Friday, December 23, 2022

ٻارن لاءِ دلچسپ اصلاحي ناوليٽ “استاد” - مٺل جسڪاڻي

ٻارن لاءِ دلچسپ اصلاحي ناوليٽ “استاد”!

مٺل جسڪاڻي



ٻارن جي ادب جي ڪتابن جو عالمي ڏينهن ڇنڇر ۲ اپريل ۲۰۲۲ع آھي. اھا نسبت منھنجي ذھن ۾ نه ھئي. ان ھوندي به مون وٽ پيشي جي لحاظ کان استاد، اضافي ڪِرت يا عادت جي اعتبار کان مطالعيڪار ۽ ليکڪ، غفار سومري جو “ٻارن لاءِ دلچسپ اصلاحي ناوليٽ “استاد”، جيڪو ويجهڙ ۾ “سڦلتا پبليڪيشن” پاران ڇپجي، ڪتابن جي بازار ۽ ڪن پڙھندڙن تائين پھتو آھي، ڪن وٽ پھچي ويندو، ڪي ڪتاب ملڻ ته ڪي خريد ڪرڻ جي آس، اميد ۾ ھوندا، مون اڄ پڙھي پورو ڪيو آھي.


ھونئن ته ھي ناوليٽ، ھڪ ئي ڏينھن جي، ھڪ ئي ويھڪ ۾، پڙھي پورو ڪرڻ جھڙو آھي، پر ڪن مصروفيتن ۽ اوليتن سبب اڄ ٽئين ڏينھن پڙھي پورو ڪيو اٿم. مجموعي طور ناوليٽ سٺو ۽ مھلائتو به آھي.

ھي ناوليٽ پڙھي، مون کي ليکڪ جو ارادو، ليکڪ جي مرضي، ليکڪ جي ترجيح، ليکڪ جي محنت وڻي. اھا ٻيءَ ڳالھ آھي، ته ڪتاب ۾ ڪٿي به، ليکڪ پاران، ناوليٽ ۽ ان جي ارپنا کانسواءِ ٻيو ڪجهه به لکيل، ڇپيل نه آھي! “پنھنجي پاران” يا “ليکڪ پاران” به نه. . .

منھنجي نظر ۾ ھي نه صرف ٻارن، پر ٻارن جي والدين، استادن ۽ عام ماڻھن لاءِ به تمام گهڻو ڪارائتو ناوليٽ آھي. ان ڪري سڀني کي پڙھڻ گهرجي. پر افسوس، پاڻ وٽ “ڪو ھڪ پڙھي، ٻيا ٻڌن” جو رواج ته بلڪل به نه رھيو آھي، پر پڙھڻ جو رواج به تمام گهڻو گهٽجي ويو آھي. اھڙي ماحول ۾، ڪتاب تي “ٻارن لاءِ” جي نشاندھي سبب ته سڀ ڪو چوندو “ٻار پڙھن”، پوءِ ائين سمجهڻ ۽ چوڻ وارو پاڻ به ٻار ڇو نه ھجي.

منھنجو جي وس پڄي، ته فيس بوڪ تي پاڻ کي لکيو پڙھيو ۽ عقل ڪل طور جتائيندڙ نقادن، نظم ۽ نثر نويسن کي به ھي ناوليٽ پڙھائجي. انھن کي به پڙھائجي، جيڪي يا ته ڪِن کان ڊڄي يا وري ڪي مخصوص ضرورتون پوريون ڪندڙن کي ڇڏي، پنھنجا حدف حاصل ڪرڻ لاءِ، جنھن تنھن پٺيان ڀنڊڻي ٻاريندڙن، ڳالھائڻ ۽ لکڻ وقت آپي مان نڪري ويندڙن، ڪنھن کي سڃاڻڻ بنا، ان جو غلط تعارف ڪرائيندڙن کي به پڙھڻ جي صلاح ڏجي، منٿ ڪجي، زوري پڙھرائجي يا کين پڙھي ٻڌائجي، پر اھي ته عقل ڪل آھن، سڀ ڪجهه ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جو علم اٿن. . .

جتوڻيڪ “استاد”، ھن ناوليٽ تي اڻ لَکِي تنقيد به ڪري سگهجي ٿي، پر ان تنقيد سان به ناوليٽ جي اھميت ۽ ان سان نڀاءُ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڪري اڻ لَکِي تنقيد واري جملي کي وڌيڪ اھميت ڏيڻ جي ڪا خاص ضرورت به نه آھي. البت، جيڪڏھن ليکڪ ھي ناوليٽ ٻيھر ڇپرائڻ چاھي، ته منھنجي صلاح آھي، پھرين پاڻ پڙھي، جتي سڌارو يا واڌارو ممڪن سمجهي، ته اتي گهربل سڌاري يا واڌاري وارو ڪم ڪري، پوءِ ڇپرائي.

ناوليٽ “استاد” کانسواءِ واري مواد ۾ تنقيد جي گنجائش ڪجهه وڌيڪ آھي، پر ڇو ڪجي؟ ڪنھن جي لاءِ ڪجي؟ پاڻ وٽ نيڪ نيتي جي بنياد تي، حق سچ کي به تنقيد براءِ تنقيد چيو ويندو آھي، ان ڪري ان حصي جي حوالي سان تنقيد ته نه ٿو ڪري سگهان، پر ان مواد ۾ تعريف جھڙو ڪجهه خاص به پڙھڻ لاءِ نه مليو، ته تعريف ڪھڙي ڪريان؟

ھڪ دفعو وري به وضاحت ته غفار سومري جو ناوليٽ “استاد” ھر عمر جي پڙھندڙ لاءِ ھڪ اھڙو سٺو ناوليٽ آھي، جيڪو اڻ پڙھيل ٻارن توڙي وڏن کي ھڪ ھنڌ ويھاري پڙھي ٻڌائڻ جھڙو ناوليٽ آھي. آئون ته اھا به صلاح ڏيندس، ته پرائمري کان ويندي يونيورسٽيءَ جي نئين کان وٺي رٽائرمينٽ کي ويجهن استادن کي به ھي ناوليٽ پڙھڻ گهرجي.

ڊيمي سائيز جي ۶۲ صفحن تي مشتمل ھن مثالي ناوليٽ جو مُلھ به ڪو گهڻو نه، صرف ۱۰۰ روپيا قيمت لکيل آھي.

 

(روزاني “ھلال پاڪستان” ڪراچي، اڱارو ۰۷ جون، ۲۰۲۲ع)

No comments:

Post a Comment