Monday, December 26, 2022

پنجويھَ چَئونڪا ڏيڍ سئو - اوم پرڪاش والميڪي - ننگر چنا

پنجويھَ چَئونڪا ڏيڍ سئو

دَلت ڪھاڻي

ليکڪ: اوم پرڪاش والميڪي

ترجمو: ننگر چنا



 سُديپ پھرين پگهار جا ڏوڪڙ هَٿَ ۾ جهلي، محرومين جي ڳُوڙِهي اونداهيءَ ۾ سوجهري جي آسَ سان ڀَرجِي ويو هو. هڪ اهڙي سَرهائي جيڪا سندس بدن مان جهاتيون پائي رهي هئي، جنھن کي پائڻ جي لاءِ هُنَ اَڻَ ڳَڻينِ ڪَنڊيدارُ ٻُوڙَنِ جي وچ مان پنھنجو دڳ ٺاهيو هو. مُٺِ ۾ سوگهن ڪيل رُپين جي ڪوساڻِ سندس رَڳَ رَڳَ ۾ لھي وئي. هُنَ پھريون ڀيرو ايترا ڏوڪڙ هڪ هنڌ گڏ ڏٺا هئا.



هُنَ حالَ ۾ جيئڻ ٿي گهريو پر ماضي سندس پيڇو نه پيو ڇڏي. هُنَ جي اندر ۾ هر گهڙيءَ حالَ ۽ ماضيءَ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندي رهندي هئي. محرومين وِکَ وِکَ تي کيس دوکو ڏنو هو، پوءِ به هُنَ پاڻ کي ڪنھن نه ڪنھن ريت بچائي رکيو هو. هُنَ جي لاءِ اها ڪِينَ جهڙي نوڪري به وڏي اهميت رکندي هئي.

نئين نئين نوڪريءَ ۾ موڪل ملڻ ڏکيو هوندو آهي. هُنَ کي به سولائي سان موڪل نه ملي هئي. هُنَ آچر جي موڪلن ۾ ڪم گهڻو ڪيو هو، جنھن جي موٽَ ۾ کيس ٻن ڏينھن جي موڪل ملي وئي هئي. هُو پھرين پگهار ملڻ جي سرهائي پنھنجي ابي امان سان ونڊڻ گهري پيو. اسڪول جي پڙهائي ۽ نوڪريءَ جي وچ ۾ آيل وقت ۽ حالتن جي اُونهي کاهيءَ کي هُو ڀَري نه پيو سگهي. پوءِ به کاهيءَ جي وچ ۾ جيڪو ڪجهه هو، انهيءَ کي تسلي جوڳو مڃي انهيءَ جي تڪليف کي ته ڪجهه گهٽ ڪري ئي سگهي پيو. دُکَ سُکَ جا ڪي پل پاڻ ۾ ونڊڻ سان تڪليف گهٽ ٿي ويندي آهي. هُنَ انهيءَ پَلَ جي اوسيئڙي ۾ هڪ ڊگهو پنڌ ڪيو هو. اهڙو پنڌ جنھن ۾ ڏينھن رات ۽ عزت ۽ ذلت جي وچ ۾ سَنڌو ئي نه هو.

شھر کان ڳوٺ پھچڻ تائين ٻه ڪلاڪ کان وڌيڪ ٽاڻو لڳي ويندو هو. اِنَ ڪري هُو باکَ ڦٽيءَ ئي نڪري پيو هو. بس اڏي تي پھچندي ئي کيس بس ملي وئي هئي. بس ۾ ڏاڍي خلق هئي. وڏي ڏکيائيءَ سان کيس ويھڻ جي جاءِ ملي سگهي.

ڪنڊڪٽر ڪنھن مسافر مٿان ڪاوڙ سَٽي رهيو هو. “هي سامان هتان کڻو. ڇت تي رکوسِ. اچڻ وڃڻ جو دڳ ئي بند ڪري ڇڏيو اٿن. ڪنھن جو آهي هي سامان؟” ڪنڊڪٽر اُوچي ۽ کَھُري آواز ۾ پڇيو.

هڪ سنهڙي سيپڪڙي ڳوٺاڻي جهيڻي آواز ۾ چيو، “منھنجو آهي، با!” ڪنڊڪٽر ڳوٺاڻي جي وجود کي توريندي لڳ ڀڳ ٻوڪاٽ ڪندي چيس، “تنھنجو آهي ته پاڻ وٽ رکينسِ. هتي دڳ ۾ اڙائي ڇڏيو اَٿئي. کَڻُ هتان!”

ڳوٺاڻي ٻاڏائيندي، عجيب لھجي ۾ چيس، “صاحب. . . ! ويجهو ئي لھندس. “

سُديپ جڏهن به ڪنھن کي ٻاڏائيندي ڏسندو آهي ته هُنَ کي پنھنجي پِتا جَن جي صورت ياد اچڻ لڳندي آهي. انهيءَ مھل سندس اَنگُ اَنگُ ٽِڙڪَڻَ لڳندو آهي، ڄڻ ته ڪو هوري هوري سندس بدن تي آري هلائيندو هجي.

هُنَ ڪنڊڪٽر ڏي ڏٺو. ڪنڊڪٽر جو پاڏي جھڙو بدن ڪپڙا ڦاڙي ٻاهر اچڻ لاءِ آتو هو. ٻيلائي سُوئر وانگر هُنَ جي منھن تي پانَ سان رڱيل ڏندَ، سندس ڪوجهائپ ۾ واڌارو ڪري رهيا هئا. سُديپ کي لڳو ته ٻيلائي سُوئر بس جي هجوم ۾ گهڙي آيو آهي. هُنَ هيسجي پاسي واري پانڌيئڙي ڏي ڏٺو، جيڪو بي پرواھ بڻيو پنھنجن خيالن ۾ گم هو. سُديپ ڳوٺاڻي تي نھار وڌي جيڪو اڃا تائين ويچارپ جي جھانَ مان نه نڪري سگهيو هو.

هُنَ جي اندر ۾ سندس پِتا جي شڪل روپ وٺڻ لڳي. اُهو ڏينھن سندس سارَ جو در کڙڪائڻ لڳو، جڏهن سندس پِتا کيس وٺي اسڪول داخل ڪرائڻ ويو هو. سندس وستيءَ جا ٻار اسڪول نه ويندا هئا. سُڌَ ناهي ته سندس پِتا جي دل ۾ا هو خيال ڪيئن آيو ته هِنَ کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو وڃي، جڏهن ته پوري وستيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ ڏي ڪنھن جو به ڌيان هو.

پِتا وڏيون وڏيون ٻرانگهون هڻندو پئي هليو. هِنَ کي هُنَ سان گڏ هلڻ لاءِ ڊڪڻو ٿي پيو. هِنَ کي هڪ ميرڙي ڦِٽَلَ قميص ۽ پَٽين وارو ڪَڇي جھڙو انگوڇو پاتل هو جنھن کي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ مٿي ڇڪڻو ٿي پيس.

اسڪول جي ورانڊي ۾ پھچي سندس پِتا کَنَ پَلَ جي لاءِ ڇرڪي بيھي رهيو، پوءِ هوري هوري وِکَ کڻندي هِنَ ڪمري، هُنَ ڪمري ۾ جهاتيون پائڻ لڳو. هر ان ڪمري ۾ اونداهي هئي، جنھن ۾ ٻار پڙهي رهيا هئا. ماسٽر ڪرسين تي اوڪڙو ويھي ٻيڙي ڇڪي رهيا هئا جان وري ڍَڪَرَ کائي رهيا هئا. پِتا ماستر ڦُول سنگهه کي ڳولي رهيو هو. ٻن ٽن ڪمرن ۾ جهاتيون پائڻ کان پوءِ هُو هڪ ننڍي ڪمري ڏي وڌيا هئا. انهيءَ ڪمري ۾ ٻين ڪمرن کان وڌيڪ اونداهي هئي. ماستر ڦول سنگهه اڪيلو ويٺو ٻيڙي ڇڪي رهيو هو.

هُنَ کي در تي ڏسي ماستر ڦُول سنگهه پاڻ ئي ٻاهر نڪري آيو هو. پتا جن ماستر صاحب کي ڏسندي ئي ٻانَهپَ ڀرئي آُواز ۾ چيو، “ماستر سائين! هِنَ ٻار کي پنھنجِي شَرڻَ ۾ وٺي ڇڏيو. ٻه اکر پڙهي پوندو ته توهان جي ٻاجهه سان هي به ماڻهو بڻجي پوندو. اسان جي جِندگي به ڪجهه سُڌري پوندي. “

سُديپ پِتا جي انهيءَ صورت کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو هو. هُو هَٿَ ٻڌيون بيٺو هو. ماستر ڦُول سنگهه ٻيڙيءَ جو ٽوٽو آڱوٺي جي سَگهه سان پري اُڇلايو ۽ پِتا کي وٺي هيڊ ماستر جي ڪمري ۾ هليو ويو. سُديپ جي داخلا ٿي وئي هئي. پتا ڏاڍو خوش هو. سندس خوشيءَ ۾ به اُهائي ٻاڏائڻ واري لوڏ جهلڪي رهي هئي. هُو ماستر ڦُول سنگهه کي جهڪي جهڪي سلام ڪري رهيو هو.

بس لوڏا کائيندي گِسڪَندي هلي رهي هئي. آس پاس جي پانڌين ٻيڙي سگريٽ جو دونھون ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، ڄڻ ته سڀئي پنھنجين پنھنجين ڳڻتين ۽ اهنجن کي دونھين جي ڪڪرن ۾ ختم ڪري ڇڏيندا. هُنَ پاسي واري دريءَ جو ڪائو کِسڪايو. سَڄَرَ هوا جو هلڪو سرڙاٽ اندر گهڙي آيو.

هُنَ جي سارَ ۾ اسڪول جا ڏينھن هڪ هڪ ڪري موٽي اچڻ لڳا. ٻئي ڪلاس تائين ايندي ايندي هُو سٺن شاگردن ۾ ڳڻجڻ لڳو هو. سموري سماجي دٻاءَ ۽ ڇوت ڇات جي هوندي به هُو پوري لڳاوَ سان اسڪول ويندو رهيو. هُو سڀني مضمونن ۾ ڀلو هو. حساب ۾ سندس دل ڪجهه وڌيڪ لڳندي هئي.

ماستر شِو نارائڻ مِشرا چوٿين ڪلاس جي ٻارن کي پندرهن تائين کوڙا ياد ڪرڻ لاءِ چيو هو، پر سُديپ کي اڳ ۾ ئي چوويھن تائين کوڙا چڱيءَ ريت ياد هئا. ماستر شِو نارائڻ مِشرا سُديپَ کي شابس ڏيندي پنجويھن جو کوڙو ياد ڪرڻ لا ءِ چيو هو.

اسڪول کان گهر موٽندي ئي سُديپَ پنجويھن جو کوڙو ياد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. هُو ڏاڍيان کوڙو ياد ڪرڻ لڳو. هڪ پنجويھو پنجويھَ، ٻِه پنجويھو پنجاھُ، ٽِه پنجويھو پنجھتر، چار پنجويھو سَئو . . . . ؟

پتا ٻاهران ٿڪل ٽُٽَل موٽيو هو. هُنَ کي پنجويھن جو کوڙو ياد ڪندي ڏسي هُو منھن مان مطمئن ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو. هُو ٿَڪُ وِساري سُديپَ وٽ ويھي رهيو هو. هُونءَ ته کيس ويھن کان اڳتي ڳڻپ نه ايندي هئي، پر پنجويھن جو کوڙو سندس زندگيءَ جو اهم ماڳ هو، جنھن کي هُو ڌار ڌار ماڻهن جي وچ ۾ ورجائي چڪو هو. هُو جڏهن به انهيءَ واقعي کي ساريندو هو، تڏهن سندس مُنھَن تي هڪ عجب جھڙو وشواس جَرڪي اٿندو هو.

سُديپَ پنجويھن جو کوڙو ورجايو ۽ جيئن ئي هُنَ چار پنجويھو سئو چيو، پڻس جهليس.

“نہ، پُٽَ! چار پنجويھو سئو نه . . . چار پنجويھو ڏيڍ سئو . . . . “ هُنَ پوري ڀروسي وچان چيو.

سُديپَ ڇرڪ ڀري پِتا ڏي ڏٺو، سمجهائڻ واري لھجي ۾ چيائينسِ، “نہ، پتا جِي! . . . چار پنجويھو سئو . . . هي ڏس حسابن جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. “

“پُٽَ! مون کي ڪتاب ڇا ٿو ڏيکارين. مان ته اکر به نه سڃاڻان. منھنجي لاءِ ته ڪارو اکر مينھِن برابر . پوءِ به ايترو ضررو ڄاڻان ٿو ته چار پنجويھو ڏيڍ سئو ٿيندو آهي. “ پتا هورڙيان چيس.

“ڪتاب ۾ چٽو پٽو لکيل آهي چار پنجويھو سئو. . . “ سُديپَ سادگيءَ وچان چيس.

“تو وارو ڪتاب غلط به ته ٿي سگهي ٿو . . . نه ته ڇا چوڌري ڪوڙ هڻندو؟ تو واري ڪتاب کان گهڻو وڏو ماڻهو آهي چوڌري صاحب. هُنَ وٽ هيڏا هيڏا ٿلها ڪتاب آهن . . . هُو جيڪو تو وارو هيڊ ماستر آهي نہ، اُهو به چوڌري صاحب جا پيرَ ڇُھَندو آهي. پوءِ ڀلا هُو غلط ٻڌائيندو ڇا . . . ماستر کي چئجانءِ ٺيڪ پڙهائيندو ڪري . . . “ پتا ڪاوڙ ڪندي چيس.

“پتا جِي! . . . . ڪتاب ۾ ڪو غلط ٿورئي لکيل آهي . . . . “ سُديپُ روئڻھارڪو ٿي ويو.

“تون اڃا ٻار آهين، تو کي ڪھڙي سُڌَ دنياداريءَ جي. ڏھ سال اڳ جي ڳالهه آهي. تنھنجي ڄمڻ کان اڳ ماڻهين بيمار ٿي پئي هئي. سندس بچڻ جي آسَ نه هئي. شھر جي وڏي ڏاڪدر کان علاج ڪرايو هو. سڄو خرچ چوڌريءَ ئي ته ڏنو هو. سڄو سئو جو لوٽُ . . . هي هيڏو ڊگهو نيلي رنگ جو لوٽ هو. ڏاڪدر جي في، دوائون. سڀ ملائي هڪ سئو رپيا ٿيا هئا. جڏهن تنھنجي ماءُ چڱي ڀلي ٿي گهمڻ ڦرڻ لڳي هئي تڏهن مان چار مھينا پوءِ چوڌريءَ صاحب جي حويلي ويو هئس. دعا سلام کان پوءِ مون چوڌريءَ کي چيو هو . . . ‘چوڌري صاحب! مان ته مسڪين ماڻهو آهيان، توهان جي ڪِرپا سان منھنجي لُگائي جي جِندُ بچي وئي، هُوءَ جيئري ٿي پئي، نه ته منھنجا سڀئي ٻچڙا بي سھارا ٿي پون ها. تو هڪ سئو رپيا ڏنا هئا. انهن جو حساب ٻڌائي ڇڏ. مان ٿورو ٿورو ڪري قرض لاهي وٺندس. هڪ هنڌ ڏيڻ جي همت مون ۾ ناهي، چوڌري صاحب!’ چوڌري صاحب چيو هو، ‘مون اگري وقت ۾ تنھنجي مدد ڪئي ته تون به هاڻ ايمانداريءَ سان سڀ ڏوڪڙ ڏئي ڇڏجانءِ. سئو تي هر مھيني پنجويھ رپيا وياج جا بڻجن ٿا. چار مھينا ٿي ويا آهن. وياج جا ٿي ويا چار پنجويھو ڏيڍ سئو. تون ته پنھنجو ماڻهو آهين، سو توکان ڪھڙو وڌيڪ وٺان. ڏيڍ سئو مان ويھ رپيا گهٽ ڪري ڏجان. ويھ رپيا تو کي ڇڏي ڏنم. بچيا هڪ سئو ٽيھ رپيا. چئن مھينن جا هڪ سئو ٽيھ رپيا ڏئي ڇڏ. باقي رهيو مُورُ، سو جڏهن ٿيئي تڏهن ڏئي ڇڏجانءِ. هر مھيني وياج ڏيندو رهجانءِ. “

“هاڻ ٻُڌاٰءِ، پُٽَ! چار پنجويھو ڏيڍ سئو ٿين ٿا جان نہ؟ چوڌري سٺا ۽ عِزت وارا ماڻهو آهن جو انهن ويھ رپيا ڇڏي ڏنا هئا. نه ته ڀلا هِنَ زَماني ۾ ڪير ٿو ڇڏي؟ پنھنجي ماستر شِو نارائڻ جي پيءُ، وڏي سَر کي ئي ڏِسُ. هڪ آڌي به نه ڇڏي. مٿان وري بيگر الڳ وَهائي. ڄڻ ته بيگر سندن حق آهي. سڄو ڏينھن وهي وهي گوڏا ئي ڀَڄِي پَوَنِ. مزوري جي نانءَ تي هٿ خالي. مٿان وري گار گند الڳ. گار ته ائين ڏيندو آهي ڄڻ ته ويد منتر پڙهي رهيو هجي. “

سُديپَ پنجويھن جو کوڙو ورجايو. هڪ پنجويھو پنجويھَ، ٻِه پنجويھو پنجاھُ، ٽِه پنجويھو پنجھتر، چار پنجويھو ڏيڍ سئو . . . .

وَرندي ڏينھن ڪلاس ۾ ماستر شِو نارائڻ پنجويھن جو کوڙو ٻڌائڻ جي لاءِ سُديپَ کي اُٿاري بيھاريو. سُديپُ اُٿي بيھي هيجَ وچان کوڙو ٻڌائڻ لڳو.

“هڪ پنجويھو پنجويھَ، ٻِه پنجويھو پنجاھُ، ٽِه پنجويھو پنجھتر، چار پنجويھو ڏيڍ سئو. . . . . . “

ماستر شِو نارائڻ مشرا هُنَ کي ٽوڪيو، “چار پنجويھو سئو . . . . . . “

ماستر صاحب جي ٽوڪڻ تي سُديپُ اوچتو ماٺ ٿي ويو ۽ چپ ڪري ماستر جي مُنھَن کي تَڪڻ لڳو.

ماستر شِو نارائڻ مشرا ڪرسيءَ تي پيرَ رکيون اوڪڙو ويٺو هو. هُو ٻيڙيءَ جو سُوٽو هڻڻ لڳو، “اڙي چُھڙا! اڳتي ڇو نه ٿو ڦاٽين؟ وسري ويئي ڇا؟”

سُديپَ وري کوڙو پڙهڻ شروع ڪيو ۽ سادي انداز ۾ چار پنجويھو ڏيڍ سئو چيو. ماستر شِو نارائڻ مِشرا ڇَنڊَ پَٽيندي چيس، “اڙي! ڪارا! ڏيڍ سئو نہ، سئو، سئو . . . !”

سُديپَ ڊڄندي چيس، “ماٽر ساهَبَ! پِتا چوي ٿو ته چار پنجويھو ڏيڍ سئو ٿيندا آهن. “

ماستر شِو نارائڻ کي ڪاوڙ چڙهي وئي. ڇڪي ٿڦ هُنَ جي مُنھَن تي هنيائين. دوڏا ٻاهر ڪڍندي رَڙِ ڪيائين، “تو وارو پيءُ جي ايڏو عالم آهي ته پوءِ هتي ڇا ماءُ. . . . (هڪ اهڙي حرڪت جنھن کي سُڌريل ماڻهو ادب ۾ خراب سمجهندا آهن) . . . آيو آهين. ڪَڃَرَ! توهان ماڻهن کي جيترو به پڙهاءِ لکاءِ، هوندا اُهڙي جا اُهڙا . . . . دماغ ۾ ڪِنُ ڦِٿُ جو ڀَريل اَٿوَ. پڙهائڻ لکڻ جا سَنسِڪار ته توهان ماڻهن ۾ اچي ئي نه ٿا سگهن. هَلُ، صحيح نموني چئي ٻڌاءِ. . . چار پنجويھو سئو . . . . اسڪول ۾ تو جھڙن ماڻهن جي ٿوري ساراھ ڇا ٿي، پير ڌرتيءَ تي نه ٿا لڳنِوَ. اڃا وري وات به هڻين ٿو. موٽائي ورنديون به ڏين ٿو. “

سُديپ سُڏڪا ڀريندي چار پنجويھو سَئو چيو ۽ هڪ ئي ساهيءَ ۾ سڄو کوڙو ٻڌائي ويو.

اُنَ ڏينھن واري واقعي هُنَ جي دماغ ۾ مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو. جي ماستر صاحب صحيح ٿو چوي ته پوءِ پِتا غلط ڇو پيو ٻڌائي. جيڪڏهن پِتا صحيح آهي ته ماستر صاحب غلط ڇو پيو ٻڌائي. پِتا چوي ٿو ته چوڌري وڏو ماڻهو آهي، ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي. هُنَ جي دل ۾ واچوڙا اُٿَڻ لڳا.

نرم ۽ معصوم دل تي هڪ رَهَنڊَ اچي وئي هئي، جيڪا وقت سان گڏوگڏ اونهي ٿيندي هلي وئي. ڪنھن صحيح چيو آهي ته مَنَ ۾ ڳَنڍِ پئجي وڃي ته اصل ناهي کُلَندي، اُٿندي ويھندي، چار پنجويھو ڏيڍ سئو کيس پريشان ڪرڻ لڳو.

ننڍپڻ جي اِها دل کي آيل رَهَنڊَ ڳَنڍِ بڻجي وئي هئس، جڏهن به هُو پنجويهن جو انگ پڙهندو يا لکندو هو، کيس چار پنجويھو ڏيڍ سئو ئي ياد ايندو هو. . . اِنَ سان گڏ ياد ايندو هئس پِتا جو ويساھَ ڀَريو مُنھُن ۽ ماستر شِو نارائڻ مشرا جو گاريون ڏيندڙ ڳاڙهو لال ٿي ويل ٻُوٿُ. سُديپُ ٻنهين مُنھَنِ کي سارَ ۾ دَٻايون چار پنجويھو ڏيڍ سئو جي اونداهين گهٽين ۾ ڀٽڪڻ لڳو. جيئن جيئن وڏو ٿيڻ لڳو، ڪيئي سوال سندس مَنَ کي بي چين ڪرڻ لَڳَسِ، جَنِ جا جوابَ هُنِ وٽ نه هئا.

بس اڏي کان ٿورو اڳ هڪ اسپيڊ بريڪر هئو، جنھن جي ڪري امالڪ بريڪون لڳڻ جي ڪري بس ۾ ويٺل پانڌين کي ڌِڏڪو آيو. ڪيئي پانڌي ڪِرندي ڪِرندي بچيا. ڌِڏڪو اچڻ جي ڪري سُديپَ جا خيال ڇڄي پيا. هُنَ کيسي کي هٿ لائي ڏٺو. پگهار جا پيسا کيسي ۾ صحيح سلامت پيا هئس.

بس اچي ڳوٺ جي ڀَرِ ۾ بيٺي. بس اڏي جي نالي ۾ هڪ ٻه دڪانَ پان ٻيڙين جا، هڪ وڻ جي ٿڙ سان ٽيڪيل پراڻي ميز تي ميرانجهڙو آئينو رکي ويٺلُ ڳوٺَ جو بَدرُو حجم، حجم کان ٿورو پرڀرو هڪ ٻئي وڻ هيٺان ويٺلُ ڳوٺ جو موچي، هڪڙو ڪيلن زيتونن وارو، بس اِهوئي هو بس اَڏو.

سُديپَ بس مان لھي هيڏي هوڏي اکيون ڊوڙايون. بس اڏي تي ڪا خاص اچ وڃ نه هئي. ڪو ڪو ماڻهو هِتي هُتي ويٺو هو. هُو سِڌو گهر ڏي وڃڻ لڳو. ڳوٺ جي اولھائين پاسي ڏي ٽيھن چاليھن گهرن جي وستي ۾ سندس گهر هو.

ٻيپھري ٿيڻ تي هئي. سج مٿان اچي بيٺو هو. هُنَ وِکون تڪڙيون وڌايون. هُو گهڻو ڪري ته مھيني کن کان پوءِ گهر موٽيو هو. ڄاتل سڃاتل، ڏٺل وائٺل گهٽين ۾ هُنَ کي پنھنجي ننڍپڻ کان هِنَ مھل تائين جا گهاريل ڏينھن ڪتڪايون ڪڍڻ لڳا. انهيءَ کان اڳ هُنَ ڪڏهن به ائين محسوس نه ڪيو هو. هُو هڪڙي پنھنجائپ ڀَريلَ سُکَ سان ڀرجي ويو هو. پنھنجو ڳوٺُ، پنھنجيون واٽون، پنھنجا ماڻهو، هُنَ دل ئي دل ۾ مرڪي گَپَ ڀَريل ناليءَ کي اورانگهيو ۽ وستيءَ ڏي لَڙي ويو. ڳوٺ ۽ وستيءَ جي وچ ۾ هڪڙي کَڏَ هئي، جنھن ۾ جَل کُنڀي کِڙَيل هئي.

جَل کنڀيءَ جو نيرو گل کيس ڏاڍو وڻندو آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪي گل ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا. هُنَ کَڏَ جي ڪَپَر سان هلڻ شروع ڪيو.

پِتا آڳر ۾ پيل هڪ پراڻي کٽ جي واڏڻ کي ڇڪ ڏئي رهيو هو. سُديپَ کي ايندو ڏسي اُنَ ڏي تڪڙو وڌي آيو.

 “اوچتو . . . ڇا ڳالهه آهي. . . لڳي ٿو ته شھر ۾ تنھنجو مَنُ نه لڳو. “

“نہ، اهڙي ڳالهه ناهي. . . . بس ائين ئي هليو آيس. “ سُديپَ نرميءَ وچان وراڻيو.

هُنَ کيسي مان پگهار جا ڏوڪڙ ڪڍي پِتا جي هَٿَ تي رکيا ۽ سندس پيرَ ڇُھيا. پِتا خوش ٿي ويو. هُنَ ڏوڪڙ ٻنهين هٿن ۾ جهلي نرڙ سان لڳايا ڄڻ ته ديوتا جو پرساد قبول ڪري رهيو هجي. مَنَ ئي مَنَ ۾ ڪي نه سمجهه ايندڙ لفظ اُچاريائين، پوءِ سُديپَ جي ماءُ کي سڏيائين، “ديپوءَ جي ماءُ! هيڏي ته اچ . . . هِي وٺ، سنڀال پنھنجي لاڏلي جي ڪمائي. “

ماڻس سَڏُ ٻڌي ٻاهر آئي، رَئو پکيڙي ڏوڪڙ ورتائين ۽ سُديپَ کي ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيائين. اِنهيءَ پل ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته سڄو گهر سرهائيءَ جي مِينھَن ۾ ڀِڄي رهيو هجي.

سُديپُ چپ چاپ سڀني جي ٽِڙيل مُکِڙَنِ کي ڏسي رهيو هو. سڀئي سَرها هئا، مٿاڇري نموني ته هُو به مرڪي رهيو هو پر سندس اندر ۾ هڪ هوراکورا مَتَل هئي. هُو بي چين هئو.

هُنَ ماءُ کي چيو، “هتي ويھ، امان!” هُنَ هٿ وڌائي ماءُ جي پوتيءَ مان ڪجهه ڏوڪڙ کنيا ۽ ڳنڀير آواز ۾ چوڻ لڳو، “پِتا جِي! مون کي توهان سان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي. “

“ڪھڙي ڳالهه آهي، پُٽَ!؟ . . . . ڪجهه کپئي؟” پتا هُرکُر وچان پڇيس.

“نہ، پِتا جِي!، ڪجهه نه کپي. مان توهان کي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو. “

پتا کيس گم صم ٿي ڏسڻ لڳو. ٿوري دير اڳ واري سرهائيءَ مٿان ڪوهيڙ پکڙجڻ لڳو. قسمين قسمين جا ڊپ ۽ ڳڻتيون کيس ڌونڌاڙڻ لڳا. هُو امالڪ بي چيني محسوس ڪرڻ لڳو هو.

سُديپَ پنجويھن پنجويھن رپين جون چار ڍيريون ٺاهيون، پِتا کي چيائين “هاڻ هِنَن کي ڳڻيو. “

پِتا ماٺ ڪيون سُديپَ ڏي ڏسي رهيو هو. هُنَ جي سمجهه ۾ ڪجهه نه ٿي آيو. هُنَ لاچار ٿي چيو، “پُٽَ! مون کي ويھن کان اڳتي ڳڻڻ ئي نه ٿو اچي. تون ئي ڳڻي ٻڌاءِ. “

سُديپَ آهستڙي چيس، “پِتا جِي! هِي چئن هنڌن تي پنجويھ پنجويھ رپيا آهن. هاڻ انهن کي ملائي ڳڻيون ٿا. . . . چئن هنڌن جو مطلب آهي چار پنجويھو. . . . “ سُديپَ ڪي پل ماٺ ڪري پيءُ ڏي ڏٺو، پوءِ چوڻ لڳس، “هاڻ ڏسون ٿا ته چار پنجويھو سئو ٿا ٿين جان ڏيڍ سئو . . . . . “

پِتا ماٺ ڪري سُديپَ جي مُنھَن ڏي ڏسڻ لڳو. هُنَ جي اکين جي اڳيان چوڌريءَ جو مُنھُن اچي ويو. ٽيھ پنجٽيھ سال پراڻو واقعو اکين اڳيان ڦري ويس. اهو واقعو جنھن کي هُو اڄ تائين نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا ورجائي ماڻهن کي ٻڌائي چڪو هو. اڄ انهيءَ واقعي کي نئين ڍنگ سان کڻي ويھي رهيو هو سُديپُ.

سُديپُ وڏي واڪي رپيا ڳڻي رهيو هو، سئو تي پھچي بيھي ويو. چوڻ لڳو، “ڏسو، چار پنجويھو ٿيا هڪ سئو . . . ڏيڍ سئو نه. “

پِتا هُنَ جي هٿ مان ڏوڪڙ ائين کسيا ڄڻ ته سُديپُ کيس ڳھلو بڻائي رهيو هجي. هُو ڏوڪڙ ڳڻڻ جا جتن ڪرڻ لڳو پر ويھن تي وڃي بيھي رهيو. سُديپَ هُنَ جي سھائتا ڪئي. سئو ٿيڻ تي پتا ڏي ڏٺائين. هُنَ کي ويساھ ئي نه پيو اچي. هُنَ هڪ ڀيرو وري ڳڻڻ شروع ڪيا. ويھن تي پھچي بيھي رهيو. ڏوڪڙن کي اُبتو سُبتو ڪري ڏسي رهيو هو، ڄڻ ته انهن مان ڪجهه گهٽ هجي. سُديپَ وري ڳڻي ڏيکاريس. پِتا کي ويساھ ئي نه اچي. سُديپَ هر ڀيري سندس شڪ کي ڀڄائڻ جا جتن ڪيا، هر طرح سان.

نيٺ پِتا کي ويساھ اچي ويو. سُديپُ صحيح پيو چوي چار پنجويھو سئو ئي ٿيندا آهن. ڪُوڙُ سچ اکين سامهون هو.

پتا جي دل ۾ ماضي ڄڻ ته سڙڻ لڳو هو. هُنَ جو ويساھ، هُنَ جو ڀروسو، جنھن کي هُو ڇاتيءَ سان لايون گذريل ٽيھن پنجٽيھن سالن کان چوڌريءَ جا ڳڻ ڳائيندي نه پئي ٿَڪو. اڄ اوچتو ڪائي وانگر ٽِڙڪي سندس رَڳَ رَڳَ ۾ پيھجي ويو هو. هُنَ جي اکين ۾ هڪ عجيب لاپرواهي جنم وٺي رهي هئي، جنھن کي هارَ نه ٿو چئي سگهجي، پر ڀروسيء جي لُٽجي وڃڻ جو ڳُوڙهو ڏک ئي چيو ويندو.

هُنَ ميري ڪِنَ جھڙي ڌوتيءَ جي پَلَوَ سان اَکِ جي ڪُنڊَ ۾ گڏ ٿيل پِچِي اُگهي ۽ هڪ ڊگهو ساھ کنيو. هُنَ ڏوڪڙ سُديپَ کي موٽائي ڏنا. هُنَ جي مُنھَن تي ڏُکَ جو کَنڊَرُ اُڀري آيو هو. انهيءَ جي ڀتين تان سِرون، بَجرِي ۽ سيمينٽ ڀُرِي ڪِرڻ لڳا هئا. هُنَ جي اندر ۾ سُورَ جي هڪ سَٽَ اڀري، ڄڻ ته چئي رهيو هجي، “شَلَ ڪيڙا پوندا چوڌريءَ کي . . . ڪو پاڻي ڏيڻ وارو به نه بچندس. . . . “

**

(ساھتيه اڪيڊمي دهلي پاران ڇپيل “چُونڊَ دلت ڪھاڻيون” مان ترجمو ڪئي وئي. انهيءَ ڪتاب ۾ دلت ڪھاڻين جي سَھيڙَ ۽ چُونڊَ رمڻيڪا گپتا ڪئي هئي ۽ اهو ڪتاب ۲۰۰۶ع ۾ ڇپيو. ننگر چنا. )

No comments:

Post a Comment