڇيو، ”جانو مڪراني ڪھڙي گريڊ جو دادا آھي.“

گھانچيءَ جي ڪنڌ جون رڳون سيٽجي ويون. فخر سان ڳاٽ اوچو ڪندي وراڻيائين، ”ٽاپ گريڊ جو دادا آھي، جانو مڪراني. شيرو ۽ دادا جيڙا جوان جانو کان پناھھ گھرندا آھن. ڪانپوري مدماش بادشا کي ڄاڻين ٿو.“

”ڪھڙو بادشاھھ؟“

”اڙي يار، ڪانپوري بدماش آھي. ھير سالو اسٽوڊٽ ليڊر آئي.“

”بادشا کي وچ صدر ۾ جانون چاقو ماريو ھو. بادشا جا انتڙا ولا ڦوٽ پات تي اچي ڪريا.“

”ڀلا پھچ اٿس. “

”اڙي واھھ گولام حسين، وا،“ گھانچيءَ وراڻيو؛ ”پوچ وارو نا ھجي تھ ولا جانو پنجا دفا ڦانسي کاوي ھا. “

”چئبو ڏاڍيءَ رھائيءَ وارو آھي. “

”صبيدار، سپاھي ۽ وڊا آفيسر جانو جا يار آئن،“گھانچيءَ فخر سان چيو ۽ ڪنڌ مٿي ڪري سگريٽ جا سوٽا ھڻڻ لڳو“. (۸)

ٻين به ڪيترن ئي اديبن اهڙيون ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ شريف بدمعاش جو ڪردار ڪنهن نه ڪنهن حوالي کان ڏيکاريو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجهه ناول به لکيا ويا آهن يا ترجمو ڪيا ويا آهن، جن ۾ پڻ اهڙا ڪردار ملن ٿا. مثال طور تي ولي رام ولڀ ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو ”غدار“ جي نالي سان ڪيو . طارق اشرف “ميرو ڌاڙيل” جي روپ ۾ اهڙو هڪ ڪردار ظاهر ڪيو آهي. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي مختلف ناولن ۾ بي باڪ ۽ آواره گرد ڪردار تمام گهڻا ملندا. طارق اشرف، ”ميرو ڌاڙيل“ جيل ۾ لکيو هو، جتي ميرو هن سان گڏ قيد هو. هن جي ڪردار لاءِ طارق اشرف لکيو آهي ته ”ميري جي ڪهاڻي ايئن آهي، جيئن ڪنهن به ڌاڙيل جي هوندي آهي. مونکي جنهن ڳالهه متاثر ڪيو اها هئي ميري جي سچائي ۽ جيل ۾ بهادري. ميري اها ثابت ڪيو آهي ته ڪمزور نه ٿيڻ گهرجي. بهادريءَ سان هر ڏاڍ کي جهڪائي سگهجي ٿو“.(۹)

سنڌي ادب ۾ جيڪي جاسوسي ناول ترجمو ٿيا آهن، انهن ۾ گهڻو ڪري غنڊن، ڊاڪن ۽ چورن جون ڪهاڻيون شامل آهن، پر انهن ۾ ڪيترائي اهڙا ناول به آهن، جن جا هيرو شريف بدمعاش طور پيش ڪيا ويا آهن.

حوالا:

۱. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي :”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، ۱۹۸۲ع، ص ۳۰۲

۲. آغا سليم: “سنڌي ڪهاڻيءَ تي هڪ نظر” نئين زندگي، جنوري - ۱۹۶۸ع، ص ۳۵

۳. موهن ڪلپنا: “سنڌ جي سنڌي ڪهاڻي”، (سنڌي ڪهاڻي نمبر- مرتب ادل سومرو) سنڌي ادبي سنگت”. (۱۹۹۲ع) ص۴۳

۴. ڏيپلائي، محمد عثمان: “مهربان خوني” (ڪهاڻي)

۵. ڊاڪٽر اياز حسين قادري؛ ”بلودادا“ ، اسحاقيه پرنٽنگ پريس، ۱۹۵۷ع، ص ۲۰

۶. قاضي خادم: “ادب ۽ روايتون”، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد ۱۹۹۲ع، ص ۹۶

۷. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: “سنڌي ادب جي تاريخ” (جلد ٽيون) سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد ۲۰۰۶ع ص ۷۷، ۷۸

۸. امرجليل: ”دل جي دنيا“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ۲۰۰۷ع

۹. طارق اشرف: ”ميرو ڌاڙيل“، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد،۲۰۱۶ع، ص ۲

 

(ماھوار ريکائون رسالو حيدرآباد ۾ ڊسمبر ۲۰۲۲ع ۾ شايع ٿيل)

No comments:

Post a Comment